سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :5

مريم غلام محمد بُلو

بيبي زبيده رحمت الله عليها

جتي اسلامي دنيا ڪيئي اڪابر مرد فرمانروا ۽ جرنيل پيدا ڪيا اتي ڪيتريون ئي عورتون

به پنهنجو وارو وڄائي ويون ۽ هن جهان جي قائم رهڻ تائين سندن ناموس پيو ڳائبو. اهڙين عورتن ۾ بيبي زبيده زال خليفو هارون الرشيد عباسي جو نالو به قابل ذڪر آهي.

مائي زبيده جو مڙس ايترو سخي ڪونه هو جيتري بيبي زبيده پاڻ هئي.

بيبي زبيده جو ڀاءُ بهلوُل داناءُ هڪڙو پهتل بزرگ تارڪ الدنيا هيو جيڪو گهڻو ڪري شهر کان ٻاهر گهمندو ڦرندو رهندو هيو، هڪ دفعي بهلول داناءُ بغداد شهر کان ٻاهر مٽيءَ جا پيرن سان گڏ ڪري ننڍڙا گهر جنهن کي گهروندا سڏبو آهي،  ٺاهي رهيو هو ته مائي زبيده اتان لنگهندي کانئس پڇيو ته ادا ڇاٿو ٺاهين. چيائينس ته جنت جون ماڙيون ٿو بڻايان، بيبي پڇيس ته ڪيتري ۾ ڏيندين ته ڀاڻس وراڻيس ته تنهنجي ڳچيءَ ۾ جيڪو هيرن جو هار آهي اهو ڏي ته ماڙي ڏيانءِ. بيبي زبيده يڪدم هار ڏيئي ماڙي ورتي ۽ گهر آندائين. مڙسس پڇيس ته هار ڪاڏي ڪيئي ۽ هي ڇا آندو اٿئي؟ تڏهن بيبي حقيقت ٻڌايس ته خليفو صاحب باهه ٿي ويو، بيبي چيس ته هار مون کي ڏاج ۾ مليو هو، توهان

جو ان سان ڇا وڃي. بهرحال رات جو خواب ۾ خليفي ميان جنت جون ماڙيون ڏٺيون ۽ بيبي زبيده واري ماڙي به ڳولي لڌائين. صبح جو سالي صاحب ڏي ويو ۽ ماڙي واسطي منٿ ڪيائينس. فقير بادشاهه چيس ته ماڙيءَ جي قيمت تنهنجي اڌ سلطنت، خليفي خان وائڙو ٿي چيس ته ڀيڻ کي هار تي ڏنئي ۽ مون کان اڌ بادشاهي ٿو گهرين، چيائينس ته ادي زبيده بنا ڏسڻ جي مون تي اعتبار ڪري ماڙي ڳڌي ۽ تون رات جو ماڙيون ڏسي آيو آهين ته به ايمان ڪونه ٿو ٻڌين.

بيبي زبيده هڪ رات خواب ڏٺو جنهن ۾ ڪيئي هزار انسان سندس اڳيان هٿ کنيو ڪو سوال پيا ڪن بيبي صاحبه ڇرڪ ڀري اُٿي ۽ صبح جو ڀاءُ کان ان جو تعبير پڇيائين، ان چيس ته تون ڪو اهڙو نيڪيءَ جو ڪم ڪندينءَ جنهن مان لکين انسان سيراب ٿيندا ۽ تون ثواب جا انبار جمع ڪندينءَ. ٿورن ڏينهن کان پوءِ بيبي صاحبه عُمرو ادا ڪرڻ واسطي مڪي شريف رواني ٿي، رستي تي ڪيئي هزار ماڻهو ريگستاني رُڃَ ۾ اُڃ وگهي بيبي صاحبه کي نيزاريون ڪري عرض ڪرڻ لڳا ته اسان جي واسطي پاڻيءَ جو بندوبست ڪريو. بيبي صاحبه سان گڏ جيڪي سفر ۾ هم رڪاب هيا تن مان ڪن کي واپس بغداد موڪليائين ته اتي وڃي انجنيئرن کي سندس حڪم ڏين ته دجله ندي جيڪا بغداد جي ڀرسان وهي ٿي تنهن مان هڪڙو واهه يا نهر کوٽي ريگستان مان وهائي مڪي شريف جي ڀرسان عرفات جي ميدان ۽ مِني جتي حاجي وڃي حج جا ارڪان ادا ڪندا آهن ۽ قربانيون ڪندا آهن اوستائين آڻين، بيبي صاحبه اُن زير زمين واهه يا نهر جو سمورو خرچ پنهنجي ذاتي خزاني مان ڪيو ۽ اُها نهر زبيده اڄ تائين جاري آهي ۽ بغداد کان مِنيٰ تائين پئي وهي ۽ وچ واري علائقي جي مخلوق خدا کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري.

