غلام حسين شيخ: اسان وٽ سنڌي ردم ڪٿي به ايترو
فاسٽ ڪونهي جيترو عابده پروين جو ردم فاسٽ آهي. پر
اسان جو ڪلواڙو آهي ان ۾ سماع وارو رنگ محسوس ٿئي
ٿو. جنهن ڪلام ۾ ڪيفيت آهي اها ماڻهن جي دلين تي
وڌيڪ اثر ڪري ٿي. سنڌي ردم ۾ جيڪو اثر آهي، اهو
فطرت جي قريب آهي.توهان کي ٻين ردمن ۾ ايتري ڳالهه
ڪا نه ملندي.
سرتيون: جيئن روبينه حيدري آهي ٽوپي پائي ٿي،
يڪتارو کڻي ٿي، بلڪل جهڙو جلال چانڊيو ويٺو آهي،
ان ۾ اها ڪيفيت آهي، جيڪا عابده ۾ آهي؟
غلام حسين شيخ: اها ڪيفيت آهي. اهو علم آهي. علم
ئي ته سنواريندو آهي. عابده ۾ اهو علم آهي، جيڪڏهن
روبينه ۾ اهو علم هجي ها ته شايد اها ڳالهه پيدا
ڪري سگهي ها.
سرتيون: توهان سڄي دنيا گهميا آهيو توهان جي ڪنهن
محفل ۾ ڪو اهڙو يادگار واقعو جيڪو ٻڌائڻ چاهيو؟
غلام حسين شيخ: ها، لنڊن ۾ هڪ محفل ٿي محفل ختم
ٿيڻ تي بي . بي. سي جي ميوزڪ ڊائريڪٽر سان جڏهن
ملياسين ۽ پڇيوسين ته اوهان ڇا محسوس ڪيو. تنهن تي
چوڻ لڳو ته مان ان سلسلي ۾ وضاحت سان نٿو ڳالهائي
سگهان، پر ٿورو جيڪو مون محسوس ڪيو آ. اها ڳالهه
اها آهي ته ويسٽرن ميوزڪ ۾ اهو قانون آهي ته سکيا
کان وٺي پريڪٽس تائين جيستائين ماڻهو اسٽيج تي وڃي
ٿو، جيسيتائين بيهي نه ڳائيندو ته، هو پنهنجا جذبا
صحيح طرح سان ٻڌڻ واري تائين پهچائي نه سگهندو.
جڏهن هو بيهي ٿو ڳائي ته ان جي موومينٽ مان خبر
پوندي ته هو ڪهڙي ڳالهه پهچائڻ ٿو چاهي. چيائين
مون اهو پهريون ماڻهو ڏٺو جيڪو ويهي ڳائي ٿو. ۽
ائين ئي جذبا پهچائي ٿو، جيئن ڪو بيهي پهچائي ٿو.
عابده: اُتي ويندا آهيون ته وڌ ۾ وڌ محبت ملندي
آهي. انهن ۾ انسيت جو پهلو گهڻو آهي. هو وڌ ۾ وڌ
محبت سان ٻڌن ٿا.
سرتيون: ڀلا توهان جيڪو ردم ۾ پڪواز ۽ طبلي سان گڏ
دهل رکيو آهي اهو ماڻهن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو
آهي؟
غلام حسين شيخ: اهو ماڻهن ۾ گهڻو ڪامياب ٿيو
آهي.اها نئين شيءِ رکي اٿئون. هينئر دنيا ۾ جيڪو
لائوڊ ٽرينڊ هلي پيو اهو آهي لائوڊ ردم جو. اسان
محسوس ڪيو ته دهل ۾ اها خاصيت آهي ته ردم کي لائوڊ
ڪري. بجاءِ جو اسان ٻي شيءِ کي اپنايون. ان کان
پنهنجي شيءِ کي اڳيان آندو. اڃا ان تي ڪم ٿيندو.
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو بڪنگ ڪري فرمائش ڪن ٿا ته دهل
واري کي ضرور آڻجو.اسان ٽي. وي تي ٿورو عڪس ڏنو
آهي. ٽي . وي تي ڪڏهن فقير انهيءَ حال ۾ نچ نه
ڏيکاريو آهي.
سرتيون: اسٽيج، فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو ۾ توهان ڇا فرق
محسوس ٿا ڪيو؟
غلام حسين شيخ: سڀني جو پنهنجو انداز آهي. ڪيسٽ جو
رابطو ماڻهن تائين جلدي پهچي ٿو. ٽائيم به ملي ٿو
ڳائڻ ۾. ٽي وي يا ريڊيو تي دل جي ڳالهه گهٽ ٿي چئي
سگهجي. اسٽيج جو نام ڏکيو آهي اهو پبلڪ جي اڳيان
لائيو پروگرام ٿئي ٿو.
س: عابده جون چار ڪئسٽون صوفيانه ڪلام جون آهن.
انهن ۾ جيڪو ردم آهي. مثال طور ايک نقطه يار
پڙهيا، شاهه مست دا والي، اسٽيج تي عابده کان ڪو
نه ٻڌا ان ۾ شاهه به آهي ته بلي شاهه به ته سچل به
ته مهر علي شاهه ۽ محمد بخش ته اهو به ردم آهي.
