سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :14

انصاف

زبيده ناز خاصخيلي

اڄ مون رابيل کي چئن سالن کان پوءِ ڏٺو، هوءَ ڪيڏي نه مُرڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ ڇوڪري هئي، مون هميشہ سندس چپن تي مُرڪ کي رقص ڪندي ڏٺو هو،  پر اهڙي حال ۾ ڏسي حيران ٿي ويس. سندس ڳلن ۾ کڏون، اکين هيٺان ڪارا نشان بڻجي ويا هئا. يقين نٿي آيو ته هيءَ اُهائي رابيل آهي جنهن جا ٽهڪ اسڪول واري زماني ۾ گونجندا هئا. ڪيڏو نه کل مک چهرو هو رابيءَ جو.

اڄ هن جو هيءُ حال ڪنهن ڪيو هو، ان مرد کي بي وفا چوان يا بي درد جنهنکي هو پنهنجي ساهه کان وڌ ڀائيندي هئي، پر منهنجي سمجهڻ سان ڇا ٿو ٿئي مون کي ته ان وقت ڏاڍو صدمو رسيو، جڏهن هُن ٻڌايو ته هوءَ اڃا به ان لاءِ من ۾ ايتري سڪ رکي ٿي. ڇا هوءَ اڃا به ........

ان مهل ئي منهنجي دل ۾ مرد لاءِ نفرت جاڳي پئي. آخر ڪهڙي خرابي هئي رابيل ۾، هن جي سيرت توڙي صورت ٻئي بي مثال هيون. هُن سان پهروين ڀيرو ملي هرڪو ان جي تعريف کان رهي نه سگهندو هو.

منهنجي به هُن سان ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هوءَ ڇهين ڪلاس ۾ داخلا وٺڻ لاءِ آئي هئي. اتفاق سان مون به هڪ ٻه ڏينهن اڳ انهيءَ اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي. بس انهيءَ ڏينهن کان اسان هڪ ٻئي سان ساهيڙپ رکي. پر هڪ ڳالهه جو اسان ۾ فرق هو جو جڏهن به آئون ڪو ادب جو ڪتاب کڻي پڙهندي هيس ته هوءَ مون کان ڪتاب ڦُري بند ڪري ڇڏيندي هئي. تنهن تي آئون ڪاوڙجي پوندي هئس ته پرچائي چوندي هئي ڏس روبي مون کي اهڙا ڪتاب نه وڻندا آهن، جنهن ۾ تون ايترو گم ٿي وڃين جو منهن جي به پرواهه نه ڪرين. مان به ڪاوڙجي چوندي هئس ”آخر ڇو تو کي چڙ ٿي اچي اهڙن ڪتابن تي؟“ اڙي چري انهن ڪتابن کي جيڪڏهن تون به پڙهين نه ته تون به مون وانگي اک ئي ڪتاب مان نه ڪڍين. سچي جيڪا معلومات هنن ڪتابن مان مون کي ملي آهي نه، اها ڪورس جي ڪتابن مان به ڪو نه ٿي ملي.“

هوءَ ڳل ته ٿپڪي هڻي چوندي هئي ”اڙي بابا ملندي هوندي توکي معلومات، پر ڪير پوي انهن جهنجهٽن ۾.“

”چڱو ڇڏ انهيءَ بحث کي هلي آ ته ڪجهه کائون ڏاڍي بُک لڳي آهي، اصل ڪئا پيا ڊوڙن پيٽ ۾“.

”چڱو سائين هلون ٿا ڪينٽين ۾.“ ائين اسان جا ڏينهن اسڪول ۾ کلندي گذرندا رهيا ۽ اسين ڏهين ڪلاس ۾ پهچي ويون هيون سين.

اسڪول ۾ رسيس جي وقت لان ۾ ويٺيون هيون سين ته هُن جي پرس کي جيئن ڳوليم ته هڪ تصوير اچي پٽ تي ڪري، مون تصوير کنئي پر رابيل جو چهرو هيڊو ٿيندو ويو، ۽ تصوير وٺي ان تي هٿ پنهنجا رکي ڇڏيائين.

مان ٿورو ٿورو ته سمجهي ويس، پر وري به هُن کان مذاق ۾ پڇڻ لڳس.

”راڻي اسان کي به ته ٻڌايو ته اهو راڻو ڪير آهي؟“ سندس چهري تي ڊپ سان گڏ لالائي به اچي وئي ۽ ڪجهه به ڪڇي نه سگهي.

