سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪپر ٿو ڪن ڪري

شيخ اياز

صفحو : 12

ڪراچيءَ جا ڪن

 

ڀڻ جهڻ ڪن ٿا رات جو، روز ڪراچيءَ ڪن،

ڪنڌيءَ ڪيڏي سن، ڪيڏو شور سمونڊ ۾!

 

چمنيءَ مٿان چند، موهي ماڻهوءَ هينئڙو،

سمي پيو سونهن سان، مل کان ٻاهر منڊ،

اندر جيئڻ جنڊ، پينهين پورهيت هڏڙا.

 

مزدورن مل ٻاهران، ڪئي جو هڙتال،

لٺيون وٺيون مينهن جان، ڪريا ڌرتيءَ لال،

ڪيا ڪجهه سوال، مون کي گهوري گورڪيءَ.[1]

 

مون کي گهوري گورڪيءَ، ڪئي ڪجهه هئن بات،

”بک ڏئي ويا باک کي، ڪيئي ڏاها ڏات،

”ڪي ڪي چمڪيا سج جان، ڪٽي ڪاري رات،

”پر جن کاڌي مات، جرڪيا جڳ جي جيت ۾“.

 

”جرڪين جڳ جي جيت ۾، اهڙي ڪائي بات!

”ڏک ورهائي ڏيهه سان، تنهنجي ڏکي ڏات،

”ٻي سڀ جيت به مات، چارڻ تنهنجي چنگ جي.“

 

آءٌ اوهان سان آهيان، دکي انسانو!

جيسين ڊهي ڍير ٿي، ظالم زمانو،

ڪونڌر ڪسانو، پيڙهيون پيڙيل پورهيتو!

 

آءٌ اوهان سان  آهيان، راڳي رتوڇاڻ،

آهي اوهان ڪاڻ، مون کي ڪلهي ڪينرو،

 

آءٌ اوهان سان آهيان، جيسين ٿئي جيت،

هان، هي منهجا گيت، منهنجو پگهر پورهيو!

_

 

اکيون ڳاڙهيون ڄؤرجان، سوچي ٿو ڪجهه سيٺ،

ڇا ٿو ڏسي هيٺ، وسڪيءَ وچ گلاس ۾؟

 

وسڪيءَ وچ گلاس ۾، سٽو، ساٽو، ريس،

هُري ٿو هاتار ۾، بيرو باندر ويس،

بيٺو چئي کيس، ’سوڍا گهرجي سيٺ جي؟‘

 

وسڪيءَ وچ گلاس ۾، ڪاري ناڻي ڍير،

ڪوڙا ڪيس، عدالتون، واپارين سان وير،

وڍيءَ آڇَ، انڌير، ڍڍيءَ نوٽن ڳوٿريون.

 

وسڪيءَ وچ گلاس ۾، ڪائي، سندر تار،

آئي هن جي ڪار ۾، بيهي وچ بزار،

’چئبا سوَ ٻه چار، پنجين سودو ٺاهبو.“.

 

وسڪيءَ وچ گلاس ۾، ڪٿي ڪاٺياواڙ!

اتر اکين نير سان، لهو لهو لاڙ،

ماڙي اڀ نراڙ، پنهنجي هڏن ڍير تي!

_

 

 

ڪُتي ڪِلائيو کي، هيءَ نه هئي ڪر،

ڇڏي ويندو ايترا پيڙهي لئه پونير،

لوسي، کارڙ، کر، جي ڀاڳين تي ڀؤنڪندا.

 

اٿ اي ڪتا نيپئر، پنهنجا پونير ڏس!

گورا توتي جس، ڪارا ڄڻيئه ڪيترا!

 

جي هو ڪاڻيٺا ڪڍي، جي هن ۾ گرکڻ،

ڪُتي چئجي هيترو، اهڙو ڪو ڇڙٻڻ!

