سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪپر ٿو ڪن ڪري

شيخ اياز

صفحو : 15

نظم

 

پيڙا مان پڙلاءُ اچي ٿو،

سَروَم دُکَم دُکَم!

مرڪين ڇو ٿو اي مت موڙها؟

دک درياهه، ڪروڙين ڳوڙها،

جنهن ۾ روز ٻڏا ٻاڪارن،

هو جي هر هر ٿا هاڪارن،

هو جي تڙ هوڙاڪ ٻڌن ٿا،

مرڪي لاڄوبند ڏسن ٿا،

جن لئه لهرون ليئا ليئا،

ڏورانهين ٻارن ڏيئا،

تن کي تاڙي ڪن ڏسن ٿا،

روز ڀني ۾ ڀڻ جهڻ ڪن ٿا،

۽ پو هيءُ سماءُ اچي ٿو،

سَروَم دُکَم دُکَم!

تون چاهين ٿو پار وڃان مان،

پاڻي تارئون تار وڃان مان،

ڇو ته پراهون پار به آهي،

۽ اهڙو سنسار به آهي،

جت ڪا جوت پئي جهمڪي ٿي،

مرڪ ستارا ٿي ٽمڪي ٿي،

اڻ ٿيڻيءَ کي ڇو ٿو چاهين؟

روز ٻڏي ٻيڙي ٿو ٺاهين،

روز انهيءَ جا تن تنين ٿو!

ڇا تون مون کي ڪونه سڻين ٿو؟

توکي روز چتاءُ اچي ٿو،

سَروَم دُکَم دُکَم!

سَروَم دُکَم دُکَم: سڀڪجهه دک آهي. مهاتما ٻڌ جو چتاءُ

*

 

مان نه آهيان سورداس،

پو به ڪنهن چنتامڻيءَ لاءِ

منهنجو من اداس.

 

نانگ کي نِوڙي ڪڏهن

مون نه آهي سمجهيو،

ها، مگر آئي جڏهن

 

سار هن جي پيار جي،

آ وئي سڌ ٻڌ ڀلي،

مون سڄي سنسار جي.

 

مان سڃاڻان ٿو پيو،

ور وڪڙ هن نانگ جا،

هي به ڄاڻان ٿو پيو،

 

ڪوبه ڪاريهر ڪکيو

وهه سهي ورلي بچي،

پو به آهيان مان ٻکيو

 

هن نسوري نانگ سان،

۽ پيو ڪوٺي چڙهان

ڪنهن سٽاڻي سانگ سان. . .

 

نوٽ: هنديءَ ٻوليءَ جي ڪويءَ سورداس لاءِ چيو ويو آهي ته هن جي چنتامڻيءَ سان پريت هوندي هئي ۽ هو هر رات هن جي گهر ويندو هو. هڪ رات ڏاڍو مينهن وسي رهيو هو، چنتامڻي ڪڙو اندران بند ڪري ڪوٺي تي ستي پئي هئي. هن ڪيئي سڏ ڪيا، پر ڪائي وراڻي نه آئي. اوچتو هن نوڙي ڏٺي، جا ڪوٺي تان لڙڪي رهي هئي. هو بي اختيار ان تي چڙهي، ڪوٺي تي پهتو ۽ پوءِ هن کي معلوم ٿيو ته هو نانگ کي نوڙي سمجهي پيار جي انڌ ۾ مٿي پهتو هو.

 

ڇا تون مون کي ڪونه سڃاڻين؟

 

مرليءَ سان ڪيئي من موهي،

رڻ ۾ پهتو هان بن موهي،

تنهنجو رٿ هلايان بيٺو،

۽ توکي اتساهيان بيٺو،

جيسين سامهون سينڱ سڃن ٿا،

ڪڙ ڪڙ منهنجا ڪان وڃن ٿا.

لوڙهه لتاڙي منهنجا گهوڙا،

ڪن ٿا ويرين منجهه ولوڙا.

ڏس ڪيڏو گهمسان متو آ!

سارو کيتر رت رتو آ!

۽ مان بيٺو ساٿ نباهيان.

هونءَ ته مان سناٽو آهيان،

اونهيءَ ماٺ مها ساگر جي،

جنهن ۾ ڪيئي موتي سرجي

گيت ٿين ٿا، گيان ٿين ٿا،

ڇايا پٿ کان دور نين ٿا.

ڇا تو مون کي اڳ نه ڏٺو آ؟

اڳ منهنجو مارڳ نه ڏٺو آ؟

تو سان آءٌ نئين سر ناهيان،

آءٌ ڪرم جو ڪاڍو آهيان.

ڇاتون مون کي ڪونه سڃاڻين؟

*

 

هيءَ ڌرتي ساڳي ڪُنتي آ،

ها، هيءَ اڀاڳي ڪنتي آ!

هي اُن جي ڪُک مان پاپي آ،

هي ڪرڻ اڳي جان پاپي آ!

مان جو توکي گيان ڏيان ٿو،

۽ تنهنجو رٿو ان ٿيان ٿو،

توکي ور ور ٿو ويڙهايان،

توسان پويون ڀيرو آهيان.

پورو ٿيڻو آهه بکيڙو،

جنم جنم جو تنهنجو جهيڙو،

اٿ! اٿ! ترڇا تير اماڻيون،

پويون موت ڪرڻ جو آڻيون!

ڪوبه نه ڪر تون اونو ارجن!

آءٌ مران ماريان ٿو ارجن!

ڌنش ڌڪاريو تو ڇو ارجن؟

توکي ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو ارجن؟

*

 

اڄ زندان جي تنهائيءَ ۾،

مان ڳولي تڙڪا تارن جا،

سي دولهه بيٺو دور ڏسان،

جن دنگ ڀڳا ديوارن جا.

 

هن ات اڃايل ڌرتيءَ جا،

جن چپ چميا درياهن جان،

ٿي ڄڻ ته لهوءَ جا لال لڳهه،

جن وس ڪئي ويساهن جان.

 

پو زنجيرن جي کڙ کڙ تي،

مان پنهنجا پير نچايان ٿو،

۽ بيوس بندي خاني ۾،

ڪو گيت نئون مان ڳايان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org