سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :6

شاعري

 

چيني شاعري

ڪائوزي

1-

ماڻهو ڦرين جي ڏانڊين کي ٻاري ڦرين کي ئي اُٻارين ٿا.

هُو سويا (جي ٻجن) کي ڇاڻي مشروب ٺاهين ٿا،

ڦرين جون ڏانڊيون ٿانَو جي هيٺان ٻرن ٿيون؛

۽ ڦريون ...... ٿانَو جي اندر ڪو ڪارين ٿيون،

هو ٻئي ته ساڳي پاڙ مان پيدا ٿيا آهن،

پوءِ ڇا لاءِ هڪ ٻئي کي ايڏي اذيت ڏين ٿا؟

* * * * *

2-

هوا وڻن جي چوٽين تي روئي ٿي؛

سمنڊ پنهنجي لهرن کي اُڀاري ٿو.

منهنجي هٿ ۾ ڪا تکي تلوار ناهي؛

مون کي گهڻن گهاٽن دوستن جي ضرورت ناهي،

ڏِس! هي جهرڪ جيڪا ٻوٽن جي قطار وٽ آهي،

هن پنهنجو پاڻ کي ڄار ۾ اڇلائي ڇڏيو جڏهن هن مٿي باز کي ڏٺو

شڪاري پنهنجي شڪار تي بيحد خوش آهي،

پر هو ڇوڪرا ان ڳالهه تي اداس آهي،

هو پنهنجي تلوار کڻي ڄار جي تارن کي وڍي ٿو ڇڏي

۽ هو جهرڪ آسمان ڏانهن اڏري ٿو

۽ بيحد اوچائي تائين اڏامي آسمان جي ڇيڙي تائين پهچي ٿو؛

ٻيهر لُوهه ڪري هو هيٺ اچي ٿو،

ڇوڪر جي مهرباني مڃڻ لاءِ.

سنڌيڪار: شگفته شاهه

 

نجمه ناز سولنگي

غزل

 

شاخ تي مکڙيءَ هُئي، سا به تو روڙي ڇڏي،

ڌنڌلي هڪ آس هُئي،لڙڪن ۾ جا ٻوڙي ڇڏي.

 

تڙپ اڃان تيريون ڪري ڏس تير وهه جا پئي هڻي،

ڪوري دل ڪنڀر گهڙي،گهورَي وري ٽوڙي ڇڏي،

 

ناز ۽ انداز وڻيم، ڀانيم آ منهنجو صنم،

منهنجو صنم ايندو بلم، واڳ تنهن موڙي ڇڏي،

 

عيش ۽ آرام گَهٽيم، زيب زيبائش ڇڏيم،

ناتو جڏهن کان ڪٽيم، ڏک سان سنگت جوڙي ڇڏي.

 

نفرتن هاڻو جنم، جهوري وڌو تنهنجي زخم،

”ناز“ ڇا ڪاغذ قلم، جنهن زندگي چوڙي ڇڏي.

 

 

ذڪيه تبسم عباسي

 

الوداعي گيت

 

 

ڇڏي ڏيهه پرڏيهه اُڏاميون وڃون ٿيون

او جيجل! اسين ڪونجون.

او جيجل! اسين ڪونجون.

اوهان جي گهر ۾، اوهان جي نگر ۾،

جيون گهڙيون، گهاريو وڃون ٿيون،

او جيجل! اسين ڪونجون.

او جيجل! اسين ڪونجون.

ڪي ايندوَ سارون، ڪَندؤ پچارون،

ساروڻيون سُندر، سجايو وڃون ٿيون،

او جيجل! اسين ڪونجون.

او جيجل! اسين ڪونجون.

لوليون ڏنيون هُيئي، جهول جَهلي جي،

سي منجهه روحن، رَچايو وڃون ٿيون،

او جيجل! اسين ڪونجون.

او جيجل! اسين ڪونجون.

نيڻ هي ڀنا هن، ڌارَ ماروئڙا هن،

ڳلن تان ڳوڙها، ڳاڙيو وڃون ٿيون،

او جيجل! اسين ڪونجون.

او جيجل! اسين ڪونجون.

ولر کان ٿيون وڇڙن، پوءِ ڪيئن نه روئن،

روئندي او سرتيون! رُئاريو وڃون ٿيون،

او جيجل! اسين ڪونجون.

او جيجل! اسين ڪونجون.

”الله واهي مٺڙي!“ چَئي، رخصت ڪيڙئي،

ڳر لائي آخر، موڪلايو وڃون ٿيون،

او جيجل! اسين ڪونجون.

