ڀاڄائيءَ جي سامهون اهو بي عزتاڻو جواب ٻڌي عذرا
ماءُ تي هلڪو ڏمرندي چيو،
”لالي به ته تو مون جهڙو ماڻهو آهي، ڪوه ڪاف مان
ڪانهي آئي. تو ئي هيڪاندا لاڏ کڻي مغز ڦيرايو اٿس
جو اجايا نخرا ۽ سُڃي سيٽ سکي پيئي آهي.“
”آئي هاڻ ٺهيو، ننڍڙي ڀيڻ اٿئي، ڇو پئي ڌمرجين.“
ماءُ مرڪندي چيس.
”ها رکو روح. ڀل نه اچي، پر تو کي اڄ ڪيئن به ڪري
مون سان هلڻو پوندو.“
”ڇو ٿي بيمار جو مڙهه رولين، مون کي کڻي ڇڏ.“
توکي ته هلڻو ئي آهي امان. تنهنجا قدم سڀاڳا
سڳورا، تون اسان جي جنت. . . تو بنا اهو ڪاڄ ڪيئن
ٿيندو. ماڻهو نه کلندا اسان تان.“
”پر امان. . . “
”پر ٻر ڪجهه نه ٻڌندس، بابي مرحيات کان پوءِ تون
ئي ته اسان جي ڇپر ڇانوَ آهين . . . .“
”آئون سڙيل ڪانڊيري ڪاٺي، ڪهڙو ڇپر ۽ ڪهڙي منهنجي
ڇانوَ. . . .“
”امان ايئن ته نه چئو، تون ته اسان جي جيئري جنت
آهين. . .
مون وٽ ڪا به تڪليف نه ٿيندءِ. نويڪلو ڪمرو
هوندءِ، کٽ چڙهيو پئي حاڪماڻا حڪم هلائجانءِ.“
جواب ۾ زيب ڪجهه چوڻ بدران رڳو ڪنڌ هيٺ ڪري،
هائوڪار ڀري هلڪي اوڳرائي ڏني، ته خدمت گذار نُنهن
ڪنهن ماهر لسانيات جيان ان اوڳرائيءَ جو مطلب
سمجهندي، سسس لاءِ ضروري سامان ۽ دوائن جو ٿيلهو
تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويئي.
. . . . . . . . . . . . .
سڄو اڱڻ زالن ۽ ٻارن سان سٿيو پيو هو. تر ڇٽڻ جي
جاءِ نه هجي. شيشم جهڙين لنگهياڻين دهلن تي سهرا
پئي ڳاتا ته گڏ ناچ به ٿي ڪيا. . . . راڻا هليو آ
هليو آ ڪار ۾،
تو لاءِ سُهرو بيٺو آ انتظار ۾،
سس سدوري آهي سيج وڇائي،
سالي سنهڙي ڏاوڻ لائي،
او راڻل هليو آ . . . .
هليو آ ڪار ۾. .
راڻو مرڪي آيو سينگار ڪري،
او پيار ڪري. . . .
او پيار ڪري. . . . . . .
راڄ جي وچ ۾ وڇايل بخمل جي هنڌ تي شيشي ۽ ستارن
سان جرڪندڙ گاديلين ۽ طول ويهاڻن کي ٽيڪ ڏيو عذرا
جا ٽئي پٽ، گهوٽن جيان سينگارجي موڙ ٻڌي، سرگس تي
نڪرڻ لاءِ تيار ويٺا هئا. زالن اڳتي وڌي کين هار
ٿي پارايا ته ڪن وري اهي سولا ڪري پارائڻ جي بهاني
زوريءَ ويڊيو ڪئمرا جي زد ۾ اچي، ڪئمرا مين کي
ڊسٽرب ٿي ڪيو.
”اڙي هن پوڙهيءَ کي ته پاسي ڪريو!“ هڪ وايون بتال
زال کي سامهون ايندو ڏسي ڪئمرا مين رڙ ڪئي. هڪ کي
دانهون رڙيون ڪري پاسي ڪن ته ٺڪ چار ٻيون به
الائي ڪهڙن ڪنڊن مان نڪري سامهون اچو بيهن. ٻارن
جي مووي نڪرڻ جو ته ڇڙو نالو هو.
راڙو راڙ لڳي پئي هئي، بنهه شاديءَ جهڙو ڏيک هو ته
ڏيتيءَ ليتيءَ واريون رسمون به ساڳيون هيون،
خاندان جي زالن کي هڪ ٻئي ۾ روا وڳا ورهائيندي ۽
هار پارائيندي ڏسي ڪئمرا مين لائيٽ مين کي ڪاڄ تي
تبصرو ڪندي چيو،
”مصيبت آهي، فنڪشن به ڪجي وري ايڏو سارو ڏجي به“.
”اوڳاڙي به ته ٿيندي نه“ هن وراڻيو.
”وڳا ته ائين پيون جهٽائين، ڄڻ ڀِت تي ڇيڻو ٿيون
اُڇلين يا محتاجن ۾ خيرات ٿيون ويراهن. . . .
هوڏي هوڏي، سامهون ڪنڊ ۾ لائٽ وجهه. . . اهو سين
محفوظ ڪرڻ جهڙو آهي، وڳو اُڇلجي مليو اٿس تنهن تان
مائي وڙهي پيئي.“ ڪئمرا مين کلندي چيو.