”آفيسر هئين ڄڻ، ڪُتا اڳينءَ جوڻ ۾!“

 

بابو بندر روڊ تي، سانجهيءَ وير هشام،

اينگهي ٿي انگريز جي، اڃا تائين ٽرام!

جهرمر جهرمر شام، ماڻهوءَ پاڇا موت جا.

 

جهرمر جهرمر شام، ماڻهوءَ پاڇا موت جا،

اِندُرَ پري ايلفي، لنبي ٽانگر لام،

ڏسن روز هشام، شيشا هر شو ڪيس جا.

 

 

 

اونهي اوندهه لحد جي، اندر ماڻهوءَ هانوَ،

ٻاهر ناتا، نانو، جڙ نه ڪائي جيءَ جي.

جهرمر جهرمر شهر ۾، ڪيڏو انڌوڪار!

ڄڻ ڪو زنده لاش آ، ڳڀرو، ٻڍو، ٻار،

ٻاهر ٺٺ هزار، ڀڳل ٺڪر هينئڙا!

 

جهرمر جهرمر شهر ۾، پرجهي پيڙ نهار،

اوندهه آهه آپار، جيڏا هرڪنهن جيءَ ۾!

 

ماڻهو پاڇا موت جا، جهرمر ريسٽوران،

اڳ نه مون اهڙا ڏٺا، اجايا انسان،

نسورا نادان، پيڙ لنوائن پيهه ۾.

 

ڀٽڪن ٿا سڀ  ڀيڙ ۾، اڪيلا انسان،

جڙون ڪپي جيءَ جون، نسورا نادان،

تکو اچ طوفان، ڪک اڏامن واءُ ۾!

 

جڙون پنهنجي جيءَ جون، ڪپي آيا پاڻ،

ٻاهر جهرمر بنگلا، اندر ڀينگا ڀاڻ،

مدائيءَ جا ماڻ، نوڪر چاڪر موٽرون.

 

 

وهاڻيءَ پرڀات ۾، جهرمر جهرمر شهر،

اڃا ڪيڏو زهر، اوتي پيو اوت ۾!

 

ووءِ ڪراچي ڪامڻي، تنهنجو سهج سڀاءُ!

ڏيندي بيک کڄي وئينءَ، پيئه ڪونه سماءُ،

مونکي تنهجو گهاءُ، جٽائوءَ[2] جئن جيءَ ۾!

 

ڊيزل دونهون بس جو، چنڊ، ڪراچيءَ رات،

رڪشا روڪي ويشيا، سوچي گاهڪ گهات،

ڪئفي. . . شاعر. . . بات. . . ڪافيءَ ڪوپ، مشاعرو.

 

ڪالهه عمر خيام چيو، تڪيندي تارن،

”ماڻهو سڀ کيڏاوڻا، نوڙي نٽ هٿن“[3]

هونءَ ته ان تي ڀروسو، شايد ئي ڪي ڪن،

جيسين هيل ڏسن، شاعر منهنجي ملڪ جا!

 

هو غالب جو هم وطن، وٺي ڏيڍ هزار،

ويٺو وچ مشاعري، جهونو نمڪ خوار،

ڏس ڪيڏي بيداد ۾، داد گهري ٿو يار!

آءٌ، ڀٽائيءَ يار، ڪاريون راتيون قيد جون!

آءٌ ڀٽائيءَ يار، ڪاريون راتيون قيد جون،

جن ۾ سپنا سنڌ جا، وايون ميگهه ملار،

ڪيان ڪوهه شمار، مون کي ملهه ملي چڪو!

 

سپنو ساڀيا ٿي وڃي، اهڙو ڪوئي مُل!

پٺيان ڄڃ مَ ڄُل، ڏات! ڪڏهن تون ڏيهه ۾.

_

 

چڙيا گهر جي چؤنڪ تي، پڃري ۾ چيتو،

ڪڏهن جاچي ٿو، پيڙا هن جي پنڌ ۾؟

 

ڀڃي پنهنجي ڀت، واڳو منگهي پير جا،

ڄڻ ڪا آيا هت، وڏا وات پٽي ڪري.

