سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :9

(سرتيون فيچر)

مائي مِري

ٻنپهرن جو وقت هو، منجهند جي مانيءَ جي تياري هئي ۽ مائي مِري رڌڻي ۾ ٻرندڙ چُلهه تي دانگيءَ تي چانورن جي ماني ٿُڦي رهي هئي. ٻيءَ چُلهه تي ٻوڙ چڙهيل هو. ٿانو ڏلهيءَ ۾ ڌوتا رکيا هئا، مائي مِري پنهنجي ڪم ۾ ڀَڙ لڳي پئي هئي. هڪ ماني دانگيءَ تي هئي، ته ٻيءَ جو چاڻو پئي ٺهيو. گڏوگڏ هوءَ چُلهه ۾ ڪاٺيون به سيريندي پئي وئي.

اسين جيڪي مانيءَ کائڻ لاءِ ٺهيا ٺُڪيا رڌڻي ۾ ئي ڪي کٽن تي، ته ڪي منجين تي ويٺا هئاسين، تن کي ڪهڙي ڪل ته اها ماني ڪيترن هٿن ۽ مرحلن مان گذرندي اسان تائين پُڳي آهي!

مائي مِري هڪ پورهيت عورت آهي ۽ منهنجي مامي جي گهر ڪم ڪندي آهي. هوءَ پاڻ کي نوڪرياڻي نه، پر گهر جي ڀاتياڻي سمجهندي آهي ۽ سڄو گهر سنڀاليو ويٺي آهي. سندس پنهنجو گهر به سنڀاليندي آهي. هن جي شادي مائٽن جي مرضيءَ تان ٿي، ڇو ته؛

”تن ڏينهن ۾ پسنديون ناپسنديون ڪو نه هونديون هيون، امان چوندي هئي، ته اُتر ۾ سندس ڀينرون (مائي مِريءَ جون ماسيون) ڏنل هيون. اُهي ڏکيون ته ڪو نه هيون، پر سُکيون به ڪو نه هيون.

سو امان چيو ته مون کي پرديس ۾ ڪانه ڏيندي.

هونئن به منهنجو سڳو سوٽ ويٺو هو، سو ان سان کڻي پرڻايائون. اُهو هاڻي نڪي ٿو ڏسي، نڪي ٿو ڪمائي، آئون ڪمايان ٿي ۽ کيس کارايان ٿي. هتي 100 ۽ پيٽ ملي، پراڻو سراڻو ڪپڙو ملي، شادي مراديءَ ۾ سنڀالين.

”پر يارو ڪمدار جي تون نُنهن آهين، اُهو ته سکيو ماڻهو هو!“ آئون پڇانس ٿو.

”امان يارو ڪمدار جي گهر ۾ تُهن جون ڪنڊون ڀريل ڏسي مون کي کڻي ٻُهي ۾ وڌو.“

”پڙهئين ڪو نه؟“

”ٻئين درجي سنڌيءَ تائين پڙهيس، کُٿاب ۾، ايميءَ تائين قرآن به پڙهيس، ها، منهنجي وڏي ڀيڻ پڙهي، مون سان گڏ ڇتان، حوا گِدي، ادي بانو، مهرو حافضياڻي، مِري ڪاروءَ واري، بصران صحت واري..... پڙهنديون هيون.“

”مڙسهين ڪمائي پئسا تو کي ڏيندو هو يا - ؟“

”ها پئسا مون کي ڏيندو هو، ساهرن کان ڌار هيس، شاديءَ کان پوءِ سهري هڪ مينهن ۽ هڪ ڍڳو اسان کي ڏنو، هڪ مينهن ۽ هڪ ڍڳو ڏيرُم کي ڏنو، ڏيرم ته اهي وڪڻي ڇڏيا، مڙسم به اُهي وڪڻڻ جي پٺيان هو، پر مون روئي رڙي بچايا، انهيءَ مان الله سائينءَ الاهي جوڙي ڏنو، پر جڏهن منهنجو ڇوڪرو جيل ويو ته پوءِ ڍورن مان ڪجهه پڙيءَ تي وڪرو به ٿيا.“

”ڀلا جهيڙو جهٽو؟“ مون هن کان پڇيو.