اهو هو بيبي زبيده رحمته الله عليها جي خواب جو تعبير جيڪو الله تعاليٰ سچو ڪري ڏيکاريو ۽ بيبي صاحبه قيامت جي قائم ٿيڻ تائين نيڪين جا ڍير پنهنجي اعمال نامي ۾ جمع ڪندي رهندي ۽ سندس نالو تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو ۽ ياد ڪبو رهندو.

 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

 

اُستاد بخاري

(1930ع کان 1992ع تائين)

اصل نالو سيد احمد شاهه ولد سيد حاجن شاهه بخاري اٿس، سندس ولادت ڳوٺ غلام چانڊيو، دادو ۾ 16 جنوري 1930ع تي ٿي آهي، ادبي دنيا ۾ ”اُستاد بخاري“ جي نالي سان ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. سال 1944ع ۾ ورنيڪيولر فائينل پاس ڪري، 1947ع کان تعليم کاتي ۾ ”استاد“ جي حيثيت سان خدمتون بجا آندائين. سال 1961ع ۾ مئٽرڪ، 1964ع ۾ بي اي ۽ 1965ع ۾ سنڌي اَدب ۾ ايم اي پاس ڪري، 1967ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، آخر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو.

سال 1951ع ۾ گورنمينٽ ٽيچنگ ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي مان ادبي ذوق حاصل ٿيڻ سان، شعر جي ميدان ۾ ڪؤنتل ڪُڏايائين. پنهنجي اورچائي ۽ لڳاتار لوچ سببان، هن وقت جديد دور جي باڪمال شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ڪلام جا مجموعا، ”گيت اسان جا جيت اسان جي“(1971ع)، ”اوتون جوتُون“ (1983ع) ۽ ”ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ“ (1986) ميدان تي اچي چڪا آهن، ٻارن لاءِ، ”ٻاراڻا گيت“ (1981ع) پڻ شايع ٿيل آهي. ازانسواءِ ”لهر لهر دريا“ ”سوچون ڀُڻڪا“،”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ”ڌرتي سرتي“ ۽ ”زندگي اي زندگي“ پڻ ڪتابي صورت ۾ پڌرا ٿيل آهن.

سنڌي ادب ۾ سندس نالو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي، ڇاڪاڻ ته سموري سنڌ سندس شعرن وسيلي کيس ڄاڻي سُڃاڻي ٿي، ريڊيو ۽ ٽي وي تي به سندس ڪلام ڳايو وڃي ٿو. ”غريب آباد محلو دادو“ ۾ مستقل رهائش هئي.

اُستاد بخاريءَ جو ڪلام سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو، ڪافي صنفن تي تجربا ٿيل اٿس، خاص ڪري آزاد نظم، بيت، غزل، ڪافي، گيت ، نظم ۽ وايون وغيره سندس پسنديده صنفون رهيون آهن. وٽس سُهڻي سوچ سَنواريل آهي؛ جنهن ڪري فڪر جي گهرائي ۽ فني پُختگيءَ جي لحاظ کان مختصر کان مختصر انداز ۾، جذبات جي ترجماني، خيالن جي ندرت، رنگين بياني ۽ لفظن جي صحت جو معيار برقرار رکي ٿو.

