سرتيون ڏيوم صلاح
(هي ڪالم اسان توهان جي مسئلن (گهرو، معاشي، سماجي ۽ نفسياتي)
بابت آهي ۽ ان ڏس ۾ صلاح به ڀينرون پاڻ ڏينديون.
اسان جي ڪوشش اهائي رهندي ته اهي مسئلا حل ٿين. هن ڪالم وسيلي
ٻيو نه ته به گهٽ ۾ گهٽ اسان جون ڀينرون پنهنجو
اندر ته اوري سگهن ٿيون – ادارو
نالو شهرُو اٿم، قاسم جي ڌيءَ آهيان، منهنجي مڙس جو نالو حاجي
آهي، ذات جا ميربحر آهيون. ست سال ٿيا جو مڙس مري
ويو اٿم، ٻار ٽي اٿم، جن مان وڏي ڇوڪريءَ جي شادي
ڪرائي ڇڏي آهيم، جيڪا به ڏُکي آهي. اسان جي ٽنڊي
محمد خان ۾ جاءِ هئي، جيڪا، منهنجي مڙس پاڻ پَٽ
وٺي ٺهرائي هئي. سندس مرڻ کان پوءِ منهنجي سهري ۽
ڏيرن (ويڳن) ان تي قبضو ڪري اصل ڪاغذ پٽ ساڙي ڇڏيا
آهن ۽ مون کي پنهنجي ئي جاءِ مان تڙي ڪڍيائون.
هاڻي مون کي چون ٿا ته شادي ڪر، سو به هڪ پوڙهي
سان، جنهن جي هڪ زال ۽ ٻار اڳي ئي آهن، مون کي
ٻڌايو آئون ڇا ڪريان؟ ڪيڏانهن وڃان؟ ڪنهن کي دانهن
ڏيان؟!
ادارو
تنوير جوڻيجو
CRECHES اڄ جي ضرورت
هڪڙو دؤر هو، جڏهن سمورو سماج زراعت تي مدار رکندو هو، زمين تي
ڪم ڪار لاءِ گهڻن هٿن جي ضرورت پوندي هئي. ان دؤر
۾ ڪٽنب جي نوعيت وسيع پيئتي
(Large – Patriarchal)
هوندي هئي. يعني خاندان ۾ ڏاڏو، ڏاڏي جو پيءُ،
ڏاڏي جا ڀائر، سوٽَ، مطلب ته پيءُ جي مڪمل وڏي
آڪهه گڏجي رهندي هئي؛ گڏجي سڏجي ٻنيُون ڪبيون هيون
۽ ٻيا زراعت جا ڌنڌا اُڪلائبا هئا.
ان کان پوءِ صنعتن جو وارو آيو، زراعت سان گڏوگڏ ماڻهو صنعتي
مشغلن ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳا ۽ ساڳئي وقت ڪارخانن ۽
فيڪٽرين ۾ به ڪم ڪرڻ لڳا، ان مرحلي تي ڪٽنب جي
سائيز به ڪي قدر گهٽ ٿي ۽ وسيع پيئتي ڪٽنب جي صورت
ننڍي پيئتي ڪٽنب
(Small Patriacrhal Faimly)
ورتي هن ڪٽنب کي
Joint Faimly System جو نالو به ڏنو ويو. ڏاڏو گهر جو وڏڙو هوندو هو، ان سان گڏوگڏ
ٻه ٽي پُٽ، ڪي ڌيون ۽ پُٽن جو اولاد گڏجي سڏجي پيا
زندگي کي گذاريندا هئا، صنعتون وڌيون، شهر وڌيا،
تعليم عام ٿي. روزگار لاءِ ماڻهو نوڪرين ڪارڻ شهر
آيا، شهر جون پنهنجون ضرورتون آهن، سو آهستي آهستي
پنهنجون زالون ۽ ٻار به شهرن ۾ آندائون ۽ ان کي
Nuclear Faimly System پڻ ڪوٺيو ويو.
