سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :12

(هي صفحو صرف ۽ صرف ڀينرن لاءِ آهي، زور ڇا تي ٿيو؟”صرف ۽ صرف“ تي. اهو ان ڪري به لکڻو ٿو پوي، جو اسان جا گهڻا ڀائر،ڀينرن جو روپ ڌاري وٺندا آهن، اهو هڪ ڪامپليڪس آهي، سنڌي سماج جي نس نس ۾ زهر وانگر داخل ٿي چڪو آهي. انهيءَ زهر جو ترياق اهو آهي ته سنڌي ڇوڪرين/ عورتن جي عزت ڪئي وڃي ۽ کين عمل جي ميدان ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن صفحي لاءِ تصوير موڪلڻ لازمي نه آهي؛ پر پاڻ ۾ لک پڙهه ڪرڻ مهل ڇوڪريون تصوير ضرور موڪلين.)

 

زهره چوي ٿي

 

منهنجو نالو زهره آهي. پي5 جو نالو حمير ۽ ذات خواجه آهي، مان خواجه ڳوٺ سلطان آباد ۾ 15 آڪٽوبر 1976ع تي ڄايس،پرائمري تعليم سلطان آباد ۾ حاصل ڪيم، مڊل اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ ميٽرڪ ابراهيم علي ڀائي اسڪول ڪراچي مان پاس ڪيم. هن وقت فرسٽ ايئر اسلاميه ڪاليج گرو مندر ڪراچي ۾ پڙهان پئي. ڪاليج جي ماحول کان مطمئن آهيان، هتي شاگردياڻين جي لاءِ هر سهوليت موجود آهي. گهمڻ ڦرڻ جو خاص شوق ڪونه اٿم، کاڌي ۾ برياني پسند اٿم، مون کي گلابي رنگ جا ڪپڙا ڏاڍا وڻندا آهن. منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ڀائر ڀينر مون سان ڏاڍو پيار ڪندا آهن، مون کي ڪرڪيٽ ڏسڻ، ڇوڪرين سان قلمي دوستي رکڻ جو ڏاڍو شوق آهي. مون کي سڀ کان پهرين جنهن به ڇوڪريءَ جو دوستي رکڻ لاءِ خط ايندو، مان ان کي هڪ گفٽ ڏينديس، منهنجي ائڊريس هيءَ آهي؛

زهره حمير خواجه 219- اَي، الفريد اسٽريٽ، الجوهر سوسائٽي،

ويسٽ گارڊن، ڪراچي، سنڌ

 

خواب جو تعبير

 

سنڌيڪار؛ الطاف شيخ

اهو ڪو آئون توهان سان ڪوڙ نه پيو ڳالهايان ته نه آئون خوني هوس ۽ نه مون ۾ اهي صلاحيتون موجود هيون جيڪي هڪ خونيءَ ۾ هجڻ گهرجن. سمجهي رهيا آهيو نه-؟ آئون انهن مجبورين جي ڳالهه نه ڪندس، جيئن ته پئسي جي گهٽتائي، معاشري جون مصيبتون يا نفسياتي ڪارڻ، جيڪي انسان کي خوني بڻايو ڇڏين، ڇو ته اهي پراڻيون ۽ گٺل ڦٽل ڳالهيون آهن، ايتري قدر جو هاڻ ته فلمن ۾ به اهڙا نظارا ڏسي ڊائلاگ ٻڌي دل بيزار ٿي پيئي آهي. جڏهن هڪ ڀاءُ کي انصاف جي ڪرسيءَ تي جج ٿي ۽ ٻئي کي ڏوهارين جي ڪٽهڙي ۾ هٿڪڙيون لڳايل ڏيکاريو وڃي ٿو. آئون فقط پنهنجي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. پوليس جي ڳالهه کي به پري ڪريو، ڪيترن ماڻهن جيان پوليس کي به اهو يقين آهي ته ست سال اڳ منهنجي زال کي مون ئي قتل ڪيو هو. توهان منهنجي زال کي ڏٺو آهي-؟ نه! خير! اڄ کان ست سال اڳ جيڪڏهن توهان هن کي ڏسو ها ته سندس حسن جو داد ڏيو ها ۽ هن کي قتل ڪرڻ بدران توهان هن جي سونهن جا گهائل ٿي وڃو ها. ۽ پوءِ آئون جيڪو نه رڳو سندس مڙس هوس. پر هڪ سچو عاشق پڻ، ڀلا ڪيئن پنهنجي هٿن سان سندس خون ڪري سگهيس ٿي-؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته عورت جتي هن ڪائنات ۾ سونهن ۽ حسن پيدا ڪيو آهي، اتي فساد ۽ فتنو پڻ، پر اها حقيقت آهي ته منهنجي زال جي پڻ مون سان ايتري ئي دل ۾ چاهت هئي، جيتري منهنجي هن سان هئي، بي وفائيءَ جو سوچڻ ته پري جي ڳالهه ٿي، پر اسان جي دل ۾ جيڪو هڪ ٻئي لاءِ اڻ ميو پيار هو ان ۾ گهٽتائي اچڻ جو به نه سوچيو هئوسين، پر ان ڳالهه کان هرگز نه لنوائيندس ته ست سال اڳ هن دنيا مان هن جي اوچتي گم ٿي وڃڻ ۾ منهنجو ئي هٿ هو. مون هڪ فراڊ ڪيو هو، پر ان جو سبب پڻ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته حالتن.... خير آئون توهان کي مٿان کان وٺي سڄي ڳالهه ٿو ٻڌايان.

توهان کي ٻي وڏي لڙائي کان هڪ سال اڳ وارو زمانو ياد آهي-؟ 1938ع ۾، يعني اڄ کان ست سال اڳ، دنيا معاشي بحران جو شڪار هئي، پئسي ڏوڪڙ جي کوٽ، بک ۽ بيروزگاري عروج تي هئي ۽ هر طرف جنگ جا آثار صاف ظاهر نظر اچي رهيا هئا. ان سال جي آخر تائين هر ملڪ جنگ لاءِ چڱيءَ طرح تياري ڪري ورتي هئي، بي روزگاريءَ جو دور اوچتو ئي ختم ٿي ويو. يورپ جا سڀئي ملڪ پنهنجي فوج وڌائڻ لاءِ ملڪ جا واندا واندا نوجوان فوج ۾ ڀرتي ڪندا ويا. هٿيار ٺاهڻ جا ڪارخانا ڏينهون ڏينهن وڌندا رهيا، جيئن پنهنجي پنهنجي ملڪ جي درپيش ايندڙ هٿيارن جي کوٽ پوري ڪري سگهن. گڏيون ۽ رانديڪا ٺاهڻ وارا پڻ- منهنجو مطلب آهي جن ماڻهن اهي شيون ٺاهڻ چاهيون ٿي ۽ ٺاهي سگهيا ٿي، پنهنجو ناڻو هٿيارن جي ڪارخانن ۾ لڳائي ڇڏيو. جتان کين گهڻي اُپت جي اميد نظر آئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ منهنجي زال مونا- جنهن کي آئون لاڏ مان مونا ليزا سڏيندو هوس ته ڪو ائين ئي نه سڏيندو هوس. هوءَ ٽيهن ورهين جي هئي – بيحد حسين عورت، هُن جو ان وقت سونهن ۽ شباب چوڏهينءَ جي چنڊ جيان ڀرپور هو، چوڏهينءَ جو چنڊ ته توهان ضرور ڏٺو هوندو؟ ان جي سهائي ڪيڏي صاف، بي داغ، باوقار ۽ ڳنڀير ٿئي ٿي، بس مونا به اهڙي ئي عورت هئي!