 

ڏس ميلي ۾ ڦوڪڻا، اڏري ڦاٽا نيٺ:

سمجهين ٿو اي سيٺ، ڳهلا منهنجي ڳالهه کي؟

 

سوشلزم اسلام ۾، زم زم ۾ وُڊڪا،

ملان ڇڏ اُڊڪا، دارون آهي دين جو.

 

ڪافي گهر ۾ ڪيترا، لينن وادي لوڪ،

روز ڪراچيءَ ڪنڊ ۾، اردوءَ ۾ ڪن ٻوڪ،

ها، هو سڳر ٿوڪ، ڳاڙها ڳڀرو، سنڌ جا

 

روز پڙهن فينن،[4] گيويرا[5] ۽ ٽراٽسڪي،[6]

ڳاڙهو پستڪ پي ويا، مائو تن جي من،

پو به نه تن جي ڪن، آهون دانهون سنڌ جون.

 

هو سڀ لينن واد جي، ڪفن ۾ ڪيڙا،

هو ڇا ڄاڻن، سنڌ جا آڌيءَ اوسيڙا؟

پيڙهين جي پيڙا، ڪوٽ ڪڙا ۽ مارويون!

_

 

ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا! تون ئي منهنجو خواب،

تون ئي آنهه جواب، صدين جي سوال جو.

 

آءٌ ڀٽائي ڀٽ تي، ڳاڙهو جهنڊو کوڙ!

جي چاهين ريٽو ٿيان، پنهنجو رت ولوڙ!

جايون اُتي جوڙ، جتي جڙون جيءَ جون!

_

 

ٽڪر ڀرسان ٽڪري، جوئا جي آهي

کيڏو ويٺا مورکو! ڄاڻ اوهان ناهي،

لاوا ٿي ٺاهي، جوالا پنهنجي جيءَ ۾.

_

 

آهه جوالا جوءِ ۾، هي جوئا خانو،

کٽو، کيڏو، خوش ٿيو، انڌا انسانو،

جيسين نادانو، لاوا ڦاٽي ڦاٽ سان!

 

اُڀري ايندا اوچتو، هو ڌرتيءَ جا لال،

آءٌ ڏسان ٿو ڀونءِ تي، ايندا جي ڀونچال،

ماڻهو مڏيون، مال، ڊاهي هڻندا ڍير ۾.

 

آءٌ ڏسان ٿو ڀونءِ تي، اڄ به سو انسان،

اُڀري ايندو باک سان، جيڪو سج سمان،

ناهي تِرُ به گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾

 

وايون

 

1

تتر تيرز اڏار

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

اچ، رڱي وٺ هٿڙا، نائي مينديءَ ڏار،

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

متان ڦول ڇڻي وڃن، ڏئي مند ميار،

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

منڌ! نڀائن ڪين ٿا، ڪنهن سان ڪارا وار،

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

 

2

تو لئه تاساريو گهڻو، موهن منهنجو ماس،

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

مينديءَ رتم هٿڙا، وارن ڳنڍيم واس،

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

اڱڻ سرها ڏيئڙا مڌماتو آڪاس!

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

ڳل ڳلن سان لائيان، سواس ملائي سواس،

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

تو ڇو پاتا گيڙوئان، لاهي لوڪ لباس!

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!

ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!


 

 

3

کارو کيڙيندي، هو سامونڊي جي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

سڙهه نه آيا سر مان، سرتيون سج چڙهي!

ماڳ نه موٽي آئيا!

ننگر ناڙيون سڀ ويا، وڻجارا واسي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

جن جي هوند هراس آ، ڇتين ڇولين کي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

جن جون ڳالهيون ڳائبيون، ڀينر! بندر تي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

ماڻڪ اوتيو ماڻڪيون، تن کي ساريندي!

ماڳ نه موٽي آئيا!

ماڳ نه موٽي آئيا!


