سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چنڊ ڳليون

شيخ اياز

صفحو : 13

  

 

گلاب جيئن ٽڙي هانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟

ڪڏهن ته آءُ وَري تون مجاز ٿي مون وَٽ!

جَپي ٿو چَنڊُ سندءِ نانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟

نه ٿاڪ تُنهنجو نه ڪي ٿانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟

لنوي ٿو نمّ مٿان ڪانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ

اگر تون آئينءَ ته رهندينءَ راز ٿي مون وَٽ

ڏنو آ ڏات اهو ڏانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟

گلاب جيئن ٽِڙي هانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟

 

--------

 

ڪڏهن ته ڇانوَ ڪري وَڃ اسان تي بادل جان

ڇَمر جي ڇاٽَ! ڏِسن ٿيون پيون اکيون تو ڏانهن.

ڪڏهن ته آءُ، اچي ويهه تون ائين ڀرسان،

جِئين بسنت اچي، موتيا ٽِڙن تومان،

متان سُڳنڌ جيان تون هلي وڃي پَرتان

گُلن تي ماٽَ! ڏسن ٿيون پَيون اکيون تو ڏانهن

نه لاٿي آس نما شام تائين آهِه اَسان!

ڪڏهن ته ڇانوَ ڪَري وڃ اسان تي بادل جان

 

--------

 

اڃا ته ڪيئي گهٽين ۾ گهُلي نه آهين تون!

بسنتَ هيرَ! ڀلا مون ڳري ڪڏهن ايندينءَ؟

سدائين پيئي نوان رهگذار چاهين تون!

سَچي ٻُڌاءِ! ڪٿي منهنجو وهم ناهين تون؟

سدائين چنڊُ چمين ٿي، سدا اُتاهين تون

سُڳنڌَ سِيرَ! ڀلا مون ڳري ڪڏهن ايندينءَ؟

اڃا ته آنهه پرينءَ وانگيان پرانهين تون

اڃا ته ڪيئي گهٽين ۾ گهلي نه آهين!

 

--------

 

شبِ برات آ، تارا مٿان پيا ٽمڪن

گهرن ۾ ڏيئڙا ڄڻ تُنهنجي آجيان ڪَن ٿا!

اڃا ته جيءَ ۾ ڪجهه آسرا پيا جهمڪن

اڃا اکين  پيا تنهنجا پيار رم جهم ڪَن،

اڃا ته ڳالهڙيون ڇَيرَ جئن پيون ڇمڪن

سَرن تي سِيئڙا ڄڻ تنهنجي آجيان ڪن ٿا

پَرن ۾ هنج لڪي ٿا ڪڏهن ڪڏهن چِمڪن

شبِ برات آ، تارا مٿان پيا ٽمڪن.

 

--------

 

رات جي رات خرابات ۾ گذري ويندي

*ڏِس، دريچي مان لڳي چنڊ ٿو ڪيڏو پيارو!

زندگي تُنهنجي ائين ذات ۾ گذُري ويندي

ذات سان ڄڻ ته ملاقات ۾ گذري ويندي،

جي ڪڍيُئه پيرُ، خرافات ۾ گذري ويندي،

آدمي ذات، سڄو شهر اندر جو ڪارو

هر گهڙي تُنهنجي سندس گهات ۾ گذري ويندي،

رات جي رات خرابات ۾ گذري ويندي.

 

--------

 

وڃّ، ميان وَڃ! اسان لاءِ ته ڪجهه ناهين تون

آ وئي آگ وسامي ته رڳي رک آهي.

ڪو پتو نانهه ته ڪيڏانهن پيو ڪاهين تون!

منزلون دور ٿيون، پيرَ نه ٿو ساهين تون

ڇا اِها ڄاڻ اَٿي ڇا ٿو پيو چاهين تون؟

تُنهنجي جا ڳالهه به آ ڄڻ ته رڳو جَکَ آهي

هي نئون دؤر اڃا ڪونه ٿو ساڃاهين تون،

وڃ ميان وَڃّ، اسان لاءِ ته ڪجهه ناهين تون.

