اهو ٻڌي هفيد جو جسم ڪاوڙ وچان ڏڪڻ لڳو، هنده جي
نظرن ۾ التجا ۽ آزي هئي، پر هفيد جو سر فخر وچان
اوچو ٿي ويو. هن کي هڪ عجيب روحاني مسرت محسوس ٿيڻ
لڳي. ”نه نه“. هفيد ٻئي پاسي منهن ڪندي چيو، ”هاڻي
اهو وقت اچي پهتو آهي، جنهن جو اسان کي انتظار هو.
هاڻي وطن جا شيدائي آزاديءَ جا متوالا ۽ همت ۽
مردانگيءَ جا پتلا دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾
ملائڻ لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪندا. اهو فيصلو
اڻ ٽر آهي.“ اهو چئي هفيد هنده کي پنهنجن ٻن وفادر
ساٿين جي حوالي ڪري، حڪم ڏنو ته هن کي حفاظت سان
سنديس پيءُ تائين پهچايو وڃي. سپاهي هنده کي ساڻ
ڪري هلڻ لڳا. ۽ هفيد تلوار ڦيرائيندو هڪ بکئي
شينهن وانگر دشمن جي سپاهه ۾ ڪاهي پيو. هو جلد ئي
هزارن وڄن ۾ وڪوڙجي ويو. هن جي جسم جو ذرو
ذروضربجي پيو ۽ گهاوَن مان رت ريلا ڏيئي وهڻ لڳس.
آزاديءَ جي شمع جي لاٽ آخري ڀيرو ڀڙڪو کائي ٻري ۽
پوءِ هميشه هميشه لاءِ اجهامي ويئي. دشمن جي فوج
فتح ۽ ڪامرانيءَ جا نعرا بلند ڪيا، جن جو پڙاڏو
جابلو ماٿرين ۾ ٻُرڻ لڳو. اوچتو هنده پنهنجيءَ دل
کي ٻڏندي محسوس ڪيو. هن بي اختيارهڪ دل ڏاريندڙ
دانهن ڪئي. هيٺ پهاڙن جي دامن ۾ سمنڊ جون مست
موجون ڪڙڪاٽ ڪنديون جبلن سان پئي ٽڪرايون. هنده
سَٽ ڏئي سپاهين کان پاڻ ڇڏايو. اٿاهه ۽ اونهي سمنڊ
جون مست موجون. کيس سڏينديون رهيون. هنده ذري به
دير نه ڪئي ۽ پنهنجي سموري سگهه سان پهاڙ تان ڇال
ڏئي هيٺ ڪري ۽ سمنڊ جي موجن ۾ گم ٿي ويئي.
اڄ محبت ۽ پيار جي پتلي هنده بحر عمان جي اونهائين
۾ ڪنهن صدف جو مڻيادار موتي ٿيو دنيا جي نظرن کان
لڪي پئي آهي ۽ مٿي پهاڙ جي چوٽيءَ تي هفيد جي هڏن
جي خاڪ هوا ۾ اُڏامي دنيا وارن کي حريت ۽ آزاديءَ
جو ابدي پيغام پئي ڏئي.
ماهتاب محبوب
لهر لهر زندگي . . .
.
زيب النساءِ جي ٽنگ جو سور جيئن پوءِ تيئن ويو
وڌندو. سنئين لڱي ٿيڻ لاءِ وڏا وس ڪيائين، ويندي
شاڪُن ڏيارڻ تائين به وڃي پهتي، تان جو اچي کٽ
داخل ٿي. بيٺي جو هرڪو، ڪرِئي جو ڪو به نه، جيان
سڀئي جيڏيون سرتيون ڀڄي پري ٿيس. باقي رهي بخيل
زليخا، تنهن جي ڄڻ الله جوڙ جوڙي، ۽ ”ڇُٽي لُولي
ڪتڻ ڪڻون، ڪڏڻ لڳنس ٻال“ جي چواڻي اچي وٽس ديرو
دمايو.
