آئون جذبات ۾گهڻو ڪجهه چئي ويس. ايتري ۾ زرينه آئي
شاهده تڪڙ پڪڙ ۾ لڙڪ اگهندي چيو مائي ڪنوار بک ته
ڪا نه لڳي اٿئي نه، هلو هلو. . . . بابا ماني رکيو
ويٺو آهي. صائمه چيو اسان مانيءَ جي ٽيبل تي
پهتاسين. ماما انتظار ڪري رهيو هو. امان تون
منهنجي ڀرسان ٿي ويهه متان حجاب مان ماني لاهين ئي
نه ماما گهڙي گهڙي ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. ماني کائي
اڃا چانهه پئي پيتي سين ته هڪ پينٽ شرٽ ۾ پوري قد
سان شخص آيو سڀ کان اڳ مون سان مليو. هلو پروفيسر
قادر. . . . مون به هٿ ملائيندي کيس ”ارباب واهڻي“
چئي پنهنجو تعارف ڪرايو. پروفيسر سڀني کي چئي ويٺو
۽ چوڻ لڳو ته بندو مهمان کي وٺي هلڻ لاءِ حاضر ٿيو
آهي. گهر ڌياڻي ته نه هلي نه، صائمه مرڪندي چيو.
گاڏيءَ ۾چڙهي شاهده جي گهر پهتاسين. گهر تمام
خوبصورت نموني سجايل هو گهر ۾ ويٺاسين ڪچهري ڪندي
پروفيسر چيو ”شاهده کان ڪافي اوهان جي شاعري ٻڌي
اٿم، ڏاڍو سٺو لکندا آهيو اوهان“ ايتري ۾ ڪافي آئي
۽ پروفيسر پنهنجي هٿن سان ڪافي ٺاهي ڏني ڪافي پيتي
سين ڳالهين ڪندي رات ٿي ويئي. شاهده ماني ميز تي
لڳائي چيو اچو ماني جو ٽائيم ٿي ويو آهي. اوهان
لاءِ مون پاڻ ماني تيار ڪئي آهي. ماني کائيندي
پروفيسر چيو ”ڏاڍي شرميلي آهي اوهان جي ڪنوار، ڇا
پڙهيل آهي“، سنڌي پنج درجه، مون چيو. ڇو؟ توهان
اڃا نياڻين کي پڙهائڻ ۾ عار پيا سمجهو، پروفيسر.
سر اسان جي ڳوٺ ۾ ته پرائمري اسڪول به نه آهي. مون
چيو ائين ڪچهريءَ ۾ رات گذري ويئي. صبح ٿيڻ تي
پروفيسر چيو ته شاهده تون مهمان کي منوڙو گهمائي
اچجان، آئون اڄ به ٺٽي پيو وڃان. ناشتو ڪري پوءِ
زرينه صائمه شاهده ۽ مان ڪياماڙي بندر تي پهتاسين،
لانچون بيٺيون هيون، اسين سڀئي هڪ لانچ ۾ ويٺاسين.
اڄ شاهده جي هنج ۾ سندس پٽ انور هو. مون جڏهن
شاهده کي گهوري ڏٺو ته سندس جسم ماٺي سمنڊ جيان
لٿل هئو، پر سندس چهرو اوترو ئي جاذب نظر ۽ پرڪشش
هو. هن ننڍڙي انور کي کلائڻ لاءِ پنهنجو منهن ان
جي منهن سان ملايو مون کي اهي سڀ منظر هڪ هڪ ٿي
ياد اچڻ لڳا، لانچ ڪناري لڳي ته سڀ کان اڳ صائمه
لٿي ۽ پوءِ زرينه به لهي پيئي. مون شاهده کان انور
ورتو جيئن هوءَ آسانيءَ سان لهي سگهي. صائمه ۽
زرينه اڳتي وڌي رهيون هيون مون انور کي کنيو ۽ مان
شاهده سان گڏ هلي رهيو هئس. سمنڊ جي ڪناري تي
بيٺاسون ”شاهده سمنڊ ۾ هلبو“. نه انور پاڻيءَ کان
ڊڄي ٿو، زرينه کي ٿورو پاڻيءَ ۾ اڳتي وٺي وڃي هوءَ
به پير ڀڄائي، شاهده چيو، پوءِ زرينه صائمه ۽ مان
اڳتي وڌياسين. اڄ پاڻي ڪجهه چڙهيل هو. سمنڊ مست
پيو محسوس ٿئي. جيئن ئي هڪ زوردار ڇولي وڌي آئي
زرينه هڪدم مون کي چنبڙي ۽ پنهنجو ٽڙيل گل جهڙو
چهرو منهنجي ڪنڌ تي رکي بيهي رهي. ايتري ۾ صائمه
به رڙ ڪئي ادا ارباب مون کي به هٿ ڏي. مون ان کي
به هٿ ڏنو ۽ پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري آياسين. مون
شاهده ڏانهن نهاريو ته سندس گلابي ڳلن تان شبنم
جا موتي ڪري رهيا هئا. هوءَ هڪدم ٽشو پيپر سان لڙڪ