 

 

4

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

ارهڙ پنڌ اڳي کان اؤکو، آءٌ وڃان جيڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

ڪيڏي لنبي واٽ وڃي ٿي، منهنجي سپني ڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

آءٌ، وچينءَ جي ويل، نگاهون لهندي پاڇي ڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

منهنجي وک اڳيئي وتري، تون به ڇڪين تيڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

 

5

جت به کُتي وکڙي، سو ڏونگر جو ڏاڪو،

متان هينئون هارئين!

جيسين روهه ريون ٿئي، ٿي ڌر ۾ ڌماڪو،

متان هينئون هارئين!

چمڪي ٿو هو چوٽئين، ٿي لُنءَ لُنءَ لياڪو،

متان هينئون هارئين!

شال نه ڏسان ڏينهڙو، جو وس ڇڏي واڪو!

متان هينئون هارئين!

 

6

اونداهيءَ آڌ رات،

ڏونگري مٿان ڏيئڙا.

چڙهندي رهه تون چوٽئين،

ڏڪ نه منهنجي ڏات!

ور سان جنهن کي پنڌ ۾،

پوي ٿي پرڀات!

پر جي مارڳ ۾ مرين،

پو به نه تنهنجي مات!

جيسين آهه جندڙي،

لُنءَ لُنءَ ٻُري لات!

 

7

مينديءَ رتڙا پرڪڻا،

پيرونءَ ڪامون پير،

لَٿو سجُ لَڪن ۾.

ڪيسين پڳ ڪڙيان پرين!

واهيري جي وير؟

لَٿو سجُ لَڪن ۾.

آس نه ڪوئي آسرو،

سامهون واريءَ ڍير!

لَٿو سجُ لَڪن ۾.

تون ئي مارڳ منڌ جو،

ڪوهيارل مان ڪير!

لَٿو سجُ لَڪن ۾.

 

8

ساٿي منهنجا سڃ جا،

پٺ تي ڪيم نهار!

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لڪن ۾!

ور جو مارڳ ۾ مري، هيئن نه هنجون هار!

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لڪن ۾!

تون ئي منهنجو آجپو، اڀري ڏونگر ڏار!

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لڪن ۾!

آءٌ به تون ۾ اپڙان، تو ۾ پهچان پار،

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لڪن ۾!

 

9

ڏونگر ڏولاوا گهڻا، پو به اهائي واٽ،

متان موٽو ساٿيو!

ور ور پيرا پنڌ ۾، لڙيا، منجهه لڙاٽ،

متان موٽو ساٿيو!

ڪهه ۾ ڪاريون چوٽيون، گهگهه، هوا گهوگهاٽ،

متان موٽو ساٿيو!

اڀري ايندو اوچتو، جرڪي پوندي جاٽ،

آهي اهائي واٽ،

متان موٽو ساٿيو!

 

10

هٿين پيرين، مونڙين، ڪاهيم تنهنجي ڪڍ،

سپنا منهنجي ساهه جا!

ڏينهون پوءِ پري وئين، ڏوران ڏيئي ڏڍ،

سپنا منهنجي ساهه جا!

ورچي موٽان ماڳ کان، ايءَ نه منهنجي اڍ،

سپنا منهنجي ساهه جا!

چوڌاري ٿو تون چڪين، ڪهڙا منهنجا وڍ!

سپنا منهنجي ساهه جا!

سپنا منهنجي ساهه جا!

 

11

ڏان نه منهنجي ڏات،

مُلهه چُڪايو مون ميان!

مون جو قيد قبوليا، اٿي آڌيءَ رات،

مُلهه چُڪايو مون ميان!

اڄ به سوگهو سنگهرين، وهاڻيءَ پرڀات،

مُلهه چُڪايو مون ميان!

سِرَ کي توريم ساهميءَ، وائي ورتم وات،

مُلهه چُڪايو مون ميان!

اوجل نڪتي آگ مان، لهس نه آئي لات،

مُلهه چُڪايو مون ميان!


