سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :3

مُٺ مُٺ سورن سڀڪنهين...

 

ڏُکن سان جنگ جوٽيندڙ هڪ پورهيت عورت سان نجمه پنهور ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي.

(هن ڪردار جو ڏک ايڏو ته گهرو ۽ اٿاهه آهي، جو اُن جي انت تري تائين رسڻ جي ڪوشش ۾ دم ٽُٽي ٿو پوي ۽ مٿاڇري تي نڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻا ٿا پون، ان ڏُک کي لفظن جي لڙيءَ ۾ پوئڻ ته تهائين ڏکيو آهي، ان صورتحال ۾ اسان جو سونهون وري به لاکيڻو لطيف ئي ٿي سگهي ٿو.

 

مُٺ مُٺ سُورَن سَڀَڪنهين، مُون وَٽ وٿاڻانِ

ڀَرِيون ڪَيو ڀُڻانِ، ويا وِهائو نِڪري.

اتي اِهو سوال ٿو اُٿي ته اهي ڏک ڏاتار ڏنا يا ڀانڊار(سماج/ سسٽم) بهرحال، مائي خاتون سڄي ڄمار انهن ڏکن سان جهيڙيندي رهي آهي، هن ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻ بدران انهن هٿن سان ڪم ڪيو آهي، پني کائڻ بدران هُن پورهيو ڪيو آهي. اسين مائي خاتون کي سلام ٿا ڪريون ۽ ”سرتيون“ جي پڙهندڙن/ لکندڙن کي عرض ٿا ڪريون ته هو پنهنجي آسپاس اهڙن جيئرن جاڳندن ڪردارن سان ورهه ونڊين، کين ڏڍ ۽ آٿت ڏين. کانئن حال احوال وٺن ۽ اُهو”سرتيون“ ڏانهن ڏياري موڪلين. شايد ائين اسين سندن تتل هانو تي ڇنڊو هڻي سگهون ۽ هن سماج/ سسٽم جي ٺيڪيدارن کي آرسي ڏيکاري سگهون!ادارو)

نالو؛ خاتون

عمر؛ سٺ سال

اولاد؛ هڪ نياڻي

ڌنڌو؛ڪاغذ ۽ لوهه گڏ ڪري وڪڻڻ.

هوءَ اڱر وانگر ٻه ڀيرا ٻري هئي، هڪ ڀيرو اڱر ٿيڻ لاءِ،

ٻيو ٽانڊي ٿيڻ لاءِ!

ايءَ پرَ اڱارن، ٻِڏاهين ٻَرن جي.

(شاهه)

 ۽ مون جڏهن کيس ڦلهوريو، ته ڦلهيار ۾ ٽانڊو اڃا دکي رهيو هو، شايد ”دُک اهڙو ٽانڊو آهي، جيڪو ڪڏهن به رک نٿو ٿئي!“ اچو ته ساڻس ورهه ونڊيون-سُور اوريون؛

”امان ڏهن سالن جي هئس ته مائٽن ٻن سَون ۾ وڪڻي هڪ پوڙهي جي حوالي ڪيو، منهنجو مڙس مون کان گهڻو وڏو هو،ان ڪري ڪمائي ڪونه سگهندو هو، ان ڪري مون ڏهن سالن کان محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين اهائي حالت آهي، شاديءَ کان پوءِ خوشي يا سُٺي زندگي ڇا ٿيندي آهي؟اُها مون ڪانه ڏٺي آهي، ساهرن جا موچڙا ۽ مارون کائي وقت گهاريم، ويهه سال ٿيا آهن، جو مڙس گذاري ويو آهي، ڌڻيءَ هڪ نياڻي ڏني، جنهن کي پنهنجي پورهئي مان پالي وڏو ڪيم ۽ شادي ڪرايم،پڙهڻ جو رواج اسان ۾ ڪونه هو ۽ هاڻي به ڪونهي، جن وٽ کائڻ لاءِ هڪ ويلي جي ماني نه هجي سي ڪهڙي پڙهائي ڪندا!