ڀانيائين ته ”هاڻ سور، درد، گلائون غيبتون ٻڌڻ
ڪاڻ هوءَ کيس نويڪلي ۽ واندي ملندي، سو طبيعت پڇڻ
جي بهاني ٻئي ٽئين ڏينهن پئي چڪر ڏيندي هئي ته،
”ادي منهنجي لائق ڪا خدمت هجي ته ٻڌائيم.“
اڄ ته مرڳو ٻئي نمبر پٽ کي به اِن مزاج پُرسيءَ جي
سعادت نصيب ڪرڻ لاءِ ساڻ کنڀي آئي، جنهن کي اَزل
کنيو جو ڪرسي ريڙهي زيب جي ڀر ۾ ٿي ويٺو ۽ ٽنگ ٽنگ
تي چاڙهي وڏيرڪي نوع مان پڇيائين،
”ماسي ڪهڙا حال اٿوَ؟“
ابا بس اِهي جيڪي ڏسين پيو.“
هن لاپرواهيءَ مان وراڻيو. هڪ اڳ ئي ناچاڪ مٿان
وري هر آئي وئي حال پُڇي پڇي کيس وڌيڪ بي حال ڪري
رکيو. گهڙي کن رکي طارق کي غور سان ڏسندي چوڻ لڳي،
”ابا اِهو والو وري خير صلي ڪَن ۾ ڇو پاتو اٿئي؟“
هو اِن اوچتي حملي تي تِٿان پِٿان ٿي، ڪار چاٻيءَ
سان ڪن کوٽيندي مرڪيو ته ماڻس وچ ۾ ٽپندي دفاع
ڪيو، ”ائي زيب تنهنجي هيرَ نظر پئي آهي، ننڍي لاڪو
ڪونه والو وڌومانس، نس لهي پئي هئس.“
”ائي هان! پر تنهنجا به انصاف چئبا، هاڻ اِها به
ڪا عمر آهي والي پائڻ جي. لاهي ڦٽو ڪريس، ”سوٽيل
بوٽيل نوجوان، سڀاڻي جي سڱ بند ٿئيس ته ڪو ڏسندو
ته ڇا چوندو....“
”لاهيانس وري ڪيئن. اڃا اهو ننڍي هوندي جو حساب
بيٺو اٿس...“
”جي نٿي رهين ته سنهي ڪاٺڙي وجهيس. ڪن ۾، اُها
ڏسبي ته ڪانه.“
”نه ڀيڻ، واليءَ جو پنهنجو سوڻ آهي.....“
”امان توهان جيسين ماسيءَ وٽ ويهو، آئون ٿورو شهر
مان ڪم لاهيو ٿو اچان.“ هو پنهنجا زِرَ ظاهر
ٿيندا ڏسي، بهانو ڪري اُٿي کڙو ٿيو ۽ وٺي کڙين تي
زور رکيائين، زيب ڀانيو ته ماءُ کي به ساڻ وٺي
ويندو پر هوءَ ته ڄڻ اوکا پوکا لاهي لت کوڙي ويهڻ
ڪاڻ آئي هئي. رهندو هڪل ڪري پٽ کي چوڻ لڳيءَ.
”ابا بچيم، تون ڀل وڃي پنهنجا ڪم ڪار لاهي، ڪاڙهي
۾ نه وٺڻ اچجئيم، اڳو پوءِ سج لٿي اچجانءِ تيتر
آءٌ پنهنجي دلبر ڀيڻ جو روح ويٺي وندرايا“. اِهو
ٻڌي زيب جو وس نٿي هليو نه ته جيڪر منهن مٿو پٽي
خارن مان پاڻ کي رتو ڇاڻ ڪري وجهي ها. پر به چهري
جا تاثرات ڪجهه اهڙا ٿي لڳا ڄڻ ڪاريهر ڏنگيو هجيس.
”بچي شال، اهو پُٽڙو چئي ۾ اٿم. ڏاڍو سدورو آهي.
باقي صديق ته آهي ئي جوءِ جو مڄو. خبر اٿئي وري
جوڻهس ڪهڙو فتنو کڙو ڪيو آهي؟ مون کي ڪجهه چوڻ جي
همت نه ساري سگهي ته مڙس کي گماشتو ڪري
اُماڻيائين، جنهن ساليءَ لاءِ طارق جو سڱ گهرڻ جي
سفارش ڪئي . “ زيب ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ بنا رڳو بي
وسيءَ مان سندس منهن ڏي ٿي نهاريو.
”هاڻ تون پاڻ اَمين ٿجانءِ ته صديق جي زال مون کي
ڪهڙو ٺاريو آهي، جو وري ڀيڻس کي لاڏين ڪوڏين وٺي
اچان. . . . سو مون ته پٽ کي ٺُپ جواب ڏيئي ڇڏيو
ته ”مون کي پنهنجو ٻچڙو اِن لانگڙ لاهه خاندان ۾
ڪونهي پرڻائڻو. سون سريکي ڀائٽي ويٺي اٿم، اهو ڪم
اتي ڇو نه ڪريان. پنهنجي ماريندي ته به ڇانوَ ۾
ڇڏيندي. اُس ۾ ته ڪو نه اُڇليندي.“ اهو ٻڌي مڙس
مڇرجي پيو چي، ”منهنجي زال وري ڪهڙو ڪنهن کي اُسن
۾ اُڇليو آهي.“ مون به تپي وراڻيو مانس، ”اي اُڇلي
وڃي شڪل بڇڙي سسڻهين کي، اسان کي ڪوه لائي
اُڇليندي.“ صديق جي سس جي ته ڳالهه ئي نه پڇ، اصل
توبهه زاري. وڏي افلاطون رن آهي، بس ڀانئين ته
سِيڻ ۽ ناٺي سندس جي حضوريءَ ۾ ڪنڌ نوايو بيٺا
هجن، پر منهنجو موچڙو به نه چخيس.
