سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :4

سمت ڪمار سانگي

 

ٿري عورت

ڪائنات جي سڀ کان اتم تخليق انسانذات آهي، انسانذات ۾ مرد ۽ عورت ٻئي اچي وڃن ٿا. مرد ۽ عورت جي باهمي لاڳاپن سان سماج جو محل جُڙي ۽ خوشين سان مهڪي ٿو. عورت جو وجود سماج ۾ پنهنجي منفرد حيثيت رکي ٿو. عورت جي وجود سان ئي دنيا جي رونق قائم آهي. جڏهن سماج دشمن انسان نما درندا فقط پنهنجي مفاد خاطر عورتن جون زندگيون تباهه ڪندا آهن، امن واري سماج جي چمن ۾ نفرت ۽ خود غرضي جا ڪنڊا پوکي بيوس عورتن جي رت جو ريج ڏيندا آهن، تڏهن انسانيت تڙپي اُٿندي آهي. سماج جو محل ڊهڻ لڳندو آهي، اڄڪلهه ٿري عورت ۽ ٿري سماج انهن انسان نما درندن جي هٿن ۾ آهن. اهڙا سماج دشمن گهٽ هوندا آهن، پر انهن جي ٻاريل باهه ۾ سڄو سماج ٻرندو آهي. انهن اڄ ٿري عورت جي رُتبي کي مٽيءَ ۾ ملهائي ٿري سماج ۾ انهي کي نوڪر کان به گهٽ حيثيت ڏني آهي. انهن جي هٿ ٺوڪيلن قانونن اڳيان ٿري سماج ۽ ٿري عورت ٻئي لاچار آهن. ٿري عورت کي هر لحاظ کان پوئتي رکيو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا جي عورت هر لحاظ کان ۽ هر ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي چنڊ تي قدم رکي چڪي آهي پر ٿري عورت چنڊ ۾ گهيٽي ۽ اُرٽ واري آکاڻي تي ويساهه رکي ويٺي آهي. تعليم نه هئڻ جي ڪري بک ۽ سور ٿري عورت جو مقدر بڻجي ويا آهن. انهن ڪيتريون ئي تڪليفون ڏک ڏاکڙا سهي ڪري به پنهنجو ست سيل سلامت رکيو آهن، جنهن جو مثال مارئي آهي..

ايءُ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي،

اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪُريت،

پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.

(شاهه)

 مارئيءَ جي خوداري ۽ شان انسانذات جو شان آهي، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ واري ماحول ۾ به ٿري عورت پنهنجي ثقافتي ورثي کي اڄ به زندهه رکيو آهي، سندن هٿن سان ڀريل ڀرت نيويارڪ، پئرس ۽ لنڊن جي عمارتن جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، پر بدلي ۾ ٿري عورت مانيءَ ٽڪر لاءِ سڪي رهي آهي، پر انهي ڀرت جي بدولت ظالم سرمائيدارن جون ٽجوڙيون پئسن سان ڀريل آهن. انهي کان وڌيڪ ٿري عورت سان ٻي ڪهڙي ناانصافي ٿيندي، جو هوءَ پنهنجو نور نچوڙي ڪپڙي جي معمولي ٽڪر تي اُميدن جا گل چٽي انمون بنائي پر پاڻ ويتر سورن ۾ وڪوڙجندي وڃي.

ٿري عورت کي ظالم سماج هر قدم تي لُٽيو آهي، بُک، اَفلاس ۽ لڙڪ انهي کي ظالم سماج جا ڏنل تحفا آهن، هن جون خواهشون هميشه خود غرض سماج جي هٿان چيڀاٽجنديون رهنديون آهن، سندس سهڻا سپنا جن ۾ رنگ برنگي ڪپڙن ۾ گهر- راڻيءَ جو روپ ڪيترائي ڀيرا قهر جي ڪاراڻ ۾ الوپ ٿي چُڪو آهي، ٿري سماج ظالم جي ٺاهيل هر روايت قانون بنجي چڪي آهي، انهي قانون جي لپيٽ ۾ ٿري عورت ڪڏهن ته خوشين جي آس ۾ زندگي گذاريو ڇڏي ته ڪڏهن اسي سالن جي پوڙهي سان گذاري ڇڏي، ته ڪڏهن ٻارهن سالن جي ڇوڪر سان زندگي گذارڻي ٿي پويس،پوءِ به ٿري عورت پنهنجي مٿي تان ليڙون ليڙون لوئي نه لاٿي آهي.؛

مارُل سِر تان مُور نه لاٿي

لِيڙُون لِيڙُون لوئي هو!