او جيجل! اسين ڪونجون.

 

ج. ع منگهاڻي

رينگا

ڪيڏي ڪيئي ڀُل

اوتي سڀ سڳنڌ

او موتئي جا گل! سڃيو آ آڳنڌ

سائينءَ جو سڳنڌ!

*

نيٺ وسندا مينهڙا

رهي رهندا ڪيترو

وڇوڙي جا ڏينهڙا

ڏور رهيا جيترو

اوڏو ٿيندا تيترو

*

اکين اوتي آهي گهاگهر

سارا سپنا وکري ويا

مُرڪيو ڀوڳ منجهان ساگر

خيال سمورا اڏري ويا

ٿوهر من ۾ اڀري ويا.

*


 

 

هائيڪا

وڇڙي آهي ڪونج

پيئي ٻڌائي

پهاڙن جي گونج

*

ڏيندي ڪين سمهڻ

ساڳي ياد آئي آ

ننڊ چورائڻ.

*

بند ڪيئي نڙيون

ماٺيون ڪري سگهندين؟؟

نيهرن جون رڙيون!

*

طيءِ ٿيل معاملا

موسم ڏسي ماٺ جي

بنجي ويا مسئلا.

*


 

 

فريده ايس تبسم ميمڻ

 

 

تو جي پڇيو حال هو ته روئي پياسين

اگهيئه لڙڪ اکين جا ته مُرڪي پياسين

 

حيوانن جيان رلندا رهياسين رستن تي

ڏيکاريئه راهه روشن ته انسان ٿي پياسين

 

بيجان پٿرن جيان هئاسين ڪڏهن

گهمايئه هٿ برڪت ڀريو ته ميڻ بڻجي پياسين

 

پيار ٿيندو آ ڇا؟ ڪين هئي ڪَلَ اسان کي

ڪيئه ڳالهه حسينن جي ته ديوانا ٿي پياسين

 

سڀ ڪجهه ملڻ سان نه ٿيو نصيب جلوو

لڪايئه وجود پنهنجو ته تنها”تبسم“ شاعرٿي پياسين


 

 

ٽِسٽا

کلن ٽلن پيا ٻارَ

ڏکن آ موڪلايو

سُکن لڌڙي سارَ

*

خوشيون ٿينديون جام

ڏور ٿيندا ڏُکڙا

پِرهَه آندا پيغام

*

ڪارن وارن ۾ چهرو

ملڪيت تي آ

ڄڻ نانگن جو پهرو

*

 

 

ڳوٺاڻي زندگي

 

هوءَ تيل ڪاٺين تي هاري پئي

ڪا نينگر باهڙي ٻاري پئي

 

ٻاهر لڳي ٿو ڏاڍو واءُ

اندر ته گرمي ڳاري پئي

 

هن ساوڪ ۾ ڏس سانوارا

ڪا مالوندي مالڙو چاري پئي

 

ڪيڏو حسين منظر آ کوهه جو

ڪاپاڻي ڍڳن کي پياري پئي

 

جا آئي ٻَنيءَ تان هاڻي آ

سا پگهر پينگهي منجهه سڪائي پئي

 

شازيه شيخ

 

ڳولهه باک ڦٽيءَ جو پکڙيل آسمانن ۾

ناهي پنهنجن خوابن جي تعبير خواب نامن ۾

 

ڏس ماڪ جا ڦڙا، پري آهي نه اوشا

ٻوليو آ پکيئڙو ڪنهن وڻ جي لامن ۾

 

خاموشين جو هڪ اُتم شهر وسايو ٿم

اچ تون به سڀ اونده ڇڏي دنيا جي دامن ۾

 

ڪارن ڪڪرن کي پرانهين پرڏيهه کان

ڪوئي ٿو ڪو ڪانگ پيلن پنن جي شامن ۾

 

ڳُجهو ناهي رستو قرب جي قصر جو ڪوبه

اٽڪين نه جي دنيا جي ڪنڊن ۽ ڪانن ۾.