هن ڪٽنب ۾ مرد ٻاهر کي منهن ڏيندو هو ته عورت وري ٻار ۽ گهر
سنڀاليندي هئي، پر اهو سلسلو اڃا به اڳتي وڌيو،
عورت تعليم حاصل ڪئي ساڳئي وقت انساني ضرورتن ۾ به
واڌارو ٿيو، هڪڙي جي ڪمائيءَ بجاءِ ٻن جي ڪماين جي
ضرورت پئي ۽ نتيجو اهو نڪتو جو عورت به گهر کان
ٻاهر آئي، هن وقت عورت، سماج ۾ هر قسم جي خدمتن ۾
مرد سان گڏوگڏ آهي، سرڪاري دفتر هجي يا خانگي
واپار، سرڪاري آفيسري هجي يا گهرو پورهيو.....
مطلب ته عورت هر روپ ۾ مختلف ڪم سرانجام ڏئي رهي
آهي.
عورت جي انهيءَ بدلجندڙ حيثيت، جتي ڪيترا فائدا ڏنا، اُتي وري
ڪي نقصان به پيا، يعني گهر ڦٽڻ، ٻار ڪير سنڀالي،
پوڙهن جي سار سنڀال ڪير لهي؟ چوندا آهن ضرورت
ايجاد جي ماءُ آهي، سو ٻارن جي سنڀال، پالنا ۽
پرگهور لاءِ هڪڙن ادارن جو وجود پيو. انهن ادارن
کي نالو ڏنو ويو”ڪريشز“
Creches
مغربي ملڪن ۾ ته هن قسم جا ادارا عام جام آهن، پر
اسان جي ملڪ ۾ البت اهڙن ادارن جي کوٽ آهي، وڏا
شهر جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد وغيره البت ڪي رٽايرڊ
نرسون ۽ ماسترياڻيون بي بي سِٽنگ جا فرائض سرانجام
ڏين ٿيون پر مڪمل ۽ باضابطي ادارن جي کوٽ آهي.
هن قسم جا ادارا عورتن کي ٻن قسمن جي سهولت ڏئي سگهن ٿا، پهريون
ته اُهي عورتون جيڪي ادارا کولڻ چاهين، گهر ويٺي
سندن روزگار ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو ۽ ٻيو ته اهي
عورتون جي ملازمت پيشه آهن، اهي آرام ۽ سڪون سان
پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن ٿيون.
هن قسم جي اداري يعني
Creches
لاءِ جيڪي ڳالهيون اهم آهي سي هن ريت آهن؛ ادارو
هلائيندڙ عورتون سمجهُو هجن، مائرون هجن، ڍنگ سان
ٻار پالڻ جو تجربو هجين، ڪي قدر، علمي قابليت ۽
انتظامي صلاحيتن جو هجڻ به ضروري آهي. ٿانو ٿپا ۽
بوتلون وغيره اسٽرلائيزڊ هجن. ٻارن جي صحت ۽
تندرستيءَ لاءِ ميڊيڪل يونٽ به هجي، جو ٻار کي
بيماريءَ جي حالت ۾ ترت علاج
(First Aid)
مهيا ڪجي، ٻار جي دلچسپيءَ ۽ وندر لاءِ ڪتاب،
تصويرون ۽ بلاڪس وغيره هئڻ گهرجن. ساڳي وقت راند
رُوند لاءِ ميدان به هجي ته وڌيڪ بهتر.
ڪوشش ڪري اهڙن ادارن کي اهڙي جاءِ تي قائم ڪيو وڃي جت ملازمت
پيشه عورتون هجن. ڪراچيءَ ۾ هن قسم جو هڪڙو ادارو
ڊي ڪيئر سينٽر، ڪاشانه ءِ اطفال ۽ نونهال جي
نگرانيءَ م ڪم ڪري رهيو آهي. بنيادي طور ڪاشانه
هيٺ ٽي پروجيڪٽ ڪم ڪري رهيا آهن، هي ادارو پنجويهن
سالن کان انسانيت جي خدمت سرانجام ڏئي رهيو آهي.
