سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪپر ٿو ڪن ڪري

شيخ اياز

صفحو : 6

وائي

مٿان ڪاڪ ٻرن،

ٽِم ٽِم، ٽِم ٽِم ڏيئڙا.

لڪي ويٺا لامئين پکي منجهه پرن،

لڊاڻي ۾ لوٺيون، ستيون ساٿ کرن،

مومل سوچي ماڙيئين، ڪرها مان ورن،

چانگا چندن هيرئان، ٻيو ڪجهه ڪونه چرن،

تو بن راڻا رات جو، ڏاهيون ڏنجهه ڏرن.

v

 

تڪن تنهنجي ڪاڻ،

آڌيءَ اڱڻ ڏيئڙا.

تو لئه وهسي واءُ ۾، سيرانديءَ سرهاڻ،

ساجن! مون کي سيج تي چينُ نه ڏي چانڊاڻ!

ور ور واجهائي ٿڪو، هينئون منهنجو هاڻ،

تون سپنو، تون ساهه ۾، ننڊ ڀري نيراڻ،

موٽ ڀليءَ جي ڀاڻ، وو، موٽ ڀليءَ جي ڀاڻ!

v


 

 

 

رات لڙي آهي،

پنڌ پرهه ۾ ڪيترو!

اجهو ويون اُڀ مان، ڪَتيون ڪر ساهي،

پنڌ پرهه ۾ ڪيترو!

جاڳ اڃا ڪجهه جيئڙا! جهپ چڱي ناهي،

پنڌ پرهه ۾ ڪيترو!

ڏس هي مٽيءَ ڏيئڙو، جوت بنان ڇاهي!

پنڌ پرهه ۾ ڪيترو!

شال نه منان مينڌرو، ڪاڪ ڪنڌي لاهي!

پنڌ پرهه ۾ ڪيترو!

v

 

موکي متارا

 

1

موکيءَ جو ماٽو، سدا متو مڌ سان،

اڳيان ايندءِ، منڌ ڏي ويندي، ٻه واٽو،

ڳڻين جي ڳاٽو، چارو وٺ نه چس جو!

_

جيڪي چس چريا ڪيا، ڳچي ڳڻن ڪوهه!

تن جو پيئڻ کان سوا، جيئڻ جهڙو ڏوهه،

متارن جو موهه، وهه پي پي وترو ٿئي.

_

رچي ريٽا ٿي ويا، گهوٽ منجهان گهاٽي،

ڇا ڇا ساهس ساهه کي، وهه جي وهاٽي!

موکيءَ جي ماٽي، جرڪن پيئون جندڙيون.

_

جهولايو ڇا جيءَ کي، موکي تنهنجي منڌ!

جئن گل اتر واءُ ۾، تيئن متارن ڪنڌ،

هي نه انهن جا هنڌ، جنکي سانگو ساهه جو.

_

 

جئن سانوڻ ۾ ڏار، تئن جهولن ٿيون جندڙيون،

موکي! تنهنجي منڌ ۾، ڪيڏا مينگهه ملار!

سر جي ڪنهن کي سار، ڏي ڏي وٽيون وهه ڀري!

_

ٻٻر سائو وڻ، ٽونر ٽونر ٽاريون،

هيٺان موکيءَ مٽ ۾، هينئين جي هڻ کڻ،

سويرو، سانوڻ، متارن تي مينهڙا.

_

پيئڻ تي جيئڻ، گهوري گهوٽ وهاٽيا،

رئندو تن لئه راتڙيون، سدائين سانوڻ،

هو جي مري ڄڻ، موکيءَ کي موکي ويا.

_

وهه جي لونءَ لڙاٽ ۾، موکي موتيءَ مُک،

اڏري ويو اوچتو، سارو ڌرتيءَ دک،

امرت روپي سک، ڪڙي ۾ ڪيڏو هيو!

_

وهه جي لونءَ لڙاٽ ۾، نچي ٿي ناتر،

متارن جا ميڙ ها، ڇا ڇا موکيءَ گهر!

انهن جي آڌر، پيئڻ پت رهجي وئي.

_

 

 

وهه جي لونءَ لڙاٽ ۾، سونهن ڀريو سنسار،

ٽم ٽم، ٽم ٽم ڏيئڙا، سارو ڪارونڀار،

پن لئه ماڻهوءَ پيار، امرتا اوڏو ٿيو.

_

مهڪي نڪتو مٽ مان، جيئڻ جو جنسار،

سرو سرجڻهار، لنءَ لُنءَ ۾ لهڪڻ لڳو.

_

ڪڙو ڄڻ ته ڪڙو، جڙجي ويو جيءَ ۾،

گهاٽي ساڻ گهڙو، لنءَ لنءَ ۾ لهڪڻ لڳو.

_

جن کي ڪڙي ڪل، جيئڻ ڄاڻن جاڙ ۾،

جرڪائن ٿا جندڙيون، پارس جهڙا پل،

ڇا ڇا مڌ مهل، ساهه سڃي ٿو کيپ ۾!*

* تون پارس مان لوهه، سڃين ته سون ٿيان ڀٽائي

_

سرو آهه سرو، متارن جي مک تي،

هونءَ ته موکيءَ مڌ آ، ٻانهن لاءِ ٻرو،

جن کي پنڌ پرو، سرڪ سجائي تن سان.

_

کڙي پيا کيپ ۾ مهڪي موکيءَ ڳل،

ڪڙي منجهه ڪنول، لڪي لهرائڻ لڳا.

_

ڪنگوءَ ون ڪرائيون، مهڪيون مٿي مٽ،

چمڪڻ لڳي چس تي، چانڊوڪيءَ جي چٽ،

اڄ ته وٽيءَ وٽ، سر ڏيئي سستي ملي!