هڪ رات ڳالهين ڪندي ڪندي مون اخبار تان ڪنڌ کڻي چيو؛ ”مونا! لڳي ٿو ته جنگ مهيني ڏيڍ ۾ شروع ٿي ويندي.“

”ڪٿي؟“ هن سئيٽر ٺاهڻ جي ڪم کي جاري رکندي پڇيو،”پنهنجي يورپ ۾ ته ڪجهه نه ٿيندو نه-؟

”جنگ جي ڄڀين کان ڀلا پاڻ ڪيئن ٿا بچي سگهون،“ مون اداس ٿيندي وراڻيو.

”منهنجي جان“ هن مون کي ڏڍ ڏيندي چيو، ”هن وقت تنهنجي عمر چاليهه سالن کي پهچڻ واري آهي. توکي جنگ جي ميدان ڏي هلڻ لاءِ ڪير ڌڪيندو.“

”ڊارلنگ- آئون ڪو جنگ کان نٿو ڊڄان“، مون بي پرواهيءَ منجهان وراڻيو”آئون رڳو ان خيال کان ڊڄان ٿو ته جنگ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟“ ”جنگ کان پوءِ ڇا ٿيندو-؟“

منهنجي زال ڇرڪ ڀريندي چيو. هن جي ذهن ۾ ڪجهه ان قسم جي ڳالهه هئي ته شايد جنگ کان پوءِ اسان جو گهر ڀترن جو ڍير ٿي ويندو يا اسان جي بي ڪفن لاش تي تَرَ جون ڳجهون دعوتون ڪري رهيون هونديون.

”جنگ کان پوءِ هڪ ٻيو معاشي بحران ايندو جيڪو هن کان وڌيڪ اڻانگو هوندو“، مون ڪنهن ڏاهي بلڪه غيب جي ڄاڻوءَ واري انداز ۾ چيو،”گذريل وڏي لڙائي ساڍا چار سال هلي هئي، هيءَ جنگ به اُن کان وڌيڪ هلي نه سگهندي. هيڏين فوجي تيارين جي باوجود جنگ ۾ حصو وٺندڙ ملڪن ۾ پنجن سالن کان مٿي وڙهڻ جي سگهه نظر نٿي اچي“. اهو حالات حاضره جي هڪ ماهر ڏاهي جو خيال هو جنهن کي مون پنهنجي زال جي گهٽ ڄاڻ مان فائدو وٺي پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ تي ٺهيل جائزو سڏي پيش ڪيو.” جيڪڏهن 1943ع تائين جنگ ختم ٿي ويئي ته سال ٻه کن حالتون سڌرڻ ۽ جنگي نقصانن جي اثر مان نڪرڻ ۾ لڳي ويندا. پر ان کان پوءِ بليڪ مارڪيٽنگ، بيروزگاري، بک ۽ بيماريءَ جهڙيون مصيبتون ضرور ڳاٽ کڻنديون.“

مون ڏٺو ته منهنجي زال اهڙن ڏکين معاشي اصطلاحن کان اڻ ڄاڻ، هڪدم فڪر مند ٿي ويئي ۽ هاڻ نٽنگ ڇڏي ڪجهه سوچڻ لڳي هئي. موجوده پئسي ڏوڪڙ جي سختيءَ اسان جو هيڻو حال ڪري وڌو هو ۽ اسان جي زندگيءَ تي انهن ابتڙ معاشي حالتن جو ندورو اثر ان ريت پيو هو جو منهنجي زال وٽ پهرڻ لاءِ هاڻ فقط پراڻا ڪپڙا وڃي بچيا هئا جيڪي پراڻي فئشن جا هجڻ کان علاوه سُسي کسي پڻ ويا هئا. عياشي ته ٿي پري جي ڳالهه پر دل وندرائڻ جي گهڙين لاءِ به اسان سڪي رهيا هئاسين ۽ ان ۾ ڪوڙ ناهي ته اسان رکيل سکيل ۽ پاروٿي ماني کائي گذارو ڪري رهيا هئاسين. حالتن جو ان کان به وڌيڪ خراب ٿيڻ جو ٻڌي منهنجي زال کي دل ئي دل ۾ بيحد گهڻو ڏک ٿيو. توهان کي ته خبر آهي ته سهڻي عورت فقط پيار ۽ چاهه نه پر ماڊرن ۽ فئشني ويس وڳا ۽ هار سينگار پڻ چاهي ٿي ۽ غربت ۽ اڻ هوند جي حالت ۾ اهڙي عورت وفادار ٿي رهڻ کي ظلم سمجهي ٿي. خير – منهنجي زال اهڙي عورتن مان نه هئي. الله تعاليٰ پنج ئي آڱريون هڪ جيڏيون ته نه ٺاهيون آهن. پر ان بڇڙي حال جو ٻڌي هن جو پريشان ٿيڻ هڪ قدرتي ڳالهه هئي.

”ستن سالن بعد منهنجي عمر ڇائيتاليهه سال ٿي چڪي هوندي....“ مون پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”ڇائيتاليهه سالن جي ماڻهوءَ کي نوجوان ايگزيڪيوٽو جيترو پگهار ڀلا ڪير ڏيندو.... ۽ ڇو ڏيندو. جڏهن وڌيڪ قابل ۽ نئين زماني جي گهرجن کي سمجهڻ وارا کوڙ ماڻهو موجود هجن- سو به گاڏن جي حساب سان- ۽ جهڙي تهڙي پگهار ۾ خوش ٿيڻ وارا. ته پوءِ اسان جهڙن لاءِ سمجهه ته هڪ پنڻ ئي وڃي رهندو؟ ڇو ته ٿي سگهي ٿو حڪومت وڏي عمر ۽ بي روزگاري جي حالت ۾ ڪو پيٽ گذر لاءِ پئسو نه ڏيئي سگهي. ۽ نه وري محتاج خانا هلائي سگهي.“

ذلت، شرم ۽ بک غربت جو سوچي منهنجي زال جو رنگ هيڊو ٿي ويو. ”پاڻ وٽ هيءَ هڪ لک ڊالرن جي ويمون پاليسي سا آهي“ مون ڪجهه ساعت بعد چيو” پر ان جو مدو ويهه سال آهي. ستن سالن بعد ان جي بدلي ۾ ٽيهه هزار ڊالر به ڪي مس ملندا. جيڪي ڪيترا ڏينهن هلي سگهندا-؟ ٻه سال چار سال.”مون ڏک ۽ مايوسيءَ مان ڪنڌ ڌوڻيو هڪ لک جي انشورنس پاليسي مون فقط ڇهه مهينا اڳ ورتي هئي. مون پنهنجي زال جو ويمون ويهن سالن لاءِ ڪرايو هو. يعني هڪ لک مون کي فقط ٻن طريقن سان ملي سگهيو ٿي. هڪ ته ويهن سالن لاءِ ان ويمي جو باقاعدي پريميم ڀريندو اچان يا ته منهنجي زال وفات ڪري وڃي. پريميم ايترو گهڻو هو جو پاليسي وٺي هاڻ پڇتائي رهيو هوس ته وقت بوقت مهنگائي ۽ خرچ ڪري پريميم لاءِ پئسا ڪيئن بچائي سگهندس ۽ زال سان مون کي ايترو پيار هو. جو سندس مرڻ جي خيال سان ئي مون کي پنهنجي زندگي بيڪار نظر لڳي ٿي. ۽ پوءِ هڪ لک ته ڇا هڪ ڪروڙ حاصل ڪري به اها زندگي مون کي منظور نه هئي.