”ڏس رابيل مون کان ڪجهه نه لڪاءِ، ڀلا ساهيڙين کان ڪجهه لڪائبو آهي، آئون ته تنهنجي ننڍپڻ جي ساٿياڻي آهيان، پوءِ مون تي اعتبار ڪو نه اٿئي.“

”نه نه روبي اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي، آئون پاڻ تو کي ٻڌايان ها پر ....

ها ها پر ---- همت ئي نه ٿي ٿئي.

”تو کي نه ٻڌائيندس ٻيو ڪنهن کي ٻڌائيندس.“ پوءِ ٻڌائڻ لڳي ”هي منهنجو سؤٽ آهي“ ايتري ۾ مون سندس هٿن مان تصوير ڦُري ورتي، ته مون کي ڏسڻ لڳي.

”اڇا ته اها ڳالهه آهي.“ پاڻ مُرڪي پئي.

”هاڻ ٿيندي منهنجي انڪوائري شروع – ها ته ٻڌايو ته ته سائين جن جو نالو شريف ڇا آهي؟ ڇا ڪندا آهن، ڪٿي رهندا آهن. وغيره وغيره.“

”شڪيل وڪالت جي آخري سال ۾ آهي.“ واهه واهه ڪيڏو نه نالي ۽ ڌنڌي ۾ سنگم آهي، شڪيل ..... وڪيل.!“

”چڱو هاڻ تنهنجي انڪوائري ختم، هاڻي مونکي به ٻڌاءِ ته سهي منهنجي چونڊ ڪيئن آهي؟“

”تمام سٺي پر اهو ته ٻڌاءِ وڪيل صاحب شاديءَ جو ارادو به ڏيکاريو آهي يا .....“

”ها زوبي پر .... دُعا ڪر ته منهنجي چاچي راضي ٿي وڃي.“

”ته ڇا هوءَ راضي ڪونهي.“ مون حيران ٿيندي پڇيو ته رابيل جي چهري تي مايوسيءَ جا ڪرڻا اُڀري آيا. سندس مايوسيءَ کي مٽائڻ لاءِ چوڻ لڳس ”رابيل راڻي جڏهن گهوٽ ڪنوار راضي ته ڇا ڪندي چاچي.“ هوءَ مُرڪي پئي.

مون تصوير کي هڪ ڀيرو وري چتائي ڏٺو ۽ چوڻ لڳس ”ڏاڍو سٺو“

”ڇا!“ هوءَ حيران ٿي وئي.

”چري هي جوڙو!“ مون سندس آڏو تصوير ڪندي چيو ته هُن جي اکين ۾ هڪ ڳجيب قسم جي چمڪ پيدا ٿيڻ لڳي. شايد آئيندي جي زندگيءَ جي رنگين تصوير ڏسي رهي هئي. شال هميشہ تنهنجي چپن تي اها ئي مرڪ قائم رهي. آئون دل ئي دل ۾ دعا ڏيڻ لڳس. وقت جو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن رسيس جو گهنڊ وڳو.

ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ اها خوشخبري ٻڌايائين ته سندس چاچي به راضي ٿي وئي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ سندس مڱڻو به آهي ۽ شادي به جلدي ٿيندي، ڇو جو شڪيل کي ڪراچيءَ ۾ نوڪري ملي وئي آهي.

ڀلا! اسانکي به پنهنجين خوشين ۾ ياد ڪندينءَ يا هاڻ.....

اڙي راڻي تون به ڪا وسرڻ جهڙي آهين.

چڱو چڱو ڊائيلاگ گهٽ ڳالهاءِ هاڻي ته خوشيءَ ۾ خبر ئي ڪو نه ٿي پوئي.

ڏس ڏس زوبي مون کي ائين نه چئو نه ته ائون ڪاوڙجي پوندس.

چڱو سائين ڏسنداسين تنهنجي دوستيءَ کي بس نه ....  آئون پرچائڻ لڳس ته مُرڪڻ لڳي.

ڪجهه ڏينهن هوءَ اسڪول نه آئي نه ئي مان وڃي سگهيس. مون کي محسوس ٿيو ته ڪجهه ضرور ٿيو آهي پر .... مون کي به هُن جي دوستيءَ کي آزمائڻو هو.