مون پنهنجي محنت ڪئي گهر وارن يا خاندان وارن ڪوبه اعتراض ڪونه ڪيو. غربت گهڻي هئي، چين پنهنجو ٿي ڪمائي مڙس کي کارائي، اسان تي بار ڪونهي، ٻاهر نڪرڻ سان ماڻهن گهڻن ئي طريقن سان ستايو ۽ ريجهايو. ڪنهن شاديءَ جي آڇ ڪئي ته ڪن وري ٻين طريقن سان تنگ ڪيو، پر مون تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي ته جيئن عزت ۽ محنت سان ڪمايان. اڄ به منهنجي خاندان وارا چون ٿا ته تنهنجي شادي ٿا ڪرايون ڇو ته وري ٻٽن سَون جي گُهرج  هوندن، جواني، ائين ويهي گذاري ڇڏيم، هاڻ پيريءَ ۾ شادي ڇا ڪندم! بس وڃي ڳوٺ جي چڱي مڙس کي دانهن ڏنم، ته مون مسڪين کي شاديءَ جهڙي آزار مان جند ڇڏائي، مون کي ڪونهي شادي ڪرڻي، پهرين شادي ڪهڙا سُک ڏنا، جو هاڻ ٻي ڪنديس! هاڻ جڏهن آئون پاڻ ڪمايان ٿي ته مان ڪنهن جي ڪاڻ ڇو ڪڍان؟ ڇو ته انهن کان گهران ڪونه ٿي. ڏين کڻي نه پر ڏکوئن به ته نه؟ پر هن حياتي ۾ مسڪين جو ته ڪير ڪونهي!

مان چاهيان ٿي ته ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگيان ۽ مون کي ڪنهن کان گُهري کائڻ کان به سخت نفرت آهي،هينئر منهنجي صحت به صحيح ڪونهي، تڏهن به مون کي اها عادت ڪونهي ته هڪ رپيو به ڪنهن کان گُهري دوا وٺان پر جڏهن ماڻهو ڪنهن ڪم کي پڪي ارادي سان کڻي نڪري ٿو ته ايترو بهادر ٿيڻو پوي ٿو! پُٽ سمجهان ٿي ته آئون اڻ پڙهيل آهيان ۽ هيڏي همٿ ۽ جرئت سان حالتن سان مقابلو ڪيو اٿم پر جيڪا عورت پڙهيل آهي اُها وڌيڪ همٿ واري هوندي.

منهنجو مڙس ته ڌيءَ ڏئي ٿي پرڻيو، پر مون صاف انڪار ڪيو؛ ڇو ته غربت ۾ مان پاڻ مڙس کي ڪمائي کارائيندي هئس، مون سوچيو ته هيءَ پرڻجي ايندو، ته هن ٻئي جيوَ کي ڪير کارائيندو؟! اها به منهنجي مٿي تي پوندي، امان ساڙ ۽ حسد ٿيندو آهي، اُهو مون کي ڪين ٿيو، پر کارائڻ لاءِ ڪجهه ڪين هو، ان ڪري گهڻي رڙيس ته هاڻ مڙس جي عمر به اچي چڙهي هئي ان ڪري ڪجهه سالن ۾ بچي الائي نه! هن مائيءَ جي ڪير ڪندو.