” ته پوءِ ڇا سوچيو آهي-؟“ منهنجي زال منهنجي لڳاتار ماٺ کان گهٻرائي پڇيو.

”هائو سوچيو ته اٿم....“ مون ڪجهه منجهندي سنجهندي چيو، ”جيڪڏهن هي لک ڊالر ستن سالن بعد، سڀ جو سڀ ملي وڃن.“

منهنجي زال مرڪيو، ”چڱو ڀلا آئون ستن سالن اندر مرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪنديس. نه ته ٻي صورت ۾ مون کي کڻي خون ڪجانءِ“

ڳالهه چرچي چرچي ۾ ٿي، ان ڪري ان کي مون دل ۾ نه ڪيو.”نه توکي مرڻ جي ضرورت آهي ۽ نه مون کي خون ڪرڻ جي. جيڪڏهن انشورنس ڪمپنيءَ کي اعتبار اچي وڃي ته تنهنجو خون ٿي چڪو آهي ته هنن کي پورو هڪ لک ڊالرن جو ڏيڻو پئجي ويندو.“

”ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين. ڊاڪٽر جيئري لاش کي نه سڃاڻي سگهندا ڇا، “ منهنجي زال چيو،”۽ انشورنس ڪمپنيءَ وارا ڪي چريا آهن جو زندگيءَ ۾ ئي ڪنهن جي موت تي يقين ڪن.“

مون مرڪيو.”ان جي يقين ڏيارڻ جا ٻه طريقا آهن.“ مون ڌيرج سان چيو”هڪ هي ته مري ڪا ٻي رن زال پر ثابت اهو ڪيو وڃي ته اها مرڻ واري تون هئينءَ پر اهو چڱو خاصو ڏکيو ۽ خطري وارو طريقو آهي. ڪو اصل وارث اتي پهچي منهنجي سڃاڻپ کي غلط ثابت ڪري سگهي ٿو يا خود ڊاڪٽر ڀرپور پوسٽ مارٽم ذريعي ٻڌائي سگهي ٿو ته لاش ڪنهن ٻئي جو آهي ته هڪ وڏو هنگامو ٿي پوندو، توکي ته خبر آهي ته ميڊيڪل سائنس ڪيڏي ترقي ڪئي آهي. هاڻ ته وار تان کل به لاهي سگهجي ٿي.“

لاش ۽ پوسٽ مارٽم جي ڳالهه منهنجي زال کي ڊيڄاري وڌو. سو مون ڳالهه بدلائي چيو؛ ”ٻيو طريقو تمام سولو آهي، جنهن ۾ نه توکي مرڻ جي ضروت پوندي ۽ نه مون کي ڪجهه ڪرڻ جي، بس تون لڪي وڃ، قانوني طرح ڪنهن جي ستن سالن تائين خير نه پوي ته ان کي مئل سمجهيو وڃي ٿو، ستن سالن بعد انشورنس ڪمپنيءَ وارا عدالت جي حڪم تي هڪ لک ڊالر ڏيڻ لاءِ لاچار ٿي ويندا.“

”پر منهنجي جان! ست سال آئون ڪٿي لڪندي رهنديس؟“ منهنجي زال ساهه منجهائي پڇيو.

”ستن سالن بعد هوندو 1945 عيسوي سن، جنگ ختم ٿي چڪي هوندي.“ مون وقت کان اڳ ان ڳالهه جي اڳڪٿي ڪئي. ”معاشي بحران جي ان دور ۾ جڏهن پئسي ڏوڪڙ ۽ روزگار جا سڀئي وسيلا محدود هوندا، جڏهن ماڻهو غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا هوندا ۽ کين ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو- نه نوڪري نه ڌنڌو ته اسان وٽ سڄو سارو هڪ لک ڊالرن جو هوندو، ٿورو دماغ تي زور ڏي ته ان وقت اها رقم پاڻ وٽ ڪيڏي وڏي نعمت هوندي. اسان ڪنهن ڏورانيهن پرسڪون هنڌ تي ڪو فارم خريد ڪري وٺنداسين جنهن جي آمدنيءَ مان زندگيءَ جي ضرورتن جو پورائو ڪندا رهنداسين. انهن ضرورتن ۾ تون پنهنجي عياشي به شامل سمجهه. ڪرڻ لاءِ ڪو نالي ماتر ڪم ڪار هوندو نه ته آرام ئي آرام. پنهنجو گهر، محفوظ مستقبل ۽ مڙني فڪرن کان آجائي،سوچ ته اسان جي ان سکي زندگيءَ تان ڪيترا ماڻهو سڌون ڪندا؟“

مونکي وڌيڪ ڪڇڻ جي ضرورت نه هئي، منهنجي زال حال مان مستقبل پهچي چڪي هئي ۽ هن جون اکيون اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيون هيون جيڪي مون هن کي ڏيکارڻ چاهيو ٿي ۽ هن ڏسڻ چاهيو ٿي. عورت جي جذباتي فطرت مان فائدو وٺڻ جو هڪ اهو به نسخو آهي ته هن جي اڳيان سهڻن لفظن جي رنگن مان ٺهيل سپنن جي تصويرن جو البم رکجي، پوءِ ان جا ورق ورائيندا وڃجن. پر بنيادي ڳالهه اها آهي ته هر عورت ايندڙ ڏينهن جي احساس محروميءَ کان ڊڄي ٿي. ڪٿي منهنجو پيار مون کان پري نه ٿي وڃي. منهنجو گهر منهنجي مامتا اهو شخص جنهن کي مون پنهنجو ڀانيو ۽ پنهنجي حسن جي ناز جي محرومي.

”ڊارلنگ! ڇا ائين واقعي ٿي سگهي ٿو.“ هوءَ ڄڻ خوابن جي دنيا مان پڇڻ لڳي. مون کلي وراڻيس؛

”ٿي ڇو نٿو سگهي ڀاڳن واري پر ان لاءِ توکي ٿورو ساٿ ڏيڻو پوندو. توکي نه فقط هن گهر کان پر هن شهر کان ڪٿي پري هلي وڃڻو پوندو. شهر ۾ به جيڪڏهن تون پنهنجو نالو ۽ نمونو بدلائي هلندينءَ ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر پوندي. ڪيتريون ئي عورتون اڪيليون رهن ٿيون. تون به انهن سان گڏ هڪ ڪمرو مسواڙ تي وٺي رهي سگهين ٿي. گهڻو ڪري اهي نوڪري چاڪري ڪن ٿيون ۽ صبح جو سوير ئي نڪريو وڃن ته رات جو ئي موٽن ٿيون يا ڪڏهن ڪڏهن نٿيون به موٽن. انهن جي مشغولين ۽ ملڻ جلڻ جا پنهنجا پنهنجا ڍنگ ۽ نمونا آهن. هنن کي هڪ ٻئي جي معاملن جي ته ڇا پر وجود جي به خبر نٿي پوي ته ڪير آيو ڪير ويو، هر گهر جي هر ڪمري ۾ رهڻ واري عورت اڪيلي هوندي آهي. آئون ڪڏهن ڪڏهن توسان ملڻ ايندو رهندس ۽ خود تولاءِ پڻ هن گهر جا دروازا کليل رهندا. بس ان جو توکي هر وقت خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو نه ته هڪ لک ڊالرن جي نقصان کان علاوه پاڻ تي دوکي بازيءَ جو ڪيس پڻ ٿي سگهي ٿو. ان ڪري پاڻ رات جي اونداهين ۾ ئي ملي جلي سگهنداسين. بلڪل ائين جيئن شادي کان اڳ ملندا هئاسين.“ آءُ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳس“ ان جدائي ۾ به ڪيڏو مزو ايندو، انتظار ئي انتظار- ميلاپ ۽ هڪ روشن آئندي جو هڪ ٽڪيٽ ۾ ٿيا ٻه مزا.“

”پر ڇا توکان ڪو ڪجهه نه پڇندو؟“ منهنجي زال دٻيل دٻيل لفظن ۾ پڇيو.

