شبنم گل
تپش
هوءَ خوبصورت هجئڻ سان گڏ سوشل هئي، شخيت وانگر
سندس ڳالهيون به دلڪش هيون، هوءَ ڳالهائيندي هئي
ته لڳندو هو ته لهرن جو ستل ترنم اوچتو جاڳي پيو
هجي، يا ڪينجهر ڪناري ڪنهن بانسريءَ جي سُرن کي
ڇيڙي ڇڏيو هجي. ائين بانسري، لهرون ۽ هوائون هڪ
لئي تي رقصان ٿي وينديون هجن.
سندس زندهه دلي هئي، جنهن دوستن ۾ کيس مقبول
بڻائي ڇيو هو هوءَ چوندي هئي خاموشي ۽ اداسي ڪنهن
مسئلي جو حل نه پر ان مسئلي ۾ اضافي جو باعث آهن.
آزاد خيال ۽ لبرل هئڻ جي باوجود هوءَ ان آزاديءَ
کي پسند ڪندي هئي، جنهن ۾ انساني اختيار انساني
قدرن کي لتاڙي اڳتي نه وڌي وڃن. اهو ئي سبب هو جو
اڄ تائين هن جو ڪو اسڪينڊل نه ٺهي سگهيو هو. فلرٽ
جي ڄار ۾ ڦٿڪندڙ پنهنجي اڪثر دوستن کي سمجهائيندي
هوءَ چوندي هئي، مرد جا ٺهيل سمورا قانون سندس
فائدي ۾ وڃن ٿا، هو ته پيدائي عورت کي
Expliot
ڪرڻ لاءِ ٿيو آهي پوءِ ڪير ڄاڻي واڻي سندس وڇايل
ڄار ۾ وڃي ڦاسي ته پوءِ ڪنهنجو ڏوهه!
اُها ئي ساڳي حقيقت پسند روشنا اڄڪلهه افواهن جي
گهيري ۾ هئي،سندس دوستن جي حلقي ۾ زبير به شامل
هو. هو روشنا کي پسند ڪندو هو پر روشنا ڪڏهن به
کيس سٺي موٽ نه ڏني، انهن ئي ڏينهن ۾ زبير جڏهن
کيس مختلف جڳهن تي هڪ خوبصورت نؤجوان سان گهمندي
ڏٺو ته رقابت جي باهه سندس سڄي وجود کي وڪوڙي وئي.
هن اها خبر سندس دوستن ۾ عام ڪري ڇڏي.
”نه اهو ناممڪن آهي“ حسينه قطعي قائل نه ٿي.
اڙي ڇڏ گهڻيون ئي ڏٺيون آهن اهڙيون شريفزاديون
جيڪي ٻاهران پاڻ کي پالش ڪري پيون هلن“ نغمه نڪ کي
موڙو ڏيندي چيو،
”ڪجهه ته خيال ڪيو آخر هوءَ اسان جي دوست آهي“
نائله کي ٻنهي جي ڳالهين تي ڪاوڙ لڳي.
”هونهه! دوست آهي ته پوءِ دوستن تي اعتبار به ته
ڪري يا ائين. . . لڪ ۾ عيش ڪندي وتي“ روشنا کي
پنهنجي حلقي جي ماڻهن جا رويا بدليل بدليل لڳا،
ايتري قدر جو سندس دوست به کيس ڏسي ڳالهائيندي
ڳالهائيندي چپ ٿي ويندا هئا.
هڪ ڏينهن سندس حيرت جي انتها نه رهي. جڏهن سڀني
کان ويجهي دوست کيس چيو.
”ايترا ڏينهن ڪٿي غائب هئينءَ“
”ڇو خير آهي“ لبنيٰ جي انداز کيس منجهائي وڌو.
”ٻڌو آهي اڄڪلهه ڪنهن چڪر ۾ آهين.“
”چڪر. . . !! آخر تون چوڻ ڇا ٿي چاهين.“ هوءَ
پريشان ٿي ويئي،
چوندا آهن ته عشق ۽ مشڪ لڪائي نه لڪندا آهن“
”ڇا مطلب. . . !!“
”مطلب اهو ته سڄي شهر ۾ تنهنجي اسڪينڊل متعلق گرم
گرم خبرون عام آهن،
روشنا سندس ڳالهه ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويئي، لبنيٰ
ڳالهه وڌائيندي چيو.