هن اداري هيٺ جيڪي پروجيڪٽ هلي رهيا آهن، انهن ۾ هڪڙو بي بي
سينٽر اهڙن ٻارڙن لاءِ آهي. جي اڻ گُهريل ٻار
هوندا آهن. جن جا ماءُ پيءُ کين پاڻ وٽ رکڻ نه
چاهيندا آهن. اهي پنهنجا ٻار بي بي سينٽر حوالي
ڪري ويندا آهن، ٻيو پروجيڪٽ يتيم نياڻين لاءِ آهي
۽ بنيادي طرح ڇوڪرين لاءِ يتيم خانو آهي. جڏهن ته
انهيءَ اداري ۾ ٽيون پروجيڪٽ ڊي ڪيئر سينٽر آهي،
ڊي ڪيئر سينٽر کي قائم ٿئي چار سال ٿيا آهن، مسز
اصفهاني ان جي منتظم آهي؛ جا نه رڳو سماجيات ۾ ايم
اي آهي پر چائلڊ ويلفيئر ۾ مهارت رکندڙ عورت آهي.
آغا خان يونيورسٽيءَ آڏو ڪاشنانهءِ اطفال ۽ نونهال جي عمارت
آهي.
هن ڊي ڪيئر سينٽر ۾ ٻارن جي غذا تي به خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي.
صبح جو پوريج، بسڪوٽ، کير ۽ جوس وغيره ڏنو ويندو
اٿن، جڏهن ته ٻنپهرن جو چڪن يا مٽن پلاءُ يا کِچڙي
ڏني ويندي آهي، ان کان پوءِ ڪسٽرڊ يا پُڊنگ، جڏهن
ته شام جو ٻار کي ڪيلو يا صوف يا ڪو ٻيو ميوو ڏنو
ويندو آهي.
ٻارڙن کي سکيا ڏني ويندي آهي ته کاڌي وقت پنهنجا هٿ چڱي طرح
ڌوئن؛ پنهنجن وارن کي ڦڻي ڏين، ڏند صاف ڪن، لنچ
کان پوءِ ٻارڙن کي
Sleeping room ۾ آندو ويندو آهي، جت ٻارڙن لاءِ صاف سٿرا بسترا هوندا آهن.
جڏهن ته صبح جو ٻارن کي نرسريءَ ۾ اماڻيو ويندو آهي، جت ٻارن
لاءِ رانديڪا، واڪرس ۽ پريمس هوندا آهن. وڏڙن ٻارن
کي قرآن پاڪ جو درس پڻ ڏنو ويندو آهي. ٻارن جي صحت
لاءِ سِڪ روم به آهي ته فرسٽ ايڊ جو به خاص خيال
رکيو ويندو آهي.
ان کان سواءِ ٻارن کي پڪنڪ وغيره لاءِ به نيو يوندو آهي، هن
اداري کي هلائڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي به آهي جا
جذبو رکندڙ ميمبرن تي مشتمل آهي؛ جي هن ڪم ۾ ذاتي
دلچسپي رکن ٿا.
هتي جو ٽائيم اٺن کان پنج آهي، پر اڪثر مائرون پنهنجا ٻار هڪ
بجي کڻي وينديون آهن.
هن سينٽر ۾ ٻارهن کان پندرهن ٻار موجود هوندا آهن، جن جو تعلق
اپر مڊل ڪلاس سان به هوندو آهي ته لوئر مڊل ڪلاس
سان به؛ اپر مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ ٻارن جا مائٽ
ڊاڪٽر وغيره هوندا آهن. جڏهن ته لوئر مڊل ڪلاس
وارن ٻارن جون مائرون ماسترياڻيون هونديون آهن.
هي ادارو رجسٽرڊ آهي، سٺي آمدني رکندڙ مائٽن کان ساڍا ٽي سو
روپيا في ورتي ويندي آهي، جڏهن ته لو انڪم گروپ
رکندڙ کان ڪجهه به نه ورتو ويندو آهي.