نتيجي ۾ پائمال ۽ پراڻو مضمون من موهيندڙ، نئون ۽ ولولي اَنگيز پيو لڳي، سندس خيالن جي دنيا ۾ عاشقانه ۽ فلسفيانه رنگ جو پڻ حَسين امتزاج موجود آهي. ”قطعا“ لکڻ ۾ به وٽس عجيب قدرت آهي، سندس تغزل ۾ دلڪشي ۽ ميٺاج پڻ موجود آهي؛

ايستائين اچ، جيستائين جندڙي،

پنهنجي تيتر پَچُ، جيتر مچ مڪان ۾،

کَل اندر کوُري، ٻاهر خوشيون خوامخوا،

تون ڇا سمجهين تانگهڙا، مَن جي مجبوري!

نُگرا ناسُوري، گهاوَ اسان کي گُهرج جا،

حڪيمن هنڌ هنڌ، ڪيئي ڪوڙه ڪڪوريا،

چيٺڻ ساڻ چڱا ٿيا، گوڏا ڏوڏا گندَ،

سعيي ڪندي سنڌَ، سُڪا، ساوا ٿي چڪا،

عجب آهه علاجُ، دُنيا، درد غريبَ جو!

اَگهو عام اڃا گهڻو، سَگهو ڪيئن سماجُ،

راهون ردُ رواج، واهون بند وڙول جون،

حرڪت مان برڪت بني، بيچيني ڀرپور،

جُهرندي، جڙندي ٿي هلي، دنيا جو دستور،

ٻورن مان ٻوڙا ڦُٽا، ٻُوٽن وچان ٻُور،

پاڻيءَ منجهان پُور، مادي منجهان مامرا،

مٽي، پاڻي منڍ ۾، ان کان پوءِ انسان،

ٽٻڪي جي ٽيهين پتيءَ جيڏا جيوَ جوان،

اِرتقا، اعلان، ماڻهوءَ مانَ ڪندي هلي.

اُستاد بخاريءَ جي مٿين مثالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڪلام ۾ جديد لاڙا جا بجا جرڪن ٿا. ساڳئي وقت هُو قومي اُمنگن جو پرستار بڻجي، قومي ايڪي ۽ وقار کي تقويت بخشي ٿو؛

تڪليفون، تفريحون، سيڻن، سڄڻن سانگي

شوق نپايون ٿا يا شعلا! چاهه چئون يا چيهون؟

ڪونه ستائي ڪنهن کي ڪاٿي، ڪونه ڪبيون پوءِ ريهون،

تَنبڻ کان ڪجهه تڙپڻ وِترو، راڳن سان گڏ ريهون،

سورج، تارا، شبنم، شعلا، تنهنجون ئي تشبيهون،

ساگر، اوٿر، ڪينجهر، هيرون، منهنجون ئي تشريحون،

پويان لُوهون، اڳيان ڊُوهون، بيهون سو ڪيئن بيهون،

منزل هڪڙي هيڏي هوڏي، واٽون ويهُون ويهُون ،

وڌندو ويو”اُستاد اَسان جو، ڏورڻ ڏينهون ڏينهون،

جيتوڻيڪ اُستاد بخاريءَ جي خيالن سان اختلاف رکي سگهجي ٿو، پر سندس شاعرانه عظمت مُشاهدو، مُطالعو ۽ فني قابليت انهيءَ ڳالهه جي غمازي ڪري ٿي،  ته هي بهترين ۽ نمائندو شاعر آهي. ڪٿي ڪٿي هنديءَ جو اَثر قبول ڪري، ٻوليءَ کي دقيق پڻ بڻايو اَٿس،  جا خوبي، ”عوامي شاعر“ جي وقعت ۾ وقفو وجهي ٿو؛

اَحَمَدَ اُهڳَ هزارَ، گوتَم ڌيان، گيان ۾،

عَيسيٰ کي عَرفان ٿيو، مُوسيٰ آجا آرَ،

ڪِرشن رامَ ڪئي ڏنا، اَرجن کي آچارَ،

ڪَنفيوشس جون ڪوششون،زرتِشي ويچارَ،

مزدڪ جا نُڪتا نوان، ابِوذر اظهارَ،

مارڪسي مَنشور، لينن جي لَلڪارَ،

مائو جي مردانگي، سوچ ڏٺي سنسارَ،

سَمي پاتا سوڀَ جا، هوچي مِن کي هارَ،

پنهنجي پنهنجي وقت جا، ويَر وڏا وينجهارَ،

پيدا ٿيندا پاڻ مان، مَرد اَڃا مهندارَ،

حيلا لک هزارَ، ماڻهو ماڻهن لَئه ڪندا.

