حسين مسرت شاهه
پرولي
هن سان پريت نه لائي ڪوئي
پريت ڪري مون پيڙا ورتي“
ڇا سکي ساجن؟“
اون هون، اونهون
اي سکي ڌرتي“
ڌرتي سان پريت انساني فطرت ۾ شامل آهي، پوءِ ان جي اظهار جي سزا
ڇو ٿي ملي؟ پريت، پيڙا جو ڪهڙو رشتو آهي؟ پريت جو
سفر ايڏو اڙانگهو ڇو آهي؟ ڪو سرويچ، ڪو سڄاڻ جو ان
پروليءَ کي سلي، ان مام کي پروڙي، ان ڳجهارت جو ڳر
ڳولهي لهي.
لفظ پريت ۾ جيتري مٺاڻ آهي، پيڙا ۾ اوتري ئي ڪڙاڻ، جڏهن به ڪنهن
ڌرتيءَ سان پريت جو پيچ پاتو آهي ته ڄڻ اهو بارود
سان ڀرجي پيو آهي. پوءِ اهو کڻي حڪمران هجي، شاعر
هجي، اديب هجي؛ يا ڪو عام ماڻهو هجي! زنجيرن جي
ڌُن تي پريت جا راڳ آلاپڻ، سوريءَ جو سينگار بڻجڻ،
جلاوطن ٿيڻ، شهيد ٿيڻ ان جو مقدر ٿيو پوي. اهي سڀ
ڳالهيون ان خوف جو اظهار هونديون آهن، ته ڪٿي پريت
جوبارود ڦاٽي، شيطاني قوتن کي تباهه نه ڪري ڇڏي.
جڏهن به ڪو دودو ڌرتيءَ سان سچو ٿيو آهي، ته پنهنجن ئي هن کي
ڌارين هٿان مارايو آهي! جڏهن به ڪنهن هوشوءَ
پنهنجي ڌرتيءَ تي فخر ڪندي ڳاٽ اوچو ڪيو آهي، ته
ان ڪنڌ کي ڪپيو ويو آهي.
جڏهن ڪنهن ٽيپوءَ پنهنجي وطن کي برائين کان پاڪ ڪرڻ چاهيو آهي
ته ان کي سازش جي ڄار ۾ وڪوڙي شهيد ڪيو ويو آهي.
جڏهن ڪنهن اياز ديس جي ساراهه ۾ گيت جهونگاريا آهن ته ان کي قيد
ڪيو ويو آهي.
ڌرتي ڪيڏي نه اُڃايل آهي!
قربانيءَ جي لاءِ اڃايل!!
بي موت مئا، تو لاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رڳو،
هن دنيا ۾ اي ديس! هُيا نادان هزارين مان نه رڳو.
ڌرتيءَ لاءِ ڪيترن ڪونڌرن ڪنڌ ڪپايا آهن، پر هوءَ انهن جي روحن
جون رڙيون نٿي ٻڌي.
مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي،
تون مون تي زنجير وجهين.
سانول
بارش – 1
۽ بارش هئي جا وسي رهي هئي، لڳاتار.
سونا کي اوچتو ئي اوچتو اڪيلائيءَ جو شديد احساس گهيري ٿو وٺي،
هڪدم ائين جيئن راتاهو لڳندو آهي. شيخون، هيڏو
سارو گهر، ڀڙڀانگ، خالي خالي گهر ۽ هوءَ تن تنها،
ماڻس اسپتال داخل هئي. وڏو ڀاڻس ۽ ڀاڄايس فلم ڏسڻ
ويا هئا. ٻارن سميت ننڍو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي به گهر ۾
نه هئا. ”شايد امان کي ڏسڻ ويا هجن!“ سونا سوچيو.