_

جان جو مٿان مڌ جي، لڙڪي موکيءَ لٽ،

وٽي وهه وترو ٻريو، گهٽڪيو اندر گهٽ،

ڳاري جيئڻ ڳٽ، جرڪايائين جندڙيون.

_

جڏهن پهتا مڌ جي، مٿان موکيءَ نيڻ،

اسان سارا ويڻ، وٺي وهه، وساريا.

_

وهه مان واجهائڻ لڳو، جڏهن موکيءَ منهن،

سرتا! مون کي سنهن، مون سڀ ويڻ وساريا.

_

آئي بٺيءَ بوءِ، کپي وئي کيپ ۾،

موکيءَ مڌ چڪائيو، جرڪي اٿي جوءِ،

رچي، ريٽي روءِ، مٽ متارن ڏوگهيا.

_

ڪهڙو ڪافر هاڻ، موکي! منهن موڙي وڃي!

اپٽيا، اهاءُ ٿيو، چکيسين چانڊاڻ،

موٽي مٿي ڪاڻ، وڃي ڪير ڪلال کان!

_

اسان صدين سڌ، اڄ پي پي پوري ڪئي،

اندر هونءَ به اڌ، متان سرڪ سڄو ڪري!

_

ٻرندي مان ٻاهر ڪڍي، ايءَ نه موکي اڍ!

وهه سان وهاٽي ڇڏي، ڏاري سارا ڏڍ،

سوچي سوچي ڪڍ، اچي ڪوبه ڪلال جي.

_

متان پي پي پوسرين، وهه کان وڃين وهه،

متان پنهنجو پهه، ڏسي ڏک، وسارئين.

_

سير جو ناهه سوال، جي به مئا سي ملهبا،

سرو سڳنڌيو رهي، سدا لالئون لال،

متارن مثال، معنيٰ ڏيندو موت کي.

_

پي جي پر ٿيا، موکي تنهنجي مڌ سان،

ٻي در ڪونه ويا، ور ور وهه وهاٽيا.

_

موت نه تن جي مات، پي جي وهه وهاٽيا،

چمڪيو چوڏهين چنڊ جان، سرو ساري رات،

وهاڻيءَ پرڀات، متارا مهڪي مئا.

_

 

ڪوڙو چوان ڪيئن موکيءَ هان جو مليو!

وهه وترو تيئن، جئن جئن ترو ويجهڙو.

_

تري تائين پيءُ، ته تون موکي ماڻيين،

وٽيءَ وهه وترو وٺي، جاڙ پرائي جيءَ،

هر ڪنهن ڀاڳ نه هيءُ، متان مڌ موٽائيين!

_

متان ٻاڙو ٻولئين، متان ويڻ ڏئين!

او تون شال ٿئين، اڃا وهه کي ويجهڙو!

_

ڪپي ڪپي انگڙا، سڄڻ سڄو ڪن،

اياڻا الجهن، ڏسي وڍ وجود جا.

_

هيءَ جا اونهي کڏ، پڄي ٿي پاتار ۾،

ان ۾ اڇلائي جڏهن، ڀڃندا تنهنجا هڏ،

تڏهن تنهنجا سڏ، اوريندا آڪاس سان.

_

موکي انوکي، وٺي پرک پياڪ جي،

جنهن کي وهه جي وات تي، چس لڳي چوکي،

انهيءَ لئه اوکي، جاڙ نه ڪائي جيءَ جي.

_

 

 

وائي

سو ڪي سڏ سئا، هو جي رات مئا،

ورتائون وهه گاڏئون.

موکي! تن جو مامرو لنءَ لنءَ منجهه لئا،

ورتائون وهه گاڏئون.

سپ به آهي سپ ۾، ڪنهن کي هور هئا!

ورتائون وهه گاڏئون.

ووءِ، متارا مٽ، تي، ڳهريءَ ڳيت مئا!

ورتائون وهه گاڏئون.

v


 

 

 

اڄ جو وٽيءَ وٽ لئه، پارون پنڌ ڪيوم.

واري سان وهه گاڏئون، موکيءَ منڌ ڏنوم،

پيتو، پيتو مون ميان،

مون ميان وهه پيتو!

وهه ٿي چڪيو چنگ مان جان جان گيت چيوم،

پيتو، پيتو مون ميان،

مون ميان وهه پيتو!

ماڻهن ليکي مُکُ، سڄو ماکيءَ ميٺ هيوم،

پيتو، پيتو مون ميان،

مون ميان وهه پيتو!

ڳاري پنهنجا ڳلڦڙا، امرت ٿي آڇيوم،

پيتو، پيتو مون ميان،

مون ميان وهه پيتو!

v


 

 

 

متارا مري ويا، موکي تون نه مرين!

ڪهڙيءَ پر پرين ڏکي ڏاتارن ري؟

ڀٽائي _ سر يمن ڪلياڻ

. . .      . . .     . . .

موکيءَ ڪيهي مات، الو ميان، ريٽو ٿيندو رات!

مرندا چار متارا، رهندي زهر پياڪن ذات،

الو ميان، ريٽو ٿيندو راتِ!

نيٺ ته موکي چوکي ٿيندي، پرهه ڦٽيءَ پرڀات،

الو ميان، ريٽو ٿيندو راتِ!

منڌ ڪروڙين ڪنڌ، سڀن کي وهه جي وائي وات،

الو ميان، ريٽو ٿيندو راتِ!

موکيءَ ڪيهي مات، الو ميان، موکيءَ ڪيهي مات!

الو ميان، ريٽو ٿيندو راتِ!

v

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org