”يار ڇڏ کڻي، اهڙي رڪارڊنگ ڪندين ته چڙي پوندءِ“.
”چڙندا وري ڇو، اسان کي رڪارڊنگ لاءِ سڏرايو اٿن،
سينسر لاءِ ته نه.“
زيب انهيءَ سموري ڌمال کان آجي ٿيو صاف سٿري
نويڪلي ڪمري ۾ سامهون ٽپائيءَ تي جگ گلاس ۽ بسڪوٽن
جا بنڊل رکي نوريءَ کان زور پئي ڏياريا، جنهن کي
عذرا خاص طور سندس سار سنڀال لهڻ لاءِ ات ڇڏيو هو،
ڇوريءَ جو سمورو ساهه ٻاهر ٽنگيل ڏسي، زيب گهڙي کن
لاءِ کيس موڪل ڏني ته ڀلي وڃي روح وندراءِ، پر
هوءَ اهڙي نِرهه وئي جو اڃا توڻي نه موٽي هي.
. . . . . . . . . .
در کلڻ جي چيڪاٽ تي زيب ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو، ڀانيائين
ته نوري هوندي، ايتري ۾ چپن تي گهاٽي نارنگي سرخي
لڳل هڪ جواڻ جماڻ شيدڻ وارن ۾ ڊگهو کنڀ اٽڪائي
اندر ليئو پائيندي پڇيس.
”ممون اِتي ته ڪانهي آئي؟“
”ڌيسان مَم، منهنجو هانءُ ڦاڙي رکيئي، ڪهڙي ممون؟“
هن دڙڪي مان چيو.
اهو ٻڌي شيدڻ در پٽيل ئي ڇڏي ڏائيءَ مان وڃڻ لڳي
ته هن پويان رڙ ڪري چيس، ڇوري در ته ٻيڪڙي وڃ.“ پر
هوءَ راڄ ۾ گم ٿي چُڪي هئي، زيب هوريان اُٿي در
ورائڻ جا سانباها ٿي ڪيا، پر کيس اِها مهلت ئي نه
مِلي جو هڪ زال چار ٻار وٺي، توائي حالت ۾ ڪوٺيءَ
اندر ڪاهه ڪئي ۽ ڪلهي تي ستل ٻار کي گلم تي سٽيندي
بنا ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ جي وٺي باٿروم ڏي ڀڳي. تيتر هڪ
ٻار ٻئي کي ڄُنڊن کان جهلي گاريون ڏيندي وڙهڻ شروع
ڪيو، ته چوٿون وري اِها صورتحال ڏسي هيانءُ
ڦاٽيون دانهون ڪري روئڻ لڳو. زيب جي ته ڄڻ ميس ئي
مري ويئي. سوچڻ سمجهڻ جون صلاحيتون پل کن لاءِ
کسجي ويس. سمجهه ۾ ئي نه پي آيس ته هي سڀ ڇا ٿي
رهيو آهي. هوش تڏهن آيس، جڏهن ڪمري ۾ ڪڙي تيل جي
ڪِني ڌپ ڀوپال جي زهريلي گئس جيان پکڙجي ويئي.
ڀانيائين ته ڪو ڪڙي تيل جو کوه هن ڪوٺيءَ ۾ نڪري
آيو آهي، پر ترت ئي ٻارن جا چِڪاٽ مٿا ڏسي ڳالهه
کي سمجهي ويئي.
ٻارن جي ماءُ باٿروم مان باهڙجي نڪتي ۽ ڌم ڌم ڪري
ٽنهي ٻارن تي مُڪن، بُجن ۽ گارين جو وسڪارو شروع
ڪري ڏنائين، ”ڇورا ڏاڏهين مُئي َٿو ڇا جو ويٺا
آهيو پار ڪڍي روئڻ؟“
جيئن ته زيب پاڻ به هڪ ڏاڏي هئي، تنهن ڪري سندس
ڏاڏڪي رڳ ڀڙڪي اٿي ۽ دڙڪي مان چوڻ لڳي،
”مائي ڇو پئي ٻارن سان مٿو هڻين، وٺي وڃين ٻاهر. .
. .“
پر هو اهو دڙڪو اڻ ٻڌو ڪندي کيس آلو هٿ ڏيڻ ڪاڻ
اڳيان وڌي آئي.
”ائي ماسي تون جيجي عزرا جي ماءُ آهين نه. . .. ؟“
”هون.“
ٻڌو اٿم ٽنگ ۾ حساب اٿئي. . . .“
”حساب ته ڪونهيم، سور اٿم.“ هن بي رخيءَ مان
وراڻيو. ”ڪاري ڪڪڙ جا چنبا ڪاڙهي پيئڻ سان ٽنگ جو
سور لهي ويندءِ“. مائي غسل خاني وارا آلا هٿ
پنهنجي سٿڻ سان اُگهندي چيو.