پهرين نياڻيءَ جي ڄمڻ تي به خوش ٿيس، ڇو ته مڙس وٽان محبت ۽ توجهه کان وانجهيل هئس، ان ڪري پنهنجون محبتون اولاد ۾ ڳوليم، اولاد امان وڏي خوشي آهي، جڏهن مون کي اها خوشي نصيب ٿي، ته ڪجهه سال ته پنهنجا سور ئي وسري ويم ۽ هر گهڙي ننڍڙيءَ جي مرڪن ۾ گُم هوندي هيس، پوءِ اسان جي رواج مطابق نياڻي وڏي ٿي ته اُن کي به پرڻائي ڇڏيم، مون لاءِ وري به اهائي حالت ٿي جيڪا اڳ هئي، هڪدم صفا اڪيلي ٿي پيس، هاڻ ڪير ڪونهي جنهن سان دل جو حال اوريان! پئي پنهنجي سُورن ۾ سڙان ۽ جُهران! ڏسان پئي ته دنيا ۾ گهڻئي خوشيون ۽ رنگ آهن، پر مون لاءِ ته هڪ ئي رنگ آهي اونداهه جو! نه ڏينهن جو سُک آهي ۽ نه ئي رات جو آرام آهي، ڏينهن جو پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪريا ۽ رات ائين ئي سوچيندي گذاريان، ته رب منهنجا! خلقيو ته اٿئي پر نه اوهي نه واهي؟ ڪنهن جي آسري ڇڏيو اٿئي، ماڻهن لاءِ ته سڀ ڪي آهي، مون لاءِ ته سک جي هڪ گهڙي به ڪينهين.

بس روئيو کڻيو ماٺ ڪيان، ته پالڻهار هاڻ ڀلي پاڻ وٽ گهرائي! ڀلا هن ڪوڙي دنيا ۾ رکيو به ڇاهي؟اسان بدنصيبن لاءِ! رڙي رڙي ڏينهن پيا ڪاٽيون؟

امڙ ڌيءَ جي در تي ملڻ ٿي وڃان ته ناٺي اچڻ ڪونه ٿو ڏئي، ڇا ڪريان؟ ڪنهن کي دانهن ڏيان؟

ڏسان پئي جڳ جو نمونو ته جيئن پوءِ تيئن وڃي به روشنين ڏانهن پيو ۽ اسان جي دل ۾ وري اونداهين جو ديرو!

امان سڄي زندگيءَ ۾ مون ڪڏهن به خوشي ڪين ڏٺي، سورن ۾ سدائين هئس، سدائين اکين ۾ لڙڪ هئم، جيڪا زندگي اڳ هئي سا ئي شادي کان پوءِ رهي، پاڻ پوءِ تهائين وڌيڪ ڏکي ٿيس، خوشيون ڇا ٿينديون آهن! اُن جي مون کي ڪابه سُڌ ڪونهي، ڇو ته مون پنهنجي سڄي زندگيءَ جي سٺ سالن ۾ ڪڏهن خوشين جي هڪ گهڙي به نه ڏٺي آهي. امان عورت جي عزت وڏي ڳالهه آهي، جيڪا سنڀالڻ به ڏکي آهي، هن زماني جي ٿي ڳالهه ڪريان. عورت جي عزت سندس هٿ ۾ آهي يعني مُٺ ۾! مُٺ کوليندي ته هُوءَ پاڻ ڄاڻي ٿي ته ڇا ٿيندو. جيڪر مُٺ کي بند رکندي ته پاڻ کي محفوظ رکي سگهي ٿي، مون سموري حياتي پنهنجي عزت جي حفاظت ڪئي آهي ۽ هاڻ ته زندگيءَ جو ڏيئو اُجهامڻ تي آهي، ڪير ڄاڻي ته ڪنهن مهل ٿا اکيون ٻُوٽيون!!

سون ساريکا هٿڙا

 

ڏاڏي جمعيت ڪنڀر کان انٽرويو

انٽرويو ڪندڙ؛ ستار وسنداڻي

(”سون ساريکا هٿڙا“ عنون هيٺ اسين هُنرمند عورتن جا انٽرويو، فيچر، خاڪا وغير ڏينداسين، توهان جي تَرَ ۾ اهڙي ڪا عورت هجي ته ان جي باري ۾ ”سرتيون“ کي مواد لکي موڪليو، تصويرن سوڌو – ادارو

س؛ ڪٿي جون رهاڪو آهيو؟

ج؛ ابا ڳوٺ سوڀاري شاهه جي رهاڪو آهيان.

س؛ توهان جي هن وقت ڪيتري ڄمار آهي؟

ج؛ ابا، امان ۽ ابو ڳالهه ڪندا هئا ته تون ڇني واري سال ڄائي هئينءَ، معنيٰ ستن ڏڪارن واري سال، جنهن کي اسي سال ٿي ويا آهن، منهنجي به ڄمار اسي سال کن ٿي ويندي.