ظالم سماج جي ريتن رسمن جي ڄار ۾ ڦاسي، هيءَ مڇي وانگر ڦٿڪي رهي آهي، ٿري عورت تعليم نه هئڻ جي ڪري اَٻوجهه ۽ موڳي ٿي پئي آهي، پاڻ تي ٿيندڙ هر ظلم قسمت جو قهر سمجهي پئي سهي، ٿري عورت سکن جي هڪڙي ساعت لاءِ سڪي ڏُکن جا ڏونگر ڏوري رهي آهي، پر ڇوٽڪاري جي ڪابه واٽ نظر نه ٿي اچي.

تعليم ته معاشري جي هر فرد لاءِ لازمي آهي، تعليم سان ئي سکئي سماج جوڙڻ جي سوچ اُڀري ٿي، تعليم فرد کي ترقيءَ جون واٽون ڏيکاري ٿي، تعليم سان ئي معاشري جون برايون ظاهر ٿين ٿيون ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جو حل به تعليم سان ئي ڳولهي سگهجي ٿو، پُر امن سماج جي اڏاوت اوستائين ناممڪن آهي، جيستائين ٿري عورت ٿري مرد سان ڪلهوڪلهي سان ملائي گڏ نٿي ٿئي، ٿري عورت ۾ اَمن ۽ ترقي جي سوچ اُڀارڻ لاءِ تعليم ضروري آهي، سماج هميشه عورت جي ڪردار جو غلام رهيو آهي، سماج کي سڌارڻ جو سهرو هميشه ايندڙ نسل تي هوندو آهي. عورت جي هنج ٻار لاءِ پهرين درسگاهه ليکي وڃي ٿي، ٻار جو ذهن ٻاروتڻ ۾ جيڪي نقشا چٽندو آهي. وڏو ٿي انهن نقشن مطابق سماج متعلق سوچيندو آهي.

فڪر جو لمحو اهو آهي ته هينئر جيڪا ٿري عورت هر طرح کان ظلم ۽ غلامي ۾ جڪڙيل آهي. اُها ٻارن ۾ امن ۽ ترقي جو شعور ڪيتري قدر اُڀاري سگهي ٿي!

ان ڪري ايندڙ نسل جي ڀلائي جي اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي.

ڪرسٽنا نرڪاڊيول پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿي ته عورت سماج جو اهم حصو آهي، جنهن سماج عورت کي غلام بڻائي مٿس ظلم ڪيو، اهو سماج جلدي نيست نابود ٿي ويندو.

خدارا ڪجهه ته سوچيو!

ايندڙ نسل جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ پُر امن سماج جي اڏاوت جو ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن هن وقت به اسان ٿري عورت جي باري ۾ نه سوچيو ته ظلم، بُک ۽ ڏک پنهنجو مقدر بڻجي ويندا. پنهنجو وجود تاريخ جي ورقن تان مٽجي ويندو، جڏهن به انسانيت جي تاريخ لکي ويندي ته پنهنجا ڪنڌ شرم کان هيٺ جهڪي ويندا. ايندڙ نسل پاڻ تي ملامت ڪندو.

اڄ ٿري عورت سان گڏ پنهنجي وجود جو سوال آهي. پنهنجي بقا جو سوال آهي. اڄ به اسان ٿري عورت کي بي زبان سمجهي ڇڏي ڏنو ته تاريخ ڪڏهن به اسان کي معاف نه ڪندي.

اچو ته گڏجي ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري ڇڏيون، ڪوڙين ريتن رسمن جا ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيون، ٿري عورت کي غلاميءَ مان آزاد ڪيون، ٿري عورت جي ڀلائي ۾ سڄي ٿر ۽ ٿري سماج جي ڀلائي آهي.