اهو به ٻولن جي ڪري. اندر جي ڪيفيت تي اثر ڇڏي
ٿو. ڇا اهو سافٽ ردم آهي؟
غلام حسين شيخ: لائوڊ ردم اهو سافٽ ردم سڏبو اهو
پوئٽريءَ جي ڪري ٿئي ٿو اهو ردم پوئٽريءَ تي به
ڊپينڊ ڪري ٿو اها ڪهڙي سر تي پوئٽري آهي. لائوڊ
ردم اڪثر انهن شين ۾ ڏبو جيڪي ٿورو تيز هجن يا
صوفيانه انداز ۾ هجن. باقي غزل ۾ دهل ڪونه آڻبو.
عابده: صوفيانه ڪلام سنڌي غزل ۽ ڪافي ۾ دهل ڪونه
ايندو.
غلام حسين شيخ: انهن لاءِ ڪلام ڳولڻا پوندا آهن.
عابده: پر جيڪا وجداني ڪيفيت آهي، ان ۾ دهل کي
شامل ڪيو ويندو. جيئن تيري عشق نچايا کرڪي تهيا
تهيا ان ڪيفيت ۾ اسان کي اهو هو ته بابا بلي شاهه
ڪيئن نچيو هوندو، ڪيئن رقص ڪيو هوندو.
غلام حسين شيخ: هن ڪلام کي ڌن ئي هينئر ملي آهي.
پنجاب ۾ هن ڪيفيت کي محسوس ڪندي ڪنهن ڳايو ئي نه
آهي. پهريون دفعو هن کي ڌن ملي. ڪنهن به
انٽيليڪچوئل کان پڇندؤ ته اهو ئي چوندو ته هن کي
ڌن ئي هاڻ ملي آهي.
سرتيون: توهان انڊيا جي ڳالهه ڪئي خاص طور پاڪستان
جتي اسان رهون ٿا. عابده جيڪو ڳائي ٿي سا برصغير ۾
ٻولي سمجهي وڃي ٿي سچل يا بلي شاهه ته انهيءَ
حيثيت ۾ اسان توهان کي ننڍي کنڊ جي نمائنده به چئي
سگهون ٿا. ته اهو ٻڌايو ته هي جيڪي به ڳايو ٿيون
اهو ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي.
غلام حسين شيخ: اسان هاڻ وياسين چنديگر پنجاب جو
ڪيپيٽل آهي، اُتي گرونانڪ جو ڪلام ياد ڪيو هئوسين.
ان خيال سان ته اتي سکن جو ملڻ ٿيندو اسان سليڪٽ
ته ڪيو هيو پر ڌن ان جي ذهن ۾ نه هجي ته ڪهڙي
ٺاهجي. انهن وٽ جيئن وايون ڳائبيون اچجن ٿيون.
تيئن نه ڳائبو ته ڏوهه ۾ شامل ٿيندو. اسان وٽ سنڌي
ڌن ۾ گرونانڪ جي باني آندي ته چيف منسٽر چيو ته
توهان کي گرو نانڪ جي باني اچي ٿي. عابده چيو ته
اسان وٽ سنڌي ڌن آهي. جڏهن اسان انهن کي ٻڌائيسين
ته چار پنج سک منسٽر هجن اهي روئن پيا ۽ چون پيا
ته گرو نانڪ کي اسان ائين نه ٻڌو آهي، جيئن توهان
اڄ ٻڌايو آهي.سنڌي ردم ۾ اهڙو ڪو پوٽينشل آهي،
جنهن معاملي ۾ استعمال ڪجي ٿو اتي فٽ ٿي وڃي ٿو.
سرتيون: اردو غزل ۾ سنڌي موسيقيءَ جو ڪيتري قدر
ميلاپ ٿيو آهي؟
عابده: اصل ۾ ڳالهه ائين آهي ته اهي ٻه طاقتون
آهن. هن فوڪ جي طاقت هڪڙي غزل جي ٽريڊيشن جي
پنهنجي طاقت آهي، جن به اهو تجربو ڪيو آهي،انهن
مان سمجهو ته مهدي حسن پهريون ماڻهو آهي، جنهن غزل
جي دنيا تي پهريون تجربو ڪيو. پر برڪت علي ۽ ٻين
به ڪيو. اڳ ۾ به غزل پئي هليا. هندستان ۾ سڀني غزل
ڳايا، پر مهدي حسن پهرين ڳايو. ڇو ته هي آيو هو
راجستان مان، سو هن اردو غزل کي عجيب و غريب ڌنون
ڏنيون، جيڪي هن طرف جون هيون، ۽ اُهو انداز ماڻهن
کي الاهي وڻيو. ٻه طاقتون ئي مليون اهڙي نموني
ٿوري ڪوشش غلام محمد ڪئي. هن به ٿوري ڪوشش سان غزل
کي پنجابي فوڪ سان ٽچ ڪيو، هن کي به شهريت ملي. ان
مان ثابت ٿئي ٿو، ته جڏهن هڪ طقت ٻئي طاقت سان ملي
ٿي ته شاهڪار ٺهي ٿو.
غلام حسين: عابده پهريون ماڻهو آهي، جنهن سنڌي
موسيقيءَ کي غزل جي گائيڪي ۾ پيش ڪيو. ان جي نواڻ
عجيب اٽريڪشن محسوس ٿي ٿئي.