لڳاتار يخيءَ سان زيب جي صبر جو پيمانو ڪنان تار
ٿي ويو ته هن اُمالڪ ٻنهي هٿن سان کڻي مغز جهليو.
”ائي زيب ڇا ٿيئي، هير ته سولي هئين... . “
ايئن چوندي صوفا کان کٽ تائين پهچڻ لاءِ ”هن ٽپو
ئي ڇڙو هڪ ڏنو ۽ اچي ٻيلهه ٿي ويٺس.
”اي الله، مون کي بخش ڪر، الائجي ڪهڙا ڪيتا پيو
لوڙائين، . . . . او صبا . . . .هيڏانهن ته اچ“.
هن وڏي واڪ ننهن کي سڏيو. جيستائين هوءَ پهچي ئي
پهچي تيسين زليخا اڳتي وڌي زور زور سان پٺا مهٽڻ
لڳس. اهو ڏسي هن عاجزيءَ سان چيو،
”ادي منهنجو هانءُ ٿو ”منجهي، هينئر مون کي ڇڏي
ڏيو.“
ايتري ۾ ننهڻس به ڊوڙندي آئي، ”چاچي ڇا ٿيو؟ ٺيڪ
ته آهين!!“ هن پريشانيءَ مان پڇيو.
”امان ويٺي ويٺي مغز کي چڪر ۽ اکين اڳيان اوندهه
اچي ويئي آهي. . . الائجي ڇا ٿو ٿئيم. جهٽ ڪري
ويليم جي گولي آڻي ڏي ته کائي ننڊ ڪريان. . . “
”ادي عذرا کي فون ڪريان ته ڊاڪٽر کي وٺي اچي. . .
؟“
”هاڻ مران ڪونه ٿي جو عذرا ڏي فون ڪندينءَ،
ڪمزوريءَ کان پيو مٿو ڦري. آرام ملندو ته پاڻهي
ٺيڪ ٿي وينديس. . . تون ماسيءَ کي وٺي وڃي پاڻ ڏي
ويهار جيسين آءُ ٻه گهڙيون ننڊ ڪري وٺان.“ هن
زليخا مان پاڻ آجو ڪرائيندي چيو.
اُن ڏينهن ته جيئن تيئن ڪري هن پنهنجا بند خلاص
ڪرايا پر ٻه ٽي ڏينهن نه گذريا ته اِجهو وري اَچي
هُن ”جاڙا خان ڪتو جهلجهان مهمان آيا آهن“ جيان
اسلام عليڪم ڪئي. ۽ جيئن ئي پٿلي هڻي ديوان تي ٿي
ويٺي ته اوچتو چڙڙاٽ جو آواز ٿيو. زيب ته ڇرڪي
ويئي پر هن جو به حياءُ کان منهن هارجي ويو. مٿان
وري صبا، جيڪا سس لاءِ يخنيءَ جو پيالو کنيو پي
آئي، تنهن بي اختيار کل روڪڻ لاءِ رئو کڻي وات ۾
وڌو.
زليخا کي پهريان ته ٽاهه پئجي ويو، پوءِ وڃي ساهه
پيس ۽ کلي چوڻ لڳي،
”مڙيو ئي خير آهي، چولي جا چاڪ ننڍا هئا سي مئا
ڦاٽي ڇيا. . .،
ٻيڙي ترئي، تو کي ڪهڙي ”ڪڏَ کنيو جو پيريءَ ۾ کڻي
چاڪ ننڍا رکايهءِ. پنهنجو قد بت ته ڏسين ها. اهو
ته ٿيو هٿ وٺي اَڪ سان پاڻ کنهڻ.“
”تو کي خبر ڪانهي زيب، اهو نئون فيشن نڪتو آهي.“
”مون کي ڇو نه خبر هوندي، جڏڙي ٿي آهيان انڌڙي ته
ڪو نه آهيان جو اِها به خبر نه هجيم، پر فيشن اهو
ڪجي جيڪو ٺهي، نفيس نينگرين کي ٺهندا آهن، اِهي
فيشن. تو مون جهڙيون ٿوٿان بلائون ڪٿان سوڙهن چاڪن
۾ ٺهنديون“.