هڻڪندڙ نينگر ٻنهي جي ڳالهائڻ جو فائدو وٺندي
ٽپائيءَ تي رکيل بسڪوٽن جي دٻي تي لامارا هنيو،
زيب جو ته هنياءُ ئي سڙي ويو، ٻارن جي ماءُ پنهنجي
ڳالهه کي ڪو به وزن نه ملندو ڏسي، سمجهي ويئي ته
مائيءَ جو ساهه بسڪوٽن ۾ ٽنگيل آهي، تنهن پٽ کي
بجو هڻي، بسڪوٽن جو بندل ڦريندي چيو:
”نپٽا باهه لڳا، بي سورو ويهڻ ڏيو ٿا. رک بسڪوٽ ته
هڻاءِ، نه کلو.“
بسڪوٽ واپس ورندا ڏسي زيب جي چهري تي سانت جي هڪ
لهر اُڀري آئي، پر ٻي ئي پل ٻار بنڊل کسجڻ تي وٺي
رانڀاٽ ڪيا. . . . مون کي ڏي. . .. “
”ڇورا تنهنجا وري ڪٿان آيا، اهي جيجيءَ جا آهن. ڏي
نه ته وڙهندءِ. ڪوئن واري ڪوٺيءَ ۾ بند ڪندءِ. . .
.آءٌ توکي ٻيا وٺي ڏيندس، اِهي ڪنا آهن، ڌپ وارا.
. . .کائڻ سان تيڪون ٿي پوندءِ. . . !
بسڪوٽن مان ايڏا عيب نڪرندا ڏسي، هن هٿ وڌائي
بنڊل مائيءَ جي حوالي ڪندي چيو،
”اچي مائي هي دٻو کڻ. مون پچر ڇڏي اِنهن جي، پر
الله کي مڃو گوڙ نه ڪريو، مون بيمار جو مغز ٿو
ڦاٽي، انهيءَ سوران ته راڄ ڇڏي هن ڪوٺيءَ ۾ اچي
پئي آهيان. . . .“
”بس ماسي تون بي اوني ٿي ويهه، آئون ٽنهي ڇورن کي
بُجو هڻي ٻاهر وٺيو ٿي وڃان، باقي اِهو ننڍڙو اِتي
ستو پيو اٿئي، ان جو مڙيوئي خيال رکجانءِ. . .
آئون وريو ٿي اچي ڏسانس.“
زيب ڪجهه چوڻ بنا پڇتاءُ وارو ٿڌو ساهه کڻي ويهاڻي
جي ٽيڪ تي آهلجي پئي.
ڌيءَ ته هُل هنگامن ۾ غرق ٿي منهن به ڪو نه
ڏيکاريس، باقي نُنهن. سا هڪ ٻه ڀيرو سڌ سماءُ لهي
پنهنجي دلجاءِ ڪئي، جو رات ئي موٽي گهر ڏي وڃڻو
هئس. جڏهن ته زيب کي ڌيءَ سان انجام موجب ٻه ٽي
ڏينهن اِت ئي ترسڻو هو.
جيئن شام گهري ٿيندي پئي وئي، تيئن گوڙ ويو ٿي
وڌندو. ماڻهوءَ مٿان ماڻهو پي ڪريو. ڪوٺيءَ جو در
کليل ڏسي زالون بنا روڪ ٽوڪ اندر اچڻ وڃڻ لڳيون.
”ائي ادي تون آئي آهين ڇا!! خوش ته آهين؟! ٽنگ جي
تڪليف هاڻي ته ٺيڪ اٿئي نه!! هڪ مائي ذري گهٽ پاڻ
زيب مٿان اڇلائيندي وڏو ڀاڪر پائي پڇيس.
”هائو ڀيڻ، ڌڻيءَ جي مهرباني آهي. . . “ هن هانءُ
تي وڏو ٻوجهه محسوس ڪندي وراڻيو.
”ادي، هيءُ منهنجي اٺين ۽ ننڍي پٽ جي ڪنوار اٿئي“.
آيل مائي پنهنجي ڀر ۾ بيٺل هڪ نوجوان نينگريءَ جي
سڃاڻ ڪرائي.
”. . . . . . “
”ماسي خوش آهين؟“ ڪنوار کيس کيڪاريندي چيو.
”ادي، تون ته اتي ٿانيڪي ٿيو ويٺي آهين. ٿورو هن
ڇٻي جو ڌيان رکجانءِ. زالن جي محشر ۾جي ڪٿي گم ٿي
ويو ته ڏچي ۾ اچي پوندس.“
مائي هن جي کٽ جي پاسي ۾ کجيءَ جي ڦڙهن وارو وڏو
ڇٻو رکندي چيو.
”رک. . . .“ هن وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهايو.
مائي ننهن سميت اڃان ڪمري مان نڪتي ئي مس ته ٻي
زال لنگهي آئي.
”ائي ماسي تون هت. . . .؟“
”ڇو امان آءُ گدوءَ ۾ هجان ها ڇا؟“
”نه ماسي نه. . . . “
”ته پوءِ. . .. .“
”ماسي هي چادري ۽ پرس پاسي ۾ رکي اٿئي، خيال
رکجانس، وڃڻ مهل کڻي ويندس.“ زال ڪنڌ ورائڻ کان
سواءِ ڪمري مان هلي ويئي.
