گيت
هلڪو هلڪو واءُ، لڳي پيو
ترندو آيو ڪَنول
هوريان هوريان هَل!
سڀ وڻ مينهوڳيءَ ڀِڄايا
جِهرمِر جِهرمِر جَل،
هوريان هوريان هَل!
پياري!، تنهنجون پَلڪوُن هِن يا
پَٽَ جو ڪاج ڪيل،
هوريان هوريان هَل!
ڀانءِ ته پوپَٽَ اُڏري ايندا
کهنبو رنگ- رتل
هوريان هوريان هَل!
وقت جي هٿ مان تِرڪي ويندا
پاري جهڙا پل،
هوريان هوريان هَل!
غزل
ڪيسين رهندو هيڻو هانءُ
ڏونگر ڏورڻ ايندو ڏانءُ
ڪونجن جهڙي ڦٽندي باک
اُڏندو رات جو ڪارو ڪانءُ
لهرون لهرون لڳندو واءُ
نيٺ ته لامون لهنديون لانءُ
ٽڙيل هجي يا ڪومايل
گل نه ڏيندو وڻ جي ڇانءُ
گل ورهائڻ آيو جو
ڪونه ڏسيندو پنهنجو نانءُ
ساڃهه
نه آهي ڪا سَرتي
نه ڪو ساٿيارو
نه رهبر، نه بُزرگ، نه مُحسن ڪو ئي
نه ڪو سرپرست، نه ئي ڪو ئي پنهنجو
سڀن جي رَهڻ جا جزيرا جُدا
هُو مانجهي جُدا ۽ جُدا ٻيڙيون،
پڳهه ڀي جُدا ۽ ڪنارا جُدا،
مگر پوءِ به هلندي،
حياتيءَ جي مُٺ مان،
مُحبت سندو ٻجُ ڇَٽي جي سگهين!
خوشي ۽ جياپو ونڊي جي سگهين!
ته اي اجنبي!
مُنهنجي گهرڙي کان ٻاهر
۽ ٻاريءَ ۾ پوکيل،
هي اُسَ ۾ به تازو ۽ مُکڙين سان جهنجهيل
۽ سائو ستابو هي چمپا جو وڻُ!
هي ساڃههَ جو اوچو علم ئي ته آهي
۽ اڳتي وڌڻ جو عزم ئي ته آهي!
سچائيءَ ڏي پهريون قدم ئي ته آهي!!!
دُعا
سدائين کلو اي سَرتيو!
ائين ئي ملو اي سَرتيو!
شل اوهان ڀي وڏو ڪوئي آوازُ ٿيو
عرش تائين اُڏي ڪو ئي پرواز ٿيو
هٿُ هٿ ۾ ڏئي گُڏ ٿيو ۽ ويهو
وِکَ وِکَ سان ملايو ۽ گڏجي هلو
جيئن خوابَ اسان جا اڌورا رهيا
اوهان جا رَهن نه ۽ ساڀيا ٿين
جيڪي مقصد اسان کان نه پوُرا ٿيا
سي اوهان کان نه رهجن مڪمل ٿين
شالَ هر پل اوهان وک اڳتي وجهو
ڪِن جو جيونُ سڦل شَلَ بڻائي سگهو!
*
سال پراڻا
سرتيون ساڳيون،
جن سان ملڻ
جن سان ويهڻُ
جن سان کلڻ ائين
جيئن ورهيهَ وهامن پوءِ اَچانڪ
وياڪلَ مَن ٿئي
شانت شانت،
جيئن پرهه جا
پنڇي جاڳن،
گيت اُڏامن
گيتَ ڇَڙن پوءِ
ڀانتِ ڀانتِ! |