نجمه پنهور
بنا عنوان جي
سرتيون هن ڪهاڻي تي پنهنجي راءِ ۽ ان جو عنوان لکي موڪلين. راءِ
۽ عنوان سندن نالن سان ڇپيا ويندا- ادارو
ننڍڙي هوندي کان ئي سڀ گهر جا ڀاتي چوندا هئم ڪاري، ڪاري ته
برابر هئس، پر، هاڻ ته نالو ئي ڪاري پئجي ويو هئم،
پڙهائي ۾ صفيه کان به زور هئس، پر تڏهن به ڪنهن کي
ڪين ٿي وڻيس، رڳو گهٽ ٿي پئي هئس، ته رنگ ۾ پر هن
جي مئي ڪاري رنگ به قهر ڪري ڇڏيو، ڪنهن ماڻهوءَ
ڪين ٿي بخشيو،صفيه هئي ته سال کن ننڍي پر ڪم کان
صفا نابري واريو بيٺي هوندي هئي. تهڙو ئي پڙهائي ۾
پوري ساري، ته به هر ڪنهن جي وات ۾ اها وائي ته
صفيه جهڙي ڇوڪري ڪٿي، اٿندي ويهندي مِٽ مائٽ، پاڙو
اوڙو، ننڍو، وڏو، سرتيون، سهيليون.... هر ڪنهن
لاءِ صفيه اهم هئي.
ساحره جي برياني رڌيل هجي يا ڪورمون، هجي يا ڪوفتا، هر ڪو تعريف
ڪندو هو، ساحره جي ته ڪم جي تعريف ٿيندي هئي،
ساحره ته واقعي ڏاڍو سٺو رڌ پچاءُ ٿي ڄاڻي، اخلاق
۾ به سڀني کان سرس، هر ڳالهه ۾ سٺي هئي پر........
گهٽ ٿي پئي ته هڪ رنگ ۽ سونهن ۾ جيڪا ڳالهه هن دؤر
۾ سڀني لاءِ اهم آهي. ساحره سوچيندي رهندي هئي ته
آخر ائين ڇو ٿو ٿئي! ڇا مون کان ڪوتاهي ٿي آهي! يا
مون ڪو وڏو ڏوهه ڪيو آهي! مان ته هر ڪنهن جي خدمت
ڪندي آهيان، هر ڪنهن جي لاءِ سٺو سوچيندي آهيان،
پوءِ به ماڻهو مون لاءِ سٺو نٿا سوچين ۽ مون سان
سچا ناهن، شايد اهو سڀ ڪجهه منهنجي سهڻي نه هئڻ
ڪري ٿيو آهي، سونهن ته سڀ ڪههه ناهي هوندي، پر
اسان جي سماج ۾ ان ڳالهه کي ته سمجهيو ئي نٿو وڃي.
ننڍي هوندي کان اهو لفظ ٻڌندي آئي هئي ”ڪاري“ پر هاڻ اهو لفظ
سندس لاءِ هڪ زهر ڀريو لفظ ٿي پيو آهي، پر ڪاري
ٿيڻ ۾ منهنجو ته ڪو هٿ ڪونهي، اها ته رب جي جوڙ
آهي ته ڪنهن کي سهڻو ڪري ڪنهن کي ڀورو ڪري يا ڪنهن
کي سانورو ڪري!
اڄ پاڻ ۽ صفيه جيئن ئي ڪاليج کان موٽيون ته سندن پُڦي ڳوٺان آيل
هئي، سامهون جو پُڦي تي نظر پين ته ڄڻ ڊوڙنديون
وڃي ڀاڪر پاتائونس ۽ حال احوال پڇڻ لڳيس، ساحره کي
ڏسندي ئي پُڦي چيو ڇو ڇوڪري توکي ڇا ٿيو آهي، ڄڻ
ته اوندهه جهڙي ٿي وئي آهين ۽ رڙ ڪري ڀاڄائيس کي
چيائين ڇو مائي ڇوڪريءَ جو خيال به ڪونه ٿي ڪرين
ڏس ته سهي ڪهڙي ٿي وئي آهي، ماڻس منهن گُهنجائي
ٺاهي چيو ته ڇو ڇا ٿيو اٿس! اڳي ئي اهڙي هئي ڪو
هاڻ ته ڪونه اهڙي ٿي آهي، اهي لفظ سندس دل ۾ تير
وانگر چڀندا محسوس ٿيا. تيسين صفيه سان وري ڀاڪر
پائيندي چيائين، ائي هيءَ ته منهنجي چنڊ جهڙي
ڀائٽي آهي، اُس مان آئي آهين جهڙي ڳاڙهي ٿي پئي
آهين. صفيه کلندي کلندي ڪپڙا
Change
ڪرڻ هلي وئي ۽ ساحره ڪچن ۾ ماءُ کي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ
لڳي ۽ سندس ڪنن ۾ پُڦي جا لفظ گونجڻ لڳا، ڪنهن کي
محسوس ڪرڻ به ڪونه ڏنائين، ماني تيار ڪري اچي
پُڦيس جي اڳيان رکيائين، تيسين صفيه الائي ڪيتريون
ڳالهيون ڳوٺ جون، سرتين سهيلين جون پڇي چڪي هئي.