سندس وفات 9- آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي ۽ هن وقت دادو ۾ دفن ٿيل آهي.

 

غلام محمد بُلو

ذوالقرنين جو سفر

حضور نبي ڪريم مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کان مڪي شريف جي مشرڪن پڇا ڪئي ته جيڪڏهن اوهان الله تعالي جا رسول آهيو ته اسان کي هيٺين سوالن جا جواب ڏيو، پاڻ سڳورن فرمايو ته سڀاڻي اوهان کي سموري حقيقت کان آگاهه ڪندس.

سوال 1- رُوح ڪهڙي شيءِ آهي؟

سوال2- ذوالقرنين ڪير هيو؟

سوال3- اصحاب ڪهف يا غار وارا ڪير هئا ۽ ڪيترا ڄڻا هيا.

حضور جن واعدو ته ڪري ويٺا پر يڪا ارڙهن ڏهاڙا حضرت جبرائيل عليه السلام فرشتو الله تعاليٰ وٽان گهربل خبرون کڻي ڪونه آيو جنهن سبب حضور جن پريشان ٿيا ۽ مشرڪن کي مٿن تنقيد ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. آخر جبرائيل عليه السلام سمورو احوال آندو پر ان سان گڏ الله تعاليٰ وٽان اها هدايت به آندائين ته جڏهن ڪو واعدو ڪيو تڏهن”انشاءَ الله“ چوندا ڪريو جنهن جو مطلب آهي ته جيڪڏهن يا ”جيئن الله تعاليٰ گهريو.“

سوال1- جو جواب هيو ته روُح الله تعاليٰ جي حڪمن منجهان(هڪ حڪم) آهي ۽ اوهان کي ان بابت گهڻي ڄاڻ ڪونه ڏني وئي آهي.

سوال 2- ذوالقرنين پنهنجي وقت جو هڪ وڏو بادشاهه هيو جنهن پنهنجي طاقت جي زور تي دنيا جي وڏي حصي کي فتح ڪري اتي حڪومت قائم ڪئي هئي، هو ڌرتيءَ جي اولهه طرف اهڙي هنڌ وڃي پهتو هو جيڪا سج لهڻ جي اُفق جي جاءِ هئي، اتي اهڙو نظارو هيو جهڙوڪ گپ ڀريل ڪو تلاءُ يا ڍنڍ هجي جنهن جي اندر سج ٻُڏي رهيو هو، وري هو اڀرندي طرف پڻ ملڪ فتح ڪندو وڃي زمين جي آخري حد کي رسيو هو.