عابده: اسان سنڌي ردم کي چينج ڪيو ته ان ۾ فريشنيس
وڌيڪ اچي وئي مثال طور جيئن:
رمزون رسڻ جون يار تو
سچ چئو سڄڻ ڪنهن کان سکين
انهيءَ سان ملندڙ جلندڙ، انهيءَ راڳ مان سنڌيءَ جو
عڪس وٺي ٺاهيو ويو آهي جيئن:
ڪل چودوين کي رات تهي
شب بهر رها چرچا تيرا
سرتيون: ڪافي عرصي کان پوءِ حيدرآباد ۾ توهان ڳايو
توهان کي ڪيئن لڳو؟
عابده: ڏاڍو سٺولڳو، مون ته اتي چيو به هو ڪافي
عرصي کان حيدرآباد ۾ وري راڳ جو ماحول ختم ٿي ويو
هو. مان چوندي آهيان. موسيقيءَ جي فضا امن جي فضا
آهي. اهو ئي اسان جي صوفين جو منسلڪ رهيو آهي.
اهڙي طرح اسان کي امن ڦهلائڻ کپي ڇو جو ميوزڪ ۾
ايترو فورس آهي، جو ان کي بي غرض ٻڌڻ اچن ٿا .انهن
۾ سواءِ محبت ونڊڻ جي ڪا غرض ئي نه هوندي آهي.
سرتيون: ڪا اهڙي محفل جيڪا، توهان جي ياد ۾ شامل
هجي.
غلام حسين: اسان وٽ سنڌي ۾ گهڻيون ئي فنڪارائون
ٿيون، جيئن مائي جيوڻي، مائي الهه رکي. مطلب ته
گهڻيون مايون آهن. اسان وٽ توهان ڏٺو هوندو ته
عورت ۽ مرد جي راڳ ڳائڻ ۾ وڏو فرق محسو ٿيندو آهي.
مرد جي ڳائڻ ۾ ڄڻ مردانگيءَ جو انداز آهي. اسان
وٽ جيڪي به عورتون ڳائڻ واريون آيون انهن جو انداز
مختلف هو. انهن جو انداز مردانه نه هو. ڇو ته
انهن جي انداز ۾ نفاست آهي. جنهن ۾ ٿوري ڪمزوري
آهي، جيئن مرد ڪنهن ڪم ۾ جنبي وڃي، تيئن عورت هٿ
نه ٿي وجهي. اهو الله جي طرفان آهي. اها طاقت
مردانگيءَ جي ڳائڻ ۾ علم وڏو پاور آهي. عورت جي
ڳائڻ ۾ اُهو علم نه هو. عابده پهريون ماڻهو آهي،
جنهن مردانه انداز ۾ ڳايوآهي. ائين لڳندو آهي ڄڻ
مرد پيو ڳائي. عابده غلام حسين جي ڳالهه سان اتفاق
نه ڪندي چيوته نه مان ائين ته صوفي مرد ۽ عورت ۾
شامل نه آهي. صوفي جيڪو ڪم آهي، اها وجد جي ڪيفيت
آهي يا الله ڏي محبت هجي.
سرتيون: ڪيسيٽ ڪلچر يڪو آيو آهي. ان ۾ چيٽنگ ٿئي
ٿي. ڪافي ڪن پيا. هنڌي فلم اچي ٿي ته هن جا گانا
ڳايا وڃن ٿا. انهن جي ڪا معنيٰ آهي؟
عابده: الله هر ماڻهوءَ کي نعمت بخشي ٿو، انسان
پوري دنيا آهي پاڻ پنهنجي ڪُني به ته ڪجهه وجهي
نه. ڪٿي هن دنيا ۾ ڏيڻو به آهي ته وٺڻو به آهي.
دنيا خالي ڪونهي. سکڻ لاءِ ته پوري ڪائنات پئي
آهي، موسيقي سکڻ واري ڳالهه ۾ جڏهن پروسيجر گهٽجي
ٿو ته پوءِ ماڻهو اهي حرڪتون ڪري ٿو. موسيقيءَ ۾
سکڻ ۾ تڪليف ته ٿيندي، هن پروسيجر کي جاري رکجي،
استادن سان ملجي سکڻ لاءِ عمر جو قيد ڪونهي. ان تي
هڪ ڳالهه ذهن ۾ آئي ته هڪ هنڌ ويٺا هجون، جميل نقش
جيڪو دنيا جو مڃيل ماڻهو آهي، ان ڳالهه ڪئي ته
انهن کان ڪنهن پڇيو ته توهان کان پوءِ ڪو پينٽنگ ۾
اچي رهيو آهي، ته چيائين ڪنهن سطح تي اچي، جڏهن هن
کي لائين ملندڙهوندي آهي ته ان مهل ڇڏي ٿو وڃي.
ائين نه هئڻ کپي، ميوزڪ ۾ ڪو ماڻهو جيڪڏهن نه آيو
ته آرٽ ختم ٿي ويندو، سڀ ختم ٿيندو. هر انسان
انسپائريشن ميوزڪ مان وٺي ٿو، هي سڀ شاخون آهن، هن
کي بچائڻو آهي. هو اندر ۾ جهاتي پائي، ان کان ڪو
به انڪار ڪونهي ته هن ڪائنات ۾ هر انسان کي ڪنهن
نه ڪنهن خوبيءَ سان مالا مال ڪيو آهي. ڪنهن کي به
خالي ڪو نه موڪليو اٿائين: اتي سڀ ڪنهن جي ڳنڍڙي ۾
لعل آهي.