آئون وري کليس؛”ڪير کڻي ائين به سمجهي ته مون هڪ لک ڊالر هٿ ڪرڻ لاءِ توکي خون ڪيو آهي ۽ تنهنجو لاش گم ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ۽ انشورنس ڪمپنيءَ وارا اهو ئي سوچي دنيا جهان جي ڌوڙ ٻهاريندا رهندا. ڇو ته فقط انهن جي چوڻ تي عدالت مون کي خوني هرگز قرار نه ڏيندي، ڊارلنگ مون تي ڪو الزام اچي ئي نٿو سگهي“

شايد منهنجي هوشاريءَ کي مڃي منهنجي زال سڪون جو ساهه کنيو.”هي ته واقعي سولو ڪم ٿيو.“

”هاڻ ان کي اهڙو به سولو نه سمجهه سدوري“ مون چتاءُ ڏنومانس. ”هڪ لَکُ ڊالر ڏيڻ وارا ايترو جهٽ پٽ هڙون به نه کوليندا. توکي پنهنجو پاڻ دنيا کان لڪائڻ لاءِ پنهنجو منهن ۽ ويس بدلائڻو پوندو. پر اهو ڪم ڪو ڏکيو ناهي. وارن جي هڪ وگ کڻي وٺ جنهن جو رنگ ۽ اسٽائيل تنهنجي اصلي وارن کان بلڪل ابتڙ هجي، تيز ميڪ اپ، هينئر جيڪا لپ اسٽڪ ۽ نيل پالش استعمال ڪرين ٿي ان کان بلڪل ٻئي رنگ ۽ شيڊ جي ڪجانءِ، نوان سئنڊل، نوان پرس، موجوده ڪپڙا هاڻ هميشه لاءِ گم ڪري ڇڏ. وڌيڪ تو پاڻ سمجهو آهين، پنهنجي عقل کان ڪم وٺي پاڻ به ڪري سگهين ٿي. ست سال هيئن چپٽي وڄائيندي گذري ويندا.“ مون چپٽي وڄائي هئپٽانزم جو ڪم جاري رکيو.”جڏهن هي وقتي صبر ۽ آزمائش جو زمانو گذري ويندو ته پوءِ پنهنجي زندگيءَ جو نئون دور شروع ٿيندو، جيڪو اڄ جي هن دور کان وڌيڪ سهڻو هوندو، جنهن جو تون سوچي به نٿي سگهين. اهو دور تنهنجي سمورن سپنن جي ساڀيان جو دور هوندو-“

”آئون ان ڏينهن جو انتظار ڪنديس، ڊارلنگ.“ منهنجي زال کليل اکين سان سڀاڻي جو خواب ڏسندي وراڻيو.

معاملي جي جانچ پڙتال ڪرڻ واري جاسوس جو مهانڊو ڏسي مون کي کل اچي ويئي ڇو جو ان جي شڪل شبيهه روايتي جاسوسن بدران هڪ مشهور مسخري اداڪار جيري لوئيس جهڙي هئي. منهنجي کلڻ ڪري هن کي نه فقط ڪاوڙ وٺي وئي پر هن جو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو ته آئون انهن خونين مان آهيان جيڪي ٿڌي سڀاءَ جا ٿين ٿا. يعني انهن مان جيڪي سڪون سان خون ڪن ٿا ۽ ان کان پوءِ به گهٻرائين نٿا ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي. لاش کي وحشين وانگر ٽڪرا ڪري، ساڙي ڇڏڻ بعد عاليشان وڳو اوڍي،تهذيب يافته ماڻهوءَ وانگر شهر جي عاليشان ريسٽورنٽ ۾ پيٽ ڀري کائين ٿا ۽ پوءِ دستور مطابق پنهنجي پسند جو دلچسپ پروگرام ڏسي چين جي ننڊ سمهن ٿا. جاسوس وڏي اعتماد سان پڇا ڳاڇا جو سلسلو شروع ڪيو ڇو جو مجرم هن جي سامهون هو ۽ خون جو ڪارڻ به هن ڄاتو ٿي فقط ٻه شيون هن جي سامهون نه هيون. هڪ خون ۾ ڪم آيل هٿيار ۽ ٻيو خون ٿيل عورت جو لاش. جيري لوئيس وانگر هن پهريان ڏهه ڏينهن منهنجي گهر جي اندر ۽ ٻاهر جي شين جي جانچ ورتي، هڪ هڪ ڪٻٽ، ڪوٺي، گهر هيٺ ٺهيل بهرو، گندين، جيڏيون صندوقون، ڪار جي ڊڪي، گئراج ۽ ان جي ڇت تي رکيل ريتيءَ سان ڀريل ڊرم، هر نئين جاءِ جي ڳولا شروع ڪرڻ کان اڳ هن مون ڏي مرڪي ائين ٿي ڏٺو ڄڻ ٿوري دير بعد هو ڪنهن فلمي ولين وانگر ٻٽا ٽهڪ ڏيئي چوندو- ها ها وڏو چالاڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. ڇا توکي اها سڌ ناهي ته قانون جي ڊگهين ٻانهن کان پاڻ بچائڻ ناممڪن آهي ۽ پوءِ ٺڪاءَ سان ڪو دروازو يا ڍڪڻ کولي چوندو؛ هي آهي تنهنجي زال جو لاش ۽ هي آهي اهو خنجر جنهن سان تو هن کي قتل ڪيو.

پر ڏهين ڏينهن هن جي اها مرڪ ئي مري ويئي جڏهن مون هن کي چيو ته مسٽر جاسوس! جئم جيلي ۽ چٽڻي آچار جون شيشيون ۽ بسڪيٽن جا دٻا به کولي کڻي ڏسو. ان تي هو مٿو کنهندو ۽ سوچيندو رهيو. پر پهرين وانگر چپن تي وري مرڪ نه آندائين. وڃڻ وقت چيائين؛” فڪر نه ڪر ڏهه ڏينهن ڪجهه به نه آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڏهه سال به لڳي ويندا آهن. مون ڳولا جي اڃان شروعات ڪئي آهي.“ ان کان پوءِ مهيني تائين هو مون کي باقاعدي نظر ايندو رهيو، هو پاڇي وانگر منهنجي پٺ وٺي هلندو هو. پر منهنجي زندگي روزمره وانگر گذري رهي هئي. مون ان ئي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي ٿي. ان ئي گهر ۾ رهيس ٿي. منهنجا دوست اهي ئي هئا. دشمن به اهي ئي هئا. چال چلن به ساڳي روز واري، شام جو باغ ۾ رڌل رهندو هوس پر ڪڏهن ڪڏهن فلم ڏسڻ به هليو ويندو هوس ۽ رات جو ٽي ويءَ جي سامهون اچي ويهندو هوس پر ڪنهن ڪنهن رات واپس گهر نه به موٽندو هوس. توهان کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته اها رات پنهنجي پياري زال جي فليٽ ۾ چورن وانگر گهڙي ويندو هوس. ڪڏهن منهن تي ڪپڙو ويڙهي ڪڏهن پٺئين پائيپ ذريعي دريءَ مان ٽپي پوندو هوس. ان جاسوس سان مڙيئي اک ٻوٽ ڪرڻي پوندي هئي.

