مهاڳ
جنهن وقت مون ڪنهن بزرگ دانشور کي ٻڌايو ته مون
’چنڊڳليون‘ جي نالي سان پوري ڪتاب ۾ ’ترائيل‘ لکيا
آهن ته هن جو ردِ عمل توقع جي خلاف نه هو ۽ هن
پنهنجي ترقي پسندانه انداز ۾ چيو:
”هائڪو تو ته چڱا لکيا آهن، پر هونءَ هائڪو غير
سنڌي صنف آهي. ساڳيءَ ريت ترائيل به غلاميءَ جي
نشاني آهي.“
مون هن کي ادب سان چيو:
”ترائيل ته فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي، اسين فرينچ
قوم جا به غلام هياسين ڇا؟ فرينچ قوم جي حڪومت
هندستان ۾ رڳو پانڊيچريءَ ۾ هئي. سنڌ تي ڪاهه به
پورچوگيزن ڪئي هئي ۽ نه فرينچ قوم وارن. نه وري
اسان جپان جي غلاميءَ ۾ ڪڏهن رهيا آهيون. ٻي جنگِ
عظيم ۾ هو برما تي قابض ها، جڏهن سباش چندربوس
سندس ساٿي هو. پوءِ آسام ڏي امفال تائين وڌيا هئا.
ناگا ساڪايءَ ۽ هيروشيما جي تباهيءَ کان پوءِ جنگ
بند ٿي وئي هئي.
هائڪوءَ يا ترائيل جو اسانجي غلاميءَ سان ڪهڙو
واسطو آهي؟ ڇا توهان کان وسري ويو آهي ته ٽيپو
سلطان نئپولين بونا پارٽ کان هندستان جي آزاديءَ
لاءِ مدد گهري هئي؟
ها، سانيٽ انگريزيءَ تان ورتي وئي ۽ انگريزن ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ واري وقت کان وٺي اسان تي راڄ ڪيو
هو. پوءِ به سنڌي شاعريءَ ۾ سانيٽ به لکي وئي آهي،
جيتوڻيڪ اُها اڃا ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. نظم ۽
آپيرا ته بلڪل انگريزيءَ ۽ ٻيءَ مغربي شاعريءَ جي
صنف آهي. نظم جي اسلوب ۾ جيترا تجربا مون ڪيا آهن،
اوترا دنيا جي ٻي ڪنهن به شاعر نه ڪيا آهن ۽ اُهي
اڃا تائين سنڌي ادب مسترد نه ڪيا آهن.
ڇا توهان اهو به چئي سگهندا ته غزل فارسيءَ جي صنف
آهي ۽ غلاميءَ جي نشاني آهي؟ غزل جو فارم ته فارسي
غزل وارو آهي پر ڇا اسان اُن جو مزاج بدلائي نه
وڌو آهي؟ هن وقت اهو نج سنڌي شاعر آهي.“
اِهو ٻُڌي هن جي چپن تي مرڪ آئي، جا هِن ۾ غلطيءَ
جي احساس جي ڏارِ وانگر ٿي لڳي. مون ڳالهه جاري
رکندي چيو:
”ڇا بيت، هندي سورٺي تان نه ورتو ويو آهي؟ ڇا
ڀٽائيءَ وائيءَ جي صنف بُلا شاهه تان ورتي هئي؟ ڇا
پهريائين شاه حسين ڪافي پنجابيءَ ۾ چئي يا نانڪ
يوسف ۽ خوش خير محمد سنڌيءَ ۾ چئي؟ ڇا دوها سنسڪرت
۽ هنديءَ ۾ اڳ لکيا ويا ها پوءِ اهي سنڌي صنفون ٿي
ويون آهن. ڇا مون بيت ڪونه لکيا آهن؟
مون ايترا بيت ۽ سلوڪ لکيا آهن جو شاهه، سچل ۽
ساميءَ جا سڀئي بيت ۽ سلوڪ ڪٺا ڪندؤ تڏهن به تعداد
منهنجي بيتن جو انهن سڀني جيترو هوندو.
دراصل سوال آهي تجربي جي ڪاميابيءَ جو، جي هائڪو،
ترائيل، سانيٽ وغيره ۾ تجربو ڪامياب ٿيو ته اسان
انهن کي سنڌي بڻائي سگهنداسين. اسان ترائيل جو
فارم اردوءَ تان ورتو آهي. ڇا ان جو انگريزيءَ ۾
اُچار
Troilet
آهي ۽ مون کي اهو لفظ ڪنهن ڊڪشنري
۾ نظر نه آيو آهي ۽ نه ڪوليئرس انسائڪلو پيڊيا ۾،
پر
Reader’s Digest Great Encyclopaed Vol. III
Dictionary
۾ هيئن لکيل آهي:
Triolet:-
Eight line poem with two rhymes(a b aaa b ab) in
which the first line is repeated as lines 4 & 7,
and second line is repeated as line 8.
مون ڪافي فرينچ ادب انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ترجمي جي
ذريعي پڙهيو آهي. پو به مونکي اردو ترائيل جو ترنم
پسند آيو آهي جو فرينچ يا انگريزيءَ ترائيل وانگر
نه آهي. اُن جو فارم واقعي ساڳيو آهي پر ترنم ۾
زمين آسمان جو فرق آهي. مون سنڌي شاونيت (ويڙهاڪ
وطن پرستي
–
شاونزم) جي ڳري نڪته چيني (Diatribe)
ايترا ڀيرا ٻڌي آهي جو هاڻي اها ٻڌي ڪو تعجب نٿو
اچي. دراصل ادب جو سارو ورثو
بين الاقوامي ورثو آهي. اُن جو قوم پرستيءَ سان
واسطو نه آهي. پنهنجيءَ شيءِ سان پيار فطري آهي پر
اُن جي ڪائي حد آهي. جي ڄيٺمل پرسرام گوئٽي جي
فائوسٽ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سگهي ٿو ۽ تيرٿ وسنت
شيڪسپيئر جي هئمليٽ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سگهي ٿو
ته اسان مغربي ناٽڪ ۽ سانيٽ جو فارم به اپنائي
سگهون ٿا.
انهيءَ مهربان دانشور کان جي مان پڇان ها ته ڇا
ابي سينا جو طب ڪافي آهي ۽ ائلوپٿيءَ جو مطالعو
اجايو آهي ته يقينا جواب ’نه‘ ڏئي ها ۽ نه وري چئي
ها ته ائسٽراناميءَ کان علم جوتش چڱو آهي. دراصل
هن جي طبيعت ۾ اهو تضاد قوم پرستيءَ ۽ تعقل
پسنديءَ ۾ توازن جي غير موجودگيءَ سبب آهي. هر
پرائيءَ شيءِ کان پاڻ تي ايترو وڏو لوڙهو به نه
ڏجي، جو افق ئي نظرن کان واجهل ٿي وڃي.
ترائيل جا تجربا اردو يا سنڌي ادب ۾ مان پهريون
ڀيرو نه ڪري رهيو آهيان، پر اردو ۽ سنڌي ترائيل
رڳو
فاعلاتن فعلاتن فعلن، ۽ غالبا مفاعلن فعلاتن
مفاعلن فعلن جي وزن تي جوڙيو ويو آهي. مون ان ۾
تجرباتي طور ٻيا وزن به پهريون ڀيرو ڪم اندا آهن ۽
گهاڙيٽن کي به ڪڏهن ڪڏهن ڦيرايو آهي. ڪَن رَس کي
پسند اچي ته قبول ڪيو وڃي ۽ جي نه اچي ته ڀلي رد
ڪيو وڃي.“
شيخ اياز
1-12-93 |