سرتيون: توهان جي شاگرديءَ ۾ ڪو آيو؟
عابده: مان پاڻ اڃا مڪتب ۾ آهيان، مان ته ڪجهه نه
آهيان.
ڪهڙي منجهه حساب،
هوئڻ منهنجو هوت ري.
سرتيون: ڪنهن توهان کي چيو هو سيکارڻ لاءِ؟
عابده: اسان جي لائيف جي ڪنهن حصي ۾ اُهو پروگرام
آهي ته ميوزڪ جو اسڪول کوليون، اڪيڊمي قائم ڪيون.
سرتيون: جيئن اسان وٽ سچل اڪيڊمي آهي، سڀيتا ڪلچرل
اسٽڊيز آهي، سنڌالاجي آهي.
عابده: جيئن سنڌالاجي آهي. اتي ڇا پيو ٿئي، اڄ کان
پندرهن سال اڳ شاهه لطيف جي ڪلام کي رڪارڊ ڪيو ويو
هو. اهو ائين ئي پيو آهي. ڪم ٿئي نه پيو، اهي ٽيپ
رکي رکي سڙي ويندا، اڃا رليز نه ٿيا آهن. توهان
ڳالهه ٻڌو ٿا، ماڻهو ته اها ڳالهه سمجهن ئي ڪونه
ٿا. هن جي اهميت ڇا آهي.
غلام حسين: جيڪو نظام شاهه اسان کي پخشيو آهي، ان
جي حفاظت ٿئي ئي نه ٿي. رواج ۾ اچي نه، ماڻهن جي
اُچارڻ ۾ اچي نه، اهو راڳ اچارين.
عابده: جيئن منڌ پيئندين مون اهو ڪلياڻ ۾ آهي پر
اسان ڪلياڻ ۾ ڳايو ئي نه آهي. اسان ان کي ڪوهياري
۾ پيا ڳايون، اهو قصو ڪيئن هلندو بس جيئن سولوٿو
لڳي تيئن پيا ڳايون. جيڪڏهن نظام کي پابند ڪيو
وڃي، موسيقيءَ سميت ڇو ته نظام سکيا جو آهي،
موسيقيءَ جا ڪتاب هوندا آهن، هي موسيقيءَ کان به
وڌيڪ ڪتاب آهن ڇو جو اسان کي پوئٽري ملي ٿي.
اسانجي اديب هن تي کُلي ڳالهايو ئي نه آهي. نه ئي
ڪنهن لکيو آهي. ماڻهن جي ذهن تي به ڳالهه ڪيئن
وڃي.
سرتيون: اديب به ته ان ساڳي گپ ۾ گپي پيو آهي؟
عابده: اديب ۽ عالم هڪڙي ڳالهه آهي، ڇو جو عالم
گهڻا عامل ٿورا،عامل ڪو هڪڙو ئي نڪرندو. جيئن شاهه
لطيف اهڙا ماڻهو عمل ڪرڻ وارا هوندا آهن. هر ڪو
ماڻهو نٿو ٿئي.
غلام حسين جي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، اديب ئي
سڀني ڳالهين کي چيڪ ڪرڻ وارو آهي، اهو لکي ٿو.
احساس ڏياري ٿو ته اهو غلط پيو ٿئي، غلط کي نندي
ٿو ۽ صحيح کي ساراهي ٿو. اهو نه پيو ٿئي.
سرتيون: توهان لکو شيخ صاحب.
غلام حسين: اسان ميوزڪ جا ماڻهو ميوزڪ تي ئي لکي
سگهنداسين.
سرتيون: توهان جي ٻارن ۾ ڀلا موسيقيءَ جو چاهه
آهي؟
عابده: ٻارن ۾ چاهه آهي پر الله جي مرضي آهي
ٽيلينٽ ٿيو آهي.
سرتيون: توهان ڀلا پنهنجي والد صاحب کان سواءِ ٻيو
ڪنهن کان سکيو؟
عابده: مان پنهنجي والد صاحب کان سکيس ۽ ٻيو شيخ
صاحب جا دڙڪا هر وقت ناياب آهن، دڙڪن لاءِ سڪندي
آهيان، جيئن نه ڪبوتر پنهنجي ٻچي کي داڻو
کارائيندو آهي. تيئن هر وقت شيخ صاحب مون سان
مهرباني ڪئي آهي، منهنجي رهنمائي ٿي آهي. رهبر
هميشہ گڏ آهي. الله جي طرفان نعمت عطا ٿي آهي،
جنهن جي مان لائق نه هئس.
امداد حسيني، نجمه پنهور ۽ ثمينه ميمڻ: عابده
پروين ۽ شيخ غلام حسين جا تمام گهڻا ٿورائتا آهن،
جو پاڻ هتي بورڊ آفيس ۾ آيا ۽ اسان کي پنهنجو
قيمتي وقت ڏنو.
ٽامس مور جي مثنوي ”لاله رخ“ تان ورتل هڪ داستان
مراد علي مرزا
مڙيا مٿي مچ
بحر عمان جا پکڙيل ڪنارا ۽ سرسبز ٻيٽ چنڊ جي
چانڊاڻ ۾ پنهنجي سموري سونهن کي نروار ڪيو بيٺا
هئا، چؤڌاري چپ چاپ ۽ سڪون هو. البت سمنڊ جي
ڇولين جو نرم ۽ نازڪ آواز ان ماٺيڻي ماحول ۾ رکي
رکي ٻڌڻ ۾ پئي آيو. وقت آڌي رات ٽپي اڳتي وڌيو هو.