ان کانسواءِ هر سال فَن فيئر ميلا يا ٻيون ڪي سرگرميون ڪيون
وينديون آهن، جن سان اداري لاءِ فنڊ حاصل ڪري
سگهجن. ان کان سواءِ ڊونر ايجنسيون پڻ هن اداري
لاءِ فنڊ فراهم ڪنديون آهن.
هن قسم جا ادارا رضاڪارانه بنيادن تي ڊونر ايجنسين جي مدد سان
اهڙي جاءِ تي قائم ڪري سگهجن ٿا، جت خواتين ورڪرس
جو تعداد گهڻو آهي پر نيڪ نيتي ۽ خلوص سڀ کان اهم
عنصر آهن.
ٿورو هتي پڙهو....!!!
هڪ سهلي ٻي سهيليءَ جي شاديءَ کان پوءِ پنهنجي سهيلي کان پڇيو
ته پهرين توکي ڪاوڙ ايندي هئي ته ريڊيو ٻڌندي
هئينءَ پوءِ هاڻي ڇا ڪندين آهين؟
هن جواب ڏنو ته هاڻي ڪاوڙ ايندي آهي ته رڌڻي ۾ وڃي ٿانوَ
ڌوئيندي آهيان.
زهره حمير خواجه ڪراچي
خط
سرتي! سرتيون لاءِ ”ڊائري جو ورق“ موڪليان پئي، سرتيون جي معيار
مطابق هئڻ يا نه هئڻ جي صورت ۾ اطلاع ڪندا. مواد ۾
ڪا غلطي هجي ته مهرباني ڪري درست ڪندا. اهو به
ٻڌائيندا ته اهو مواد ڪڏهن ڇپبو. مهرباني
سيد ايڇ . م . شاهه
مٽياري
سرتي! جولاءِ- ڊسمبر جو شمارو سرتيون هٿن ۾ آهي، ڪجهه پڙهي چڪي
آهيان، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن بهترين رسالي
کان اسين بيخبر رهياسين. هي پهريون شمارو اسان
تائين پهتو. انشاءَ الله آئون به مستقل پڙهندڙن ۾
شامل ٿي وينديس. هاڻ ڪجهه رسالي تي تبصرو. محترم
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي شاعري بغير
موسيقيءَ جي پڙهي تمام گهڻي سٺي لڳي. ڌرتيءَ
ڌڃاڻيون ۾ دادي ليلا سان ادي مسرت شيخ جي ڳالهه
ٻولهه بهترين آهي. ڀيڻ شگفته شاهه جي مِني ڪهاڻي”
چادر ۽ چوديواري“ وڻي. سچ پچ اهڙين بهترين ليکڪ
ڀينرن جو قلم ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿو. ” جن جي گودڙين
۾ گل“ ڀيڻ بانو محبوب جي لکڻي پڙهي ڏاڍي کل آئي.
ڪلثوم منظور جي لکيل بنا عنوان ڪهاڻي به پڙهي چڪي
آهيان، اوهان جي چوڻ مطابق هن ڪهاڻيءَ جو عنوان ۽
پنهنجي راءِ اوهان کي ڏيون. ڀيڻ آئون وڏي ليکڪا ته
نه آهيان؛ پر منهنجي خيال ۾ شاهه سائينءَ جي هيءَ
سٽ ئي منهنجي نظر ۾ موزون آهي؛” ڀينر آءُ
ڀلياس........“ شاعري ۾ محترم شيخ اياز ۽ ڀيڻ
روبينه ابڙو جي تخليق سٺي آهي، باقي پڙهڻ کان پوءِ
ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. آخر ۾ عرض ته ڪجهه شاعري
موڪليان پئي. شال قبول پوي. اوهان جي سرتي.