اگهي مون کي سڏڻ لڳي. مون اچڻ سان ئي شاهده کان
پڇيو ”اٺ تي چڙهبو“ نه انور ڊڄي ٿو. پوءِ زرينه ۽
صائمه اٺ تي چرهيون ۽ شاهده ۽ مون کي اڪيلي ۾ ڪجهه
ڳالهائڻ جو موقعو مليو. ”ارباب منهنجي دل کي صدمو
رسائڻ لاءِ منوڙي تي وٺي آيو آهين ڇا؟ شاهده
مرڪندي پڇيو. مون ته ڪو نه چيو هو ته منهوڙي هلون،
تنهنجي ڪنوار کي جو گهمائڻو هو، شاهده چيو. تون ته
چئين پئي ته ماضي وساري ڇڏيو اٿم، پوءِ ايترو
مايوس ڇو آهين، مون چيو. ارباب ماضي وسري نه
سگهندو اڄ به سڀ يادون تازيون ٿي ويون آهن. منڇر
جي ڪپ تي ڪيل واعدن کان وٺي منهوڙي تي ڪيل اقرار
سڀ ياد اٿم. بس اهي يادون ئي ياد رهنديون ڀلا ٻيو
ٿيندو به ڇا. پر ارباب ناتن جا سلسلا ٽوڙجانءَ نه،
هڪ ٻئي کي ڏسندا ته رهون، مان ڳوٺ اينديس ۽ تون
ڪراچي اجانءِ. پاڪ پيار کي ڪو به روڪي نٿو سگهي.
ٻي خبر اٿئي ارباب ”هڪ ڏينهن پروفيسر تنهنجو هلچل
رسالي وارو شعر کڻي آيو“ جنهن ۾ تو لکيو هئو (اڃا
ياد آهين، اڃا ياد آهين. . . .) چيائين ته شاهده
ڪيترو نه سادو آهي جو ماضيءَ کي وساري نٿو سگهي.
مون کلندي چيو هو ”پروفيسر صاحب ماضيءَ کي وسارڻ
هن جي وس جي ڳالهه نه آهي“ ته هن هڪدم مون کي چيو
ڇو تون ان کي سڃاڻين ٿي ڇا. ها. . . .! هو منهنجو
پڦاٽ آهي. . . .؟ پروفيسر چيو آئون ان جي شاعري
پڙهندو آهيان، ڏاڍو ڏکي لکندو آهي. مان لاشعوريءَ
جي حالت ۾ چئي ويٺس ”ها هن جي ڏک جي مون کي خبر
آهي. ريئلي. . . توکي خبر آهي، ته هو ڪيئن ڏکي ٿيو
آهي پروفيسر ڳنڀير ٿيندي چيو. ”ڏک واهڻيءَ جو مقدر
ٿي چڪو آهي. . . شاهده مان ان ماڻهوءَ سان ملندس،
تنهنجي شادي ۾ ڪو نه آيو هو؟ پروفيسر پڇيو هو. نه
نه منهنجي شاديءَ ۾ نه آيو هو. بس هن جي ماءُ آئي
هئي، منهنجي پڦي. . . مون ڳالهه لڪائيندي چيو هو.
تو ائين ته نه چيو هو ته ان کي مون ڏک ڏنا آهن،
مون هن سان انتها ڪئي آهي، مون هنسان واعده نه
پاڙيا آهن، مون شاهده کان سوال ڪيو، ۽ هوءَ چپ ٿي
وئي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ارباب ڀيرو نه
ڀڃجانءِ، ارباب منهنجي عيبن کي نه ڏسجانءِ پوءِ
انور جو واسطو وجهڻ لاءِ انور کي منهنجي جهوليءَ ۾
ڦٽو ڪيائين. مون انور کي هٿن ۾ کڻي چميو ۽ هر هر
چميو.
استاد بخاري
وائي
سِڪَ ۾ ساڳيا ساءَ نه سِيلَ
تون تبديل يا مان تبديل؟
تون منهنجي جَرَ ڄَرَ جو ڄائو، توکي ڏيان ڪهڙا
تفصيل!
تون تبديل يا مان تبديل؟
مون کي تنهنجي دل ٿي گهرجي، دل ڏي دلبر، ڏي نه
دليل!
تون تبديل يا مان تبديل؟
شاهه شهنشاهه سو به گداگر، ڪاٿي ڪيهر، ڪاٿي ڪيلَ!
تون تبديل يا مان تبديل؟
محبت ڌاران ماڻهوئڙي جو، نانءُ نِنائون، ذات ذليل،
تون تبديل يا مان تبديل؟
عشق برابر بيماري، پر، اُن بن آءُ بنهه اڻ کِيلَ،
تون تبديل يا مان تبديل؟
عشق عقل جو بحث ”بخاري“، ڪو به ڪري ڇو ڪنهن جي
اِيلَ،
تون تبديل يا مان تبديل؟
ليکڪ امتياز ڌارڪر
مترجم: تنوير جوڻيجو
۽ هڪ ٻي عورت
اڄ صبح جو مارڪيٽ مان هُن سائي ميٿي ورتي
سائي ميٿيءَ جي تازي مُوڙي
۽ پوءِ. . . .
