انتساب
هائني کان گهڻو اڳي، پنهنجي ٻئي جنم، ميٿلي ٻوليءَ
جي شاعر وِديَا پتيءَ جي نالي -
هو 1352ع ۾ مَڌُوبن ۾ ڄايو هو، جنهن جي معنيٰ آهي
”ماکيءَ جو جهنگ“. اُتي انبن جا جُهمٽا، سارِين جا
کيت، ڪمند جي پوک ۽ تلاوَ هوندا ها، جن ۾ پاٻوڙا ۽
ڪنول ڇانيل هوندا ها. اُتي بسنت ۾ وونئڻ رتول
ڦوٽهڙي سان ٻوڪجي پوندا ها، سانجهيون ڪومل ۽
ڪوسيون هونديون هيون ۽ سومهياڻيءَ جو ماڻهو گهرن
کان ٻاهر ٻُٽ ۾ سُمهندا ها. اونهاري ۾ گهنگهور
گهٽائون ڇانئجي وينديون هيون. ڏينهَن برکا سان
ڪاراٽجي ويندا ها ۽ جتي چٽِي اُس چُڀندي هئي. اُتي
هماليا جي چوٽين مان آڪاس جون ريکائون نظر اينديون
هيون. مون به پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ ۾ اهڙي مُند
ماسَ ۾ گهاريو، جيتوڻيڪ اُتي وڏا پهاڙ ڪين ها.
هُن پيار جا امر گيت لکيا ها جن جِي اتهاس تي اَڻ
مٽَ ڇاپ آهي. هن جون ناريون چيروِين اکين واريون
هيون ۽ ايتريون نرم هيون جيتريون فاختائون ٿينديون
آهن. هو وڄ وانگر وارڪا کائينديون هيون ۽ انهن جا
مُنهن چندر مان وانگر سندر هوندا ها ۽ جيئن ڪنول
اُس ۾ ٽڙي پوندو آهي، ائين اهي پيار ۾ ٽڙي پونديون
هيون. انهن جا وار رات وانگر ڪارا هوندا ها ۽
چڳُون ولين وانگر هونديون هيون. انهن جو سڀاءُ ۽
هيءَ ساري سرشٽي هنکي ايترو موهيندي هئي، جو هُن
پنهنجا سارا گيت اُنهن سان جهنجهي ڇڏيا ها ۽ انهن
مان پيار مڌوبن جي ماکيءَ وانگر ٽپڪندو هو.
ساڳيو لنئون ۽ پريتڻو منهنجي لونءَ لونءَ ۾ سمايل
آهي ۽ وهي ان کي ڪومائي يا جَهڪو ڪري نه سگهي آهي
۽ ڪويل جڏهن ڪوڪندي آهي ته ان جي ڪُوڪ مون ۾ ساڳي
ڪيفيت پيدا ڪندي آهي جا ودَيا پتيءَ ۾ پيدا ڪندي
هئي. ها، ٻنهي ۾ ڪوئي فرق نه آهي: هُن پنهنجا مڌر
گيت 1380 کان 1406 تائين لکيا، جيتوڻيڪ هو 1448 ۾
گذاري ويو پر ڌُنڌ ۾ هو مونکي پڇاڙي تائين گيت
لکندي نظر اچي رهيو آهي. شايد هن جون ڪي سِٽون مون
کي اڃا ياد آهن ۽ اُهي جڏهن به مون لکيون آهن، مون
کي هن جي سار آئي آهي ۽ جڏهن به مون پيار ڪيو آهي
ته مون کي هُن جا پيار ياد آيا آهن، خاص ڪري اُهي
هَٿَ جي، پيارا مُنهن ڪنول جي گُلن وانگر پنهنجي
ٻُڪ ۾ جهلي، پنهنجي چپن جي ويجهو آڻيندا هئا.
- شيخ اياز
نومبر 1993ع
|