”ها ابا – بچل ۽ ان جي پُٽن سان جهيڙا ٿيا، لٺيون ڪهاڙيون اُڀيون ٿي ويون، ڀائٽئي ماڳهين چاچي کي ٿي ماريو ، اهو سڀ سڱن پنڌن تان ٿيو.“

”ڇوڪرين کي پڙهايئي؟“

”ڇوڪرين کي ڪو نه پڙهايم، ٻار ننڍا هئا، ڍورن جي ڪير ڪري ها؟ سو –“

”ڀلا سُک سنيرين؟“

”سُک گهڻي ئي ڏٺم، مڙس ڪڏهن ڪو نه ماريو، کٽي ڪمائي آڻي اڳيان رکندو هو، اسين هڪ ٻئي کي نالن سان سڏيندا آهيون، هُنر ڪو نه سکيس، بس مال جي ڏُهائي ميڙائي ڪندي آهيان، الله کان ڇا گهران؟ سکيو سمر ملي ٻچن کي الله ساڃهه ڏني، ٻيو هاڻي ڇا گهرنديس؟

مون ڏٺو ته چلهه ۾ ٻرندڙ باهه جي لَئي کان هُن جو منهن به ڳاڙهو ٿي ويو هو.

 


 

شاني

ڪيئي دفعا مان توکان اڳ ۾ تو تائين پهچڻ چاهيم،

ساريون خوشيون، ساري دولت توتان گهورڻ چاهيم،

ڇا آهي منهنجو؟

ڇا آهي ڪنهن جوئ

سارو جڳ پڻ سڀڪجهه تنهنجو

 

ڪيئي دفعا هي سارا شعر توتي لکڻ مان چاهيم

سڀئي صبح ۽ ساريون شامون تو کي ڏسڻ چاهيم،

ساريون راتيون تنهنجي نام جون تسبيحون پڙهندي،

تو کي پڙهڻ ٿي چاهيم

 

تو کي ڏسڻ ٿي چاهيم، تو کي پڙهڻ ٿي چاهيم،

تو کي پڙهڻ ٿي چاهيم، تو کي ڏسڻ ٿي چاهيم.

 

ماه طيبه عباسي

سنڌي ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي

بس مائي بس

بس جيڪا ڪنهن جي نه آهي وس، جنهن جي اڳيان هر ڪو آهي بي وس، هونئن ته بسون ڪيترن ئي قسمن جون ٿينديون آهن ۽ اهي هر هنڌ ملنديون آهن، پر اسانجي پاڪستان جي بسن جون خاصيتون ئي نراليون آهن. هڪ عجيب مستي انهن ۾ ملي ٿي، پر جنهن خاص بس جو اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون سا آهي ”سنڌ يونيورسٽي جي سٽي گرلز پوائنٽ“ جيڪا هڪ خاص مستاني چال سان لُڏندي لمندي ايندي آهي ۽ جنهن کي توهان سَون ۾ سڃاڻي سگهو ٿا، ته اها گرلز پوائنٽ آهي، ڇو ته پري کان ئي ڏسبو ته هڪ چٻي شيءِ جيڪا هڪڙي پاسي ليٽيل هوندي، دونهون اُڏائيندي ڪَڙ ڪَڙ ڌوڪيندي اچي. هونئن ته تمام تيز رفتاريءَ سان ايندي آهي، پر جيڪڏهن ڪٿي رڪجي وڃي، ته هڪ ٻه ڏينهن ضرور اتي بيٺي هوندي. جيستائين وڃي ڪو سندس داد فرياد ٿئي. گهڻو ڪري هن ويچاريءَ سان اها ويڌن مهيني ۾ چار پنج دفعا ضرور ٿئي. جنهن جون ٻاهران ئي ايڏيون خاصيتون معلوم ٿي چڪيون آهن، اُن جو اندران ڪهڙو حال هوندو. ٿورو ان ڏانهن به نظر ڪريون. اندران ته ان جو هڪ عجيب سَمان ۽ منظر هوندو آهي، جو ڏسيو بي اختيار ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ته هي ڪو نئون عجوبو دريافت ٿيو آهي. هر سائيز ۽ ذات پات جون ڇوڪريون ملنديون، جيڪي ڪي ويٺل ته ڪي بيٺل، ڪي لڙڪيل ته ڪي وري سُتل (ظاهر آهي ننڊ به ته پوري ڪرڻي آهي) ۽ گوڙ وري ايترو جو الامان والحفيظ، مڇي مارڪيٽ ۾ به ايترو گوڙ نه هوندو آهي جيترو گرلز پوائنٽ ۾.