”پر نه هنن کي ته ڪنهن پارٽيءَ ۾ وڃڻو هو.“ سونا
کي اسپتال ۾ پيل ماءُ ياد اچي وئي، جنهن کي پُٽن
استپال رڳو ان لاءِ داخل ڪرايو هو، جو سندن زالن
نٿي چاهيو، ته هوءَ گهر ۾ رهي. الاءِ ڪهڙي
بيماريءَ ۾ ورتل هجي! ۽ سونا جڏهن پاڻ چاهيو هو،
ته هوءَ آفيس مان موڪل وٺي پاڻهي گهر ۾ ماءُ جي
ٽهل ٽڪور ڪندي، تڏهن وڏي ڀاڀي نڪ کي موڙو ڏئي،
پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي هئي ۽ دروازو ڌڙام سان
اندران بند ڪري ڇڏيو هئائين، ۽ وڏي ڀاءُ سونا کي
چيو هو ”ڊاڪٽر امان کي اسپتال داخل ڪرڻ لاءِ چيو
آهي.“ ۽ سونا ڏٺو ڀاڻس وڏو ان ڳالهه چوندي ساڻس
اکيون نه پئي ملائي سگهيو ۽ سونا چيو هو ته ”هوءَ
پاڻ ڊاڪٽر سان ڳالهائيندي.“ ان تي ٻيئي ڀائر ساڻس
ڏاڍا تکا مٺا ٿيا هئا ۽ چيو هئائون ”تڏهن اسين ڇا
ڪوڙ ٿا ڳالهايون.“ مِٺي رڳو تو کي آهي ماءُ، باقي
اسان کي سو ڪڙي آهي!“ ۽ ٻيو به الاءِ ڇا ڇا چيو
هائون ۽ سونا جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا هئا، پر اهو
سونا جي ڀائرن نه پئي ڳالهايو، اهو ته انهن جي
زالن پئي ڳالهايو. سونا سان ڀائرن ائين پهريون
ڀيرو ڳالهايو هو، جڏهن کان سندن شاديون ٿيون هيون،
تڏهن کان هو ڄڻ ڌاريا بڻجي ويا هئا. گهر مان اهو
سک، چين جهڙوڪر پَر ڪري اُڏامي ويو هو، اڳي ته هن
ئي گهر ۾ هل هنگاما هئا. ٽهڪڙن جو آواز هو، دلين ۾
خلوص ۽ روين ۾ پنهنجائپ هئي.
سونا سڀني ۾ وڏي هئي، هوءَ جڏهن ڄائي هئي، تڏهن ڏاڏاڻن ٻُوٿ چٻا
ڪري چيو هو ” اسان ته سمجهيو ته پٽ ڄمندو!“ تڏهن
سونا جي ماءُ اُداس ٿي وئي هئي، ڄڻ ان ۾ به امان
جو ڏوهه هو! سونا جهڙوڪر پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
۽ جڏهن پڻس کي اها خبر پئي هئي، تڏهن چيو هئائين
ته ”سونا منهنجو پُٽ آهي!“ ٻه ڀائر سونا کان پوءِ
ڄاوا هئا، جڏهن هو شهر هليا آيا هئا – هميشہ لاءِ
۽ سونا ساروڻين جي سنڌُو ۾ اوڀارو ترڻ لڳي. آءُ
جڏهن ڪاليج ۾ هئس، تڏهن ادا وڏو ڄائو ۽ کانئس سال
پوءِ ننڍڙو – ”ننڍڙو“ سونا جي اندر ۾ اٿاهه پاٻوهه
ڀرجي آيو، ها گهر ۾ سڀ کيس ننڍڙو ئي چوندا هئا. پر
ا(ن ڏينهن .... سونا جي دل ۾ دک جو دونهون ڀرجي
آيو. ۽ اُن ڏينهن جڏهن سونا کيس ننڍڙو چيو هو،
تڏهن هن چيو هو، ”مون کي ننڍڙو نه چوندي ڪر - !“
تڏهن هوءَ ڏانهنس ڏسندي رهجي وئي هئي.