س؛توهان ڀرت ڀرڻ ڪڏهن کان سکيو؟

ج؛ ابا پنجن سالن جي ڄمار کان سُئي هٿ ۾ کنيم.

س؛ ڀرت ڀرڻ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ڪم ڪيو؟

ج؛ جيئن ته اسان ڪنڀار آهيون، سو مون مِٽيءَ جو به ڪم ڪيو.

س؛ سگهڙ زال ۾ گهرو ڪم کانسواءِ ٻيون ڪهڙيون خوبيون هونديون آهن؟

ج؛ سگهڙ زال سچيت آهي، جيئن ته هن ۾ ٻيون خوبيون ڪهاڻيون، قصا ۽ ٻيون عقل جون ڳالهيون هونديون آهن.

س؛ توهان کي ڪهاڻيون قصا ياد آهن؟

ج؛ هائو ابا، اسان جو سڄو گهراڻو انهن ڳالهين جو شوقين هو ۽ مون کي به مارئي، سهڻي، سسئي ۽ ٻيون بادشاهن جون ڳالهيون کوڙ ياد آهن.

س؛ ڪڏهن کان؟

ج؛ ننڍپڻ کان.

س؛ انهن قصن ڪهاڻين مان ماڻهوءَ کي ڪهڙو سبق ملي ٿو؟

ج؛  ماڻهو قصن ۽ ڪهاڻين کي ٻڌي سٺو ڳالهائي سگهي ٿو ۽ سٺي ڄاڻ ملي سگهي ٿي.

س؛ ٿر جي عورت کي توهان هن وقت ڪيئن ٿيون سمجهو؟

ج؛ ابا عورت عظيم آهي، هن کي جيڪي گهرجي سا ڪري سگهي ٿي. ان کي آزادي ڏيڻ گهرجي ته هوءَ به دنيا ۾ گهمي ڦري ۽ ڏسي ۽ دنيا جي ٻين عورتن وانگر سمجهي ته ڇا پيو وهي ۽ ڇا پيو واپري.

س؛ ڪهڙا ڪهڙا ٿانوَ ٺاهي سگهو؟

ج؛ ڪونڊا، ڪونڊيون، پاٽيون، تباڪ، ڪنڙا ۽ چانهه پيئڻ جا پيالا.

س؛ شهرن ۾ ريتون رسمون ٿر کان مختلف آهن، اهو ڪيئن؟

ج؛ ٿر ۾ پڙهائي آهي ڪو نه، شهر ۾ پڙهائي آهي، پوءِ پڙهائيءَ وارا ماڻهو گنديون ريتون ڪڍي سڌري ويا، هتي ٿر ۾ نه پڙهائي آهي نه اسڪول، پوءِ اها ساڳي ڳالهه هلندي پئي اچي.

س؛ توهان شادين مرادين ۾ سهرا چونديون آهيو يا ڳيت؟

ج؛ ابا ڪٿي ڪٿي سهرن جو رواج آهي ته ڪٿي ڳيتن جو، پر اسان جي ڳوٺ ۾ ڳيتن جو رواج آهي.

س؛ عورت کي ڪيتري آزادي هئڻ گهرجي؟

ج؛ جيتري مرد کي آهي اوتري عورت کي آزادي هئڻ گهرجي.

س؛ ٿر ۾ ڇوڪرين جا اسڪول رپئي مان ٻه آنا آهن، اِن جو ڪهڙو سبب آهي؟

ج؛ ماڻهو عورتن جي تعليم کي چاهين ڪو نه ٿا.

س؛ ڪٿي ڪٿي شادين ۾ عورتن جون ريتون ساديون هونديون آهن ته ڪٿي ڏکيون، انهن ٻنهي مان توهان کي ڪهڙي پسند ايندي آهي؟

ج؛ گهوٽ ڪنوار کي ماڻي ته هونئن ئي ويندو آهي، پر ريت ڪجي ته ڇڪي ڪجي.