۽ پوءِ هڪڙي شام، هو پنهنجي پراڻي سوڀياري زهر ڀريل ۽ چئلينج ڪندڙ مرڪ سان اچي نازل ٿيو”آئون توکي سمجهي ويس مسٽر! تنهنجي معصوم منهن مهانڊي مان تنهنجي ڪرتوتن جو پهرين اندازو نه لڳائي سگهيو هوس. ڏسڻ ۾ تون ڀوڪ بصر اچين ٿو ۽ مون کي اهو ئي لڳو ٿي ته تو ۾ ايڏي وڏي دل ڪٿان آئي جو هيڏي وڏي جرم جي واردات ڪري سگهين. خير دير آيد درست ايد. هاڻ تون هرگز بچي نه سگهندين.“ هن پاڻ سان آندل همراهه کي حڪم ڏنو ته منهنجي باغ جي ڪنڊ ڪنڊ کوٽي ڏسن، ٻن ڏهاڙن اندر اندر هن جي ماڻهن زمين کي قبر جيڏو کوٽي ورتو ۽ مثال طور نه پر سچ پچ ته هنن ڄڻ ته باغ کي پَرڻ ۾ ڇاڻي ورتو. پر وريو سو ڪجهه به نه- گلن ۽ ٻوٽن جي ستياناس ٿيڻ کان علاوه.

آخرڪار جڏهن هو پنهنجي مهم ۾ ناڪام ونامراد، شرمندو و شرمسار ٿي موڪلائڻ لڳو ته مون عرض ڪيومانس؛”ايڏي اونهي کوٽائيءَ جو مون کي دل ۾ ذرو به ڏک ناهي جو مٽيءَ جي اٿل پٿل ڪري ايندڙ فصل سٺو ٿيندو پر منهنجا گل ۽ ڀاڄيون تباهه ڪرڻ جي توکي بها ضرور ادا ڪرڻي پوندي. جيڪا هينئر ڏيندين يا قانوني ڪارروائي بعد؟ ان لاءِ اهو به سوچي ڇڏ ته بعد ۾ ڪورٽ جو خرچ به توکي ئي ڀرڻو پوندو.“

هن جو منهن بي وسي ۽ ڪاوڙ ۾ اڃان به وڌيڪ مسخرن جهڙو ٿي پيو پر هن مون سان اتي ئي حساب ڪتاب ڪري جند ڇڏائي. هاڻ مون کي ان ڪوئي ٻليءَ جي راند ۾ مزو ئي اچڻ لڳو. آئون ڄاڻي واڻي هن جي شڪ شبهي ۾ اڳڙين وجهڻ جي ڪندو هوس ۽ جانچ کان پوءِ هن جي مغرور مرڪ ڊهڻ لڳندي هئي ته مون کي اندرئي اندر هڪ نيچ قسم جي خوشي محسوس ٿيندي هئي.

هڪ هفتي کان پوءِ هو نوان ورانٽ کڻي وري نازل ٿيو”گڊ“ مون هن جي ڳالهه ٻڌي خوشيءَ وچان هٿ مهٽيندي چيو؛ ”فرش هونءَ به پراڻو ٿي چڪو آهي ۽ نئون فرش ٺهرائڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، اميد آهي جڏهن تون ڪنهن ڪمري جي فرش هيٺان لاش ڪڍي وٺندين ته مٽيءَ جو ڍير صاف ڪرڻ کان علاوه فرش ٺهرائي سڀ سامان ائين جو ائين پنهنجي جاءِ تي رکرائي ويندين، جيئن منهنجي زال رکيو هو.“

منهنجي ڳالهه هن کي منجهائي ڇڏيو جو نئون فرش ٺهرائڻ جي همت هن ۾ به نه هئي هن کيسي مان دوربين ۽ ٻيا ان قسم جا اوزار ڪڍي فرش جي مٿان مٿان تپاس ڪيئي، هڪ هڪ انچ جو چڱيءَ طرح جائزو وٺڻ بعد هن فرش کوٽائڻ جو پروگرام ختم ڪري ڇڏيو ڇو جو فرش ڪٿان به کوٽيل يا نئون ٺهيل نٿي لڳو. هڪ دفعو هو وري ساڳي مسخرن جهڙي شڪل ٺاهي ٽريو ته پٺيان مون وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ هڪ غير نقصانڪار گار به ڏني مانس. پر هي ڪاميڊين قسم جو جاسوس بي حد ذليل پڻ هو. هن ڳولا جو چڪرو اڃان به وڌائي ڇڏيو هن منهنجي گهر جي آسپاس اهي آثار ڳولڻ شروع ڪيا جن مان ڪنهن لاش کي ساڙڻ جي خبر پئجي سگهي. هو اوڙي پاڙي جي ماڻهن کان پڇندو رهيو ته گذريل مهيني سوا اندر هنن ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي – يعني مون کي، ڪٿي ڪجهه دفن ڪندي ته نه ڏٺو. خاص ڪري اونداهي رات ۾ يا سخت مينهوڳيءَ ۾ هن اهي سڀ ڪنڊ پاسا جانچڻ شروع ڪيا جتي هن جي خيال مطابق آئون پنهنجي زال جو لاش دفن ڪري سگهيس ٿي.

ان مرحلي ۾ به هن جي هار ٿي. ان بعد هن پاڻي سان ڀريل هڪ هڪ ٽانڪي ۽ ٽب ۽ کڏا کوٻا لَڪُڻ سان چيڪ ڪيا، منهنجي گهر جي ڀرواري کوه ۾ اندر ليئا پائي ڏٺو ۽ جڏهن اونداهه ۾ هن کي ڪجهه به نظر نه آيو ته پاڻ سان آندل همراهن مان هڪ کي هيٺ اماڻيائين. هن اڌ ڪلاڪ جي ٿاڦوڙن بعد کيس اچي رپورٽ ڏني ته کوهه جو پاڻي بيحد ٿڌو آهي ۽ هاڻ هو ڊبل نمونيا ۾ مبتلا ٿي ڄاڻ ته وفات ڪري ويندو. باقي لاش سو ڪنهن ٻلي يا ڪوئي جو به نه آهي. جاسوس منهنجي ٽهڪ ڏيڻ تي مون کي ڪچو کائڻ وارين نگاهن سان ڏٺو ۽ ڪاوڙ مان تکو تکو ائين روانو ٿي ويو ڄڻ هاڻ هو ڪڏهن نه موٽندو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو وري نه موٽيو. مون هڪ هوائي خبر ٻڌي ته هو اڄ ڪلهه لاش جي ڳولا ۾ درياهه جي تري ۾ جتي ڪٿي ڄار وڇائيندو رهي ٿو ۽ چڱيون خاصيون مڇيون ڦاسائي چڪو آهي.