رات جو پيءُ، ماءُ ۽ پُڦي ٽئي ڪچهري تي ويٺا، پاڻ ۽ صفيه ويٺيون
پڙهائي ڪرڻ نه چاهيندي به سندس ڌيان ماءُ جي
ڳالهين ڏانهن ٿي ويو، وري پاڻ کي ڪتاب ۾ محو ڪرڻ
جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، تيسين سندس نالو ڪن تي پيس، ته
ڌيان سان ڳالهه ٻڌڻ لڳي. پُڦي چئي رهي هئي ڀاڄائي
تنهنجي ڳالهه صحيح آهي ته ساحره وڏي آهي پهرين
مِٽي اُن جي ٿيندي، پر توکي ته خبر آهي رياض ڪيڏو
سهڻو ۽ شهزادن جهڙو آهي، اُهو ڪيئن ڪندو.
پر ادي آئون وڏيءَ کي ڇڏي، ننڍي کي ڪيئن پرڻائي ڇڏيان، پوءِ
تنهنجي مرضي آئون ته ڇا پر ڪو چڱو ڀلو به ڪونه
ڪندئي، بس اسان جي قسمت، پر ائين ٿيندو ڪونه!
پُڦيءَ جا لفظ ٻڌي سندس اندر رجهڻ لڳو. ان مهل دل
چيس ته ايتريون رڙيون ڪري روئي جو اندر جو سڄو ڏک
۽ پيڙا اُن ۾ ڌوپجي وڃي.
اڄ وري امان چيو ڪاليج کان موڪل ڪر، ڏس پُٽ ڪجهه مهمان اچڻا
آهن، سڀ ڪجهه سمجهندي به چيائين.
امان مان ڇو موڪل ڪيان، شام جو نٿا اچي سگهن.
هروڀرو جو ضد نه ڪندي ڪر، جيڪي به ماڻهو ايندا آهن تون ڪِر ڪِر
ڪندي آهين!
منهنجي ڳالهه کي امان توهان ڇڏيو، هُنن کي ڪرڻي ئي ڪونه هوندي
آهي. هُنن جي ڊمانڊ کي توهان سمجهو ٿا، پوءِ مون
کي ڇوٿا ذليل ڪرايو.
ڇوريءَ جو ته ڏسو ڪهڙو دماغ ڦريو آهي! تنهنجي انهيءَ انڪار ته
هيستائين پهچايو آهي، ٻه ٽي درجا پڙهاياسين تڏهن
ٿي،ائين ڳالهائين.
امان توکي منهنجي احساسن جو اندازو ڪونهي روز روز ائين ماڻهن
اڳيان اچڻ مون کي سٺو نٿو لڳي.
راڻي اسان جي به ته مجبوري آهي ڇا ڪيون؟ جيڪر ائين نه ڪنداسين
ته آخر اِهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيندو.
اڳي پُٽ ائين ڪونه هوندو هو، نياڻيءَ جي به عزت هوندي هئي، جڏهن
ڪير ايندو هو ته عزت سان گُهر ڪئي ويندي هئي ۽ جتي
ڳالهه ٿيندي هئي ته اُها ئي پڪي ڳالهه سمجهي ويندي
هئي، پر هاڻ جيئن اسان جي سماج ترقي ڪئي آهي تئين
نياڻيءَ جي شاديءَ جي مسئلن وڌيڪ مُنجهائي وڌو
آهي، خبر ڪونهي ته اڳتي ڇا ٿيندو.