انٽر سائنس پري ميڊيڪل 1992 ۾ حيدرآباد بورڊ مان پوزيشن کڻندڙ نجمه هدايت الله شيخ سان ڳالهه ٻولهه

 س؛گهر ۾ ڪيترو پڙهڻ ٿيندو هو؟

ج؛ مان صبح جو ڪاليج ويندي هيس ۽ شام جو ٽيوشن تي پڙهندي هيس. ڪاليج جا استاد ۽ ٽيوٽرس تمام هوشيار ۽ قابل هئا جيڪي منهنجي رهبري ڪري مون کي همٿائيندا هئا. مان ڏينهن رات ۾ اٽڪل چوڏهن ڪلاڪ پڙهندي هيس.

س؛ انعام وقت توهان جا تاثرات ڪهڙا هئا؟

ج؛ انهن تاثرات کي مان لفظن ۾ نٿي بيان ڪري سگهان پر مان الله تبارڪ تعاليٰ جو شڪر ڪيو، جنهن مون کي ڪاميابي عطا ڪئي ۽ انعام حاصل ڪرڻ جي قابل بنايو.

س؛ ڇا توهان کي پوزيشن ملڻ جي اميد هئي؟

ج؛ مان جڏهن فرسٽ ايئر ۾ ڪاليج پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ٽيوشن وٺڻ شروع ڪيم ان وقت استاد مون کي چوندا هئا ته تون ڏاڍي برلينٽ آهين ۽ الله تعاليٰ جي ڏنل ڏات پڻ تو ۾ موجود آهي. جيڪڏهن محنت ڪندينءَ ته پوزيشن حاصل ڪري ويندينءَ. جڏهن منهنجون ڪاليج ۾ ٽيسٽون ٿينديون هيون ته مون کي پهريون نمبر مارڪون ڏنيون وينديون هيون، اهڙي طرح منهنجي همٿ وڌندي وئي ۽ ڌڻي تعاليٰ جي مهرباني سان جيڪو پڙهندي هيس اهو سمجهه ۾ ايندو هو ۽ ياد ٿي ويندو هو. مان نه صرف ڪاليج جي ڪورس جا ڪتاب پڙهندي هيس پر ان سان لاڳاپيل ٻيا ڪتاب به بابا سائين آڻي ڏيندو هو. اهڙي طرح موُن کي پورو يقين ۽ اعتماد هو ته رب تعاليٰ مون کي پوزيشن عطا ڪندو، مون کي پهرين پوزيشن جي اميد هئي پر ٻي پوزيشن Inter Scienec (Pre-Medical) ۾ عطا ٿي. مون کي انهيءَ تي خوشي به آهي ۽ رب سائين جا شڪرانا به بجا آڻيان ٿي. منهنجون مارڪون 2. 88 سيڪڙو آهن.

س؛ پنهنجي سبجيڪٽ پڙهڻ کان علاوه توهان ٻيو ڇا پڙهنديون آهيو؟

ج؛ گذريل ٻن سالن دوران جيئن ته استادن مون کي گهڻو همٿايو هيو ۽ پيءُ، ماءُ، ڀائرن ڀينرن، چاچن ۽ مامن جي منهنجي تعليم ۾ تمام گهڻي دلچسپي هئي ان ڪري مٿيان سڀ محسن مون کي پنهنجي ڪورس کان علاوه في الحال ٻئي ڪنهن طرف راغب ڪونه ڪندا هئا. هونئن ته مون کي اسلامي تاريخ ۽ مذهب بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو ۽ آهي.