”خير، هاڻ تون هلڻ کان هلاڪ اِهي ڪيئن ڀائين ها!!“
هن همدرديءَ مان کيس ساڙيندي ڳالهه جاري رکي. ”مون
به ڪو نئينءَ مان ڪو نه ٺهرايا آهن، ويهه پنجويهه
ورهيه اڳ جا سانڍيل ڪپڙا ڪڍي ڪري پاتا اٿم. اِها
ته مون کي به سُڌ هئي ته اِهو فيشن رُلي پني نيٺ
ورڻو آهي، سو پلش ۽ ڪمخاب جا اوچا وڳا ڪنهن کي
ڏيئي ڇو برباد ڪريان ها.“
”سال به ته سنڀار زليخا، هينئر تون اڳ جهڙي ڪٿان
هوندينءَ، ڏيئي ڇڏ نهڻين کي ته پائي سجايا ڪري.“
”اُن کي ڏيان تنهن کان تيلي ڏيئي نه ساڙي ڇڏيان.
مون کي ساهه ڪونهي ڇا! هاڻ اهڙي به ويل ڪونه آهيان
جو اِهي نه ٺهنم.“
”سدا پاءِ جيءُ پاءِ، ڪير اَرهو ٿيندو، پر سنڀالي
اُٿندي ويهندي ڪر. ڪنهن ڪنهن کي پئي چاڪن جي
چرڙاٽن جون سمهاڻيون ڏيندينءَ. . . “
”ائي زيب هاڻ ٺهيو، گهڻو ٿيو. . . “ هن لڄاري مرڪ
مرڪندي ڦڪائي وندرائي.
صبا، جا ايتري دير پيالو جهليو بيٺي هئي، تنهن تي
نظر ويندي ئي سسڻس طنز مان چيو: ”امان تون وري
ڪهڙا طعام کنيو بيٺي آهين؟“
”چاچي يخني آندي اٿم.“
”هڪڙو ته انهيءَ هانءُ تي ڳوڙهو چاڙهي ڇڏيو اٿم،
جڏهن ڏس تڏه ڪِنَ جهڙي يخني ٺهي رکي آهي.“
”آءٌ ته سوَ طعام ٺاهي کارايانءِ پر ڊاڪٽر جي جهل
آهي ته ڳرا کاڌا نه ڏيندي ڪريان. ادي عذرا ئي ته
ان يخنيءَ جي ترڪيب ٻڌائي ويئي آهي، ته رڳو اِها
ٺاهي ڏيندي ڪريان.“ هن پيالو ڏانهس وڌائيندي چيو.
”عذرا جي هٿن مان ته ان ڏينهن شِيري موڪلائي وئي،
جڏهن کان هن ڌارين جا کاڌا تجرباتي بنيادن تي
پچائڻ شروع ڪري ڏنا آهن. اِن يخنيءَ کان ته
پنهنجي رٻ چڱي“ ڌيءَ تي ڇوهه ڇنڊيندي، هن ڪڙي منهن
سان چمچو ڀري وات ۾ وڌو. ٻه ٽي چمچا مس کنيا
هئائين. جو اُٻڙڪا ڏيندي، پيالو سيرانديءَ کان
ٽپائي تي رکي ڇڏيائين.
”تو سان ته نسو رو ناحق آهي، زليخا همدرديءَ مان
چيو.
”کِينئڻ بنا انسان جو ڪهڙو جيئڻ. . . ٻِن چمچڙن
مان ڇا هَڏ تارون لڳندءِ. . . ٿورو ئي سهي، پر
ڪجهه مانيءَ ڀور به ته پيٽ ۾ وجهندي ڪر.“
”ائي ادي کائڻ به ته ڏين نه، بُکن ۾ پاهه ٿي پئي
آهيان. حياتيءَ تي ڪهڙو اعتبار، وڃڻو ته اڳ پوءِ
آهي، کائي پي وڃان ته چڱو، پنهنجو ساهه ڇو
سِڪايان. . . .“
”جائي ٿي چوين، هيڏي ڪر پيالو ته کائي سجايو
ڪريان. هارئي کان پيتو چڱو آهي.“ زليخا، جنهن جون
اکيون ڪنهن مهل کان اِن ڪوسڙي پيالي ۾ پيون هيون،
پڪو منهن ڪندي چيو.
”اَچي وٺ“ زيب جيئن ئي ٽپائي تان پيالو کنيو، ته
هن اُمالڪ اڳتي وڌي اُهو کانئس ورتو ته ڪٿي وري
نه کائڻ شروع ٿي وڃي.