ان دوران هو جڏهن اهڙي هنڌ الهندي پاسي واري علائقي ۾ (جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو علائقو ڪوهه قاف جيلن وارو هنڌ هيو جيڪو روسي سلطنت جي ٽڪر ٽڪر ٿيل علائقن جارجيا ۽ ان جي آسپاس وارين رياستن ۾ پکڙيل آهي) وڃي رسيو جتان جا ماڻهو ڏتڙيل ۽ پريشان هيا تن ذوالقرنين کي ٻڌايو ته ياجوج ۽ ماجوج هڪڙا زور آور قوتون رکندڙ آهن سي ٻن جبلن جي وچ واري گَهٽ منجهان لنگهي اچي اسانجي علائقي مان لٽ مار ڪري هليا ويندا آهن ۽ اسان ۾ انهن جي مقابلي ڪرڻ جي سگهه ڪانه آهي، تنهن ڪري اوهان اسانجي امداد ڪريو جنهن لاءِ اسان پنهنجي وس آهر مزدور مستري وغيره مهيا ڪنداسين، بادشاهه انهن کي چيو ته لوهه جا ٽڪر ميڙي سهيڙي کڻي اچو (لوهه ڪوهه قاف جي کاڻين مان لڀندو آهي) هنن اُهي آندا تن کي بادشاهه ان گهٽ يا جبل جي دَري ۾ سٿايو تان جو درو ٻنهي جبلن جي ليول تائين ڀرجي ويو، پوءِ بادشاهه انهن لوهه جي ٽڪرن جي ڍڳ کي باهه ڏياري ته اهي پگهري ڳري پيا، تنهن بعد بادشاهه ٽامو گهرائي اهو پگهريل لوهه جي مٿان سَٿايو ته اهو پڻ پگهري درزن ۾ ڀرجي ويو ۽ اُها هڪ وڏي لوهي مضبوط ڀت بڻجي پئي، جيڪا روايتن مطابق”سَدِ سڪندري“ سڏجي ٿي (ذوالقرنين جو ٻيو نالو يا لقب سڪندر پڻ آهي) قرآن پاڪ ۾ آهي ته ان ڀت ٺهڻ کان پوءِ وري ياجوج ۽ ماجوج ان ملڪ ۾ ڪونه آيا ۽ ماڻهو محفوظ ٿي ويا، پر ياجوج ماجوج قيامت کڙي ٿيڻ کان ٿورو اڳ ۾ ان ڀِت کي ڀڃي يا اُن تان ٽپي ساري جهان ۾ پکڙجي ويندا(اها ڀت ڄڻڪ هنن واسطي جيل يا قيد خانو آهي جنهن لاءِ روايتن ۾ مشهور آهي ته الله پاڪ جي حڪمت سان اُها لوهه جي ڀت ياجوج ماجوج جي خوراڪ آهي جنهن کي چٽيندا رهن ٿا ٻن مقصدن واسطي ته هڪ هنن جو اهو کاڌو آهي ۽ ٻيو ان کي پڇڻ واسطي اهو جتن پيا ڪن ايتري قدر جو ڏينهن جو سندن چَٽڻ سبب اها ڀت هٿ جي تِري جهڙي سنهي ٿي ويندي آهي ۽ رات جي پهر ۾ وري ساڳي لوهي ديوار بڻجي ويندي آهي)

ٻي روايت آهي ته ڪوهه قاف جبلن واري علائقي ۾ جيڪو وقت ذوالقرنين لشڪر سوڌو ترسيو اتي معلوم ٿيس ته جبل جي اندر ”آب حيات  يا ابدي حياتي ماڻڻ“ واري پاڻيءَ جو کوهه آهي جنهن جي پاڻي پيئڻ سان انسان هميشه واسطي زندهه رهندو. بادشاهه پنهنجن اعتماد وارن ٻن وزيرن حضرات خضر ۽ الياس عليهم السلام کي پاڻيءَ جا ٿانو ڏيئي کوهه جي اندر رسين ذريعي اهي موڪليو. جيئن ته اُهو علائقو اونداهو هو جنهن کي عربيءَ ۾ ”ظُلمات“ سڏيو آهي، تنهن ڪري اهي ٻئي بزرگ رسين جي آڌار تي هيٺ لهي ويا ۽ پاڻ ڍؤ ڪري پاڻي آب حيات جو پيتائون پوءِ بادشاهه واسطي ٿانو ڀري واپس وريا. پر ان هنڌ جابلو ڪانءَ هيا جن حملو ڪري ٿانون مان چهنبون ڀري پاڻي پي ورتو ۽ ان ۾ وٺيون لاٿائون، جڏهن بزرگ مٿي پهتا ۽ بادشاهه کي پاڻي پيش ڪيائون ته بادشاهه وِٺيون ۽ گندگي ڏسي پاڻي ڪونه پيتو، قصو ڪوتاهه حضرت خضر عليه السلام (جنهن کي خواجه خضر چئجي ٿو) تنهن کي الله پاڻيءَ جي دريائن ۽ سمنڊن جي حڪومت عطا فرمائي ۽ هميشگي واري حياتي پڻ، باقي سندس ٻئي سنگتي حضرت الياس عليه السلام کي الله پاڪ جبلن، برپٽن ۽ بيابانن يا ريگستانن جي مٿان نگهبانيءَ تي مقرر ڪرڻ فرمايو قيامت تائين زندگي ڏيئي.