اسڪول آئي ته اچڻ سان ڀاڪرن ۾ اچي ڀريائين. آئون سندس هٿ ۾ گلابي ٽڪ واري مُنڊي ڏسي سمجهي ويس ته پڪ هِن جي مڱڻي ٿي وئي آهي سو ڪاوڙ ڪري هن کان ڌار ٿيڻ لڳس.

زوبي مون کي خبر آ ته تون ڪاوڙي آهين، پر يقين ڪر ڏوهه منهنجو ڪونهي، ڪنهن کي به ڪو نه سڏايو هو صرف پنهنجي گهرن جي ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ مون کي مُنڊي پارائي وئي، مون تو کي ياد ڪيو هو، پر گهر وارن چيو ته اڳوپوءِ شاديءَ جي دعوت سڀني کي ڏينداسين.

اڇا ته آئون هاڻ سڀني ۾ شامل ٿي ويس،! آئون مسئلي کي ته سمجهي وئي هئس پر ظاهري ڪاوڙ ڪندي چوڻ لڳس

ڏس زوبي هاڻ مون کي کڻي معاف ڪر سچي ڏوهه منهنجو ڪو نه هو.

چڱو بس ٿي ڪيان پر مٺائي ڪٿي آهي منهنجي يا اها به معاف آ.

نه نه مٺائي ته تنهنجي ڊيو آهي مون تي، هل ته هلي کارايانءِ.

اڇا ته مٺائي به اتان ئي کارائبي يعني روز وارا پڪوڙا، ڇولا .....

اڙي آئون ائين ڪٿي ٿي چوانءِ گهر هلندينءَ اڄ منهنجي، پوءِ مٺايون ئي مٺايون.

مٺايون ئي مٺايون، آئون سندس نقل ڪرڻ لڳس ”نه سائين آئون ايڏي واندي ڪو نه آهيان جو مٺائي به تو وٽ هلي کاوان.“ ”کارائڻي اٿئي ته هٿ کاراءِ باقي گهر هلي کارائين فائدو ڪهڙو“.

چڱو سائين مٺائي تو کي آئون گهر پهچائي ويندس بس نه، پر تون اڄ منهنجي گهر ته هلي ڏس مون کي جيڪي ڪپڙا ۽ زيور مليا آهن.

ها ها هلندس ڇو نه پر گهر وڃي هتان ته ڪو نه ٿي هلي سگهان.

شام جو گهر ويس ته هوءَ خوشيءَ خوشيءَ ۾ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳي، ڪپڙا الاهي قيمتي ٿي لڳا، هوءَ راءِ به پڇندي ٿي وئي.

اڙي راڻي تون گهٽ آهين ڇا جو ڪپڙا تو کي جهڙا تهڙا ملندا، ٻيو ته وڪيل صاحب جي ....

چڱو چڱو هاڻي مسڪي بازي بند ڪر.

ڪجهه مهينن ۾ سندس شادي به ٿي جنهن ۾ ڳايو وڄايوسين. هاڻ ته هُن پڙهڻ به ڇڏي ڏنو هو، سندس شاديءَ کان پوءِ جڏهن مان هُن جي نئين گهر ويس ته پاڻ الاهي خوش هئي، سندس چهرو گلن وانگي کِلي رهيو هو، رابيل ٻڌايو ته هوءَ جلد ڪراچيءَ هلي ويندي، ڇو ته شڪيل جو ٽرانسفر ٿيو آهي، خوشي به ٿي ته منهنجي ساهيڙي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ پنهنجي وَر سان وڃي رهي هئي، ٻيو ڏک اهو پئي ٿيو ته اسان ساهيڙيون هاڻ گهٽ ئي ملنديونسين.

وقت جو ڦيرو به عجيب آهي، جنهن جي ڪنهن کي خبر ڪونهي ته ڪهڙي نموني اڳيان ايندو، مون کي ته يقين نه ٿي آيو ته وقت سان گڏ رابيل به ائين بلدبي. آئون ته هُن کي ڏسي حيران ٿي ويس، جڏهن هوءَ ڳوٺ گهمڻ آئي. مان ته پهرئين ڏينهن ئي ٻڌو هو پر امتحان پئي هليا سو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ئي وڃي سگهيس.