هرمزيه شهر جو والي ۽ حاڪم ابوالحسن العربي پنهنجي
محل ۾ آرامي هو، پر هن جي اڪيلي ۽ بيحد پياري ڌيءَ
ڪنهن اڻڄاتل خوف ۽ پريشانيءَ کان بيقرار پنهنجي
ڪمري جي دريءَ وٽ بيٺي هئي. هن اتان پري سمنڊ جي
مٿاڇري تي اڀرندڙ ۽ لهندڙ ڇولين کي گهوري پئي ڏٺو.
ان پَرِيءَ چهري ۽ روشن جبين مُنڌ جي سونهن ۽
سوڀيا جي هر هنڌ هاڪ هئي، هن جو نالو هنده هو. هن
جا ڊگها ڪارا وار سنديس ڪلهن تي پکڙيا پيا هئا، جن
تي چانڊوڪيءَ جا اولڙا پئي نظر آيا. سنديس اکين
مان انتظار پئي ليئا پاتا ۽ هن جي منهن مان مَنَ
جي مونجهه پئي ظاهر ٿي. اوچتو رات جي سانت ۾ سرود
جي تارن جي سُرن جو پڙاڏو پکڙجي ويو. پري فراق ۽
وڇوڙي جو ڪو ماريل انهن سرن سان گڏ آلاپيندو رهيو.
هنده انهيءَ پر سوز آواز ۽ موسيقيءَ ۾ پاڻ وڃائي
ويٺي.
ساز ۽ آواز ختم ٿي ويو ته هنده دريءَ مان هيڏانهن
هوڏانهن نهارڻ لڳي. هاڻي هن جي مُنهن تي مُرڪ
پکڙجي ويئي؛ دل ۾ خوف ۽ حسرت جي بدران شوق ۽ پيار
جي اٿاهه امنگ جون ڇوليون پئي اُٿيس. هوءَ
پنهنجيون ٻئي ٻانهون فضا ۾ پکيڙي اُن اَڻ ڏٺي
محبوب جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ بيچين ۽ بيقرار هئي. هن
ڪيترائي ڀيرا پنهنجيون نرگسي اکيون ڇنڀيون ۽ هڪ
پاسي چتائڻ لڳي. ڪنهن اڻڄاتل هستيءَ هن ڏانهن ڏاڍي
پيار ۽ پاٻوهه مان پئي ڏٺو. شايد اها ئي هستي
هئي، جنهن جي اوسيئڙي هنده جي نيڻن مان ننڊ چورائي
هئي. اهو اوپرو شخص ڏاڍي همت ۽ بي پرواهيءَ سان وک
وڌائيندو ويجهو ايندو ويو.هنده کي خوف وڪوڙي ويو.
اهو شخص بيحد حسين ۽ بهادر ٿي ڏٺو. هنده جون
نگاهون سوال ٿي هن کي ڏسڻ لڳيون ۽ هن ڏاڍي آرام ۽
اطمينان سان هنده کي ٻڌايو ته، ”آئون هڪ سپاهي
آهيان. محل وٽان لنگهندي تو کي دريءَ وٽ بيٺل ڏٺم
ته پاڻ نه جهلي سگهيس، ۽ تنهنجي ڪشش جي سونهري
ڏوريءَ ۾ گهلجي هت پهتو آهيان.“
ٿوريءَ دير تائين ته ٻئي نگاهن ئي نگاهن ۾ هڪ ٻئي
سان ڳالهائيندا رهيا، پر پوءِ هنده هن کي چيو،
”ڏس! چانڊاڻ ۾ ڪيڏي نه مُرڪ ۽ ڪيڏي نه ڪوملتا
آهي!“ اجنبي شخص ڪو به جواب نه ڏنو. هن جي اکين
مان ڏک ۽ غم جهاتيون پائڻ لڳو. هنده کي ڪيترائي
وهم ۽ وسوسا وڪوڙي ويا. هُن اجبيءَ کي چيو،
”جيڪڏهن منهنجي محبت تو کي ڇڪي هت وٺي آئي آهي ته
آئون به تنهنجي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندي ويرم
نه ڪنديس. پر هتي تنهنجي لاءِ هر طرف خطرا آهن ۽
آئون نه ٿي گهران ته تون انهن ۾ وڪوڙجي وڃين. اي
اجنبي! تون هتان هڪدم هليو وڃ.“
پر هنده جو اهو اجنبي جان نثار ته ڪيترن ئي خطرن
مان گذري چڪو هو. هو ته هزارين ڀيرا موت سان منهن
مقابل ٿيو هو. اڙٻنگ ۽ ارڏي سپاهيءَ تي هنده جي
لفظن جو ذرو به اثر نه ٿيو هو. هن ڏاڍي آرام سان
وراڻيو، ”اي عرب جا چنڊ! آءٌ سڀ سمجهان ٿو. اها
به خبر اٿم ته اسان جي وچ ۾ هڪ وسيع ۽ اٿاهه سمنڊ