”ٻڌو آهي ڏاڍي باوقار پرسنالٽي اٿس.“
”هڪدم بڪواس“ سندس چهرو ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو.
ماڻهن توکي ان سان گهمندي ڏٺو آهي، هاڻ لڪائڻ مان
ڪو فائدو نه آهي سچ سچ ٻڌاءِ. . . “
”لبنيٰ! اهو سڀ ڪجهه تون چئي رهي آهين!“ کيس يقين
نه آيو. ”تصويرن سميت ثبوت موجود آهن“
”اوهه مائي گاڊ!“ هوءَ مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهي.
مسز احسن جي گهر ڏنل ڊنر تي جڏهن هوءَ بليڪ فل سوٽ
پهريل هڪ خوبصورت نوجوان سان دروازي کان اندر داخل
ٿي ته سڀني جون نظرون ڏانهس کڄي ويون، سرگوشيون
شروع ٿي ويون.
”واقعي سوچي سمجهي هٿ هنيو اٿس“ نغمه جيلس ٿي چيو،
”ماڻهو سچ ئي چوندا هئا“ نائله جي منهن جو پنو لهي
ويو.
زبير، آصف، ارشاد ۽ سليم هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي طنزيه
انداز ۾ مرڪي پيا، زبير جيڪي تصويرون ڏيکاريون
هيون اهو ئي ساڳيو نوجوان آهي. سڀني دل ۾ سوچيو.
”واهه يار تنهنجي جاسوسي!“ ارشاد سندس پٺي ٽپي ۽
زبير جو ڪنڌ فخر وچان اوچوٿي ويو.
”پاڻ کي خبر نه آهي ڇا سمجهندي هئي، ڪرتوت ڏسوس!“
هڪ ميڪ اپ ۾ ٿڦيل ڪرڙوڍ عورت ٻي عورت جي ڪن ۾
سرگوشي ڪئي.
ان وچ ۾ مسز احسن اڳتي وڌي ٻنهي کي کيڪاريو ۽ کين
وٺي سڄي گروپ ڏانهن آئي.
”هن سان ملو هي منهنجو پياري ۾ پيارو ننڍو ڀاءُ
دانش آهي، پندرهن ڏينهن اڳ آمريڪا مان موٽيو آهي،
کيس جلدي ئي واپس موٽڻو آهي. ان ڪري آمريڪن دوستن
جي فرمائشن جي ڊگهي لسٽ مطابق شاپنگ لاءِ ساڻس
رلندي رهيس، دوستو معاف ڪجو جو ايترو عرصو توهان
جي سويٽ ڪمپنيءَ مان غائب رهيس“
سڄي محفل تي خاموشي طاري ٿي ويئي، سمورن دوستن ۽
ڄاڻ سڃاڻ وارن جي چهرن تي ندامت جو عڪس لهي آيو هو
هڪٻئي تان نظرون چورائڻ لڳا، سڀني جون نظرون بي
اختيار زبير ڏانهن کڄي ويون ۽ زبير کي ائين لڳو ڄڻ
ڪنهن ڀريءَ محفل ۾ کيس چماٽ وهائي ڪڍي هجي سندس هٿ
بي اختيار ڳلن ڏانهن کڄي ويا، جتي چماٽ جي تپش
سندس ڳل کي ساڙِي رهي هئي.!
ترجمو: فرزانه ڀٽي
مظهرالاسلام جون ننڍڙيون ڪهاڻيون
جهرڪيءَ جي پيرن ۾ الجهيل ڌاڳو
هُن کي پراڻيون شيون سٺيون لڳنديون آهن هُو پراڻا
خط گڏ ڪندو آهي.
پراڻا ڪتاب پڙهندو آهي
هن ڪيتريون ئي آڳاٽي زماني واريون شيون جمع ڪري
رکيون آهن، پنهنجون جمع ڪيل پراڻيون شيون ڏيکارڻ
جي لاءِ هو هر روز هڪ نئين ڇوڪريءَ کي پنهنجي گهر
سڏائيندو آهي.