خالي پيالو ڏسي صبا ڏاڍي خوش ٿي ته سندس هٿ جي
ٺاهيل يخني سسڻهس نوش جان ڪئي آهي، پر زليخا جي
چپن تي رٻ جي ريهه ڏسي، قصو سمجهي ويئي.
ڪڙيون ڪساريون دوائون ۽ پرهيزي پٽڙا کاڌا کائي،
زيب کي اصلوڪي کاڌي جو سواد ئي وسري ويو هو. نه ته
ڪو وقت هو جو پاڻ اهڙا ته کاڌا تيار ڪندي هئي جو
هٿ پيا ٽُڪبا هئا، جهڙي تهڙي جي پڪل کاڌي تي ته اک
ئي ڪو نه ٻڏندي هئس. زليخا لاءِ ته خاص طور هوءَ
چوراڄي ۾ ويهي چوندي هئي، ”الله دشمن کي به انهيءَ
مَرچوٺ جي هٿ جو مڪروهه کاڌو نه کارائي“. سا ان
ساڳي زليخا آڏو ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي اُميد رکي
چشڪا وٺندي نماڻي ٿي چوڻ لڳي،
”ماريئي ڊاڪٽر جي چئي ۾ اچي پٽ ۽ ننهن ته ڪجهه
کائڻ ئي نٿا ڏين. جڏهن کان کٽ داخل ٿي آهيان، تڏهن
کان ڦڪا بي سوادي کاڌا کائي زبان جو ذائقو ئي مري
ويو اٿم. چهرو کاڌو کئڻ ڪاڻ پئي سِڪان. . . .ڪنهن
ڏينهن لِڪ ڇُپ ۾ کٽڙا ڏاڙهون ٻرڪيل ڪو پَلي جو
پلاءُ ته رڌي کارائيم.“
ڀيڻ ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪرين، دريائن جو پاڻي ئي
سُڪي ويو. ڪٿان آيا پلا! ڪڏهن ڪو ملي به ٿو وڃي ته
اُهو گوادر جو سڪل پادر جهڙو پلو! جنهن ۾ نه مزو
نه سواد. کائن سان ماڳهين خارشيءَ جون بيماريون
ٿيو پَون، رت ڦِٽيو پئي ته ڇِتو ڇاپاڪو به اچو
چهٽي. ڏسي وائسي ته توسان اها دشمني آءُ به ڪو نه
ڪنديس.“
”توبهه، جي اهڙا حال آهن ته وڃي ”سک ۾ پئي کِکِو
پلو. . . “ هن موڙو ڏيئي چيو. ”ڀلا ڪڏهن گوشت جو
نرم پلاءُ رڌين ته گرانهن ذرو پاسيرو ڪري مون لاءِ
به کنيو اچجانءِ.“
ائي زيب گوشت جو ته نالو ئي نه وٺ، جڏهن کان مئل
گڏهن، گهوڙن جا گوشت ڏٺا ٻڌا اٿئون، تڏهن کان ائين
ڪو نه ڏٺو اٿم. دال ڀاڄيون ڪيو پيا گذر ڪريون. . .
“
”ائي ڀيڻ ڀلا کٺڙي مڱن جي دال ئي رڌي کاراءِ. . .
ان لاءِ به ته سڪان پئي. . . .“
”هائو . . . ڇو ڪين، دلبر ڀيڻ آهين، منهنجي،ڇو نه
کارائيندي سانءِ، پر جي منهنجي صلاح مڃين ته اِها
دال ڪمزور آنڊن لاءِ چڱي نه اٿئي. بيماري ۽ بک ۾
هيرَ تنهنجو هاضمو ڪٿي سَگهو هوندو جو اِها
کائينديءَ، پيٽ وگهي پاڻ کي ڪوه مارين.“
لڳاتار انڪار ٻڌي هن کي چڙ ته ڏاڍي لڳي پر دل جو
سور دل ۾ رکي کڻي چپ ڪيائين.
کيس ماٺ ڏسي، زليخا ”حجائتي ڪُتي حجري ۾. . . “
جيان لوڪ گِلا جا بند کولي ڇڏيا ۽ بيمار جو رت
ولوڙڻ واري فرض ادا ڪرڻ ۾ جنبي ويئي، ويرم کان
پوءِ هميشه جيان هن تي ٿورو ٿڦيندي چوڻ لڳي،
”ادي مون لائق ڪا خدمت هجي ته ٻڌاءِ. . . “
زيب جا اڳ ئي ڀڳي پئي هئي. اهو ٻڌندي ئي هن جي صبر
جي انتها ٿي ويئي، ڪڪ ٿيندي اُڇل مان وراڻيائينس،
”ادي دانگي کڻي منهن تي گهمائيم! ”نه کاڌي نه پيتي
”مٺيان لڳن هينئڙي.“ مون بيمار کي جهڳوري وئي
آهين. اهڙو ڪو رونشو ٿي آيو اٿئي جو هِتان هُتان
اَچو چئين ته ”ڪهڙي خدمت ڪريانءِ!“ ”ڪهڙي خدمت
ڪندينءَ؟ پهرين پاڻ کي ته سنڀال ڇپ!!“
”ائي مائي دڙين ڪوه ٿي، چيومانءِ به ڇا؟“
زليخا حيران پريشان ٿيندي چيو.