س؛ ڀلا ڪمپيوٽر ڪڏهن ڏٺو اٿوَ؟

ج؛ مون ڪڏهن ٻڌو به ڪونهي، باقي ڏٺو ڪيئن هوندو.

س؛ پدمڻي عورت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائينديون؟

ج؛ پدمڻي عورت اُها آهي جنهن جا وار ڊگها، هٿ سنهڙا، اکيون وڏيون، نڪ ڊگهو ۽ چپ سنهڙا هجن. پدمڻي صرف هڪ پاءُ کاڌو کائيندي آهي ۽ رات جو سمهڻ کان پوءِ ٿورڙو آواز به ٻڌڻ ۾ آيو ته جاڳي پوندي.

س؛ ڪهڙي ڳالهه تان ڪاوڙ ايندي اٿوَ؟

ج؛ ڪوڙ تان.

س؛ عورتن لئه ڪو نياپو؟

ج؛ سٺي خوشگوار زندگي گذارين ۽ هنر به سکن.


 

ههڙا هاڃا ٿين بُري هن ”ملاوي“ ۾

 

لطيف سائين جي مٿين سِٽ ۾ ”ڀنڀور“ بدران ”ملاوي“ ڏيڻ جو مقصد لطيف جي بيتن ۾ تعريف ڪرڻ نه آهي، بلڪه ”ملاويءَ“ جي خبر جي حوالي سان ائين ڪيو ويو آهي. هونئن به جتي ڏاڍ ۽ ايذاءُ ٿئي ٿو، اُتي ”ڀنڀور“ جو (Symbol) ئي صحيح آهي. پوءِ اهو بوسينا هجي، ڪشمير هجي، فلسطين هجي، آفريڪا هجي يا سنڌ ---! عورتن سان ڏاڍاين جا هر هنڌ ايترا ته واقعا ٿين ٿا، جو اخبارون انهن سان ڀريون پيون آهن.

ضمير جي قيدياڻي

آفريڪا جي شهر ”ملاويءَ“ سان تعلق رکندڙ خاتون جيڪا هاڻ 60 سالن جي ٿي چڪي آهي، جنهن کي 12 سالن کان پوءِ 24 جنوريءَ تي آزاد ڪيو ويو آهي.

آفريڪا ۾ هيءَ ”ضمير جي قيدياڻي“ طور سڃاتي وڃي ٿي، ويرا شروا ۽ سندس مڙس آرٽن شروا کي 1981ع ۾ گڏ گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته سندس مڙس جلد ئي، ٽن مهينن بعد جيل ۾ ئي گذاري ويو هو!

(ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ٿورن سان)


 

سٽاءُ

محمد رحيم ميمڻ

ههڙا هاڃا ٿين بُري هن ڀنڀور ۾

 

عورت جنهن جا مکيه روپ آهن. پوءِ اهو ماءُ جي صورت ۾ هجي، جنهن جي لاءِ پاڻ ڪريم صلّي الله عليہ وآلہ وَسَلّم جن فرمايو ته ”جنت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي“ يا زال جي صورت ۾ هجي، جنهن لاءِ پڻ پاڻ ڪريم صلّي الله عليہ وآلہ وَسَلّم جن فرمايو ته ”تقويٰ کان پوءِ هن دنيا ۾ عظيم تحفو نيڪ زال آهي.“ يا ڀيڻ جي صورت ۾ ٻاگهل هجي، جنهن تڪليفون ۽ موت قبوليو پر خلجيءَ سان پرڻجڻ قبول نه ڪيو. ان عظيم عورت سان سڄي دنيا ۾  اڄڪلهه ڇا نه ٿي رهيو آهي. يقيناً سنڌ به انهيءَ دنيا جو حصو آهي ۽ سنڌ ۾ به عورت ڏاڍائيءَ جو شڪار آهي. اُها سنڌ، جيڪا صوفين جي سرزمين آهي، جتي عورت جي عظمت جو ثبوت ڏسڻو هجي، ته لطيف جو رسالو ئي کوڙ آهي. انهيءَ کانسواءِ سنڌي سماج م عورت جو تمام مٿاهون رتبو آهي. ان جو ثبوت سنڌي ٻوليءَ ۾ اُهي چوڻيون، پهاڪا ۽ اصطلاح آهن، جيڪي عورت جي عظمت کي اُجاگر ڪن ٿا؛ جهڙوڪ؛