پر .... جيئن سندس گهر پهتس ته رابيل کي ڏسي مون کان رڙ نڪري وئي،اڙي ”رابيل هيءُ ڇا حال ڪيو اٿئي پنهنجو.“ منهنجي ائن چوڻ سان هُن جو جهريل من وڌيڪ جُهري پيو، ۽ هوءَ ڀاڪر پائي اوڇنگارن ۾ پئجي وئي ۽ چوڻ لڳي زوبي، شڪيل مون سان ويساهه گهاتي ڪئي آ، هُن مون کي ڇڏي ڏنو آ، خبر اٿئي ڇو؟ مان حيران حيران اکين سان هُن کي ڏسي رهي هئس.

زوبي، صرف – صرف ان ڳالهه تي ته مون پهريون پُٽ هُن کي ڇو ڪو نه ڄڻي ڏنو. ڀلا پُٽ منهنجي هٿ ۾ ته نه هو، ها هُن کي ته بهانو ٿي کپيو پُٽ جو، پر اصل ۾ هُن جي دل هاڻ مون مان ڀرجي وئي هئي، ڇا مرد ائين ٿيندا آهن،! زوبي مون ۽ مُکڙيءَ هُن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو؟ جنهن جي هيڏي وڏي سزا ملي آهي.!

هوءَ وري اچي روئڻ ۾ پئي، مون کي ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مون کي ڇا ڪرڻ کپي. مان ته اڃا تائين ائين محسوس ڪري رهي هئس ڄڻ هڪ خواب ڏسي رهي هجان. ڇا اها ئي رابيل هئي، جيڪا هر وقت کِلندي رهندي هئي، ڇا حال ٿي ويو هئس.

مون ڏٺو ته هوءَ بيهوش ٿي وئي هئي، مان رابيل جي امان کي ٻاهران سڏي آيس، هوءَ ٻڌائڻ لڳي ته امان رابيل جڏهن کان آئي آ، نه کائي ٿي، نه پيئي ٿي، وري مُکڙي به ڪومائجي وئي، تڏهن کان دورا ٿا پونس. ڪيترن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو پر ڪو به فرق ڪو نه ٿيو آهي، ائين چئي سندس ماءُ جو آواز ڏک ۾ دٻجي ويو، مان سندس اکين ۾ ڏسي ڪو نه سگهيس، مون نظر ڦيرائي ڇڏي. سامهون رابيل جو ڪمرو هو، جيڪو شاديءَ کان اڳ به رابيل جو هو، مون ان ڏانهن ڏٺو ساڳي طرح سجاوٽ ٿيل هئي، جيئن اڳي ٿيل هئي، البت ٻه تصيورون مون کي وڌيڪ نظر آيون، هڪ اها ئي اسڪول واري ڏينهن ۾ ڏٺي هئم لڳ هئي ٻئي پاسي واري تصوير جنهن ۾هو ٻئي خوش، گلن ۽ نوٽن جي هارن ۾ مُرڪي رهيا هئا، رابيل جا مينديءَ رتل هٿڙا پڻ نظر اچي رهيا هئا، جن ۾ ڪافي رنگ چڙهي ويو هئو. چوندا آهن ته ڪنوار جي هٿن تي ميندي وڌيڪ رنگ ڪندي آهي ته هُن جي زندگي هميشہ پنهنجي گهوٽ سان سُک سان گذرندي پر هتي ته ...... نه نه اهو سڀ ڪوڙ آهي، سڀ بڪواس آهي.

منهنجي نظر شڪيل جي تصوير تي پئي، جنهن ۾ هو به رابيل سان گڏ مُرڪي رهيو هو. سامهون تصوير ڏسي چئي ويٺس واهه ڙي وڪيل صاحب تنهنجو انصاف!

 

ثمينه ميمڻ

ڏولي ڪير کڻي؟

 

صاحبان گهر ۾ جيئن گهڙي ته توبهه، توبهه ڪرڻ لڳي.

 ”مائي زمانو ته ڪهڙو بڇڙو اچي ٿيو آهي، مرڻ ته نه هئو ڄڻ ڪاڄ هو.“ هوءَ پنهنجي منهن ڳالهائڻ لڳي. ڇو! ڇا ٿيو؟ زيبو، ماءُ جو آواز ٻڌي ڪمري کان ٻاهر نڪري آئي.

اڙي امڙ تو واقعي سچ چيو ته ڪپڙا طريقي سان پائي وڃ، پر مون ته وڃي ڄڻ پڇتايو. ائين پئي لڳو ڄڻ مان ئي سڀني ۾ گهٽ هئس، سڀ مايون ائين تيار ٿي آيون، ڄڻ شادي تي آيون هيون، پر امان ڪوته خدا جو خوف ڪن، کين ته ڄڻ هلڻو ئي ڪونهي.