 

 

12

پل پل پيڙ ڏين،

ڪڙا منهنجي ڪنڌ جا!

ڏوران سڀ ڏڪي ويا،

ڪانڌي ڪونه ٿين.

گهوريو منهنجو جندڙو،

سانگي شال جين!

پَسي پُسيءَ گلڙا،

پيرون پاندنين!

شال ترائي تار ٿي،

جنهن مان پيءَ پين!

 

13

ڇني سگهيا ڪينڪي نير هي ناتو،

آيم، آيم سپرين!

رات، چٽاڻو چنڊ جو، چوڌر چپاتو،

آيم، آيم سپرين!

چوٽو چندن واسئو، لُنءَ لُنءَ سڃاتو،

آيم، آيم سپرين!

ڳوڙها پي مون ڳجهه ۾، تنهن کي ڳر لاتو،

آيم، آيم سپرين!

 

14

هي جو ڳوٺ ڳڱاٽيا، ولهه ڪري ٿي وس،

مچُ وساڻو سچَ جو.

پاري سان پرچي ويا، سوڙها گوندر گس،

مچُ وساڻو سچَ جو.

ڪاري رات، ڪلال جي ڪوٺي ڪانهي چس،

مچُ وساڻو سچَ جو.

ڪالهه ڀريل ها باهه سان تارونءَ ڪارڻ تس،

مچُ وساڻو سچَ جو.

چارڻ ٻارڻ ٻار ڪو، ڏي ڪا لونءَ لهس،

مچُ وساڻو سچَ جو.

مچُ وساڻو سچَ جو.


 

 

15

گهنگهور گهٽائون ڇايون، ٿي وٿ منجهان واجهايان.

ڇو سج ڇُپي ويو آهين؟

آ ٿڌ، ٿڻيتي پنهنجي، مان لوئيءَ منجهه لڪايان،

ڇو سج ڇُپي ويو آهين؟

جا واءُ وسائي ور ور، سا ڪيسين جوت جلايان!

ڇو سج ڇُپي ويو آهين؟

هي ولهه وساڻل ويڙها، مان ڪنهن جو در کڙڪايان!

ڇو سج ڇُپي ويو آهين؟

اڄ آءُ گهٽائون چيري، مان ڪيسين ڳاهون ڳايان!

ڇو سج ڇُپي ويو آهين؟


 


[1]  گورڪي _ روس جو انقلابي ڪهاڻي نويس.

[2]  جٽائو: اهو ساهوارو، جو سيتا کي بچائڻ لاءِ راوڻ سان وڙهندي گهائجي پيو هو.

[3]  مالعبت گاليم و فلڪ لعبت باز (خيام)

[4]  فينن: مشهور انقلابي مفڪر، ’فرانسز فينن‘، جنهن کي الجيريا جي آزاديءَ جي جنگ نهايت متاثر ڪيو، ۽ هو جنگ هلندي 1961ع ۾ مري ويو. هن لاءِ سارتري چيو آهي ته “آمريڪا، ايشيا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ٽين دنيا، فينن جي آواز جي ذريعي پنهنجو اظهار پائي ٿي.“

[5]  گيويرا: ڪيوبا جو انقلابي رهنما، جو عالمي انقلاب لاءِ وڙهندي ’بوليويا‘ ۾ ماريو ويو. هن جو ڪتاب (Bolivian Diary) ۽ تقريرون ۽ بيان، ڪراچيءَ جا نام نهاد مهاجر ترقي پسند اڄڪلهه دلچسپيءَ سان پڙهڻ ٿا.

[6]  ٽراٽسڪي: لينن جو انقلابي دوست، مفڪر، مقرر ۽ تاريخ نويس، جنهن کي دائمي انقلاب جي نظرئي (Theory of Permanent Revolutioan) سبب اسٽالن جلاوطن ڪيو، ۽ جو پوءِ ميڪسيڪو ۾ قتل ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org