ماٺ
هن کي ٻار وڻندا آهن هوءَ ٻارن سان ڏاڍي محبت ڪندي
آهي. پر جيئن ئي هوءَ ڪنهن ٻار کي پيار ڪرڻ لڳندي
آهي.
هو هڪدم وڏو ٿي ويندو آهي.
اُداسي
ڪارا ڪپڙا
ڀُورا وار
ڪنن ۾ واليون
اکين ۾ سوال
پُروف ريڊنگ
رات ڏاڍو مينهن وٺو ۽ انڌاري آئي هئي، صبح جو
دريءَ تي هن جو کڙڪو ڄميل هو، ڀت تي لانگ ڊسٽنس
ڪال چنبڙيل هئي، مان پوءِ به گهر ڪو نه هيس.
ڪو ٻيو
خبر ناهي، هن جو ٽيليفون نمبر ڪهڙو آهي. هوءَ مون
کي اڪثر فون ڪندي آهي، ڏوراپا ڏيندي آهي، ڪهاڻيون
ٻڌائيندي آهي، دڙڪا ڏيندي آهي ۽ رُسي ويندي آهي –
تنهن مهل فون ڊسڪنيڪٽ ٿي ويندي آهي، پر هوءَ وري
ٻيهر ڪال ڪندي آهي ۽ جڏهن مان فون کڻندو آهيان ته
ڪجهه به نه ڳالهائيندي آهي. مان سمجهي ويندو آهيان
ته اِها هُن جي ئي فون آهي، مان هُن کي پرچائيندو
آهيان ۽ هوءَ پرچي ويندي آهي. پر پوءِ به، جڏهن به
هوءَ ڪٿي ملندي آهي ته مون ڏانهن اِئين ڏسندي آهي،
جهڙوڪر چوندي هجي ته مان اُها ناهيان، جيڪا توکي
فون ڪندي آهي.
مان به هن ڏانهن ائين ڏسندو آهيان، ڄڻڪ هن کي
چوندو هجان، جيڪو تنهنجون ڪالس رسيوِ ڪندو آهي سو
مان نه ڪو ٻيو آهي.
ثريا سوز ڏيپلائي
معاوضو
هاڻ وڃي هئو مئو ٽري هئي! اڄ ختمو هو، ان ڪري
ٻنپهرن جو ختمي جي ماني گهر، ڌڻين پاڻ ڪئي هئي،
مانيءَ ۾ برياني، گوشت، نان ۽ زردو هئا، بلڪل اهڙي
وٺ وٺان هئي، ڄڻ ڪا شادي هجي. ويجهيءَ مٽيءَ
مائٽيءَ واريون ڇوڪريون آئي ويئي جي ڀرپور طريقي
سان آجيان ڪرڻ ۾ لڳيون پيون هيون، ”آيا ويا“ به
ائين مانيءَ کي جُنبي پيا هئا ڄڻ اڄ ئي ملي آهي.
اوگرائي ڏيندي، ڏندن مان گوشت جون ڏهيون ڪڍندي،
پلٿي ماري ويٺل مايون سڪينه ۽ سندس ڇوڪرين ڏانهن
نهاري، واري واري سان، ”شاباس هجيس، چئي، کاڌو
پيتو، بخش ڪرائڻ ۾ لڳيون پيون هيون. نيٺ، ڏک ظاهر
ڪندي ويندي ويندي هڪ دفعو وري سڪينه جي ڦٽن تي لوڻ
ٻُرڪيندي ائين چوندي موڪلايائون ته ”ادي سڪينه، جس
هجيئي، تو پاڻ ملهايو، جهڙو ڪر پٽ پرڻايو اٿئي،
مائي، آهين همت واري، جوان پٽ ائين ظالمن جي هٿان
مارجي ويو، اصل ويل وهي ويو، ڄڻ هانءُ ٿو ڦاٽي. .