اڄڪلهه زمانو ترقي ڪري ويو آ، هي رسمون وري ڇو پٺيان رهن. انهن ۾ به ڪا تبديلي اچڻ کپي نه.

واقعي امڙ زيبو. ڏس ته زماني جا رنگ. اڳ ۾ وڏي ڪا پوڙهي گذاري ويندي هئي، ته ڌوتل پاتل ڪپڙا به لاهي پراڻا کڻي پائينديون هيونسين ته مائي قضيو ٿيو آ، پر هاڻ ته توبهه ٿي وئي آهي. نه روئڻ نه پٽڻ ۽ نه وري قرآن پڙهڻ.

اڳ ۾ مرڻ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌبو هو ۽ جوانن جو موت ته ٻڌبو ئي ڪونه هو پر، امان هاڻ ته ماڻهن جو مرڻ به ايترو سستو ٿي ويو آ، جو روز الائي ڪيترن جون حياتيون وقت کان اڳ ختم ٿيو وڃن. روز روڊ ايڪسيڊنٽ، روز عورتن جو بيدرديءَ سان قتل اخبارون ته رت سان ريٽيون پيون آهن، پوءِ ڪنهن کي ڏوهه ڏجي! مان امان کي سمجهائڻ ويٺس.

امڙ اهو ته صحيح آ مرڻ ته ڪو مهڻو ڪونهي. هلڻو ته سڀ ڪنهن کي آ، پر هتي ته حالت ئي اُبتي لڳي پئي آ، وڃ کڻي ته سعيو ڪري قالين وڇايا پيا وڃن، وهاڻا ٽيڪن لاءِ رکيا پيا وڃن. جيڪو اچي انهن کي بوتلون پياريون پيون وڃن. ميت اُتي پيو آ، هتي اهتمام اهڙا لڳا پيا آهن ڄڻ هر ڪو شادي جي دعوت تي آيو آ. ڪپڙا ته ٺهيو پر ميڪ اپ سڄو منهن تي ٿڦيو پيو آ، لپ اسٽڪ لڳي پئي آ، ميچنگ تي سينڊل، ڪلپيون، وارن جو مختلف اسٽائيل ٻانهن ۾ سونيون چوڙيون، ڪنگڻ، ائين ٿي لڳو ڄڻ هاڻ هاڻ بيوٽي پالر تان ٿي آيون آهن.

امان، تون به ڪا صفا سادي آهين، اڄڪلهه ته اها مهل به شامل ٿي وئي آ پاڻ کي ڏيکارڻ جي. رڳو ٻڌڻ جي دير آ. خبر رڳو پئي ته فلاڻي هنڌ ڪير گذاري ويو آ. ڏک ڪرڻ جي بجاءِ وينديون ڪمري ۾، بيگ ۾ جيڪو سڀن کان نئون وڳو هوندو اهو ڪڍنديون ميچنگ ڏسنديون ته ڪهڙي ڪهڙي ٿئي ٿي. سينڊل ڪڍنديون وارن جا مختلف اسٽائيل ڪري ڏسنديون ته ڪهڙا ٿا وار سُوٽ ڪن.

مائي ننهون ته ٺهيو پر پنهنجون ڌيئون جيڪي رت آهن، جگر آهن. اهي به ڪونه پيون روئن، ٺهيو جڙيو سڀن جي اڳيان ويٺيون آهن. مايون به ڪنهن سان افسوس ڪن. گهرواريون ئي چپ ڪيو تيار ٿيو ڪنڊ ۾ ويٺيون آهن. پوءِ ماين کي ڇا آهي. اهي ته رونشي ڪوڏيون اهي به زور زور سان ڪچهريون لاڳائي ويٺيون هيون. هوءَ ڌيءَ جنهن جي هاڻ شادي ڪرائي اٿن اها ته روئڻ بجاءِ گرمي گرمي ڪرڻ لڳي ۽ وئي وهنجڻ ۽ وڳو سهڻو پائي اچي ماين جي وچ ۾ ويٺي. امان حيران ٿيندي ٻڌائڻ لڳي.