ٻن مهينن بعد منهنجي هن سان گس پنڌ تي اوچتي ملاقات ٿي ويئي، مون دوستن وانگر کيڪار کڙي ڪري پڇيومانس ته هاڻ هن جو ڇا پروگرام آهي؟ لاش ته سمنڊ ۾ به اڇلائي سگهجي ٿو ۽ ڪنهن جهاز يا ريل رستي ٻئي ملڪ ڏي به موڪلي سگهجي ٿو ۽ جڏهن انسان خلا ۾ يا چنڊ تي پهچي سگهي ٿو....

”مسٽر!“ هن چڙ مان وراڻيو، توکي جيئن وڻي چرچا ڪري وٺ، آئون ايترو جلد هار مڃڻ وارن مان نه آهيان. هڪ نه هڪ ڏينهن تنهنجو ڏوهه ثابت ڪري ڏيکاريندس ۽ پوءِ گهلي عدالت ۾ ڏوهارين جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندو سانءِ“ هن جي اهو چوڻ تي مون وڏي آواز سان”آمين“ چيو. جنهن تي هن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ پنهنجي منهن بڪ بڪ ڪندو هليو ويو، آئون کلندو رهيس. اهو مون کي ٻن هفتن بعد خبر پيئي ته سرڪاري طرح هي ڪيس هنن رمارڪن سان ختم ڪيو ويو آهي ته ”لاش جي ڳولا جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي پر نتيجو ڪجهه به نه نڪتو آهي ۽ نه وري ڪو ڪاميابيءَ جو اڳتي امڪان آهي“ مون هڪ رات هن کي ٽيليفون تي مبارڪ ڏني ته هن جي جان ڇٽي ويئي. پر هن رڙ ڪري چيو”خبيث! مون توکي چيو نه ته آئون توکي نه ڇڏيندس، آئون پنهنجي طرفان جانچ جاري رکندو ايندس.“

پهريون سال جيئن مون چاهيو ٿي ان مطابق خير عافيت سان گذري ويو. جنگ البت ڪجهه دير سان شروع ٿي. يعني منهنجي اندازي مطابق چئن ڇهن هفتن بعد نه پرپوري سال بعد سيپٽمبر 1939ع ۾، ٻئي سال ۾ گهڻو صبر ڪرڻو پيو جو هاڻ هڪ لک ڊالر ملڻ جي اميد يقين ۾ بدلجي چڪي هئي، ڏينهن ڏينهن ايڏو دير سان گذري رهيو هو جو لڳو ٿي ته سال 1945ع قيامت تائين نه ايندو ۽ جي آيو ته به قيامت سان گڏ ساڳي گهوڙي تي سوار ٿي ايندو. ان کان علاوه پنهنجي زال کان وڇوڙي جو پل پل مون لاءِ وڏو مرحلو ثابت ٿيڻ لڳو. چوريءَ چوريءَ ملڻ جو مزو هاڻ ڄڻ عذاب ٿي پيو هو. محروميءَ جو عذاب ۽ خانو خراب ٿيڻ جو عذاب ڪڏهن ڪڏهن ته زال جي ديدار نصيب ٿيڻ کي ٻه ٻه هفتا به ٿي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ته يڪو مهينو هن سان ملي نه سگهندو هوس جو اهو ڪاميڊئن جيري لوئيس جهڙو جاسوس هر وقت منهنجي پٺ وٺي هلندو هو ۽ مون کي ائين لڳندو هو ڄڻ مون سان گڏ ڪو جن ڀوت چهٽيو پيو هجي. خون يا خودڪشيءَ بنا هن کان جان ڇڏائڻ ناممڪن لڳو ٿي، پر آئون ان جاسوس جي هوشياري ۽ مستقل مزاجيءَ کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ٿڌو ڪندو آيس. مون چڱي طرح ڄاتو ٿي ته سڄي ڳالهه وقت جي آهي. وقت اچڻ تي هر ڪم صحيح ٿي ويندو. پر ان کان علاوه ٻيا مسئلا پڻ هئا. مثال طور شاديءَ بعد زال سان گڏ رهڻ ڪري گهر جي آرام ۽ ٻين نخرن جو عادي ٿي چڪو هوس، منهنجي خدمت چاڪري ڪندڙ ۽ سيبائتي زال مون کي ڪاهل ۽ سست بڻائي ڇڏيو هو. سو هاڻ پنهنجو ڪم پنهنجن هٿن سان ڪرڻ ڏکيو ٿيندو ٿي ويو گهر صاف ڪرڻ، ٿانوءَ ڌوئڻ يا ڪپڙن کي استري ڪرڻ مصيبت ٿي پيو هو. بازار جو کاڌو منهنجي صحت ۽ کيسي جي حالت خراب ڪري رهيو هو ته پاڻهي رڌي کائڻ مون لاءِ خودڪشي برابر هو، پر لک ڊالرن جو خيال مون ۾ همت پيدا ڪندو رهيو ته ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه باقي آهي پوءِ اهو جاسوس چڙهيو آڱوٺي تي، ڀلي ڏينهن رات مون کي ڳوليندو وتي.

ٽئين سال جي آخر تائين ڪيترا دفعا اهڙا موقعا آيا جڏهن پوليس کي چٿريل پراڻا لاش هٿ آيا، ڪڏهن درياهه مان، ڪڏهن سمنڊ مان، ڪڏهن ڦٽل عمارتن مان ته ڪڏهن بيابانن مان هر ڀيري قاعدي موجب، لاش جي سڃاڻپ لاءِ مونکي به سڏيو ويندو هو ته ڪٿي اهو منهنجي زال جو ته نه آهي. هڪ لک ڊالرن تائين پهچڻ جو هڪ شارٽ ڪٽ اهو به هو ته ڪنهن لاش تي آڱر رکي چئي ڏيان ها ته هائو اها آهي منهنجي مرحومه زال، پر پوءِ خدانخواسته اهو ثابت ٿي وڃي ته جنهن جو اهو لاش آهي ان کي خون ڪيو ويو هو ته اهو ڪم مون کي اليڪٽرڪ ڪرسيءَ تائين پهچائڻ ۾ پڻ شارٽ ڪٽ ثابت ٿي سگهي ٿي، اها ڳالهه ڳڻي آئون پنهنجو پاڻ کي صبر جي واٽ ڏيکاريندو رهيس ۽ ياد ڏياريندو رهيس ته وڏن صبرن جي ڦل کي مٺو چيو آهي.