اکر به نه اُڪليس، کيس سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو، ته هوءَ ننڍڙي کي
ننڍڙو نه چئي، ته ڇا چئي! ۽ اها ڳالهه جڏهن سونا
ماءُ کي ٻڌائي هئي، ته ماڻس چيو هيس ته ”شادي ڪري
ڇڏ – پنهنجو گهر وري به پنهنجو گهر آهي.“ اهو جملو
ماڻس پهريون ڀيرو نه چيو هو. ”تڏهن ڇا هي گهر
منهنجو گهر نه آهي؟“ هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو؛
”نه – هي ته منهنجي ماءُ پيءُ جو گهر هو ۽ هاڻي
اهو گهر هن جي ڀائرن ۽ انهن جي زالن جو گهر آهي.“
ان ئي گهر لاءِ سونا پنهنجا سمورا سک تياڳي ڇڏيا هئا ۽ ان جي
موٽ ۾ کيس ڇا مليو هو!؟ سخت کهرا هٿ – وارن ۾ اچي
جڳ - ۽ اکين تي ٿلهن ڪاون واري عينڪ! ۽ - ۽ ڀور
ڀور من! ٻيو ڇا مليو هو کيس، پر هن ته موٽ ۾ ڪجهه
چاهيو به نه هو، چاهي به ها، ته ڇا ٿئي ها! پنهنجي
چاهڻ سان نه چاهڻ سان ڀلا ڇا ٿو ٿئي؟ سونا کي ڪٿي
پڙهيل شعر جي سٽ ياد اچي وئي، هاڻي ته من رڳو روئڻ
تي ئي چاهيندو هئس، پر هوءَ لرڪن جو زهر سدائين پي
ويندي هئي. روئڻ مان ڪهڙو فائدو؟ پر اڄ ته گهر ۾
ڪو به ڪونهي، هانءُ ڦاڙي روئي سگهجي ٿو ۽ هوءَ
ٻيئي چپ ڀيڙي ٿي ڇڏي. اکين مان لڙڪن لارون ڳلن تي
ڪري ڇيهون ڇيهون ٿي ٿيون وڃن. هن لڙڪ اگهيا، ته
اکين آڏو ماءُ جو ممتا ڀريو چهرو اچي ويس. اسپتال
جي جنرل وارڊ ۾ داخل ماءُ جي اڪيلائي، کيس پنهنجي
اڪيلائيءَ تي ڏاڍي ڀاري ٿي ڀاسي.
هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ٿي، ته سندس نظر سامهون فريم ۾ جڙيل گروپ
فوٽو تي وڃي ٿي پئي، ساڄي کان پهرين رضيه بيٺي هئي
– سونا سڀ کان ويجهي سرتي. ان جي پاسي ۾ نسرين هئي
۽ وچ ۾ مئڊم شهلا - ۽ هر چهري تان ٿيندي سندس نظر
هڪ چهري تي اچي کپي وئي ”راجا!“ سونا کي پنهنجو ئي
آواز ڄڻ سُڏڪو ڀاسيو. راجا هن جو ڪلاس ميٽ – پر ڇا
رڳو ڪلاس ميٽ! نه- راجا ته هن جو سڀڪجهه هو. هن جي
جند، جان، پيار – پر – پر راجا کي هن ڇا ڏنو؟ هڪ
بي نتيجي اوسيئڙو – هڪ بي آس جدائي! ها – هوءَ ٿڌو
ساهه ٿي ڀري. ڪهڙا نه سهڻا هئا، اُهي ڏينهن! هاڻي
ته انهن ڏينهن جي رڳو ياد ئي وڃي رهي آهي، رک ۾
چڻنگ جيان.
۽ سونا جڏهن به اڪيلائيءَ کان گهٻرائجي ويندي هئي – تڏهن رک مان
چڻنگ ڦلهورڻ لڳندي هئي.
(هلندڙ) |