موجزن آهي، جنهن کي اڪري پار ڪرڻ ممڪن ڪونهي،
ڇاڪاڻ ته آئون ايراني لشڪر جو سپاهي آهيان.“
اهو ٻڌي هنده جي مُنهن مان دانهن ٿي نڪتي، پر هن
هڪدم پاڻ سنڀالي ورتو. ڇا هيءُ اُن قوم جو سپاهي
آهي، جنهن سان وڙهندي وڙهندي منهنجي پيءُ جا
ڪيترائي بهادر ۽ بي ڊپا ساٿي هُن جهان ۾ وڃي آرامي
ٿيا آهن؟ نه، نه ائين هرگز هرگز نه ٿيدو. هنده
پنهنجي سر ڀڻڪيو. هن هڪ ڀيرو وري اجنبيءَ کي ڏسندي
چيو، آئون تو کي التجا ڪريان ٿي؛ تون منهنجي پيءُ
جو ساٿ ڏي ۽ جڏهن دشمن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ترارون
اُڀيون ٿين تڏهن تنهنجي ترار سڀني کان بلند هجي.“
ڪاوڙ وچان اجنبيءَ جو جسم ڏڪڻ لڳو ۽ هن جي اکين ۾
خون اڀري آيو ”بس ڪر ڇوڪري! تنهنجين ڳالهين مان
دغا ۽ فريب جي بوءِ پئي اچي. ڇا تون سمجهين ٿي ته
آئون پنهنجيءَ جان کان به وڌيڪ عزيز وطن ۽ پنهنجن
پيارن ساٿين کي تنهنجن انهن ٻن مٺڙن ٻولن تي قربان
ڪري ڇڏيندس؟ نه هرگز نه – يا پنهنجي عزيز وطن جي
آزادي حاصل ڪندس يا وري موت جي سايي ۾ وڃي سمهي
رهندس. ياد رک، اڄ آئون تنهنجي پيءُ ابوالحسن کي
قتل ڪرڻ لاءِ هت آيو هوس، پر آئون پاڻ هت تنهنجي
ئي هٿان شڪار ٿي پيو آهيان. اڄ فتح تنهنجي حصي ۾
آئي آهي. هُن پاسي ڏس. ”ائين چئي اجنبيءَ هنده کي
سمنڊ جي ڪناري تي پري تمام پري هڪ ٽمڪندڙ روشنيءَ
کي ڏسڻ لاءِ چيو ۽ ٻڌايو“. اها روشني مون کي پيغام
پهچائيندي آهي.“ ايترو چئي هن هنده کي خدا حافظ
چيو ۽ محل جي دريءَ وٽان پري ٿيندو ويو. حيران ۽
پريشان هنده ڪيتري وقت تائين هن کي ويندي ڏسندي
رهي. هن جي منهن جي مهتابي مرڪ هينئر اونداهي
مايوسيءَ ۾ بدلجي ويئي.
بحر عمان جي ڪناري کان اها جابلو چوٽي نظر ايندي
آهي، جيڪا قزوين کان وٺي هندي وڏي سمنڊ تائين
پکڙجي پيئي آهي. قدرت اهي جبل ۽ پهاڙ ڄڻ ته سمنڊ
جي حفاظت لاءِ خلقيا آهن. انهن جون اوچيون ۽ بلند
چوٽيون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون آهن. انهن ئي
چوٽين مان هڪ چوٽيءَ تي هڪ ويران ۽ اُجڙيل جاءِ
آهي، جيڪا آزاديءَ جي متوالن ۽ محب وطن ايرانين جو
مرڪز هوندي هئي. انهن اڙٻنگ جوانن جو سردار هفيد
هو، جنهن جي هيبت ۽ خوف جري ۽ بهادر جوڌن جي دلين
کي به ميڻ وانگر ڳاري ڇڏيو هو. پر ابوالحسن جا سر
ڦريا سپاهي هفيد کي هٿ ڪرڻ لاءِ انهن اڙانگهن لڪن
مان ٿيندا ويران ۽ تباهه عمارتن جي طلسماتي ڄار ۾
پئي ڦريا. پر هفيد هنن جي نگاهن کان غائب هڪ
اهڙيءَ عمارت ۾لڪل هو، جيڪا ظاهر هوندي به نظر نه
ٿي آئي. هو پنهنجيءَ مختصر ۽ وفادار جماعت سان
اتي موجود هڪ موقعي جو منتظر هو، جڏهن پنهنجي
پياري وطن جي آزاديءَ جي لاءِ پنهنجي خون جو آخري
قطرو به وهائڻ لاءِ تيار هو.
هوڏانهن عربي امير جي ڌيءَ هنده بيپرواهه هئي. هن
کي دنيا جو ڪو به حادثو پريشان نه ٿي ڪري سگهيو.