”اڃا ٻيو ڇا چوندينءَ، هانءُ ڦاڙي رکيو اٿئي مون
بيمار جو! جڏهن اچين رت ولوڙي، نڀاڳ جا ٿڌا ساهه
اچيو منهنجي مٿان ڀرين. . . “
زور زور سان جوش واري ڳالهائڻ جو آواز ٻڌي صبا
رڌڻي مان نڪري آئي. ٻارن جو ولر به پويان لڳو آيس
ته ڪپڙن ڌوئڻ واري مائي پڻ سونٽي ڦٽي ڪري، کنجيل
ورن سان تماشو ڏسڻ لاءِ صفحي ڏي ڪاهي پئي ۽ ڳالهه
سمجهڻ جي ڪوشش ۾ واڱڻائي مهارون ڪڍي واڇانئن جيان
هِن هُن جي منهن ڏي نهارڻ لڳي. پوءِ ته ڄڻ مَهي
ولوڙو ٿي ويو.
”اي الله منهنجي توبهه،“ زليخا ايڏو جوش ڏسي دهلجي
ويئي ۽ صبا ڏي منهن ڪندي چيائين، ”ڏنگي پئي ڏنگي،
هن حال کي اچي رسي آهي ته به زبان اُها ئي ڏينڀوءَ
جا ڏنگ!“
”ڪهڙن حالن ۾ ٿي رسائيم، الله پليندءِ پنهنجي
پلڻي.“ زيب جوابي ڪارروائي جاري رکندي وراڻيو.
ورچين ڪوه پئي، آءٌ وڃان ٿي وڃان. . . “
”الله کي پرتيئنءَ. . .. “ هن اکيون ڍڪي ڇڏيون.
معاملو وڌندو ڏسي صبا مڙسي ڪري اڳتي وڌي آئي، ۽
زليخا کي ٻانهن مان جهلي ٻي پاسي وٺي آڻي ويهاريو،
۽ پاڻ ريفريءَ جا ڪم نهايت خوبصورتيءَ سان انجام
ڏيندي. ساڌن سان به سنمک ته پئنچن سان به پوري
جيان ٻنهي هنڌن سرخرو ٿيو ٿڌي پاڻيءَ جا گلاس پي
پياريا. ڏٺائين ته ٻئي هچائون بلڊ پريشر جون مريض،
ڪٿي منجهائن ڪا اُبتي ٿي ڪري پئي ته ڪير پيو
ٿانيڪو ڪندن. مڙس ماڻهو ٻاهر ويل، مٿان وري فون به
خراب. کيس ساه تڏهن وڃي پيو جڏهن زليخا جي موٽر جو
هارن وڳو ۽ هوءَ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي دلدل وانگر جهومندي
در طرف وڃڻ لڳي.
. . . . . . . . . .
جڏهن کان زليخا اچڻ ڇڏيو ته زيب به ڪجهه سامت ۾
آئي. هوڏانهن ڊاڪٽر به صلاح ڏني ته کيس ٿورو هلڻ
چلڻ جي ڪوشش ڪرائي وڃي ته جيئن رت چڱيءَ طرح گردش
ڪري سگهي. وري جو هلڪي ڦلڪي ماني کائڻ جي موڪل
مليس، تنهن ڄڻ مئل ۾ ساهه وجهي ڇڏيو. گهر وارن به
کيس نفسياتي طور تي پاڻ ڀروڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.
ساڳيءَ جاءِ تي هڪ حالت ۾ ويهڻ ڪري هوءَ ٿڪي، ته
گهڙي لاءِ هوريان هوريان کٽ تان اٿي صفحي جا ٽڙيل
پکڙيل سامان سولا ڪرڻ لڳي.