س؛ لکڻ سان توهان جو چاهه آهي؟

ج؛ ننڍي هوندي کان مون کي لکڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. مثال طور اسڪول لائيف ۾ استاد ڪلاس ۾ خط ۽ درخواست لکڻ لاءِ چوندا هيا ته مان اتي ئي اتي پنهنجي خيالن جو اظهار لفظن ۾ لکي ڏيندي هيس ته استاد چوندا هئا ته اهي خطن ۽ درخواستن جون عبارتون تنهنجون ياد ٿيل آهن پر مان کين جواب ڪونه ڏيندي هيس ۽ صبر ڪري پنهنجي محنت ڪندي هيس. مون کي هاڻ به لکڻ سان تمام گهڻو شوق آهي ۽ خيال ڪيو اٿم ته شاهه جو رسالو غور سان پڙهان، ان تي ڪجهه تحقيق جو ارادو اٿم. شاهه جي رسالي مان ڪجهه بيت به ياد اٿم جن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي جيئن ته؛

”تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا

جانب منهنجي جيءَ ۾ آزار جا انواع

صاحب ڏيج شفا، ميان مريضن کي“

        (شاهه)

س؛ توهان جي هابي ڪهڙي آهي؟

ج؛ منهنجي اها هابي آهي ته مفڪرن، عالمن، ولين، نبين جا قول ۽ طريقا پڙهڻ ياد ڪرڻ ۽ لکڻ ۽ عمل ڪرڻ ۽ ٻين کي به ان جي تلقين ڪرڻ آهي. مثال؛ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو قول آهي ته ”مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿن ۽ زبان سان ٻيا مسلمان محفوظ رهن“

حضرت ابوبڪر رضه جو قول آهي ته ”مان جڏهن هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيان ته مون کي پراڻي ڪپڙي جو ڪفن ڏجو نئين ڪپڙي جي ضرورت مئلن کان وڌيڪ جيئرن کي آهي.“

حضرت علي سائين جو قول آهي ته ” معاف ڪرڻ ڄڻ دشمن تي فتح حاصل ڪرڻ آهي.“

س؛ ڇا گهر ۾ ماءُ جو هٿ ونڊائينديون آهيو؟

ج؛ هائو! پر گذريل ٻن سالن دوران منهنجي امڙ مون کي ڪم ڪرڻ ڪانه ڏيندي هئي ۽ مون کي پڙهڻ تي همٿائيندي هئي ۽ خرچ کان وڌيڪ خرچ ڏيندي هئي.

س؛ مستقبل ۾ توهان ڇا ٿيون ٿيڻ چاهيو؟

ج؛ ايندڙ وقت ۾ انشاءَ الله مان ڊاڪٽر ٿي F.R.C.S ڪنديس ۽ پوءِ دعا ڪندا ته زندگيءَ ڀر ڏکويلن ۽ مريضن جي سار سنڀال لهندي رهان. ان کان علاوه C.S.S ڪرڻ جو پڻ شوق آهي، ٻڌو ته ائين آهي ته اهو امتحان تمام ڏکيو آهي ۽ ڪجهه ئي ڪاميابي ماڻيندا آهن پر اهو ٻڌي وڌيڪ شوق جاڳيو آهي ته جيئن ڄاڻ حاصل ڪري ڏُکويل ماڻهن جي هر طرح مدد ڪري سگهان.

س؛ توهان سان مائٽن جو رويو ڪهڙو آهي؟

ج؛ مائٽن مان مراد گهر جا ڀاتي، ناناڻا ۽ ڏاڏاڻا اچي وڃن ٿا. گهر جي ڀاتين بابت مان اول ئي بيان ڪري چڪي آهيان ته اهي سڀ مون تي گهڻو مهربان آهن . منهنجا چاچا به تعليم يافته آهن. مان سڀني جي ٿورائتي آهيان جن منهنجي مدد ڪئي. منهنجي پوزيشن ۾ استادن جو، مائٽن جو، سرتين جو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حصو ضرور آهي.

س؛ توهان جو شاگردن لاءِ ڪهڙو پيغام آهي؟

ج؛ جيئن شيخ سعدي رحه جو قول آهي ته ”علم کان سواءِ انسان خدا کي به نٿو سڃاڻي.“ تنهن ڪري پيغام اهو ئي آهي ته علم حاصل ڪجي، علم کان سواءِ انسان نامڪمل آهي، علم روشني آهي، تنهن ڪري رات ڏينهن محنت ڪري علم جي زينت سان پاڻ کي سينگارجي ته ٻئي جهان چڱا ٿين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com