آمريڪا دير سان جنگ ۾ حصي وٺڻ جو اعلان ڪيو، ان ڪري مون کي ۽ منهنجي زال کي ٻن سالن تائين نئين پروگرام تي عمل ڪرڻو پيو، مون کي آخرڪار هڪ واجبي پگهار تي هڪ تمام وڏي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي ويئي، جنهن مان آئون چڱي بچت به ڪرڻ لڳو هوس منهنجي زال ڪيترن هنڌن نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ آخرڪار هڪ اهڙي جاءِ تي نوڪري قبول ڪئي جتي هن جو پگهار مون کان به گهڻو هو، اها هڪ عجيب ڳالهه هئي، ڇو جو آئون اڪائونٽنٽ هوس ۽ هوءَ فقط سيڪريٽري هئي، پر عجب کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه هئي جو هوءَ به بچت ڪرڻ لڳي هئي ۽ اسان ٻئي پنهنجي مقصد جي ڪاميابيءَ ڏي وڌي رهيا هئاسين، پئسي ڏوڪڙ منهنجي زال ۾ تبديلي آڻي ڇڏي هئي ۽ مون ۾ پڻ. هاڻ آئون به نت نوان ڪپڙا پائيندو هوس، اوچن نائيٽ ڪلبن ۾ ويندو هوس ۽ توهان کان ڇا لڪائجي، ڪڏهن شراب ڪواب سان گڏ حسن شباب سان به دل وندرائڻ لڳو هوس. منهنجي زال پهرين کان به وڌيڪ سهڻي ٿي پئي هئي ڇو جو هوءَ بيحد سکي ستابي زندگي گذاري رهي هئي. اوچو پهري رهي هئي ۽ اوچو کائي رهي هئي ۽ بي فڪر هئي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي اها ڳالهه اچرج ۾ وجهندي هئي ته وقت سان گڏ هن جي عمر ۾ واڌارو اچڻ بدران سونهن اچي رهي آهي. هوءَ ڏينهون ڏينهن وئي ٿي ننڍي نيٽي ٿيندي، ائين ٿي لڳو ته ست سال گذرڻ بعد هوءَ ستٽيهن سالن جي نه پر ٽيويهن ورهين جي نوجوان ٿي پوندي.

پوءِ هڪ عجيب ڳالهه يا حادثو درپيش آيو. آزمائش جي ڊگهي عرصي ۾ هاڻ باقي ڪي ڇهه مهينا وڃي بچيا هئا ته هو جيري لوئيس ٽائيپ جاسوس منهنجو پاڙيسري اچي ٿيو. خبر ناهي، هن ڄاڻي واڻي اهو گهر مسواڙ تي ورتو، جنهن جون ڀتيون منهنجي گهر جي ڀتين سان مليون ٿي، يا اها منهنجي بدقسمتي هئي جو هن کي رهڻ لاءِ سڄي شهر ۾ اهوئي گهر پسند آيو. هو هن پاڙي مان تمام گهڻو خوش هو، مون کي چوڻ لڳو؛ ”تون سمجهي رهيو هوندين ته ڳالهه پراڻي ٿي ويئي. آئون ريٽائرڊ ٿي چڪو آهيان. تو واري ڪيس جي ڪاغذن کي به اڏوهي کائي چڪي هوندي. پر حقيقت اها آهي مسٽر! ته آئون لڳاتار تنهنجو پيڇو ڪري رهيو آهيان. هي ڪيس منهنجي لاءِ هڪ چئلينج آهي. جيسين ان ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪندس سڪون سان نه وهندس.“

توهان سوچي نٿا سگهو ته ان وقت مون پنهنجي سڀ کان پراڻي دشمن جو خون ڪرڻ جي سخت خواهش تي ڪيئن ڪنٽرول ڪيو. دل ئي دل ۾ هن کي گاريون ڏيندو رهيس. منهنجي لاءِ پريشاني فقط اها هئي ته هاڻ هو چوويهه ئي ڪلاڪ مون تي پهرو ڏيئي رهيو هو. مون کي ايندي ويندي شڪ ٿيندو هو ته بند ٿيل دريءَ جي پويان، پردي وٽ لڪي هو مون کي ڏسي رهيو آهي. ان حالت ۾ زال سان ملڻ جو جوکم ستن سالن جي محنت تي پاڻي هاري ڇڏيندو. بهرحال مون زال کي في الحال ملڻ کان جهلي ڇڏيو ۽ چيو مانس ته اجهو ته ڇهه مهينا گذريا ۽ پوءِ ڪڏهن به نه وڇڙڻ لاءِ ئي ملنداسي. توهان پاڻ ئي ٿورو سوچيو ته منهنجي جاءِ تي هجو ها ته ڇا ڪريو ها. پهرين سال ئي منهنجو منصوبو چٽ ٿي وڃي ها ته مون کي ڏک ضرور ٿئي ها پر ايترو جيترو منزل مقصود جي ويجهو پهچڻ تي. مون کي اٿندي وهندي لک ڊالر نظر اچڻ لڳا هئا، ڪنهن وڻ جي سڪل پن چرپر ڪئي ٿي ته ان جي آواز به مون کي نئين ڪرنسي نوٽ جي کڙکڙ جو احساس ڏياريو ٿي ۽ منهنجي حواسن تي ان خاص خوشبوءِ جو واسو هو جيڪا نون نوٽن جي ڍڳين مان ايندي آهي. منهنجي خيال ۾ ته ان کان وڌيڪ دل لڀائيندڙ ۽ سحر انگيز سڳنڌ اڄ تائين ايجاد نه ٿي آهي.

جڏهن هڪ ڊالر ملڻ ۾ فقط ٽي مهينا وڃي بچيا ته مون وڏي چالاڪي ۽ عاجزيءَ سان هڪ رسمي خط انشورنس ڪمپنيءَ ڏي موڪليو ته منهنجي زال جي گم ٿي وڃڻ کي ست سال ٿيڻ وارا آهن، ان ڪري قانوني طور تي هن جي موت جو سرٽيفڪيٽ سرڪار کان حاصل ڪري هڪ لک ڊالر گهرڻ جو ارادو رکان ٿو. منهنجو خط هڪ بم هو جنهن انشورنس ڪمپنيءَ کي ننڊ مان ڌونڌاڙي جاڳايو هو هڪ لک ادا ڪرڻ جي بچاءَ ۾ حيلا بهانا ڪرڻ لڳا، پر هنن جون اهي ڪوششون نسوري بيوقوفي هئي. قانون مطابق ڳالهه صاف هئي ته هڪ لک ڊالر مون کي ڏنا وڃن. پر بنهه ان وقت جڏهن مون کي هڪ لک ڊالر منهنجي کيسي ۾ محسوس ٿيڻ لڳا هئا ته هڪ اميد جي خلاف ڳالهه ٿي، هڪ رات منهنجي زال اوچتو گهر اچي ويئي.

”تون؟“ مون غصي ۾ چيو،” مون توکي چيو هو.......”مون کي ياد آهي ته تو چيو هو.“ هن منهنجي ڳالهه کي ڪپيندي چيو، ان وقت هن جو نه فقط ڳالهائڻ جو لهجو پر خود پاڻ به مون کي هڪ ڌارين ۽ اوپري لڳي. مون هن ڏي چتائي ڏٺو ته مون کي يقين ئي نه آيو ته هيءَ ئي عورت ست سال اڳ منهنجي زال هئي ۽ هن ئي گهر ۾ رهندي هئي. اڪيلائي، تڪليف ۽ غربت ۾ وقت گذارڻ جي باوجود اسان هڪ ٻئي سان محبت ڪندا هئاسين ۽ ان ئي محبت کي وڌيڪ جٽادار ۽ سرهو بنائڻ لاءِ اسان گڏجي هڪ سٽل ٺاهيو ۽ هاڻ هوءَ بيحد قيمتي وڳي ۽ اعليٰ ميڪ اپ ۾ منهنجي اڳيان بيٺي هئي ۽ هن جي حسن جو جلوو ۽ اتاهين درجي جي عطر جي خوشبوءِ مون کي مسحور ڪري رهي هئي.