وار ڦٽيو وڃن، جيئن ئي ٺاهڻ لاءِ هٿ وارن تائين آڻبو، ته پاسي واري رڙ ڪندي ته ڇا آهي؟ منهنجي وارن کي ڇو ٿي ٺاهين؟ يڪدم معذرت ڪري وارن جي پچر ئي کڻي ڇڏبي. رئي کي ٺاهبو ته خبر پوندي ته ڀر ۾ بيٺل ڇوڪريءَ جو رئو اسان جي هٿ ۾ اچي ويو ۽ وري اها پوائنٽ جڏهن تيز رفتاريءَ سان اوور ٽيڪ ڪندي ڪچي ڌڌڙ ۽ مٽيءَ مان لنگهندي ڇا ته ميڪ اپ ٿيو وڃي ۽ سو به مفت ۾! جو ڪنهن (Compact and Foundation) جي ضرورت ئي محسوس نٿي ٿئي. شخصيت ئي سڃاڻن ۾ نه پئي اچي ته اندران ڪهڙي صورت نڪرندي. دل ٿي چاهي ته ڇنڊڻيون کڻي اچجن جيئن پاڻ کي ڇنڊي پنهنجي اصلي صورت کي ڏسي سگهجي پر ڏسڻ کان پوءِ به سڃاڻڻ جي گارنٽي ناهي!

گهران استري ٿيل ڪپڙا جنهن جي ڪِريز (Crease) ايڏي ته ڄمائي وڃي ٿي جو ائين ٿو لڳي ته ڄڻ ماڻهو ئي ڪلف ۾ ٻڏو پيو آهي، پر پوائنٽ ۾ ويهندي (Crease) به ختم ٿيو وڃي ته ماڻهو فقط (Crezey) رهجيو وڃي!

ڇوڪريون پوائنٽ ۾ ائين ٿيون واڙيون وڃن، جيئن بدين جي بس ۾ رڍون ۽ ٻڪريون! گرلز پوائنٽ ۾ ڪنهن جي سسي پئي نظر ايندي ته ڪنهن جي ٻانهن، ڪنهن جي ٽنگ، ته ڪنهن جو هَٿُ، ڇوڪريون هڪ ٻئي جي مٿان ائين ڳاهٽ پيون ٿينديون آهن جيئن مٺائي جي مٿان مکيون. مطلب ته هڪ عجيب نفسا نفسيءَ جو عالم هوندو آهي، جنهن ۾ هَٿَ کس ۽ ڪلهي گس لڳي پئي هوندي آهي. انهيءَ نفسا نفسيءَ ۾ ڪير ڪنهن جو نه هوندو آهي. گرلز پوائنٽ ۾ اهي ڦِڏيون سِڏيون ويٺل ڇوڪريون! ان کان ٻاهر به ڦڏيون سِڏيون ئي نڪرنديون ۽ اها ڦِڏاڻ سڄي عمر لاءِ ڪَرَ انهن جي پُکي ۾ پئجي ويندي.

اسان کي ته حيرت آهي ته اڃا سوڌو (Guinis Book of World Records) وارن جي نظر ان عجوبهءِ روزگار تي ڇو نه پئي آهي؟

ڦَڏَنِ (جهڳڙي) ۾ ته اسين هونئن ئي ريڪارڊ هولڊر آهيون. هاڻ سِڌاڻ ته نه؛ من ڪنهن ڦِڏاڻ جا ريڪارڊ هولڊر ئي ٿيون ته به شڪرانا رب جا!

اسين پُر اميد آهيون ته يونيورسٽي انتظاميا ۽ ايس آر ٽي سي (S.R.T.C) جا ڪَرتا ڌرتا سَون سرتين، نياڻين سياڻين سان اڳتي به اهڙا ڀال ڀلائيندا رهندا ۽ انشاءَ الله، مستقبل ۾ هي گُڪن ۽ ٽيڏن سيڏن جي سرزمين پنهنجي گُڪاڻ ۽ ٽيڏاڻ ڪري عالمي شهرت ماڻيندي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com