 

 

زبيده ناز خاصخيلي

سنڌڙي

 

پنهنجي سنڌڙي سهڻي ساري

ڏس منڇر تي اُڏري پئي آڙي

مٽ سندس ڪونه ڀايان گهمي ڪو ڏسي ٿر ۽ مومل جي ماڙي

ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جهڙو نه ڪو پيارو دنيا ۾

 نظارو

مصري ۽ ماکيءَ کان وڌ مٺا منهنجا مارو

برسات گرميءَ يا توڙي هجي سيارو

محنت ۽ جاکوڙ کان ڪندا ڪونه ڪنارو

ڌرتي ڌياڻيون سڀ آهن سياڻيون

هوندن هر ڪنهن هنر ۾ هٿ اٿم ساهه سان

سمايل هارياڻيون

مان ڇو نه ڪيا تنهن ڌرتيءَ تي ناز

جنهن ۾ وڄايو سامي سچل ۽ ڀٽائي سِڪ جو

ساز

 

وسيم سُومرو

گيت

سانوڻ جي رُت جي،

آ رات ڙي،

برساتن برسِي،

برسات ڙي،

 

اُلڪا اکين ۾،

ڇُلڪا اکين ۾،

ٿيا لڙڪ لارون،

بارات ڙي

 

بنجي صدائون،

آيون هوائون،

تنهنجي ملڻ جي،

ٽِي تات ڙي

 

ڌرتي ڀِني آ،

سرتي ڀني آ،

بوندون سلن ٿيون،

هر بات ڙي

 

ڏيئا ٿي ٻاريان،

ليئا ٿي ٻاريان،

آ نِنڊَ جيسين،

پرڀات ڙي،

 

وسيم سُومرو

وائي

گيتن جيئن هُلي،

هيرن جيئن گُهلي،

وَرِ خوشبوءَ جي ويس سان.

پکي به آکري طرف،

ايندا نيٺ رُلي،

وَرِ خوشبوءَ جي ويس سان.

بنجي پاڇو چنڊ جو،

جهوليءَ منجهه جُهلي،

وَرِ خوشبوءَ جي ويس سان.

متان پنهنجي پيار جي،

وڃين واٽ ڀُلي،

وَرِ خوشبوءَ جي ويس سان.

سليان پنهنجي سُور کي،

سکين سان نه کُلي،

وَرِ خوشبوءَ جي ويس سان.

 

ڪلثوم منظور

اي خدا! اي خدا

 

پينگها لڏندا رهن

مُحب ملندا رهن

هَرَ هلندا رهن

ٻجَ ڦٽندا رهن

اَن پچندا رهن

گاج گجندي رهي

مينهن وسندا رهن

گاهه گسندا رهن

پانڌ پُسندا رهن

ڊيل ٽلندي رهي

گُل ٽڙندا رهن

سنڌ توتي رهي

رَبُ راضي سدا

آهه منهنجي دُعا

اي خدا! اي خدا!

 

مانَ ملندا رهن

شان وڌندا رهن

دل جي ديول اندر

ديپ جلندا رهن

نفرتون ٻَن ٿين

پيار وڌندا رهن

 

شل سڻائي ڪرين

منهنجا سائين خدا

سنڌڙيءَ جي مٿان

گهور اُن تان وڃان

 

ساري سنسار تان

هي ڏڪر، ڏُک لهي

ظالمن جي مٿان

قهر ڪرندو رهي

 

اي خدا! اي خدا!

سنڌڙيءَ جا ڪوي

گيت لکندا رهن

شال ڀٽ شاهه تي

ميڙا لڳندا رهن

دهل وڄندا رهن

دهل وڄندا رهن

مچ مچندا رهن

ڇير وڄندي رهي

پير نچندا رهن


 

 

پارس حميد

ترائيل

انڌيري رات، اڪيلائي، نه ڪوئي همسفر

تو پڄاڻان ڪنهنجو به ساٿ رهيو ناهي

مون لاءِ کليل ناهي رهيو ڪوبه در

انڌيري رات، اڪيلائي، نه ڪوئي همسفر

 

هي دل به هجي ڄڻ ته ڪو دُکن جو گهر

هاڻي آءَ هلي سندم من ٿو چاهي

انڌيري رات، اڪيلائي، نه ڪوئي همسفر

تو پڄاڻان ڪنهنجو به ساٿ رهيو ناهي

 

رَک ٿي وئي آهي منهنجي زندگي

تون ئي مون کي ٿي فقط ٻاري سگهين

دور ڪيڏو ٿي وئي آهي خوشي

رَک ٿي وئي آهي منهنجي زندگي

 

مُرڪَ پنهنجيءَ جي پکيڙي روشني

تون ئي منهنجا ڏک ٿي ٽاري سگهين

رَک ٿي وئي آهي منهنجي زندگي

تون ئي مون کي ٿي فقط ٻاري سگهين

 

غلام محمد غازي

نظم

 