زيب جي سڄي کٽ پرسن، چادرين، برقعن ۽ ٽوڪرين سان
ڀرجي ويئي، جن زالن کي گهڻو گوڙ نٿي وڻيو ۽ مٿان
گرميءَ به ٿي ستايو ته اُهي ٿڌو نويڪلو ڪمرو ڏسي
ان ۾ گهڙي ٿي پيون. ڪي ڄاڻ سڃاڻ واريون وري ڪچهري
ڪرڻ لاءِ ٽوڪريون ۽ ڇٻا ٿيلها پرتي کسڪائي، کٽ جي
پاسن ۾ سوڙهيون سنگهڙيون ٿي چڙهي ويٺيون ويچاريءَ
زيب جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. سور جي ٽاڙهن
چپن تي ايڏيون ته خشڪيون چاڙهي ڇڏيس جو سمورو جڳ
اوتڻ کان پوءِ به تارونءَ جي تونس نه لٿي هئس، پر
صبر کان ڪم وٺندي مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ جيان
چپ ڀيڙي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين، اوچتو ڪنهن جي سڏڻ تي
هن منهن مٿي ڪيو ته سامهون ماسات جي زال بچائي،
چار پنج برقعا هٿن ۾ جهليو نماڻا نيڻ کنيو بيٺي
هئي ۽ ڏاڍي ايلاز مان چوڻ لڳي،
”ادي هي کٽ جي هيٺان رکان، ڪير کڻندو ته ڪونه؟“
”مائي ڪنهن کي وئيل پوندو جو ڍونڍ جهڙا برقعا
کڻندو، جتي سڄي راڄ جا سامان سنڀاليان ويٺي، اِتي
اهي برقعا به منهنجي اکين تي،“ هن طنز سان
وراڻيو. ڦٽا ڪر کڻي کٽ هيٺان....“
رهيل ڪسر پوري ڪندي هڪ مائي ٽي بسترا کڻي اچي هيٺ
سٽيا، اهي وڇائيندي ڏسي زيب دهلجي ويئي، چيائينس،
مائي تون سڄي جهان کي ڇڏي هت آئي آهين. هنڌ وڇائڻ؟
هوءَ ڪجهه چئي ئي چئي تنهن کان اڳ وڏي ڌماڪي سان
ڪوٺيءَ جو در کليو ته عذرا ڳيچ ڳائيندڙ لنگهياڻين
جي ٽولي جي اڳواڻي ڪندي، سس ۽ نڻاڻ سميت ويڊيو
ڪئمرا واري ٻن مڙسالن سوڌو اندر ڪاهي پئي. . . .
ڇيرن جي ڇمڪار ۾ زيب مٿان تاڙين جا ڦهڪا پئي پيا
جنهن سان ڪنن تي تاڙيون چڙهي ويس. هُن ڳيتن ڏيڻ تي
ائين کڻي زور رکيو ڄڻ جهاز تي چڙهي هجي. ڪئميرا جي
روشنيء به سڌو اچي تارن ۾ پيس، هن اکيون چنجهيون
ڪري جيسين پاڻ کي جائتو ٿي ڪيو تيسين سيڻ سڄڻ
اڳتي وڌي گلن جا هار پارائيندي وڏي حب مان چيس،
”ڀيڻ ڏهٽن جون مبارڪون هجنئي. . .. “
”خير مبارڪون، شال ڌڻي لايا سجايا ڪندوَ، اِنهن
مان ڪيچ ٿيندوَ.“
نينگرن جي پڦين به کيس مبارڪون ڏيندي هار وڌا ته
ٻه ٻه قيمتي وڳا به آڻي ڀر ۾ رکيا، زيب انهن کي
دعائون ڪندي جيئن ئي ڳچيءَ کي هارن کان آجو ٿي ڪيو
ته زريءَ جي سنهي تند، ڪنڌ ۾ ايڏو کڻي چهڪ ڏنس جو
سور کان سيسراٽ نڪري ويس، عذرا، جيڪا ڪئمرا آڏو
پوز ٺاهي ماءُ سان ڳل ڳل ۾ ڏيو ويٺي هئي، تنهن
سرٻاٽن ۾ چيو،
”امان تڪڙ ڇو ٿي ڪرين، پيا هجنئي هار، ڏس ته فلم
پئي نڪري، اسين وڃون پوءِ لاهجانءِ، تڏهن هن
انهيءَ سور کي به اَمر الاهي ڄاڻي کڻي ماٺ ڪئي.
ڪشادو ڪمرو، رش سببان سُسي صابڻ داڻي ٿي پيو، تنهن
۾ وري مختلف برانڊن جي پگهر جي ڪُرو ڌپ وايو منڊل
کي تهائين زهريلو ڪري رکيو. ٻين جي ته کيس خبر نه
هئي جو شايد ته خوشيءَ ۾ سنگهڻ جي حس ئي سمهي رهي
هئن، پر کيس اچي ڪسبري ورايو ۽ انهيءَ جهوراڻيءَ ۾
جهرڻ لڳي ته ڪٿي ”پگهر پائزن“ نه ٿي پئيس.
رڪارڊنگ هلندي به ڪيترين ئي زالن ٽنگ جي سور جا
تفصيل پڇي علاج جا ڏس ٿي ڏنس ته ڪن وري پيرن فقيرن
جا آستان ٿي ڏسيس. اها ته الله کڻي سندس ٻڌي جو
اوچتو لائيٽ هلي ويئي ۽ زالون دانهون ڪندي، انڌي
هاٿيءَ جيان لشڪر لتاڙينديون وٺي ٻاهر ڀڳيون. دير
ئي ڇڙو نڪرڻ جي هئي جو لائيٽ وري اچي جرڪو ڪيو.
. . . . . . . . . . . .
رات جا ٻارنهن اچي ٿيا. . . . اڃا ته قافلي جيڏي
رات پئي هئي.