پر گذريل رات واري اوچتي واقعي سنديس سمورين خوشين
کي ختم ڪري ڇڏيو هو. هاڻي، هو جڏهن به ڪنهن حملي
جي خبر ٻڌندي هئي ته هن جي اکين مان پنهنجيءَ
ناڪام محبت جا لڙڪ وهڻ لڳندا هئا ۽ هوءَ هر عرب
سپاهيءَ جي ترار کي پنهنجي محبوب جي خون ۾ ٻڏل
سمجهندي هئي. هن لاءِ ته هاڻي بحر عمان جي هر موج
۾ دل جي ويرانيءَ ۽ ناڪاميءَ جو سنيهو لڪل هوندو
هو. هوءَ هر رات وري به وڃي دريءَ وٽ ويهندي هئي ۽
ان پکڙيل خوبصورت نظاري کي ڏسندي رهندي هئي، جنهن
هن کي پهريون ڀيرو روئڻ سيکاريو هو، پر هن جي
لاڳيتي انتظار ۽ ٿڌين آهن ڀرڻ جو ڪو به نتيجو نه
نڪتو. اُها گمنام هستي جنهن جي پهرئين نگاهه هن جي
دل ۾ لهي ويئي هئي، وري کيس نظر نه آئي.
هڪڙي ڏينهن هنده جو پيءُ ابوالحسن ڏاڍو خوش پئي
نظر آيو. هنجي پيشانيءَ تي رونق هئي ۽ اکين ۾
روشني. هن هنده کي ٻڌايو هو ته اڄ منهنجا بهادر ۽
جري سپاهي دشمن جو سر وڍي اچي منهنجن پيرن ۾
اڇلائيندا ۽ پوءِ فتح ۽ ڪامراني منهنجا قدم چمندي.
پيءَ جي ان ڳالهه هنده جي مَن ۾ مونجهارو پيدا ڪري
ڇڏيو. ڇا اهو منهنجو محبوب ته نه هوندو؟ هن دل ئي
دل ۾ چيو. پر هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي! هفيد جو هڪ
ساٿي غدار ۽ وطن فروش ثابت ٿيو. هن ابوالحسن کي
انهن سمورن ماڳن جو ڏس ڏنو هو، جتي حريت جا پروانا
آزاديءَ جي شمع تان قربان ٿيڻ لاءِ بيقرار هئا.
ابوالحسن اهڙي موقعي تي هنده کي بحر عمان جي لڳ ان
محل مان نڪري وڃڻ جو انتظام ڪيو. کيس خوف هو ته
متان جنگ جو رخ ڦيرو کائي وڃي ۽ سندس سڪيلڌي ڌيءَ
کي ڪا تڪليف پهچي. هنده کي ڏاڍي خاموشيءَ سان
وفادر سپاهين جي نظرداريءَ ۾ هڪ ننڍڙي غوراب ۾
سوار ڪيو ويو. غوراب لنگر کنيو ۽ سمنڊ جي لهرين
مان لڏندو لمندو ڪنهن اڻڄاڻ ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي
ويو. هوڏانهن ابوالحسن حملي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ
۾ مصورف هو. هن جي تدبيرن مان خون خرابي جا آثار
ظاهر هئا.
غمگين ۽ اداس هنده غوراب جي هڪ ڪنڊ ۾ چپ چاپ سواءِ
ڪنهن خيال جي سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي رهي ۽ ان
اجنبيءَ جي باري ۾ سوچيندي رهي، جيڪو هن جون
سموريون خوشيون پاڻ سان کڻي گم ٿي ويو هو.
اوچتو سمنڊ ۾ طوفان آيو. ڪيترائي غوراب ۽ ٻيڙا
سمنڊ جي مٿاڇري تي پاڻيءَ ۾ ٽڪرائجي هڪ ٻئي جي
مٿان ڪرڻ لڳا. طوفاني هوائن جي سَٽن سڙهن کي ڦاڙي
ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو. هوائن جي شور ۽ موجن جي ڪڙڪن جي
آواز ۾ جنگ جا نعر ابه بلند ٿيڻ لڳا. ترارن سان
ترارون ٽڪرايون ۽ هر هنڌ رت ريلا ڏئي وهڻ لڳو.
هنده ته ايترو هراسجي ويئي جو کيس ڪي به سمجهه ۾
ڪونه پئي آيو. ڊپ ۽ خوف وچان هن جي اکين اڳيان
اوندهه ۽ انڌوڪار اچي ويو هو. ايتري ۾ هن جي نازڪ
ڪرائي ڪنهن سگهري ۽ مضبوط هٿ ۾ اچي ويئي ۽ هوءَ
ڪنهن اڻڄاڻ هيبت کان چڪرائجي بيهوش ٿي ڪري پيئي.