نياڻي سياڻيءَ جو ڌيان ڪرڻ

نياڻين جو ميڙ نه موٽائڻ

اڄ سنڌ جي اجرڪ اوڍيل عورت سان جيڪي ظلم ٿي رهيا آهن تن کي ڏسي ۽ ٻڌي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن – لَڄا لُٽ، ڪارو – ڪاري، حق بخشائڻ، اغوا – اهو سڀ ڪجهه انهيءَ سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن جي شاعرن عورت جي عظمت جا ترانا ڳاتا آهن، ڇا اُها سنڌ ختم ٿي وئي؟ اهو سوال پوري سماج کان آهي.

هتي اسين اخبارن ۾ آيل ڪجهه خبرن جون صرف سرخيون توهان جي آڏو رکي رهيا آهيون؛-

عبرت 19-3-1993ع مڙس زال کي ڪهاڙين جا ڌڪ هڻي ماري ڇڏيو

عبرت؛ 19-3-1993ع مسواڙ نه ملڻ تي سوچين جي گهر تي حملو، ڀڃ ڊاهه، ٽي عورتون ۽ هڪ ڇوڪرو زخمي ٿي پيا.

جاڳو؛ 21-3-1993ع ڀاءُ ڀيڻ کي ماري ڇڏيو.

هلال پاڪستان 22-3-1993ع مورو مان ٻه سڳيون ڀينرون اغوا.

هلال پاڪستان 23-3-1993ع ڪپڙا ڌوئي نه ڏيڻ تان مڙس پنهنجي زال کي ڪهاڙيءَ جا ڌڪ هڻي ماري ڇڏيو.

هلال پاڪستان؛ 25-3-1993ع 19 ڏينهن جي اغوا ٿيل ڇوڪري بازياب

ڪاوش؛ 25-3-1993ع پيارو لنڊ ٿاڻي جي حد ۾ ڦر، عورت قتل، پوليس فوتي عورت جي ٻن ڀيڻن کي گرفتار ڪري ورتو

هلال پاڪستان 28-3-1993ع نامعلوم وحشي معصوم نياڻيءَ سان زيادتي ڪري کيس ماري ڇڏيو.

دولتپور ۾ عيد ڏينهن انسانيت سوز واقعو

ڪاوش؛ 29-3-1993ع خيرپور ۾ ماءُ قتل، 2 ڌيئرون اغوا

جاڳو 29-3-1993ع نوجوان نياڻي پوڙهي ماءُ سميت 15 ڏينهن کان ناحق بند، 6 هٿياربند سندن گهر تي هلان ڪري کين اغوا ڪري ويا هئا. پوليس طرفان فرياد داخل ڪرڻ کان انڪار.

جاڳو؛ 29-3-1993ع لاڙڪاڻي ۾ پوليس واري جي بيوه جي گهر مان ڦر، سپاهيءَ مسڪين عورت کي مارڪٽ به ڪئي.

جاڳو: 30-3-1993ع ڀٽائي آباد جي نياڻين سان پوليس جو شرمناڪ سلوڪ. لٽيل عورتون هٿن ۾ قرآن کڻي روئنديون رهيون.

آفتاب؛ 30.-3-1993ع استاد جي معصوم نياڻيءَ سان زنا ۽ قتل

ڪاوش؛ 31-3-1993ع نيو سعيد آباد ۾ نياڻيءَ جي لڄالٽ جو واقعو لئه مٽي ڪرڻ لاءِ سندس ماءُ کڻي ويا، جوابدارن پاران سندس ماءُ کي سخت مارڪٽ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com