ايتري ۾ صبا اندر ايندي چيس،
”اِهو ڇا ٿي ڪرين چاچي! مشڪل سان سور ٺاپريو آهي
ته وري هل هلان شروع ڪري ڏني اٿئي.“
”امڙ ٽنگون ساهڻ جي ته ڊاڪٽر به موڪل ڏني آهي.“
”پاڻ کي هلاڪ ڪرڻ لاءِ ته نه چيو اٿس، اهي ڪم
پاڻهي پيا ٿيندا تون هٿ ڌوئي هلي ويهه ته آءُ
نيرن کنيو ٿي اچانءِ.“
صبا هنڌ تي اخبار وڇائي، ٻه گلابي اُڦراٽا، چٽڻي
آمليٽ ۽ چانهه جي ڪوپ سوڌو سڄي ساري ٽري آڻي سَس
جي اڳيان رکي.
”بس چاچي؟“
”امڙ آءُ ڪو ايترو کائيندس ڇا، مون لاءِ ته ٻه
گرنهن ئي کوڙ هئا. اجايو کڻي ايڏيون هلاڪيون
ڪيئي.“
”مڙئي خير آهي چاچي، بچي پيو ته ٻار کائي ڇڏيندا.“
هن رئي سان نراڙ تان پگهر اُگهندي چيو ۽ رڌڻي ۾
وڃي پنهنجو تخت طائوس“ سنڀاليو.
هيڏانهن زيب اچي مانيءَ کي ورتو، اک ڇنڀ ۾ اڦراٽا
بيدا چٽ ڪري چانهه مان ڪوسڙيون سُرڪيون ڀريندي
نڙي سرلي ڪري، ننهن کي ٿانون کڻڻ لاءِ سڏيو، جيڪا
خالي ٿانوَ ڏسي عجب مان پڇڻ لڳي، ”چاچي جهٽ ۾ ماني
کائي ڇڏيئي.. . “
”ڪٿي امان، اڌ ماني ته تنهنجا ٻار کائي ويا. ڪجهه
ٻليون رنون پاسو وٺيو ويٺيون هيون، تن ٽڪر ئي زهر
ڪري رکيو.اک ڏنڀائي انهن کي به ڏيندي پي آيس. مڙئي
ٻه ڀور کڻي کاڌم. ڪٿي ٿي ماني وڻي، اهو ذرو به دل
جي مٿان ٻوجهو ٿي بيٺو اٿم.“
”چاچي تو ضد ڪيو تڏهن کڻي اڦراٽا پچايم نه ته
تنهنجي لاءِ هلڪو کاڌو چڱو هو، ڳري کان ته هونءَ
به ڊاڪٽر جهليو اٿئي.“
”ائي امان تڏهن مون وري ڪو ڳرو به کاڌو ڇا! تنهنجا
ٻار ئي وئيل جو ٽڪر آهن، سموري ماني ڳڙڪائي ويا،
مون کي ته بدناميءَ جو ٽڪر پيو ملي، بکون لنگهڻ
ڪاٽي اهي حال ٿيا اٿم. اڃا منهنجو کاڌو پيو ڪُڏي،
شاباس اٿئي.“
”چاچي تنهنجي کائڻ مان اسين ڪو ارها ته ڪو نه
آهيون، سدا ويٺي کاءُ پر. . . .“
ايتري ۾ در تي ڪار بيهڻ جو آواز آيو ته ٻارن هُل
ڪري ”پڦو آئي پڦو آئي“ جو وٺي ناچ وڌو. ”اڙي ابا
ماٺ ته ڪريو. . . . “ زيب کين ڇنڀيندي ننهن کي
مخاطب ٿي، ”امان ڪنوار، اِها رلي ته ڇڪي مٿان
وجهيم. . . .“
”چاچي ڇڏ رليءَ جي پچر، اڳ ئي ايڏي گرمي لڳي پيئي
آهي. . . “
هاڻ هوءَ ننهن کي ڇا ٻڌائي ها ته اهو رليءَ وارو
پوز کيس ڌيءَ جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ ٺاهڻو هو.
جيسين ڪجهه چئي ئي چئي، تيسين عذرا اچي ورانڊي
تائين پهتي، ٻي ڪا واهه نه ڏسي هن ٽنگ تي ڇڪي کڻي
رئو ٻڌو ۽ اکيون ٻوٽي پاسو ورائي پئجي رهي،
ننهڻس مام ۾ مرڪندي ٻاهر اچي نڻاڻ سان کيڪر ڪئي.
”ڏي خبر ڀاڄائي، امان جي طبيعت ڪيئن آهي“؟
”الله جو شڪر آهي. اڳي کان گهڻو بهتر آهي.“
ايتري ۾ صفحي اندران زيب جي چنگهڻ جو آواز آيو.