”الا ڪيڏيءَ مهل اِها رات گذرندي ته وڃين پنهنجي
ڪکن ڀيڙي ٿيان. منهنجي ته پاسن جون هڏيون به پيون
ٽڙڪن. . . .“ هن بي وسيءَ مان سوچيو. ايتري ۾ عذرا
کي ايندو ڏسي کن لاءِ ڄڻ کيس ساهه پئجي ويو. هوءَ
تڙ تڪڙ ۾ ڪنڊ وٽ رکيل ڪٻٽ کي، اڳٺ ۾ ٻڌل چاٻين سان
کولي، گهور لاءِ نوٽن جا ٿها ڪڍڻ ۾ ايڏي ته مگن
هئي جو ماءُ ڏي ڌيان ئي نه ڌريائين، ته هن پاڻ ئي
چيو،
”اما عذرا، آءُ ته اصل اچي اڙي آهيان، زالن ڪُکون
ئي ڀڃي ڇڏيون اٿم، مون کي ته گهر موڪلي ڏي. . . “
عذرا جيڪا پاڻ هل هلان ۾ اڌ مئي ٿي پيئي هئي ۽
چهري تي توائي نشان طاري هئس، تنهن اِن ڳالهه تي
ماءُ کي ڪجهه اهڙين نظرن سان ڏٺوجو ويچاري سُسي
ويئي.
رات جو پويون پهر هو. زيرو بلب جي روشنيءَ ۾ هن جي
کٽ جي چؤطرف وڇايل بسترن تي ٻار ۽ زالون ٿڪجي ٽٽجي
ساڻا ٿي اگهور ننڊ ۾ ستل هئا. . . .هن جي اکين ۾
ننڊ ته نه هئي، سوچن جو ساگر هو، جنهن ۾ ساري رات
هوءَ اُڀرندي ٻڏندي رهي.
صبح جا اٺ اچي ٿيا پر اڃا ڪنهن اک نه پٽي هئي.
ايتري ۾ زورن ڏيڻ واري نينگري نوري، مٿو کنهندي
چانهن جو ڪوپ کڻي ظاهر ٿي کيس ڏسندي ئي زيب شڪايت
مان چيو،
”شاباس هجئي، شام کان جو گم ٿي آهين، هينئر شڪل
ڏيکاري اٿئي.. . “
”جيجي، اِهي خوشيون ۽ ساٺ سوڻ ڪي روز روز ٿوروئي
ڏسبا آهن“. هن اوٻاسي ڏيندي وراڻيو. ”فلم پي نڪتي
ته لنگهياڻين مون کي به کڻي نچڻ ۾ شريڪ ڪيو سڄي
رات سهرا ڳائي، ساڻي ٿي الائي ڪيڏيءَ مهل وڃي ستي
آهيان. هينئر به ادي بورچي زوريءَ اچي اٿاريو ته
چانهه کڻي وڃان، جنهن لاءِ جيجي عذرا رات ئي کيس
چئي ڇڏيو هو.“
”تنهنجي جيجيءَ جي وڏي مهرباني، اها چانهه کڻي وڃ،
مون کي هينئر ڪو نه ٿي وڻي، تون جلدي وڃي رڪشا ڪري
اچ. . . .“
”ائي جيجي ڪاوڙجي پئينءَ ڇا؟ اجهو ڊريوَر به ڄاڻ
آيو، تنهن سان موٽر ۾ وڃجانءِ؟“
”آءُ جيئن چوانءِ تيئن ڪر.“ هن اهڙيءَ ته رعب مان
چيو جو نوريءَ جا نشا ئي لهي ويا.
جيئن فلمن ۾ هلڻ کان هلاڪ معزور، ڪنهن اوچتي صدمي
يا خوشيءَ مان جڏن واري ڪرسي ٿڏي ٽپو ڏيئي اٿي کڙا
ٿيندا آهن، تيئن زيب جي ٽنگن ۾ به اهڙي غيبي طاقت
اچي ويئي، جو بنا ڪنهن هَم تم جي نوريءَ کان ٿيلهو
کڻائي، گلم تي ستل زالن ۽ ٻارن کي لتاڙيندي اچي
رڪشا ڀيڙي ٿي.
”آءُ گڏجي هلانءِ جيجي. . . “
”تون اِتئي مُئي پئي لنگهياڻين سان نچڪا ڪر.“
”جيجي عذرا ٻڌندي ته ڏاڍي ڪاوڙبي ته امان کي هيڪلو
ڇو وڃڻ ڏنئه. . . .“
”ڀل ته پئي ڪاوڙجي،“ هن کانئس ٿيلهو کسيندي
چيو.”رڪشا وارو به پنهنجي ٻچن جهڙو اٿم، پاڻهي
سنڀالي هلندو.“
اهو ٻڌي رڪشا واري ناس جي وڏي پچڪاري ٻاهر اُڇلي ۽
مڇون ڦڙڪائيندي فرمان برداريءَ مان چيو،
”هائو امڙ تون بي فڪر ٿي ويهه.“ ۽ گهرڙاٽ ڪري رڪشا
اسٽارٽ ڪئي، جيڪا زوڪاٽ ڪندي دونهان ڇڏيندي ماڳ ڏي
رواني ٿي.
مڄاڻ ته ان مهل زليخا جي موٽر به اچي اُتان لنگهي،
تَنهن جو زيب جي جهلڪ ڏٺي ته پٽ جو ڪلهو پٽيندي
چوڻ لڳي،
”اي ابا صديق، اي ڏس ته سهي!“
صديق جو اسٽيئرنگ تان ڌيان هٽڻ سبب گاڏي زگ زيگ
ٿي ڪنٽرول مان نڪرڻ تي هئي جو هن سنڀالي ورتي.