امان هڪ ڀيري جي ڳالهه ته ڪونهي نه. الائي ڪيترا ڀيرا ائين ٿيو
آهي الائي ڪيترا ڀيرا ائين ٿيندو! امان تون سڀ
ڪجهه سمجهين ٿي پوءِ پاڻ کي دوکو ڇوٿي ڏين؟
بس پُٽ ڪي دوکا به سهارن وانگي هوندا آهن،ا ئين چوندي ماڻس روئي
ويٺي هئي، ماءُ جي درد کي ته پنهنجي ڏُک کان به
وڌيڪ محسوس ڪيائين، پاڻ به ماءُ جي بي وسيءَ تي دل
ئي دل ۾ پَڄرڻ لڳي ۽ اکيون پوسرائڻ لڳس، پنهنجي
ڪمري وڃي در بند ڪري روئي پيئي هئي. تڏهن وڃي ڪو
سک آيو هئس ۽ ماءُ جو چيو ڪري، ڪاليج کان موڪل
ڪيائين.
منجهند ڌاري ئي چار مايون آيون، ماڻس سندن ڏاڍي حاضري خاطري
ڪئي، آخر کيس سڏ ٿيو امان ساحره پُٽ اچ ماسيءَ سان
ته مل! کيس ائين لڳو ڄڻ ته سندس هانوَ تي مڻ جو
پٿر رکجي ويو هجي ۽ کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس
پئي ٿئي. نه چاهيندي به پاڻ سڀني سان ملي ڪنهن نڪ
کي موڙو ڏنو ته ڪنهن پڇيو ڇاٿي پڙهي، ماڻس خوش
ٿيندي چيو، ميڊيڪل جي ٽئين سال ۾ آهي ڊاڪٽر
ٿيندي...؟
پر هي منهنجو رنگ..........!!؟ اِهو سوچيندي ماين جي اڳيان اُٿي
آئي، پويان هڪ مائيءَ جو آواز ڪنن تي پيس، ادي
پوءِ ڇوڪريءَ لاءِ ڇاڇا ٺاهيو اٿئي؟ ها ادي ڇو نه
سڀ ڪجهه ڏينداسين، ماڻس جواب ڏنو، ڄڻ ته واپار ڪرڻ
آيون هيون.
قصو ائين ئي هلندو رهيو هاڻ ته کيس به هير ٿي وئي هئي، سندس ڏاج
ته الائي ڪيترن سالن کان پئي پئي سڙي ويو هو ۽
ماڻهس ڪڏهن پيتيون کولي ويٺي ڏسندي هئي ۽ ڪجهه
سوچيندي هئي.
پر ساحره زور سان کلي ڳالهه آئي وئي ڪري ڇڏيندي هئي. ڇو ته ماءُ
جي ڏکن ۾ واڌارو ڪرڻ ڪين چاهيندي هئي، هاڻ اهڙيون
ڳالهيون ته سندس لاءِ ڪا اهميت ئي ڪونه رکنديون
هيون. سڄي گهر ۾ ٽهڪن مٿان ٽهڪ هوندا هئس ۽ ائين
وقت گذرندو رهيو. وقت ته ڪنهن جو به انتظار ڪونه
ٿو ڪري، ائين ڊوڙندو ٿو وڃي ڄڻ ڪو پٺيان پيو اٿس.
وقت جو بال تيزيءَ سان لاهيءَ تان لُڙهندو رهيو. ساحره هاڻ
ميڊيڪل جي آخري سال ۾ پهچي چڪي هئي. پر مائٽيءَ
کان مائٽن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن سڀني جي طرفان انڪار
هو. پاڻ سوچي سوچي ٿڪي پئي هئي ته آخر امان منهنجي
لاءِ ئي ڇو ٿي سوچي. صفيه به هاڻي وڏي آهي،ان لاءِ
ڇونه ٿي سوچي! آخر هڪ ڏينهن ماءُ سان وڙهي پئي هئي
ته امان مون کي ڪنهن سان به شادي ڪونهي ڪرڻي، مان
شادي ڪندس ئي ڪونه، توهان صفيه لاءِ سوچيو! آخر
ماءُ به همٿ هاري ويٺي ۽ صفيه جي شادي رياض سان ٿي
وئي، ساحره کي ته رياض سان ڄڻ نفرت هئي جنهن وڏي
واڪي سڀني جي سامهون چيو هو ته هو ساحره سان شادي
نه ڪندو، ساحره سوچيندي هئي ته ڪڏهن رياض کي اهڙا
لفظ ٻڌائي جو سندس دماغ ٺيڪ ٿي وڃي، پر ماءُ ۽
پيءُ جي خيال کان چُپ هئي.