گهڻي گهڻي دير کان پوءِ جڏهن هوءَ هوش ۾ آئي ۽ هن
اکيون کوليون تڏهن کيس پنهنجي چوڌاري سانت محسوس
ٿي؛ ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو؛ نه طوفان آيو هو
نه جنگ ٿي هئي. هن پاڻ کي هينئر هڪ ننڍي ٻيڙيءَ ۾
ڏٺو، جنهن سان سمنڊ جي ماٺيڻين موجن هوريان،
هوريان پاڻ پئي ٽڪرايو. اها ٻيڙي تيزيءَ سان اڳتي
وڌندي پئي ويئي، اهو سنديس پيءُ وارو غوراب ڪونه
هو. نه ان ۾ مخملي شاميانو هو ۽ نه وري اهي
وفادار سپاهي هئا، البت ٻيڙيءَ جي ٻنهي ڇيڙن تي ڪي
سپاهي ويٺا هئا، جن جي لباس ٻڌايو پئي ته اهي سڀئي
ايراني نسل جا سپاهي هئا، هنده کي اهو ڏسي يقين ٿي
ويو ته قدرت کيس هفيد ۽ هن جي ساٿين جي هٿن ۾ کڻي
اڇلايو آهي. هوءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏڪڻ
لڳي، هفيد کان ته کيس نفرت سيکاري ويئي هئي. هن جي
نالي ٻڌڻ سان ئي پڻس ابوالحسن اُڀو ٿي ويندو هو؛
ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون
هيون، پر هنده جي دل ۾ هڪ اڻڄاتل اطمينان اڀري آيو
۽ اها اميد جي ڪرڻن سان روشن ٿيڻ لڳي. متان انهن
۾، هفيد جي ساٿين ۾ اهو اجنبي به هجي. ٿوريءَ دير
لاءِ هن جي وساڻل اکين۾ روشني اچي ويئي. هاڻي ٻيڙي
انهن خوفناڪ ۽ ڀوائتن پهاڙن ۽ جبلن جي لڪن مان
اڳتي وڌندي رهي، جن ۾ هفيد ۽ سندس ساٿي لڪل هوندا
هئا. ايتري ۾ ٻيڙي بيهي رهي. هڪ سپاهيءَ هنده جي
اکين تي پٽي ڇڪي ٻڌي ۽ کيس ٻيڙيءَ مان لاهي پٿريلي
رستي جي پيچرن تان ڪنهن پاسي وٺي ويا. پهاڙن جي
ماٺيڻي ماحول ۾ سپاهين جي قدمن جو پڙاڏو ٿيندو
رهيو. جيڪو آخر هڪڙي هنڌ پهچي ختم ٿي يو. هنده جي
دل زور زور سان ڏڪڻ لڳي ۽ سموروجسم ست ڇڏي ويس.
اوچتو هڪڙي آواز هن جي مئل جسم ۾ ساهه ڦوڪي ڇڏيو.
اهو ان اجنبيءَ جو آواز هو، جنهن جي اوسيئڙي ۾ هن
جون خوشيون ختم ٿي ويون هيون. ان آواز کي سڃاڻڻ ۾
هوءَ ڪڏهن به غلطي ڪين ڪري ٿي سگهي. دنيا جي سمورن
آواز ۾ اهو ئي آواز هو، جنهن ۾ پيار جي پالوٽ
هئي. اهو آواز ڪيترو نه مِٺو ۽ ڪيترو نه پرڪشش هو!
هنده جي اکين تان پٽي لاٿي وئئ. هن اکيون ڦاڙي
چؤڌاري نهاريو. سندس سامهون زرهه ۾ ويڙهيل اهو ئي
اجنبي بيٺو هو اوچتو سڄو ماحول ”هفيد زنده باد“ جي
نعرن سان گونجڻ لڳو ڇا اِهو ئي هفيد هو، جنهن جي
قدمن ۾ هوءَ پنهنجي دل جي پونجي قربان ڪري چُڪي
هئي؟ اهو اجنبي اڄ به اهڙيءَ طرح مُرڪي رهيو هو
جيئن سندس مُرڪ جي ڪرڻن هن جي دل جي انڌاري ۾
روشني ڪري ڇڏي هئي. هنده جي نگاهن ۾ دهشت ۽ خوف جي
بدران پيار جي پالوٽ ٿيڻ لڳي. هن هر خوف ۽ خطري کي
وساري ڇڏيو ۽ هوءَ ڏاڍي بي نيازيءَ سان هفيد جي
اونهين نگاهن ۾ نهاريندي رهي.
اوچتو گوڙ ۽ هل ٿيو. پهاڙن ۾ عرب سپاهين جي نعرن
جا پڙاڏا وڌندا ويا. هفيد جي ساٿين جون کنوڻ
جهڙيون چمڪدڙ ترارون مياڻن مان چمڪاٽ ڪنديون ٻاهر
آيون ۽ اهي به نعرا هڻندا دشمن سپاهه سان مقابلي
ڪرڻ لاءِ اُڏامندا ويا. ”نه نه، ائين نه ٿيندو!
هنده کان دانهن نڪري ويئي ۽ هن جي ڪنن ۾ ابوالحسن
جي لفظن جو پڙاڏو ٿيڻ لڳو، ”منهنجا بهادر ساٿي
منهنجي دشمن جو سر وڍي آڻي منهنجن قدمن ۾
اڇلائيندا، هنده هفيد جي پيرن ۾ ڪري پيئي، ”خدا جي
واسطي هتان هليو وڃ. جيڪڏهن تو کي منهنجي محبت ۽
عزت جو لحاظ آهي ته ڪنهن پاسي نڪري وڃ. ٻڌ، اهي ئي
خونخوار سپاهي آهن، جيڪي ويجهو پوندا پيا وڃن“.
اهو ٻڌي هفيد مرڪي ڏنو. ”آئون ته هن گوڙ گهمسان جو
عادي آهيان. تون منهنجي ڳڻتي نه ڪر. ۽ تون به هت
محفوظ آهين. سڀاڻي سج اڀرندي ئي تو کي تنهنجي پيءُ
ڏانهن اماڻيو ويندو؟ ”نه، نه“ هنده دانهن ڪندي
چيو، تو سان دغا ڪئي ويئي آهي، تنهنجي هڪ بي ايمان
۽ وطن ويڪو ساٿيءَ منهنجي پيءُ اڳيان تنهنجي
وفاداري وڪڻي ڇڏي آهي. تون پاڻ تي رحم ڪر.“ |