. پر تون، ادي، گهڻي ڳاهه سان آهين.“
ٻي به ڪڇي:
”ادي، ههڙي ماني ته پاڻ غريب شادين ۾ به ڪونه
ڪريون، پر ويچاري سڪينه. . . .!“
۽ ويچاري سڪينه ته ائين بُت ٿيو ويٺي هئي، ڄڻ نه
اکيون نه ڪَن کيس ته ڪا خبر ئي ڪا نه هئي ته هي سڀ
ٿئي ڇا پيو، ۽ ڪري ڪير پيو؟ گهر ۾ ته وٽس نالو
الله جو هو، ٻيو مڙيئي خير، خبر ڪانه هيس ته پنج
ويلا مانيءَ جا ڪنهن ڪيا، ختمي جي ماني ڪنهن ڪئي،
ايڏي ساري خلق ڪٿان اچي ٽُٽي، سندس پنهنجا ٻار ڪٿي
آهن. اُنهن به ڪجهه کاڌو يا نه، کيس ته صرف در جو
ٺڪاءُ ياد هو ۽ پاڙي وارا، جن جي هٿن ۾ سندس
شهزادي جو لاش هو. رت ۾ ٻڏل، ڪلاشنڪوف جي برسٽن
سان پرڻ ٿيل صبح جو سوير پنهنجيءَ ڊيوٽيءَ تي ويو
هو، پنهنجيءَ قسطن تي ورتل سوزوڪيءَ ۾ - ۽ واپس
آيو ته ايمبولينس ۾ - رت ۾ ٻُڏل، مک تي دهشت جا
آثار . . . ماڻهن جا هشام، گوڙ، آواز، پري ٿيو،
اسان جو ماڻهو آهي. اسان قاتلن کي ڪونه ڇڏينداسين،
اسان کي شهيد جو مشن پورو ڪري، سندس روح کي آرام
ڏيڻو آهي. . . . سڀاڻي شهر ۾ مڪمل هڙتال ٿيندي.
قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ، شهيد جي يادگار قائم ڪرڻ
لاءِ،
شهيد جي پونئيرن سان همدردي، ععاوضي جي گهُر، ۽
الائجي ڇا ڇا.
ڪنهن سندس شهزادي کي غسل ڏياريو؟ پر نه، شهيدن کي
ته غسل ڪو نه ڏبو آهي. . . ته پوءِ هي سڀ آخر ڪنهن
ڪيو؟
ڇا سچ پچ منهنجو برڪت شهيد ٿي ويو؟ ڪنهن کان پڇان؟
هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿي. سڀ پنهنجيءَ ۾ رڌل آهن.
. . پريان ڪنڊ ۾ بيٺل سوني، سندس اٺن ورهين جي
نياڻي، به ڏانهن پئي نهاري، وک وڌائي ڏانهس اچي
ٿي.
”سوني، ڀاءُ ڪٿي امان؟“
ويران نظرن سان نهاريندي، ڌيءَ کان پڇي ٿي.
”ويٺو آهي امي. . . پر ادا برڪت ڪٿي آهي، امي؟“
سڪينه ڏانهس نهاري ٿي. نيڻن ۾ نير اَچن ٿا ڀرسان
ويٺل زائفائون کيس پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون.
”امان، برڪت. . . . شهادت ماڻي. . . خدا ظالمن کي
پڄندو. . . “
”ويچاري نياڻي. . . خبر ئي ڪا نه اٿس ته برڪت ته
بر. . . ۾ ڇڏي ويو اٿن . . . هاڻ ڪير اٿن اوهي
واهي؟ . . . . الا . . . جوان پٽ! . .. ويچارو
يتيم!“ سڄي گهر جو بار کڻيو ويٺو هو. . .“
يتيم ته برڪت ڏهن سالن جي عمر ۾ ٿيو هو. الائجي
ڪيئن ريڙهي لڳائي، ٻن جوان ڀينرن، هڪ، معصوم ڀيڻ
سونيءَ ۽ هڪ معصوم ڀاءُ جيڪو مس پنجن سالن جو هو،
تن جو بار سر تي کنيو هئائين. پاڻ پڙهڻ ڇڏي، اُنهن
جو اسڪول وڃن پڪو ڪيائين. قسطن تي سوزوڪي وٺي ٻين
جي ٻارن کي اسڪول پهچائي، گهر وارن لاءِ روزي
ڪمائڻ جو بار کنيائين. . . .پر . . . هاڻ ٿيندو؟
”سڀ ڪجهه ٿيندو، بابا. . . خيال نه ڪريو. . . برڪت
اسان جو ماڻهو هو، اسان جي پارٽي شهيد جي پونئيرن
سان همدردي ڪندي، حڪومت کان سندس موت جي معاوضي ۽
سندس سوزوڪي، جيڪا پڻ دهشتگردن ساڙي ڇڏي، تنهن جي
معاوضي جو به حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي.“
حڪمران پارٽيءَ جا ماڻهو آٿت ڏين ٿا. سڪينه بت
بڻيل آهي. . . !