اڄ صفيه پنهنجي گهر ۾ خوش آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ٻارن سان
ايندي آهي ته ڄڻ ته گهر ۾ رونق اچي ويندي آهي ۽
ساحره ته شاديءَ لاءِ سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، پاڻ
ڊاڪٽر آهي، صبح هاسپيٽل ويندي آهي ۽ شام جو پنهنجي
ڪلينڪ تي ويندي آهي، جڏهن به مريضن کي ڏسندي ڪنهن
ڪارڙي ٻارڙي تي نظر پوندي اٿس ته ڄڻ ساهه مُنجهڻ
لڳندو اٿس ته يا خدا هن معصوم جو نصيب مون جهڙو نه
ڪجئين، هن کي هِن ظالم سماج ۽ ان جي ٺيڪيدارن کان
بچائج!
هوءَ جڏهن به رات جو اڪيلي ٿيندي آهي ته نه چاهيندي به رب کان
شڪايت ڪري ويهندي آهي ته اي منهنجا پالڻهار، تو
مون کي ته ڪارو ٺاهيو آهي پر منهنجي نصيبن کي ته
اوندهه جهڙو نه ڪرين ٿا، ماڻهن لاءِ ته مان هڪ اڻ
وڻندڙ شيءِ ٿي پئي هئس ۽ مون کي ننڍي هوندي کان
جيڪا نفرت ۽ ڌڪار ملي آهي تنهن منهنجي رڳ رڳ ۾ زهر
ڀري ڇڏيو آهي ۽ سوچيائين ٿي ته ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو
خدا جو يا هِن سماج جي مڙدن جو! جيڪي سونهن ۽ سهڻي
صورت لاءِ چريا هوندا آهن سهڻين ڇوڪرين کي ته پوڄڻ
لاءِ به آتا هوندا آهن. پوءِ ڀل اُها پڙهيل هجي يا
نه؟ ذهين هجي يا نه؟ سڀني ڳالهين ۾ ڀل پوئتي هجي
پر سونهن ۾ سڀني کان مٿانهين هجي، اِهو به ڪونه
ڏسندا ته هي ڇوڪري اسان جي لائق به آهي يا نه!
سهڻين ڇوڪرين لاءِ ته هو هر شرط مڃڻ لاءِ تيار
هوندا آهن.
اهڙو ساڳيو رويو اسان جي سماج جي عورت جو به آهي ته نُنهن هجي
ته سدا ملوڪ، پوءِ ڀل گهر ۾ اچي موچڙا هڻي.
ڪڏهن ته اهڙو به وقت ايندو الائي نه؟ يا هميشه عام رواجي ڇوڪرين
سان اهڙي ريت ڏاڍائي ٿيندي رهندي! ۽ هو اندر ئي
جُهرنديون ڀُرنديون رهنديون! ۽ سدائين مائٽن جي در
تي پيڙهبيون رهبيون، ماڻهو ته چوندا آهن ته هر
ڪنهن جي نصيب جي ڳالهه هوندي آهي ته ڪنهن کي سُک
ملن يا ڪنهن کي ڏُک پر مان ته اها ڳالهه سمجهي آهي
ته سهڻن ٻارن جا نصيب به سٺا هوندا آهن
۽..........؟؟؟؟
نالو ۽ ذات
ريکا ڀارواڻي
پيءُ جو نالو؛
ڪشنچند
ڄم؛
16- جولاءِ 1968
ڄم جو هنڌ؛
حيدرآباد سنڌ
تعليم؛
مئٽرڪ سائنس
فرسٽ ڪلاس 1984ع
انٽر(آرٽس)
سيڪنڊ ڪلاس 1986ع
ايم اي
فرسٽ ڪلاس 1992ع
اضافي هم – نصابي سرگرميون
گارڊننگ ، ڊريس ڊزائننگ
۽ فوٽو گرافي
سڃاڻپ
(ريکا اسان جي سهڻي، سيبتي ۽ ذهين سرتي آهي، هن جو تعليمي
ڪيريئر شاندار آهي. رنگن ۽ بُرش سان هُوءَ چهرا،
لئنڊ اسڪيپ ۽ احساس ڪئنواس تي پکيڙيندي آهي. فائين
آرٽس ۾ ايم اي آهي. فلاور ميڪنگ ۾ ريکا ڊپلوما
ورتو آهي. پاڻ ڀارواڻي ڪٽنب جي نياڻي آهي. راندين
۾ کيس ٽينس پسند آهي. گارڊننگ، ڊريس ڊزائيننگ ۽
فوٽوگرافيءَ جو شوق اٿس ۽ انهن ۾ انعام به کنيل
اٿس. سندس تصويرن جا ٽي گروپ نماءُ ٿي چڪا آهن.
هتي سندس سڃاڻپ ۽ ڪجهه پينٽنگز ڏئي رهيا آهيون –
ادارو) |