امان جون ڳالهيون ٻُڌي مون کي به کل ٿي آئي پر چوي ته سچ پئي پر اڄڪلهه زماني ۾ فيشن ٿي پيو آ، مون کي پڻ پنهنجي ننڍپڻ جي ياد اچي وئي، جڏهن اسان جي پاڙي ۾ ڪير گذاري ويو هو ته اسين به رونشي ۾ امان وارن جي ڪڍ لڳيون هيوسين، جڏهن اتي پهتيونسين ته اتان جي ڪنهن مائي چيو ته ائي ڇوڪريون توهان وري ڌوتل استري ٿيل ڪپڙا پائي آيون آهيو، وڃو وڃو اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پراڻا پائي اچو. ”ڇا چوندا ماڻهو ته ڪهڙا نه پاڙي وارا اٿن جو تيار ٿي آيا آهن.“

اسان کي سمجهه ۾ ته ڪجهه نه آيو هو پر ڊپ ٿي پيو هو ته الائي ڇا ٿيندو ۽ ڊوڙ پائي گهر وياسين ۽ ويٺيونسين پراڻن ڪپڙن کي ڳولڻ، جڏهن مليا ته اهي ڪپڙا لاهي وري پراڻا پاتاسين پوءِ وري پاڙي ۾ ويونسين.

ڪمري ۾ گهڙڻ لڳس ته ڀاءُ سڏ ڪيو ۽ ڪپڙن جو پڇڻ لڳو.

ڇوڪرا هينئر ڇا ٿو ڪرين ڪپڙن کي، تون وڃ پاڙي جي ڳالهه آهي. ميت اجهو ٿا کڻن. وڃي شريڪ ٿيءُ. امان خالد کي چوڻ لڳي.

”امان مان اتان ٿي آيو آهيان پر جيستائين مائٽ مٽ گڏ ٿين ته پوءِ ئي ميت کڻندا، تيستائين آئون وهنجي تيار ٿي وٺان.“

”اڙي ڇوڪري کي هوش آهي يا نه ! جيڪي ڪپڙا پاتا پيا اٿئي اهي صحيح اٿئي. پاڙي وارا ڇا چوندا ته ڇوڪرو تيار ٿي آيو آهي. پاڙي جو لحاظ ئي ڪونه آهين!

”امڙ توهان هاڻي ته ڏسي آيا آهيو، ماين جا رنگ، وري به خالد کي پيا جهليو.“

”ڏس ته ادي ٻاهر ته ڄڻ عيد جو سمان لڳو پيو آ، ڇا ته ڊيڪوريشن ٿي آهي. ڇا ته قالين وڇايا آهن! ڇا ته چوداري پروفيوم جي خوشبو آهي! ڇا ته ڪپڙا پائي آيا آهن! اڃا ٿي امان چوي ته ڪپڙا سٺا نه پائي وڃ، ڀلا جن جي گهر ۾ قضيو ٿيو آهي اهي ته خاص تياريون ڪيو پيا گهمن تياريون ڇا هُتي ته فوٽو پيا نڪرن!“

”اڙي ابا توبهن ڪر اهو ڇا پيو چوين.“

”امان مان ڄڻ ڪوڙ پيو ڳالهايان. فوٽو ته هونئن ئي نڪرن پيا پر هُتي هينئر مُووي به ڀربي.“ خالد امان کي وڌيڪ چيڙائڻ لڳو.

امان ته حيران ٿيندي ڪمري ۾ وڃي مٿو ٻڌي سمهي رهي.

”ڇو امان وري ڪونه ويندينءَ ڇا!“

”ائي امان هاڻ ته وڃڻ تي دل ئي ڪونه ٿي چوي. جن مائٽن کي ذور به ڏک ڪونهي پوءِ ڇا وڃي ڪجي. جڏهن ميت کي کڻندا ته وڃي ٿي ايندس. ادي بصران اسان سان ته ڏاڍو سٺي هلي، پوءِ اسين به ته پنهنجو فرض پورو ڪيون.“

”ادي او ادي هو پاڻ واري پرفيوم ته ڏجانءَ.“ خالد زيبوءَ کي ڳوليندو ڪمري ۾ آيو.

”ها ها ڏيانءِ ٿي.“ مون به آرام سان خالد کي پاڻ واري پرفيوم ڪڍي ڏني ۽ هو لڳائي ٻاهر ويو ته ان مهل خبر پئي ته ميت کڻن پيا. خالد به تڪڙو تڪڙو ويو، مان به ٿورو در کان چير ڪري ڏسڻ بيٺس.