”جان من!“ مون نرميءَ مان چيو،” احتياط نه ڪرڻ سان ڳڙٻڙ ٿي سگهي ٿي، هاڻ انتطار جا ڏينهن ۽ جدائيءَ جون راتيون ختم ٿيڻ واريون آهن، جيڪڏهن توکي ڪنهن ڏسي ورتو ته.....“

”ڊارلنگ-“ هن منهنجي ڳالهه کي پورو ٻڌڻ بنا چيو، ”آئون توکي اهو چوڻ آئي آهيان ته مون کي طلاق گهرجي.“

هيروشيما تي ته پهريون ائٽم بم پوءِ ڪريو هو، هيءَ ڳالهه مون تي ڄڻ قيامت ٿابت ٿي، صدمي ڪري ڪا دير آئون جهڙو پنڊ پهڻ ٿي بيٺو رهيس.

“طلاق؟ طلاق؟،“ وڏي مشڪل سان منهنجي وات مان لفظ نڪتا،”تون طلاق گهرڻ آئي آهين، مون کان؟“

”هائو“ هوءَ ڌيرج ۽ اعتماد واري لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳي، ”اسين ست سال هڪ ٻئي کان ڌار ڌار رهيا آهيون، منهنجي دل ۾ تولاءِ سڀ جذبا ان عرصي ۾ مري چڪا آهن، هاڻ نه تون اهو آهين ۽ نه آئون اها آهيان، مون کي هاڻ ڪنهن ٻئي سان محبت آهي“ آئون هڪدم هوش ۾ اچي ويس.”پر پاڻ اهو ته هرگز نه سوچيو هو.“

”اهو سڀ ڪجهه هميشہ ته نٿو ٿئي جيڪي ڪجهه انسان سوچي ٿو.“ هن رکائيءَ مان ڳالهايو، ”چاهيو ته مون به توکي ئي هو،پر هاڻ ان جو ذڪر ڪرڻ مان ڇا هڙ حاصل، مان جيڪڏهن موٽي تو وٽ هلي به اچان ته توسان گڏ گذارو ڪري نه سگهنديس. پهرين مون کي اهو ناممڪن نٿي لڳو، پر هاڻ مون کي يقين آهي ته دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ اڇلي پاڻ ڪيڏانهن به وڃي نٿا سگهون، ڪڏهن نه ڪڏهن پاڻ جهلجي پونداسين؛

منهنجي مايوسي هاڻ باهه ۾ بدلجي رهي هئي، اندر ئي اندر وٽ کائيندي چيومانس؛”چڱو تون ڀلي وڃ، توکي مون وٽ موٽي اچڻ منظور ناهي ته ڀلي نه اچ مون ست سال تو بنا گذاريا آهن، باقي زندگي به گذاري وٺندس ۽ هينئر تائين جڏهن ڪنهن کي ڪا ڄاڻ نه پئجي سگهي ته آئندي به نه پئجي سگهندي. توکي نئين زندگي مبارڪ هجي، مان پنهنجي هڪ لک ڊالرن مان اڌ توکي موڪلي ڏيندس.“

”مون کي اها دولت نه پر طلاق گهرجي،“ هن واڪو ڪندي چيو، ”مون کي شادي ڪرڻ آهي، آئون مجبور آهيان“.

”شادي ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪر، جيءُ ڪر،“ مون به رڙ ڪري چيومانس، ” ان لاءِ طلاق ڇا ضروري آهي.“

”ڇا؟“” هن وري رنڀ ڪئي، ”بنا طلاق جي ٻي شادي ڪريان؟ هڪ ئي وقت ٻن مڙسن جي زال ٿيڻ جو نه فقط گناهه  پر قانوني ڏوهه پڻ ڪريان“

جڏهن هن اها ڳالهه ڪئي ته ائين لڳو ته ڄڻ هوءَ پاڻ کي ملائڪ فرشتو پئي سمجهي ۽ مون کي شيطان! اهو چئي رهي هجي ته ڏوهاري فقط آئون آهيان ۽ هوءَ ڏوهه ۾ برابر شامل رهڻ جي باوجود به معصوم آهي، ڇو ته هوءَ منهنجي ڪري مجبور هئي آئون سخت ڪاوڙ ڪري ڏڪڻ لڳس، ذليل عورت وقت تي اچي دغا ڪري رهي هئي. پنهنجي بيوفائيءَ کي لڪائڻ لاءِ مجبوريءَ جو بهانو ڪري رهي هئي، هن عورت جي خوشيءَ لاءِ مون هڪ لک ڊالر هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جيئن آئون هن جي خوابن کي تعبير ڏيئي سگهان، پر هوءَ منهنجن خوابن کي به مٽيءَ ۾ ملائڻ چاهي ٿي.

”نه“ مون فيصلو ڪيو، هاڻ اهو هرگز نه ٿي سگهندو. هوءَ عورت هاڻ مون کان تمام گهڻو پري وڃي چڪي هئي جيڪا منهنجي زال هئي ۽ جنهن سان مون پيار ڪيو ٿي، پر هڪ لک ڊالر حاصل ڪرڻ اڃا منهنجي هٿ ۾ هو. آئون اهو ٻٽو نقصان ڪيئن ٿي کڻي سگهيس ته محبت کان به محروم ٿي وڃان ته هڪ لک ڊالر حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ کان به، انهن مان هڪ شيءِ مون کي نٿي ملي سگهي يعني منهنجي زال جي محبت، پر ٻي شيءِ مون کي ملي سگهي ٿي.

”ساري ڊيئر“ مون چيو،” تو پنهنجو فيصلو تمام دير سان ڪيو، ڇا توکي خبر ناهي ته دنيا جي لاءِ تون ست سال اڳ ئي مري چڪي آهين،ستن سالن ۾ ماڻهو تنهنجي شڪل ته ڇا پر نالو به وساري ويٺا آهن، قانوني طرح تنهنجي موت جي سند ملڻ ۾ ٻه ٽي مهينا  رهن ٿا. توکي هن وقت هتي موٽي اچڻ نٿو جڳائي هن گهر ۾ هن دنيا ۾ هاڻ تنهنجي لاءِ ڪا جاءِ ناهي، تون پنهنجي نئين روپ ۾ مونسان گڏ ڪٿي به هلي سگهين ٿي پر پنهنجي پراڻي روپ ۾ ڪنهن ٻئي سان گڏ وڃڻ ممڪن ناهي.“

ان کان پوءِ مون پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو،منهنجو هن کي قتل ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو ڇو ته مون کي واقعي هن سان پيار هو، پر پيار ون وي ٽرئفڪ ته نه آهي. آئون ان جو خون نه ڪريان ها ته ٻيو ڇا ڪريان ها؟ هڪ ٻي ڳالهه جو هتي اعتراف ڪرڻ ۾ ڪا خرابي ناهي. ان مسخري جاسوس سان اک ٻوٽ ڪندي مون اهي سڀيئي جايون ڏسي ڇڏيون جتي ڪنهن لاش کي لڪائي سگهجي ٿو ۽ ان وقت مون کي اهو خيال آيو هو ته هي مسخرو هاڻ ان جاءِ جي وري جانچ نه ڪندو، جنهن جي هڪ دفعو ڪري چڪو آهي. پنهنجي زال جو خون ڪرڻ وقت مون کي ان ڳالهه جو اطمينان هو. منهنجو خيال آهي ته آئون توهان کي اهو سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهيان ته آئون ڏوهاري نه آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com