”امان گهڻا ڀيرا چيو اٿمانءِ ته هلندي گاڏيءَ ۾
ڪلهي مان نه پٽيندي ڪر. ڪنهن ڏينهن مارائيندينءَ.“
”اي ابا ڏمرجين ڪوه ٿو، اهو ساڄي پاسي ڏس ته
”رڪشي“ ۾ ماسهين زيب ته ڪا نه پئي وڃي. . . اگهي
زال سگهو ساه ئي نٿي کڻي سگهي، خير ته آهي جو صبح
سان ائين هيڪلي ننڌڻڪي ٿيو پئي رڪشن منجهه رلي.
جلدي ڪر، موٽر ورائي هلي اڳ وٺيس....“
”هائو برابر“ صديق، ڪجهه فاصلي تان ويندڙ رڪشا کي
گهوريندي چيو. ”لڳي ته ماسي پئي پر دل نٿي مڃي.“
ان سوچ ويچار ۾ رڪشا ڪافي اڳتي نڪري ويئي، ته هو
ڪار کي تيز ڪري، هارن جي يڪي پان پان سان رڪشا
پويان ڪاهي پيو. هوڏانهن زيب جو ساهه هيٺ مٿي هو.
. . .
”الائي هيروئن جي سمگلنگ جي شڪ ۾ ٿي جهلجان يا
اغوا جي ڏوهه ۾ ٿي ڦاسان. . . وري سوچڻ لڳي، ”ڪٿي
ڌاڙيل نه رڪشا کي ڦري آيا هجن. . . پر اهڙا ڪهڙا
ڀينگيا ڌاڙيل هوندا جو گاڏيءَ هوندي ايندا رڪشا کي
ڦرڻ. . . مون وٽ آهي به ڇا. . . اِهو دوائن جو
ٿيلهو هڻندي مان منهن ۾. . . وڃي ڇائي پائين. . .
.“ هن پاڻ کي ڏڍ ڏنو.
زيب جيڪا ڪنهن وقت اخبارن ۾ ڌاڙيلن، اغوائن، ۽
سمگلنگ جون خبرون ڏاڍي ڌيان سان پڙهندي هئي، تنهن
جي ذهن ۾ فوري طور تي اهڙا خيال اچي سگهيا.
رڪشا بيٺي ته زليخا ڪار جي دريءَ مان سسي ڪڍندي
زيب کان پڇيو،
”ائي زيب، تون وري هت ڇا پئي ڪرين....“
کيس ڏسندي ئي سور جي زوردار لهر زيب جي ٽنگ ۾
اُڀري. . . .
”ڏوڙ پئي پايان. . .. “ هن دل ۾ پڄرندي سوچيو. ”هت
به ڏائڻ ڪو نه ڇڏيو.“ پر ٻاهران وراڻيائين، ”آئون
ته ڪاڄ تان پئي موٽان، تون صبح ساڻ ڪيڏانهن ڌڪا
کائڻ نڪتي آهين. . . .“
”پر بيماريءَ ۾ هيکلي! نه ڪو اوهي نه واهي!!“
زليخا سندس سوال اڻٻڌو ڪندي حيرت مان چيو.
”هيڪلي ڪٿي آهيان، رڪشا وارو جو ساڻ اٿم،“
”ائي هيٺ لهه ته موٽر ۾ ٿانيڪو ڪري ڇڏي اچانءِ، .
. . پيٽرول چُڪي جي پرواهه نه ڪر، تو کان ڪو وڌيڪ
اٿم ڇا، ضعيف زال آنڊائي نڪري پيا هوندءِ رڪشا ۾.
. . تون ڀل ته مون کي دڙين، بڇڙو ڪرين پر توسان
منهنجو سِر لڳي، ٻٽيهه دليون اٿم. . . . منهنجي
قربن کي تو اڃا سُڃاتو ڪينهي. . . “
”ادي تنهنجون مهربانيون، هاڻ چوواٽي تي ايڏا چاهه
ڏيکاري اجائي ٽريفڪ نه ميڙ، منهنجو فڪر نه ڪر،
گهر کي ويجهو اچي رسي آهيان. . . . . “ هن رڪشا
واري کي اڳتي هلڻ جو اشارو ڪندي چيو.
”چڱو تون گهر هل ته مان به مارڪيٽ مان سيڌو سڙو
وٺي، صديق حوالي ڪري اجهو ٿي اچانءِ.“
زيڊ . اي . شيخ
ڌنڌ کان پوءِ. . . . . !!