حضرت خضر عليه السلام جو قصو آهي ته الله تعاليٰ جي حڪم ۽ اجازت سان حضرت موسيٰ عليه السلام ساڻس ملاقات وڃي ڪئي هڪ درياءَ جي ڪناري وٽ- ڳالهين ڪندي حضرت خضر عليه السلام حضرت موسيٰ عليه السلام کان جند ڇڏائيندي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر حضرت موسيٰ عليه السلام سندس ڪڍ لڳي پيو، هڪ هنڌ پهتا ته هڪ ڳڀرو ڇوڪرو هڪ ڳوٺ جي ڪنهن گهٽيءَ ۾ بيٺو هيو تنهن کي حضرت خواجه خضر لٺ هڻي ليٽائي وڌو جنهن سبب هو مري ويو. حضرت موسيٰ گهوڙا گهوڙا ڪئي پر خواجه خضروات تي هٿ ڏيئي چپ ڪرائي ڇڏيس ۽ اڳتي وڌيا، اتي وڃي ڳوٺ وارن کان کاڌو ۽ پاڻي گهريائون پر ڪونه ملين، بهرحال حضرت خواجه خضر گارو مٽيءَ جو ٺاهي هڪ پلاٽ جي مٿان بيٺل زبون ٿيل ڀت کي ليپو چوپو ڪري ڪرڻ کان بچائي سڌو ڪري ڇڏيو، حضرت موسيٰ عليه السلام چيس ته واهه واهه ڪو عجيب ماڻهو آهين جو ڳوٺ وارن ماني کاڌو ته ڇا پر پاڻي به ڪونه پياريو ۽ تون ويٺو انهن جون ڀتيون اوسارين،خواجه خضر وري به ماٺ ڪرايس، اڳتي ڪنهن درياءَ جي گهاٽ تي بيٺل هڪ نئين ٺهيل رنگا رنگي ٻيڙيءَ کي لٺ هڻي ٽنگ ڪري وڌائين ۽ ٻيئي کي عيب دار بڻائي ڇڏيائين، حضرت خضر عليه السلام پوءِ حضرت موسيٰ عليه السلام کي سمجهايو ته مان جيڪي به ڪيو سو الله تعاليٰ جي منشا ۽ حڪمن مطابق هيو، جيڪو ڇوڪرو ماريم سو بڇڙن افعالن وارو بدڪردار هو، ان جا ماءُ پيءُ الله تعاليٰ جا نيڪ بندا هيا، ان بڇڙي اولاد جي براين جو اثر سندس والدين تي پئي پيو جيڪي پريشان هيا جنهن ڪري الله تعاليٰ ان نڀاڳي ڇوري کي ناس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ مون کيس قتل ڪري ڇڏيو.

ٻيو ڪم ڀت سڌي ڪرڻ وارو ائين هو ته ان ڀت جي اندر پلاٽ جي پيٽ ۾ ڪن يتيم ٻارن جو مال، ڏوڪڙ وغيره سندن وفات ڪري ويل پيءُ پوري رکي ويو هو جنهن جي خبر ٻارن کي ڪونه هئي. اها پٽ جيڪڏهن ڊهي پوي ها ته ڳوٺ جا ماڻهو مٽي ڀتر ته کڻي وڃن ها پر پلاٽ کي به کوٽي وجهن ها ۽ يتيمن جي مڏي کڄي وڃي ها، تنهن ڪري الله تعاليٰ حڪم ڏنو ته ڀت کي مضبوط ڪري ڇڏ ته تيستائين سلامت رهي جيستائين ٻارڙا جوان ٿي ان جو قبضو هٿ ڪري پلاٽ جي کوٽائي ڪري پنهنجي دفيني کي حاصل ڪن ها.