اي وطن تنهنجا هميشه گيت مان لکندو رهان،

تنهنجي باغن ۽ بهارن ۾ سدا کلندو رهان،

 

تون سدائين گل هجين گلزار ۽ باغ و بهار،

خوش هجن سانگي سدا، سرها اهي ڏسندو رهان،

 

اي وطن مٺڙا وطن، منهنجا سدا سهڻا وطن،

خاڪ تنهنجي کي کڻي مان چاه مان چمندو رهان،

 

آب ڪوثر جهڙو ٿو مون کي لڳي پاڻي مٺو،

پاڻ کڻي ٻين کي پياريان پاڻ ڀي پيئندو رهان،

 

تنهنجي لئه غازي بڻيو آهيان اي جان من،

تنهنجي لئه جيئندو رهان ۽ تنهنجي لئه مرندو رهان.


 

 

بينا مسرور

ٻه نظم ۽ هڪ ٽيڙو

تولاءِ

مان

وقت جي ڌنڌ ۾

گم ٿيل

اُنهي پل جيان

جيڪو

لنگهي وڃڻ کان پوءِ

ايندو ناهي ياد!

 

رابيل جي ٻوٽي تي

ڏٺم هڪڙو پوپٽ

انڊلٺ جهڙا رنگ هئس

دل کي وڻيو هو

هَٿُ وڌايم

جهلڻ پئي چاهيم

اُڏري ويو ڪنهن ٻئي گُل تي

آڱرين تي پنهنجو رنگ ڇڏي!

 

پوپٽ جان،

تنهنجي هٿ ۾

بي وس مان

 

توسان نينهن جو ناتو

تنهنجي ملڻ ليءِ مِٺا

من منهنجو آتو.

 

شمع منير

وائي

تن ۾ تنهنجي تار

روئان زارو زار آنءُ ويڙهيچن وچ ۾

تن ۾ تنهنجي تار

پاڻيءَ ڦوٽا واريءَ ليڪا، تنهنجا قول قرار

تن ۾ تنهنجي تار

جُهڙ ڦُڙ مينهڙا، ڪانهي من مهڪار

تن ۾ تنهنجي تار

آيا ڪاهي ڪيچ کان، ڇني ڪيئون ڌار

تن ۾ تنهنجي تار

جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، کڻو هٿ ڪٽار

تن ۾ تنهنجي تار

 

روبيه ابڙو

غَزلَ

رات جوڳيئڙا ياد آيا وَري!

ڇو ڇَڏي وِيئڙا ياد آيا وَري؟

 

دُور هوندي به ڇو ساهه کان ويجهڙا،

سي ته سانگيئڙا ياد آيا وَري!

 

وانڍ منهنجي پرين تون نه آئين ڪَهي،

تنهنجا اوسيئڙا ياد آيا وري!

 

ذهن زندانَ ۾ ڪِي جَليا ڪِي اُجهيا،

ڏاتِ جا ڏِيئڙا ياد آيا وَري!

 

توڏي ايندي مهل ڇونه ڪياؤن اثر

ڪيڏا ها سيئڙا ياد آيا وَري!

 

منهنجي سوچن جيان جي هُئا ڀٽڪندا،

سي ته ساميئڙا ياد آيا وَري!

 

ذات پنهنجيءَ اندر توکي ڳولهيو پرين،

رُوح ۾ ليئڙا ياد آيا وري!

 

جيون ڄڻ سورن جي کاڻ!

دردن جو ڄڻ ڪو مهراڻ!

 

تو ڪيئن ڄاتو آءُ اڪيلي،

تنهنجي تات رهي مون ساڻ!

 

تنهنجا ٽَهڪ فضا ۾ گُونجيا،

ماڻهن وِسريو پنهنجو پاڻ!

 

سارو ڪمرو مهڪي ويو آ،

تنهنجن لفظن ۾ سرهاڻ!

 

جيون راهون ڪنڊا ڪنڊا،

پير اسان جا رتو ڇاڻ!

 

جنهن جي وک وک ۾ ارڏائپ،

ڪين مڃن سي ڪنهن جي آڻ!

 

برکا رُت جي ايندي پَهريو

وڻن ٽڻن سائو پهراڻ!

 

منهنجي پريت نه تو آ ڄاتي،

ايڏو تون به نه آن اَڻڄاڻ!

 

مون کي ڇا ڄاڻيندي ڳَهلا،

پهريان پنهنجو پاڻ سڃاڻ!

 

تون جو مون سان ساڻ او سائين،

ڪينَ ڪڏهن ڀي ٿڪبس هاڻ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com