 

--------

 

سدا گُلاب هوا ۾ ٽڙي پيا آهن

ٿي سارَ تُنهنجي اچي، ڄڻ ته جُهڙ جهمن ٿا پيا!

انيڪ خواب اکين ۾ کِڙي پيا آهن

لڳي ٿو کوهَه گهڙيءَ ۾ گِڙي پيا آهن

وَري پياڪ مَٽن تي مڙي پيا آهن

نوان شراب انهن ۾ وري سُجهن ٿا پيا

مڃان ٿو پي ڪَري ڪيئي ٿڙي پيا آهن،

سدا گلاب هوا ۾ ٽڙي پيا آهن.

 

--------

 

اڃا ته ٻيو به پيارينم، پياس ڪا نه ٻُجهي،

ڪلال! پرکَ پيا ڪن جي ڪا نه آهي تو!

لهي ٿو سِجّ، وَهي وقت جي ندي پيئي،

شرابِ ناب سڄي ڪائنات ٿي ويئي

اڃا خُمار ٿيو نانهه، جامَ ڏي ڪيئي

اڃا ته مَڌّ مٽن ۾ سندءِ نه آهه کُٽو

اڃا پيار، اڃا ٻي، ڀَري ڀَري ٻي ڀي!

اڃا ته ٻيو به پيارينم پياس ڪانه ٻجهي.

 

--------

 

ڄامشوري جي هوا ۾ پَن اڏامَن ٿا پيا

باک تائين آنءُ تُنهنجي راهه ڏسندو ٿو رهان.

صبح ٿيو آهي، صنوبر رات مون سان جاڳيا

ڪلهه جيان چوڌار چَهه چَهه ۾ پرندا ساڳيا

ڪيئن چئجي ڪيترا اڄ عشق ۾ اوجاڳيا!

ڇا چوان، تو لئه تڪيندي سُورَ ٿو ڪيڏا سَهان

*ڪيئن چئجي، تون به مون لئه رات جاڳين آ پِيا

ڄامشوري جي هوا ۾ پَن اُڏامن ٿا پيا.

 

--------

 

اڃا ته ويهه! ڏوپهرو ڪري ڀلي وڃجانءِ!

اڃا ته آهه تَتيءَ تاءُ، ٿي ٻَري واري!

ڀَلي ڀَلي تون پرينءَ پارِ رات ٿانءِ ٿِجانءِ،

پَري نه آه هتان پنڌ، ڀونءِ ايندءِ ڀانءِ!

اُتامرو ته نه ٿي، واٽَ ٿو سَنئين سليانءِ،

ڀلي مَهار ڇِڪي ڏِس، جڏهن ٺري واري

جڏهن پڄين ته سڀن کي سندم سلام ڏجانءِ!

اڃا ته ويهه! ڏوپهرو ڪَري ڀلي وڃجانءِ!

 

--------

 

ڪڏهن ته آءُ ٽَپُون شام وقت لوڙهي تان،

ڪڏهن ته آءُ افق پار مون سان ڊاٻو ڪَر!

ڪڏهن ته آءُ ڀڄون مَرض، موت، پيريءَ کان!

ٻه ٽي گهڙيون ته گذاريون وري ڪويتا سان!

ڪڏهن ته آءُ ڀريون ڍُڪّ ڪي اَمرتا مان

ڪڏهن شفق کي او اوٺار جهاٻو جهوڙُو ڪر!

ڪڏهن ته ڪاهه تون ڪَرهو پري پري هِتڙان!

ڪڏهن ته آءُ ٽپون شام وقت لوڙهي تان!

 

--------


 

*  دريچو(فارسي) ننڍي دَري.

*  پِيا: پرين

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org