عذرا ميوات جي ٽوڪري ڀاڄائيءَ جي حوالي ڪندي
بيتابيءَ مان ماءُ ڏي هلي آئي ۽ کيس ڀاڪر وجهي
ڳراٽڙي پائيندي پيار مان چيو، ”امان ٺيڪ اهين نه؟“
”امان کي کڻي نڙيءَ تي ننهن ڏيو ته جند ڇُٽي
پئيوَ. ٽنگ جي سور ماري ڇڏيو اٿم، گهڙي کن لاءِ
فرحت اچي ٿي، وري ڪو کڙڪو يا ٻار ٻچي جي دانهن ڪوڪ
ٻڌان ته يڪدم ٽنگ وٺجو وڄيم. ڄڻ ته قيمو پيو ڪُٽجي
يا مرچون پيون لڳن. . . .“
”امان چاڪ ٿي وينديءَ الله تي رک، اسان جي هوندي
اجايا فڪر نه ڪندي ڪر.“
”رب توهان کي وڌائي ويجهائي، پر اِهو جيئڻ به ڪهڙو
جيئڻ جو سڄو ڏينهن کٽ تي پئي آهيان. . . .اندر ۾
ڄڻ دري آئي پئي اٿم. اڳي اخبار يا رسالو کڻي
پڙهندي هئس پر هاڻ انهيءَ سان به مغز ٿو ڦري. . .
“
”اهو به شڪر جو هلڻ چلڻ جهڙي ته ٿي آهين. ريڊيو،
ٽي . وي ڀر ۾ رکيا اٿئي، انهن سان ئي کڻي روح
وندرائيندي ڪر.“
”انهن ۾ وري ڇا رکيو آهي، هاڻ اِن درجي تي رسيا
آهن جو جڏهن کول تڏهن نڀاڳين سُنڍين ۽ ڪِينئن جا
ڪلام ويٺا ڳائين، سو ان سوران ڏسان ئي ڪو نه
ماڳهين دل ڪچي ٿي پئي اٿم.“
”امان هروڀرو ائين ته ناهي، ٻيا به ڪيترائي پرگرام
آهن.“
”اهي مئا الائي ڪڏهن ايندا آهن، آءٌ ته جڏهن به ٽي
. وي کوليان ته منهنجي نصيب ۾ اهي ئي سنڍيون ۽
ڪينئان!“
”امان پوءِ ويچاري ماسي زليخا سان اجايو کڻي
ڦٽايئي، ٻئي ٽئي ڏينهن اچي روح وندرائي ويندي
هيئي.“
اِها هچا وري ڪو اُنهن سُنڍين کان گهٽ هئي ڇا،يخي
هڻي روئڻا روئي رت ست ئي نپوڙي ويندي هئم. جڏهن
ٽري آ تڏهن وڃي ڪا سسي کڻڻ جهڙي ٿي آهيان ته منهن
پاڻي به پيو اٿم.“
”ها ادي چاچي سچ ٿي چئي،“ صبا کلندي چيو. ”الائي
ڪهڙا لائوڊ نڙيءَ ۾ فٽ ڪرايا هئائين، جو مون تائين
به آواز پيو ٻڌبو هو. آءُ پاڻ ڇتي ٿي ٻارن مان
ڪسرون ڪڍندي هئس. معمولي کيٽو به ٻاڪر ڪُٽو ٿي
لڳندو هئم. ڪڏهن ٻوڙ ۾ لوڻ گهڻو پئجو وڃي ته ڪڏهن
مرچ.“
”منهنجي ٻچڙي پهريائين ڇو نه ٻڌايئي، جي تو سان
اهڙا ويل هئا ته اڳ ئي ڊوهي ڪڍانس ها.“
زيب پيار مان چيو.
ماحول خوشگوار ٿيندو ڏسي عذرا ماءُ کي چيو،
امان تنهنجي ٽنهي ڏهٽن جي طهر جي خوشي ٿا ڪريون،
وڏا راڄ ايندا، سو تو کي به هلڻو آهي.“
”آءُ بيمار زال ڪٿي پئي راڄن ۾ گِهلبس.
جيئني بچنئي ڀاءُ ڀاڄائي ٻارين ٻچي ويٺا اٿئي،
انهن کي وٺي وڃ.“
”ادي لالي به ته ايندي نه؟“ صبا ڀرون چاڙهيندي
نِڻاڻِ کان پڇيو ته زيب، جنهن کي پنهجي ننڍي ڌيءَ
جي نازڪڙي طبيعت ساري پئي هئي، تنهن وچ ۾ ٽپند ي
چيو، ”ٻڌو مائي، لاليءَ کي ڪهڙي کٽي کنيو آهي جو
پنهنجون پڙهايون ڇڏي ڪراچيءَ مان سيڙهجي ايندي
طهرن جو ڀت کائڻ. خبر به اٿئي ته ننڍي لاڪر اهڙن
ڪاڄن ۾ وڃڻ کان روح ڦرندو اٿس.“ |