فريد ايس تبسم ميمڻ
سيوهڻ
ڀيڻ! اسلام عليڪم ”سرتيون“ لاءِ تازو مضمون ”اُستاد بُخاري“
بابت موڪلي رهي آهيان. اميد قبول ڪندا. ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالغفور سنڌي لاڙڪاڻو
محترمه ايڊيٽر! اسلام عليڪم؛ احوال ته ٿر جي سگهڙ پوڙهي عورت
جمعيت ڪنڀر جو انٽرويو موڪلي رهيو آهيان. انٽرويو
آسان ورتل آهي. اهو ان لاءِ جو ڏاڏي اڻ پڙهيل آهي،
ٻي ڳالهه اها ته هڪ ڏوڪري جو ٿر جي ريتن رسمن تي
انٽرويو وٺي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اهو هلائڻ چاهيو ته
موڪلي ڏيان. توهان لاءِ دعائون.
ستار وسنداڻي
مِٺي
سرتي! جيئي لطيف؛ سرتي گذريل شماري (سرتيون) ۾ توهان منهنجو
تعارف، خط، پنج نظم، عزل ۽ وائي شايع ڪيا جنهن
لاءِ اوهان جي آئون تمام گهڻي ٿورائتي آهيان، پر
هڪ پتڪڙي شڪايت به اٿم، شڪايت اها ته اوهان منهنجي
وائيءَ کي ڪجهه گهڻو ”سُڌاري“ ويا هُئا. وائيءَ جو
هڪ بند آهي ته؛
”ڏم، شريعت، رات ڀي
روڪيون نا راهون
اوهان درستگي ڪئي آه ته؛
”ڏم، دريا ۽ رات ڀي، روڪيون نا راهون“
سرتي وزن ته توهان ٺيڪ بيهاريو آه پر شايد ”شريعت“ لفظ توهان کي
اعتراض جوڳو لڳو هيو انڪري توهان اهو ڪِٽي ويا
آهيو، وائي جي وراڻي آه ته؛
”سائر ٻوڙ نه مون، هڪ ڀيرو ميهر مِلان“
”سائر“ معنيٰ درياه، جڏهن سڄي وائيءَ ۾ ”سهڻي“ وينتي، منٿ ۽
ايلاز ٿي ڪري درياهه کي ته ”سائر ٻوڙ نه مون“ پوءِ
درياه لفظ اتي ڪيئن وڌو ته ”ڏم دريا ۽ رات ڀي،
روڪيون ناراهون“ ۽ ان کان علاوه وائيءَ جي مُنڍ ۾
وراڻي ناهي ڏنل.... خير اميد ته اڳتي ٿورو خيال
ڪندا. اها ته هُئي سرتي هڪڙي پتڪڙي پنهنجائپ ڀَري
شڪايت، سرتي هميشہ ساٿ ڏيڻ جو اوهان سان وچن ڪيو
هيم. انڪري هن ڀيري به پنهنجو ڪجهه مواد اوهان
ڏانهن موڪلي رهي آهيان. ان اميد سان ته پهريان
جيان ئي مانائتي موٽ ملندي. مواد شايع ڪرڻ لاءِ هڪ
دفعو وري تمام گهڻي مهرباني! سدائين گڏ.
روبينه ابڙو
لاڙڪاڻو
سرتي! اسلام عليڪم؛ گذارش ته هيءَ ننڍڙي ڪاوش موڪليان پئي جيڪا
اميد ته پسند ايندي. جيڪڏهن ڪا غلطي هجي ته اصلاح
ڪنديون. ٻيو ته مون کي رسالو پوسٽ ذريعي موڪلي
ڏينديون ته مهرباني ٿيندي.”سرتيون“ لاءِ پنهنجي
راءِ پڻ موڪليندس. توهان جي سرتي ڪلثوم منظور.
سرتي! اسلام عليڪم؛ اول ته توهان کي سرتيون جي ايڊيٽر ٿيڻ تي
مبارڪباد ٿي ڏيان. اميد، ته اسان جي حوصله افزائي
ڪنديون رهنديون، سرتي، توهان رسالي ۾ منهنجو لکيل
مسئلو”سرتيون ڏيوم صلاح“ کي شايع ڪيو ان لاءِ آئون
توهان جي شڪر گذار آهيان. ٻي ڳالهه ته مون سرتيون
لاءِ تمام گهڻو مواد موڪليو پر”سرتيون ڏيوم صلاح“
کانسواءِ منهنجي شاعري وغيره ڪونه هئي. ڇا ڀيڻ
اسان جو مواد رديءَ جي ٽوڪڙيءَ ۾ اڇلڻ جهڙو آهي؟
مون کي اميد آهي ته توهان مون ڳوٺاڻي ناري جي
ضرور حوصله افزائي ڪندا. سرتي منهنجي عمر به گهٽ
يعني 15 سال آهي. تعليم صرف پنج درجا آهي. وڌيڪ
مائٽ پڙهائين ڪونه ٿا. سدائين گڏ.