هڪڙي مُوري کنيائين.
تصور ۾ ان جو ذائقو چکيو
ڏندن ۾ خستگي محسوس ڪئي
”پر . . . نه“
”فضول خرچي ٿيندي“
هن ويچاريو.
موري واپس رکي
احتياط سان پئسا ڳڻيا
ساڙهيءَ جي پلاند ۾ ٻڌا
هوءَ واپس آئي
گهر جي ڏيڍيءَ تي.
سس جو ڪروڌ ڀريل مک پسيو
پر ڪا نه ڪڇي
چپ چاپ . . . .رڌڻي ڏانهن آئي
ميٿيءَ جا پن چونڊڻ لڳي
پوءِ هُن
بصر وڍيو.
جيرو ۽ لوڻ ان ۾ وڌو
هنڍيءَ کي چلهه تي رکيو
انهيءَ عرصي اندر
هوءَ لڪائيندي رهي پنهنجو مک باهه جي شعلن کان.
حسب دستور.
شڪايتون ٿينديون رهيون
فضول خرچيءَ جا طعنا ملندا رهيا
مائٽن کي پاراتا ملندا رهيا.
جن کيس
نحوست ڦهلائڻ لاءِ
پرائي در تي اماڻيو هو
حسب معمول . . . ويٺي رهي
چلهه اڳيان. . . .
چپ چاپ. . . ڪنڌ جهڪائي
سندس ور . . . . سندس پتي
واپس وريو.
پر هِنَ، سندس نيڻن ۾ ڪو نه ڏٺو
سندس ڪنڌ ويتر جهڪي ويو
ڇاڪاڻ ته . . . .اُتِ
اوپرائپ هئي . . .ڌاريائپ
ڪجهه به ته . .. نه هو
جو کيس، ڪُڇَڻ جو حق عطا ڪري!
تحفظ جو احساس ڏئي.
هوءَ ڏسندي رهي.
پراڻيءَ هنڍيءَ ڏانهن
۽ ڏسندي رهي
شعلن جو رقص؟
هي ته اهو گهر هو
جت کيس اماڻيو ويو هو
هي ته اهو مرد هو
جنهن سان کيس ٻڌو ويو هو
هي ته اهو متقبل هو
جو کيس ارپيو ويو هو
۽ پوءِ. . .. .
جڏهن هن تي . . . .
تيل هاريو ويو
ته هڪ لمحي
فقط هڪ لمحي. . . .!
سندس اکين ۾ حيراني ٽپڪي
پر کيس، ڪو اختيار به ته نه هو
ڪو به نه.
۽ پوءِ
انڌيري ۾ ڀڙڪندڙ
هڪڙي مشعل
هڪڙي عورت!
جا شعلن جو کاڄ بڻي
اسان پنهنجو مک
پنهنجن هٿن سان
لڪائي ٿا ڇڏيون
ته ڪٿي اها باهه
اسان کي به نه ڳڙڪائي وجهي!
(امتياز ڌارڪر جي شعري مجموعي ”پڙدي“ مان ورتل)
ارم حسن
ان کان اڳ جو. . . . .
ان کان اڳ جو پاڻ وساريون. . . .
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون؟
جدا جدا جيون راهن تان لنگهندي،
ان کان اڳ جو ساريون يادون.
باقي جيون رک بڻائين،
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!
ڪومل ڪومل پنهنجون يادون،
پوپٽ رنگ جهڙيون يادون.
ان کان اڳ جو رنگ وڃائين
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!
ان کان اڳ جو گذريل منظر
ايندڙ هر پل زهر بڻائين
هڪ وار ئي گڏجي ڇو نه ڀوڳيون
جو نه گڏجي يادون ٻاريون؟
دل کان روحن تائين جو. . . .
گهاريل گهاريل امر سفر. . . .
ڇو نفرتن ۾ بدلائي،
پنهنجو پاڻ جلايون،
انکان اڳ جو پاڻ وساريون
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!
پشپا ولڀ
منهنجي اندر جي ننڍڙي رُڪي
تنهنجي سهڻي ۽ آسائش واري گهر ۾
رهڻ نٿي چاهي
نفرت آهي هن کي
تنهنجي گهر کان جنهن ۾ سڀڪجهه آهي
ٽي. وي، ڊيڪ، فرج،
ڪچن جي سڀني
شيشي جي المارين ۾ بند
ولايتي گڏين جي رنگين اکين کان
Calculated
۽
Automatic
گفتگو کان
Planned
گهرن کان
جيڪي پولٽري فارم وانگر آهن
جتي مُرغيون سڀ ڪم ٽائيم ٽيبل تي ڪرڻ کان
سواءِ
ٻارن کي به
Planned
۽
ٽائيم ٽيبل تي پيدا ڪنديون آهن
اُها رُڪي وڏي ٿي ساره شگفته بنجي ويندي
۽ گاڏي هيٺ اچي پنهنجي سڀن خوابن کي
هڪ دفعي ۾ چچري ڇڏيندي. |