جوان ڀينرون خاموش آهن، ننڍڙو شفقت پيءُ جي شفقت
کان هونئن ئي محروم هو. ڀائو جي شفقت کان به محروم
ٿيوآهي. پر بي خبر آهي.
سوني ڪجهه ڪجهه سمجهي ٿي. سڀ گهر وارا آيل مهمان
روز اخبارون پڙهن ٿا. گهر ۾ ماني به ٺهي پيئي، کير
به اچي پيو، شفقت لاءِ بسڪوٽ به، پر ڀاءُ برڪت. .
. .
اخبارن ۾ اعلان – شهيد برڪت جي پونئيرن لاءِ
معاوضي جو اعلان- پارٽيءَ جو اڳواڻ پاڻ ڏيڻ ايندو.
. . .
اڄ پارٽيءَ جا اڳواڻ آيا آهن. فوٽو گرافر آهن رش
آهي. گوڙ گهمسان آهي. دير ئي ڪا نه ٿي. يڪا پنجاهه
هزار! . . . ۽ سوزوڪيءَ جي معاوضي جو يقين. . . .
سڪينه جي اکڙين ۾ آلاڻ. . . اوچتو ڇرڪي ٿي: منهنجو
شفقت ڪٿي؟“
هيڏانهن هوڏانهن ڳولا. . . . مايوسي . . . خوف . .
. وري واويلا – وري ماڻهو. وري ايمبولينس. . ..
اسان جو ماڻهو هو . . . برڪت جو ڀاءُ، اسان جو
ڀاءُ! معصوم ڪيئن مارجي ويو. . . گهٽيءَ مان
دهشتگرد ٺاٺا ڪندا هليا ويا – بس هليا ويا. . .
سڪينه بت بڻيل . . .. ماڻهن ۽ ماين جو ڀڻڪو. ”الا
ويچاري بدنصيب!“
سوني مُرڪي ٿي. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿي. ماءُ
ڏانهن اچي ٿي. اٺن سالن جي معصوم هوائن ۾ بريانيءَ
جي خوشبو – زردي جي سرهاڻ – قورمو . . . سوني
مُرڪي ٿي.
”اما، روءَ نه. . . وري ماڻهو ايندا. فوٽو نڪرندا
دعوتون ٿينديون ۽ . . . ! اٽڪي ٿي:
مايون ڏانهس نهارين ٿيون.
اٽڪندي، وري ڳالهائي ٿي:
”. . . ۽ امي، . . . . وري به معاوضو ملندو نه!“
عذرا سرور ڪنڌر
ڄار
آسمان ڪڪرن سان ڀريل هو. ڊسمبر مهيني جي سردي
پنهنجي عروج تي هئي. ٿڌي هوا جو هر جهوٽو جسم مان
سيسراٽيون ڪڍيون پيو ڇڏي. پر ايڏي ٿڌ به زندگيءَ
جي چرپر کي ٿڌو ڪونه ڪيو هو.
هڪ پاسي پڪوڙن سموسن جي خوشبوءَ، ته ٻئي پاسي ڇولن
۽ ڪبابن جا اسٽال، ڪٿي چانهه پيئي پيتي وڃي ته ڪٿي
وري ايڏي سردي باوجود ڪوڪ ۽ فنٽا تي ڪاهه.
عائشه ۽ سيمي هر اسٽال تي رکيل شين کي حسرت ڀريل
نظرن سان ڏسي، وري اڳتي ٿي وڌيون، اسٽالن تي مختلف
شيون رکيل هيون. جيئن: ڪنهن تي گج، هرمچ تي ڀريل
ڪپڙا، ته ڪنهن اسٽال تي وري پشاوري جتيون ۽ زريءَ
تي ٺهيل ڪوٽيون، جنڊيءَ جو سامان ۽ ڪاشيءَ جا ٺهيل
سهڻا ٿانوَ.