سيد النساءَ شاهه بخاري
بدين
سرتي! اسلام عليڪم؛ ڪيترن ڏينهن کان سوچيان پئي ته اوهان کان
نڪرندڙ ٽماهي رسالي ”سرتيون“ تي لکان پر ادي اسان
کي رسالو”سرتيون“ هتي ملي ئي نٿو. ان لاءِ سوچيم
ته توهان سان رابطو ڪجي. پر ادي ڊپ اٿم ته ڪٿي
اوهان به خط جو جواب نه ڏيو ته پوءِ ته ويتر لکڻ
تان دل کڄي ويندي، هڪ ته اسان کي لکڻ جو موقعو
تمام گهٽ ٿو ملي ٻيو ته ڪو رهنما به ڪونهي ۽ ٽيون
اسان جو سماج اسان کي ان جي قابل ئي نٿو
سمجهي....... منهنجي خط لکڻ جو مقصد هيءُ آهي ته
اوهان جي رسالي سرتيون جي مون کي ڄاڻ ڏيو، ته ان
جو موجوده ساليانو ڪيترو آهي. جيڪڏهن آئون پنهنجو
ڪچو ڦڪو مواد موڪليان ته ڇا اوهان ان کي شايع
ڪنديون.
سرتي آئون مستقبل ۾ پنهنجي هن ننڍڙي ڳوٺڙي جي سڃاڻپ ٿيڻ ٿي
چاهيان. ان لاءِ ڪجهه سالن کان وٺي ڪاميابين ۽
ناڪامين جو سفر ڪندي رهي آهيان. مون کي اميد آهي
ته اوهان ڪامياب ماڻهو ضرور اسان ناڪام ماڻهن کي
ڪاميابي جو سڌو رستو ڏيکارينديون. ڇاڪاڻ ته مون کي
ائين لڳندو آهي ته هي سماج اسان کي ڪڏهن به هڪ
جهڙو درجو نٿو ڏي ۽ آئون پنهنجي حيثيت پاڻ بنجڻ
چاهيان ٿي.
مون کي اميد آهي ته منهنجي خط جو جواب ضرور ڏينديون. اوهان جي
سرتي.
”پرهه“ حسينه اختر
ٽنڊو قيصر
اوهان جو تازو آيل سنڌي رسالو”سرتيون“ مون اوچتو محترم”پارس
حميد“ جي هٿن ۾ پڙهندي ڏٺم کيس پڙهڻ بعد سرتيون
مون به پڙهيو مون کي بيحد پسند آيو. هر ڳالهه توڙي
ٽائيٽل. اميد ته اڳ به اوهان جي نگراني رهي ته
سرتيون ڪاميابيون ماڻيندو.
آءُ اوهان ڏانهن مواد موڪليان ٿو. اُميد ته پسند ايندو جي ڇپڻ
جهڙو هجي ته مون ناچيز کي نااُميد نه ڪندا.
وراڻيءَ جو منتظر رهندس.
ولي مخدوم
سرتي! اسلام عليڪم؛ ڪافي وقت جي انتظار کان پوءِ”سرتيون“ پنهنجن
هٿن ۾ ڏسي خوشي ٿي پر اها خوشي ان کي کولڻ کان
پوءِ برقرار نه رهي. رسالي کي معياري بنائڻ جي
ڪافي ضرورت آهي. ٽائيٽل ڪور به ڪو خاص تاثر ٿيڻ ۾
ناڪام ويو. اميد ته هاڻي ان کي بهتر بنائڻ جي پوري
ڪوشش ڪئي ويندي.