جنت ڪنڌ مٿي کنيو، ڪجهه چوڻ چاهيو پر لفظ نڙيءَ ۾
ئي اٽڪي پيس، ڪجهه به اُڪلي نه سگهيس، من ۾ مانڌاڻ
متل هئس، سوچ جي سمنڊ ۾ غرق هئي. . . هُن هڪ وار
وري خان ڏانهن ڏٺو، اکين ۾ ڊپ ۽ خوف . . . . ڪنڌ
جهڪي ويس ۽ اکين مان لڙڪ لڙي پيس. . . . جنت جي
خاموشي . . . ڊنل اکيون. . . . ۽ اکين مان ڪرندڙ
ڳوڙها. . . . خان جي دل ۾ متل اُڌمن ۽ جذبن کي
وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو. . . .هو چپ هو. گهڙي پل جي
خاموشيءَ کان پوءِ خان جي اندر مان پيار جي احساس
اُڌمو کاڌو“ ”جنت“ مون هِن گهڙيءَ کي سميٽڻ چاهيو
ٿي . . . ۽ اڄ آئون خوش آهيان. شايد حياتيءَ جي
ڪنهن گهڙيءَ ۾ ايترو خوش نه هُئس“ . . . خان جي
اکين ۾ پيار جي ڇولين جي اُٿل پٿل هئي ۽ هن جي دل
۾ لڪل خوشيءَ جي بهار جو سڳنڌ هو. . . ؟ اِها ته
جنت کي به خبر هئي ته خان کي ساڻس ڪيتري محبت هئي،
جنهن لاءِ هن ايڏو وڏو قدم کنيو هو ”جنهن جي پٺيان
هڪ ئي وقت ڪيترا طوفان هئا. . . .۽ هوءَ هڪ اهڙي
طوفان جي اچڻ کان خوفزده هئي. مون کي ڊپ آهي. . .
. “ آئون ڊڄان پئي“ ! جنت کي پنهنجو ئي آواز ڪوهن
تان ٻڌڻ ۾ آيو. ڇا جو خوف ؟ تون ڇو پئي ڊڄين؟ خان
حيران ٿي جنت کي ڏسڻ لڳو ۽ سندس انهيءَ هراس ۽ خوف
جي پاتال تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. . . هن
پريان رکيل لالٽين جي هلڪي زرد روشنيءَ ۾ خان جي
اکين ۾ جهاتي پاتي. . . .۽ سندس ڏڪندڙ چپ چُريا. .
. ”الائي ڇا ٿئي؟ هو هڪ ئي ساهه ۾ ائين چئي ويئي
ڄڻ ته اندر ۾ ساهه ٿي منجهيس. . . . خان جي چهري
تي مسڪراهٽ ڊوڙي ويئي، اعتبار ڏياريندي چوڻ لڳو.
مون تي ويساهه نه اٿئي؟
تو تي ته ويساهه اٿم. .. . شايد پاڻ کان به وڌيڪ،
پر تنهنجي مائٽن تي نه“ خبر نه آهي ته اُهي مون کي
پنهنجو ڪندا يا نه؟ . . . ۽ هُن جي اکين مان ڳوڙها
ڪري پيا. . . خان بي چين ٿي ويو. . . ۽ پوءِ . . .
.هُن هٿ وَڌايو. . . . ۽ جنت جي هٿن کي پنهنجي
مضبوط هٿن ۾ جهلي چوڻ لڳو!
جنت، تون ائين ڇو ٿي سوچين؟ اسان جي شادي ٿي آهي.
اسان ڏوهه ته نه ڪيو آهي اسان دنيا وارن جي رسم
رواج جو رخ موڙيو آهي. . . ورهين جا ويڇا ۽ وير،
قرب جي مضبوط زنجيرن ۾ ٻڌا آهن.“
نه. . . جنت نه. . . . اُهي ته منهنجا، پنهنجا
آهن. . . . منهنجو رت آهن، اُهي ضرور تو کي پنهنجي
هانءُ سان لائيندا. . . . اهي ته غيرن سان به
سدائين وڙ ڪندا رهيا آهن! خان جا لفظ پڙلاءُ ڪندا
جنت جي ڪنن سان ٽڪرايا. . . . ۽ هو بي چين نظرن
سان خان کي ڏسڻ لڳي. . . جڏهن کان . . . جنت کي
خان ڏٺو هو، هو بي چين ٿي ويو هو. . . .جڏهن شام
جا اُداس ۽ ويا ڪل پاڇا ڊگها ٿي ٿي ويا. . . ته
هن جي سوچن جي سمنڊ ۾ وڌيڪ اُڌمن ۽ احساسن جون
ڇوليون ڇُلي ٿي پيون. . . . خان وڌي انهن راهن تي
ٿي آيو، جن راهن تي جنت جي قدمن جا نشان هُئا. . .
. ڪڏهن شام جي ڌنڌلن ۽ ڊگهن پاڇن ۾ ته . . . ڪڏهن
سڪل وڻن جي ٽڙيل پکڙيل پاڇولن ۾ . . . ڪڏهن
نڀاههُ جا واعدا، ساکون ۽ سُنهن ته ڪڏهن ڳوڙهن .
. سُڏڪن جي وچ ۾ دشمني . . . غير هُجڻ جا بي
بُنياد شڪ شبها، ڪڏهن وڇوڙي جون وايون، ته ڪڏهن
وري اُنهن شامن ۾ بهار جي سڳنڌ سان سرچاءُ. . . پر
جڏهن سڄي ڳوٺ ۾ جنت ۽ خان جي قرب جا چرچا ٿيڻ لڳا
ته خان همت ڪري وڌي اچي پنهنجي ڀاءُ کي چيو. . .
ڀاءُ جو آواز آسمان جي بلندي کي ڇهي پڙاڏو ڪندي
ڌرتيءَ جو سينو چيريندو رهيو. . . ۽ پوءِ . . . .
ڌرتيءَ جي سيني مان ڪيترائي زهريلا چشما اُٿلي
پيا، جنهن ۾ خبر نه آهي ته ڪيترا ظلم، ڪيتريون
ناانصافيون نانگ بڻجي خان کي ڏنگيندا رهيا. . .