هر ڪا پنهنجي پسند ۽ پڄندي آهر خريداري ڪري رهي
هئي.
”الا . . . ڪيڏي نه سردي آ، دل ٿي چوي جيڪر چانهه
پيون،“ سيمي سيءَ ۾ ڪنبندي چيو.
”ها“ سيءُ ته مون کي به ڏاڍو پيو ٿئي پر پاڻ وٽ
ڪرائي (ڀاڙي) جيترا پئسا مس آهن. عائشه ڀيڻ کي
ٻانهن کان پڪڙي اڳتي هلندي چيو. ننڍڙي ڀيڻ ٻيهر
مڙي کاڌي پيتي جي شين کي ڏٺو.عائشه جي اندر جي
پيڙا اکين ۾ لهي آئي، جنهن کي ڀيڻ کان لڪائڻ لاءِ
هو اکين کي کنهڻ جي بهاني اگهي رهي هئي.
سيمي سيءَ کان ڏڪي رهي هئي. ڀلا رڳو سوئيٽر ڪٿي ٿو
ايتري سيءَ جو ڌڪ جهلي. کيس مينا بازار گهمڻ جو
ڪيڏو نه شوق هو ۽ ڪيترين منٿن کان پوءِ ماڻس اجازت
ڏني هئي.
”سيمي مون وٽ ايترا پئسا ڪونه آهن جو اوهان کي
ڀاڙي لاءِ ڏيان، هي ٻه ٽي ڏوڪڙ آهن، جن مان گهر جو
خرچ هلائڻو آهي. ماڻس پلاند مان وٽيل سٽيل ٻه ٽي
نوٽ ڪڍندي چيو.
”بس امان! اوهان رڳو اجازت ڏيو پئسا ڀلي نه ڏيو.“
سيمي ماءُ کي منٿ ڪندي چيو.
”ڪهڙي سون جي کاڻ لڌي اٿئي“ ماڻس ڏکاري لهجي ۾
چيو.
سيمي ڊڪندي اندران پنهنجو ڀانڊارو کڻي آئي، جنهن
مان ٽوٽل ڏهه رپيا نڪتا، ”ڏهه رپين تي ٿيون مينا
بازار گهمڻ وڃو.“
”بس نه وڃو: ماڻهس ڪاوڙ ۽ ڏک واري انداز ۾ حڪم
ڏيئي ڇڏيو.“
”نه . . . نه . . . مان مينا بازار ضرور وينديس.“
سيمي ٻاراڻو هٺ ڪندي چيو.
”ٺهيو امان. . . توهان به کڻي اجازت ڏيو“ ويچاريءَ
کي ڪيڏو نه شوق آهي. ٻن ڏينهن کان ٻارڙي منٿون ڪري
رهي آهي.“
عائشه سيميءَ جي معصوميت تي ترس کائيندي اٿي کڙي
ٿي.
”امان رڳو گهمي اينداسين. کائينداسين ڪجهه به نه.
عائشه پنهنجون خواهشون ڪپڙن سبڻ ۾ ئي سبي ڇڏيون
هيون، پر سيمي جو ڏک برداشت نه ٿيندو هئس. نيٺ
ماڻهس ڪرڪندي وڃڻ جي اجازت ڏني.
مينا بازار ۾ هڪ جيڏين کي رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ڏسي
عائشه جون ڄڻ سڀ حسرتون ڪر کڻي اٿي پيون. وري جو
سيمي شين کي ڏسي کائڻ جي فرمائش ڪئي ته سندس ڇهه
ئي ڇڄي پيا.
مينهن جي ڦڙ ڦڙ پوڻ ڪري، سيءَ به ڪليون پئي ڪڍيون.
عائشه لڙڪن ڀريل اکين سان آسمان ڏانهن ڏٺو. ڄڻ اهو
به سندن بيوسيءَ تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هجي.
برسات کان بچڻ لاءِ ٻئي ڀينر هڪ اسٽال جي ڪنڊ ۾
وڃي بيهي رهيون. اتي هڪ اڌڙوٽ عورت جيڪا ڏسڻ ۾
ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي زال پئي لڳي، سا سندن ويجهو
آئي. |