سرتيون ۾ نين لکندڙن کي موقعو ڏنو ويو اها سٺي ڳالهه آهي پر چند
ساڳين ساڳين ليکڪائن جي مواد کان وڌ ۾ وڌ سرتين کي
حصو وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ننڍن شهرن ۾ رهندڙ
ڀينرن کي به اوترو ئي حق آهي. نون لکندڙن سان گڏ
اسان جي پراڻن ليکڪائن جو ڪجهه مواد پڻ شايع ڪرڻ
گهرجي.
ڪلثوم منظور جي ”بنا عنوان“ ڪهاڻي پڙهي. ان ۾ ڪا خاص نواڻ نظر
نه آئي پر وري به ليکڪا سٺو نڀائي وئي آ. منهنجي
خيال ۾ ان ڪهاڻيءَ جو عنوان هي هئڻ گهرجي.
”ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪهڙا پرين“
بهتر کان بهتر جي آس.
موڪلاڻي ڪانهي.
سنڌو قاضي
ٽماهي سرتيون پڙهندو آهيان، تمام سٺو شايع ٿي رهيو آهي، رب در
دعا آهي ته هميشہ اهڙي جوڀن سان شايع ٿيندو رهي،
ڪجهه مواد موڪليان ٿو. اميد اٿم ته شايع ٿيندو.
چڱو ادي.
غلام محمد غازي
گورنمينٽ فاران هاءِ اسڪول سکر
گذارش ته سرتيون ۾ دادي ليلا جو انٽرويو پڙهيم، انڪري کيس
سرتيون جي ٿورن سان مخاطب ٿيو آهيان. مهرباني ڪري
خطڙو هڪ عاجز جو داديءَ جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ ۾
امانتدار ٿيندا. گذارش ته سرتيون جي ڪاپي جيڪا
ٽماهي اچي ٿي، سا اسين جي ميمبر بڻجي گهرايون، ته
ساليانو چندو ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان موڪليون؟
مهرباني ڪري هن ايڊريس تي جلد جواب ڏيندا.
مير محمد سرفراز ڪلهوڙو،
وڏ پڳيه هائوس نزد گهوٽا اسپتال، گهوٽڪي سنڌ
ڀيڻ هميشہ جيان سرتيون ڏاڍي دير سان پهتو گهڻو انتظار ڪرائي
ڪرائي. پوءِ سچي ته انتظار اوسيئڙي کان پوءِ ميلاپ
جو مزو ئي ٻيو هوندو آهي!سرتيون نئين رنگ روپ ۾
ڏسي ڪجهه نوان ۽ ڪجهه پراڻا سلسلا ڏسي ڏاڍي خوشي
ٿي. ايتري خوبصورت رسالي ڪڍڻ تي سچ ته سنڌي ادبي
بورڊ وارن کي به مبارڪون هجن. سرتيون جي سڀني
سهڪارين کي جس آهي جيڪي علم ۽ ادب جي لاٽ
جرڪائيندا ٻاريندا پيا اچن.