ٻيڙي ڀڃڻ جو قصو ائين هو ته ان علائقي جو هڪڙو ظالم بادشاهه آهي جيڪو ڪابه نئين بيٺل يا ٺهيل ٻيڙي ملاحن کان کسي بنا عيوض جي هٿ ڪندو آهي، ان ٻيڙيءَ جا مالڪ مسڪين آهن جن جو گذران ٻيڙي هلائي ان جي مزوريءَ مان ملندڙ پيسن تي آهي، ان مهل بادشاهه جا سپاهي نئين ٻيڙي جي ڳولا واسطي اچي رهيا هئا تنهن ڪري مون ان کي ٽنگ ڪري عيبدار ڪري وڌو ته جيئن سپاهي کيس ڪاهي نه وڃن. هاڻي ٻيڙي جا مالڪ اتان ڀڄي پئي پاسي هليا ويندا ۽ ٻيڙيءَ جي مرمت ڪرائي وري پنهنجو روزگار وڃي ڪندا.

اهو ٻڌي حضرت موسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي قدرت جي نظام تي سبحان الله چوندو واپس هليو ويو.

 

اصحاب ڪهف يا غار وارا

قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ غار وارن يا اصحاب ڪهف جو قصو بيان فرمايو آهي سورت ڪهف پنڌرهين سيپاري ۾ اهو قصو ائين آهي ته وچ اوڀر واري علائقي ۾ هڪ ڪافر بادشاهه هو جيڪو پنهنجي رعيت کان زبرستي بتن جي پوڄا ڪرائيندو هو، پر جيڪو سندس حڪم نه مڃيندو هو تنهن کي سزائون ڏيندو هو، جيئن ته ان ملڪ ۾ وقت بوقت الله تعاليٰ پنهنجا نبي عليهم السلام موڪليندو رهندو هو تن جي تعليمات جو خاصو اثر اڃا به باقي هيو جنهن ڪري ڪي ٿورا ماڻهو اڃا به الله تعاليٰ جي هيڪڙائي ۽ قيامت ۾ حساب ڪتاب ٿيڻ بابت ايمان رکندا هئا، هونئن به ڏٺو ويو آهي ته بنسبت مالدار ماڻهن جي غريبن ۾ خوف خدا زياده ٿيندو آهي، ان بادشاهه جي نوڪرن جي اولاد ۾ ڪي ايمان وارا جوان هئا سي بادشاهه جو حڪم نه مڃي توحيد جو پرچار پيا ڪندا هئا. اها خبر بادشاهه ٻڌي کين درٻار ۾ گهرايو ۽ کانئن پڇا ڪئي هنن پنهنجي عقيدي جو اظهار ڪيو تنهن تي بادشاهه باهه ٿي ويو ۽ کين سزا ڏيڻ جو پهه ڪيائين، پر کيس ڪنهن ڪم سانگي درٻار ڇڏي ٻاهر وڃڻو پيو. اهو موقعو ڏسي جوان اتان ڀڄي جبل پاسي ويا ۽ هڪ غار ۾ لڪي ويٺا. ڊپ کان ٻاهر به نڪري نه سگهيا تنهن ڪري ماڳهين ليٽي پيا ته ننڊ اچي وين، سندن تعداد قرآن پاڪ ۾ پورو نه ٻڌايل آهي پر اندازن اهي ٽي يا پنج يا ست آهن جن سان سندن ڪتو پڻ گڏ غار اندر آهي جيڪو غار جي دروازي تي پنهنجون ڄنگهون سڌيون ڪيو ستو پيو آهي. ان بابت فرمايل آهي ته غار ۾ اندر وڃڻ جي ڪنهن کي به همت ڪونه پئي ٿئي جو الله تعاليٰ ان ۾ دهشت رکي ڇڏي آهي.