ڀاءُ خان کي ڪيترا نه ايلاز ڪيا هئا. . . هي ڏس
اٻوجهه نياڻيون جن جي اوسيئڙي وارين اکين ۾ ڪيترن
ئي ڏوراپن هوندي ڪو ڏوراپو نه آهي، حالانڪه هُنن
جا اڇا چمڪندڙ چانديءَ جهڙا وار“ ڏوراپو، ڏين ٿا
ته هي نياڻيون حياتيءَ جون گهڙيون گهاريندي عمر
جون حدون ئي ٽپي ويون آهن نه رڳو پنهنجن جي
اوسيئڙي ۾“! آس تي. . . اُميد تي. . . ۽ پنهنجا
ڌاريون غيرن جون آڻي ڄڻ ته سوڀ ٿا کٽين!!! خان گهٽ
۾ گهٽ تون ته ائين نه ڪر! هنن نياڻين جو ڪهڙو ڏوهه
آهي، ڇا؟ . . . هِنن جي اٿاهه اونداهي حياتيءَ ۾
زندگيءَ جي لاٽ نه جرڪندي؟! ڇا؟ هنن کي جيئڻ جو
حق نه آهي؟ ڇا؟ هِنن نياڻين جو اهو ئي نصيب آهي؟
ته هنن جا حق غير کسيندا رهن، . . . پر خان جي سوچ
۽ اکين تي ته موهه جو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو ڇانيل هو، . .
. جنهن ۾ هن کي ڪجهه به نظر نٿي آيو. . . هو بي
چين ٿي ويو. . . ۽ چوڻ لڳو ادا آئون جنت کان سواءِ
جي نه سگهندس؟ ڀاءُ تڙپي پيو؟
ڇا؟ مريم انهيءَ قابل نه هئي جو تنهنجي دل ۾ جاءِ
ٺاهي سگهي ها جيڪا تنهنجي لاءِ ننڍڙي هوندي کان ئي
اوسيئڙي ۾ ويٺي آهي؟ جيڪا اسان جي پنهنجي آهي. . .
ڀاءُ ته خان جي اڳيان تڙپندو رهيو. لڇندو رهيو. .
. هر پل. . . هر گهڙي سمجهائيندو رهيو. . . ته
اسان جي نياڻين جون حياتيون ۽ رشتا شايد اهڙن قربن
۽ خوشين کان وڌيڪ نازڪ آهن. . . .جن هميشه دلين تي
داغ ڇڏيا. . . پر خان هر گهڙي . . . هر پل اِهو ئي
چيو ته اِهي سڀ ڳالهيون پراڻيون آهن. . . . جيڪي
هلنديون اچن!! ڀاءُ، جيڪا ڳالهه تون ڪرين ٿو اِها
ڪا نئين نه آهي جو آئون، اهڙي طرح پنهنجي خوشين
جوخون ڪري ڇڏيان!. . . .۽ پوءِ خان جي اندر ۾ ڄڻ
ته خوشين ۽ ارمانن جي اُڌمن ڦاٽ کاڌو. . . هو
ڀاءُ. . . کان منهن موڙي جُرئت ساري سڌو جنت جي
مائٽن وٽ آيو . . . . ۽ پوءِ . . . . اڄ جڏهن جنت
هُن جي آڏو ڪنوار بڻي ويٺي هُئي ته هُن کي پوري
ڪائنات پنهنجي قدمن ۾ رقص ڪندي محسوس ٿيڻ لڳي،
چئني پاسي بهار جي سڳنڌ جو واس هو. . . . ڄڻ ته
هُن دنيا وارن جي بڻايل دستورن سان جنگ جوٽي سوڀ
کٽي هئي، هڪ اهڙي سوڀ جنهن هُن جي هنج خوشين سان
ڀرڻ گهري ٿي. . . پر جنت هُن کي بي چين ڪري ڇڏيو.
. . “ ”جنت تون اُداس آهين؟“
نه خان. . . مون کي خوف آهي.
”ڪنهن کان؟ خان حيرت مان جنت کي ڏسندي پڇيو؟
ايندڙ گهڙي کان. . . !! هن کي پنهنجي ئي اندر مان
ڪيترن ئي خوفناڪ آوازن جا پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ آيا . . .
۽ پوءِ سچ ٿيو به ائين. . . خدا ڄاڻي، خان ۽ جنت
جي نڪاح جي خبر ڪيئن باهه جيان سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي
ويئي، ڀاءُ جڏهن خان ۽ جنت وٽ پهتو ته ڄڻ هُن جي
اکين مان باهه جا اُلا ٿي نڪتا، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کان
هو ڏڪي رهيو هو، خان تو کي ايتري جرئت ڪيئن ٿي؟
ڀاءُ ڪاوڙ مان ڏڪي رهيو هو:
ادا، توئي ته مون کي جرئت ڏياري؟ خان آهستگيءَ سان
جواب ڏنو!
نه خان، نه. . . مون ته توکي رڳو ناتن ۽ رشتن جي
نزاڪت جو احساس ڏيارڻ ٿي چاهيو. . . پر تو نه هنن
رشتن کي سمجهيو ۽ نه ئي اُنهن طوفانن جو اندازو
لڳايو بس، تو ته رڳو دل جي ڳالهه ٻڌي ۽ سمجهي،
ڀاءُ پريشان ٿيندي چيو! |