جولاءِ – ڊسمبر واري پرچي ۾ منهنجي ڪهاڻي ۽ خط به شايع ٿيل ڏٺم،
ايتري ته خوشي ٿي ايتري ته خوشي ٿي جو لفظن ۾ لکي
ڪونه ٿي ٻڌائي سگهان، ڇو جو مون وٽ ايترا لفظ ئي
ڪونه آهن، بس ايترو چوندس لک ٿورا اوهان جا، جو
مون جهڙي گهٽ پڙهيل ڇوڪريءَ، وڏي ڳالهه ته ڳوٺ ۾
رهندڙ کي ايڏو مان ڏنو اَٿو. سچ ته اوهان حوصلو
وڌائي ڇڏيو آهي. انشاءَ الله اڃا به وڌيڪ سٺو لکي
توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيندي رهنديس، اميد اٿم مانُ
ملندو رهندو. هن دفعي به هڪ عدد ڪهاڻي انصاف جي
نالي سان موڪلي رهي آهيان، اميد اٿم ضرور توهان کي
به وڻندي. هن دفعي ڪافي مواد سٺو لڳو. ڪهاڻيون به
سڀ وڻيون، ڀيڻ محبوب جوکيو جي ڪهاڻي” جن جي گودڙين
۾ گُل“ ڏاڍي سٺي لڳي. تعارف عارفه جبين جي ياد ۾
پڙهي دل اُداس ٿي وئي. سلسلو هن پرچي جون ليکڪائون
به سٺو لڳو. ڪافي ڀينرن جي باري ۾ ڄاڻ ملي. ان کي
جاري رکندا. سڀني سرتين جي سڃاڻپ ڪرائيندا. روبينه
ابڙو جي شاعري به وڻي. ڀيڻ سيد النساءَ شاهه
بخاريءَ جو سلسلو ”سرتيون ڏيوم صلاح“ جنهن ۾ ٻارن
کي مائرون هٿن سان نشي جهڙي بُرائي طرف ڌڪين ٿيون
پڇو ويو آهي، ڇا ڪرڻ گهرجي ان تي مون کان ٻيون
وڌيڪ سمجهدار ڀينرون صلاح ڏينديون باقي جلد ان تي
ڪهاڻي لکي موڪليندس. بلڪه سچو واقعو آهي. ريل ۾
سفر ڪندي ڏٺم هڪ ماءُ ٻار کي پرچائڻ خاطر نشي جو
ذرو ٻار جي وات ۾ وڌو ته ٻار ڪجهه وقت سمجهي پيو.
مطلب ته پنهنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب. گهڙيءَ
پل جي آرام لاءِ ماءُ سڀني جو آرام ڦٽايو ڇڏي
ڌرتيءَ ڌياڻيون ۾ دادي ليلا سان ڳالهه ٻولهه به
پسند آئي. کوڙ ساڙيون ساهه سان سانڍڻ جهڙيون
ڳالهيون آهن. ڀيڻ نجمه پنهور جي رپورٽ ”جيڏي شال
جُڙي رهين“ پڙهي خوشي ٿي. منهنجي طرفان به سرتي
ثمينه کي کوڙ ساريون مبارڪون، نئون سفر ۽ نئون گهر
مبارڪ هجي. شال سدائين ور ۽ گهر سان سلامت هجي.
اهو سلسلو لاجواب لڳو. ڀيڻ ڪلثوم منظور جي بنا
عنوان ڪهاڻي جو مون عنوان رکيو آهي”سڃاڻپ“ ڇو جو
هو ڇوڪريءَ فاريه جيڪو ڪردار آهي تنهن نه ماءُ کي
سڃاتو ۽ نه وري ماٽيلي ماءُ جي چال سُڃاڻي سگهي ۽
نه وري اعجاز جي سازش کي ڪهاڻي ته سٺي هئي، سبق
آموز ڀيڻ سٺو لکيو آهي. هن ڀيري سرتيون ۾ سڀ سٺو
مواد شامل آهي. بار بار پڙهڻ تي دل ٿي چوي. توهان
جي ڀيڻ (زبيده ناز خاصخيلي)
”سرتيون“ جو تازو پرچو نظر مان نڪتو، معيار توڙي مواد جي اعتبار
کان سَرس لڳو. دعا آهي ته توهان جي ادارت ۾ اڃا به
پرچو پَرَمَلُ بڻجي، پَروان چڙهندو. پنهنجي طرفان
”سرتيون“ لاءِ مواد موڪليان ٿو. ڏسو! جيڪڏهن اشاعت
جوڳو هجي!! ڇاڪاڻ ته اڳ مواد کي ترجيح ملندي هئي ۽
هينئر وري ماڻهوءَ جي سُڃاڻپَ، اشاعت لاءِ عَلامت
بَڻجي چُڪي آهي!!!
دعاگو ڀاءُ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
”الرحيم منزل“ غفور آباد، ميمڻ محلو، لاڙڪاڻو سنڌ |