قصو ڪوتاهه ٽي سؤ يا وڌيڪ ورهين بعد اهي جوان الله تعاليٰ جي حڪمت سان ننڊ مان جاڳيا- ٻاهر نڪرڻ کان ڊنا ٿي ته متان اهو ظالم بادشاهه کين پڪڙائي سزا نه ڏئي تنهن ڪري سندن هٿ ۾ جيڪي پيسا هئا سي پاڻ مان هڪڙي کي هٿ پڪڙائي کيس شهر ڏي موڪليائون ته ڪجهه کاڌي واسطي وٺي اچي، همراهه جڏهن شهر پهتو ته سڀ ڪجهه بدليل نظر آيس ماڻهو ٻيا ۽ شهر جو رنگ پڻ ٻيو. هن پيسا دوڪاندارن وٽ پيش ڪيا ته هو عجب ۾ پئجي ويا ۽ کانئس پڇڻ لڳا ته ابا هي ڪهڙو پوريل خزانو هٿ آيو اٿئي، اهي سڪا ته ڪي صديون اڳ جي ڪنهن بادشاهي جي زماني جا آهن. بهرحال هن کي ڪجهه مليو يا نه موٽي ساٿين ڏانهن ويو ۽ وڃي کين احوال ٻڌايائين ته اهو پراڻو پاپي بادشاهه هن وقت ڪونهي پر ڪو ٻيو آهي جيڪو خدا ترس انسان آهي. ايتري ۾ ان وقت جو بادشاهه خبر ٻڌي غار تي آيو ۽ اچي احوال ورتائين. جوانن ٻڌايس ته اسان پراڻي بادشاهه جيڪو بت پرست هيو تنهن جي ڊپ کان اچي هت لڪا هياسين ۽ وچ وارو سارو زمانو ستا پيا هياسين، جنهن جو حساب 309 ورهيه ٿئي ٿو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ جهڙي طرح اسانکي وري جيئرو ڪيو آهي 309 سالن بعد ته اهو مالڪ پاڪ قيامت ۾ مئن کي ساڳيءَ ريت وري جيئرو ڪري اٿاريندو ۽ حساب ڪتاب وٺندو. تنهنڪري هن جهان ۾ نيڪ عمل ڪريو ته آخرت ۾ سندن بدلي ۾ بهشت حاصل ڪريو. ائين چئي پوءِ اهي جوان وري وڃي سمهي پيا جنهن لاءِ روايت آهي ته مري ويا ۽ سندن قبرون ٺاهي انهن جي ڀرسان هڪ مسجد پڻ بادشاهه تعمير ڪرائي ڇڏي.

مشهور قصو آهي ته بلعم باعُور نالي هڪ پهتل شخص حضرت موسيٰ عليه السلام جي قوم ۾ هو. ان زماني ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جي ڪافرن سان جنگ ٿي، ڪافرن وجهه وٺي بلعم باعور کي ڪجهه رشوت ڏني ۽ کانئس دعا گهرايائون ته حضرت موسيٰ عليه السلام جي مقابلي ۾ سندن فتح ٿئي، هن دعا گهري جنهن جي خبر حضرت جبرائيل عليه السلام حضرت موسيٰ عليه السلام کي ڏني تنهن بلعم باعور لاءِ بددعا گهري جيڪو ڪتي وانگر ڀؤنڪي ڀؤنڪي مري ويو. روايتن ۾ آهي ته بلعم باعور جي انساني کل اصحاب ڪهف جي ڪتي کي الله تعاليٰ جي حڪم سان پهرائي کيس جنت ۾ موڪليو ويندو ۽ ڪتي جي کل بلعم باعور کي ڍڪائي کيس جهنم ۾ وڌو ويندو، شال الله تعاليٰ اسان سڀني کي معاف ڪري آمين.

 

Iam greatly ipmresed with the work bering done here, specially the old system of printing bering preserved here.

هتي جو ڪم ڪار ڏسي مان ڏاڍو متاثر ٿي آهيان،

خاص ڪري ڇپائيءَ جي پراڻي طريقي کان جنهن کي هتي محفوظ رکيو آهي.

                                        رضيه عباس

                                        6-3-1993ع

 

هتان جي پريس جي تعاون تي آئون نهايت متاثر ٿي آهيان

رفعت حق

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي

6-3-1993ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com