ڇا ته سمان لڳو پيو هئو! چوڌاري ماڻهو قالين تي وهاڻن جون ٽيڪون ڏيو ويٺا هئا. بوتلون هٿن ۾ هيون نه روئڻ نه پٽڻ.

خالد صحيح ته چوي پيو، واقعي فوٽو پيا نڪرن.

آئون به ٻاهر جو منظر ڏسي اچي ڪم کي لڳس ماني به پاڙي ۾ موُڪلڻي هئي.

پپي اسڪول مان آئي ۽ حيران ٿيندي پڇڻ لڳي.”ادي ڪنهن جي شادي پئي ٿئي؟!

”راڻي شادي ڪونهي، هوءَ جيڪا گڊوءَ وارن جي ڏاڏي ڪونه هئي اها اڄ صبح گذاري وئي آهي.“

هوءَ به حيران ٿي پر ڪجهه به پڇي ڪونه سگهي.

”پپي اسڪول جا ڪپڙا مٽاءِ ۽ گڊوءَ وارن جي گهر ماني ڏئي آ“

”ڇو ادي انهن ڪونه ٺاهي آهي ڇا!“

”نه راڻي جنهن جي گهر ۾ ڪير گذاري ويندو آهي ته، اهي ڪجهه به ڪونه پچائيندا آهن، پاڙي وارن مان هر ڪو ڪجهه نه ڪجهه موڪليندو آهي. وڏا ته کائين يا نه کائين پر ننڍڙن معصوم ٻارن کي ته بک لڳي هوندي، تون وڃ ۽ کڻي وڃ.“

”ها ادي آئون ڪپڙا بدلايان ته ڏئي ٿي اچان.“

ان مهل خبر پئي ته ميت کي کڻي پيا وڃن. آئون به امان کي اٿارڻ ويس ته جيئن هوءَ به وڃي سگهي.

امان به منهن ڌوئي پاڙي ۾ وئي.

جنهن مهل ميت کڻي رهيا هئا ته ڪو گهر مان روئڻ جو آواز نه پئي ٻڌڻ ۾ آيو، سچ مون کي ته الاهي ڏک ٿئي ٿيو، ماسي ويچاري ڪيڏي نه سٺي هئي. پوءِ هُن جي مرڻ تي ڪنهن کي به ڏک ڪونهي. هوءَ نُنهن سان به ڪيئن هلندي هئي پر هت ته ڳالهه ئي ٻي هئي.

امان به اڌ ڪلاڪ ۾ پهچي وئي، ڀلا ويهي به ڇا ڪري هرڪو ته هليو ويو هو.

مون به مجنهند جو ننڊ ڪئي ته شام جو خالد به سهڪندو گهر پهتو.

”ڇو توکي ڇا ٿيو! ايڏو پيو سهڪين.“

”ادي ڳالهه ئي ڇڏي ڏي، ماڻهو مرن هڪڙن جا ۽ ڏوليون وري کڻي مسجدن ۾ اسين پهچايون.“

”ڇو ٻيا ڪيڏانهن ويا هئا.“

”ادي آئون به گڊوءَ جي ڪري ويس، ان جي ڏاڏي هئي. ڪم ڪار به ڪرايوسين پر آخر ۾ جڏهن ڏاڏيءَ کي پوري واري ڇڏيئون ته ڏولي ڪير به کڻڻ لاءِ تيار ڪونه هو، اها اُتي ئي پئي هئي ۽ سڀ پنهنجين پنهنجين گاڏين ۾ چڙهي روانا ٿيا.“ هن سهڪندي چيو.

ٻيا ته ڇڏيو پر گڊو جيڪو اسان جو دوست آهي، اهو به گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿيو. ان مهل اسان کي ئي ڪونه ڏٺئين ته هو ويا ڪيڏانهن!“

”پوءِ توکي وري لاچار هو ڇا ڏولي کڻڻ جو، پئي هجين ها.“

”بس اسان ٻه ٽي دوست بچياسين ته ڏٺوسين ته ڏولي اتي ئي پئي آ ته اسان پنهنجي دوستيءَ جو فرض سمجهي پنڌ ڪندي اچي مسجد ۾ ڏوليءَ کي رکيوسين.“

امان جيڪا صبح کان اهڙيون ڳالهيون ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي پئي هئي سو اها ڳالهه ٻڌندي چوڻ لڳي. الائي مائي مرڻ کان پوءِ اسان جو حشر ڇا ٿيندو.!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com