مردن کي انهن جي بغاوت جي ڳڻ ڳوت جي سُڌ پئجي ويئي
ٿي ته پاڻ ۾مشورا ڪري، انهن مٿي ڦِريل عورتن تي
ڏائڻ، چنڊي ۽ جادوگرڻ جا الزام مڙهي، کين قتل ڪري
ٿي ڇڏيائون. (اڄڪلهه جي ڪاري ۽ ڪاري جيئن).
اهڙي طرح، سماج سڌارڪ عورتن جي مارجي وڃڻ، باهه
تي گاسليٽ جو ڇنڊو وڌو ۽ زور شور سان عورتن ۾
اتساهه جاڳايو ٿي ويو. نڌان ته پر اپڪاري عورتن
هڻي وڃي هنڌ ڪيو ڪيترائي مرد مطيع ڪري ورتائون،
تان جو وڃي بادشاهي پد تي پهتيون. پر عورت جي
ڪمزوري زيور هئا جي مردن گهڙي کين ڍڪايا. خوش ٿي،
عورت ڦنڌ ۾ ڦاسي پيئي. پوءِ ڳائڻن ڳاهون ڳايون،
ماعرن معمائون منجيون، ڪوين ڪوتائون ڪڙيون.
اها آهي پراچين زمانيجي مختصر سرگذشت عورت ذات جي!
مگر اسلام عورتجي وقار، عزت ۽ عظمت کي بلند بالا
ڪيو، ۽ خاص طرح هي هدايتون ڏنيون.
عورت کي پڙهايو، عورت کي ترڪو ۽ ورثو ڏيو، عورت جي
نڪاح ۾ شاهد ويهاريو، سندس رايو وٺو، زانيءَ کي
سنگسار ڪريو وغيره.
ڪنهن قوم جي تاريخ جو گم ٿي وڃڻ، ڄڻ ڪنهن شخص جي
حافظي ختم ٿي وڃڻ جي برابر آهي. ”نسليت“ جي
اعتبارکان، ڪنهن به گروهه جي تاريخ ان گروهه جي
نظرين، جذبن، ۽ احساسن ذريعي زندهه رهي ٿي، پر
نفسياتي توڙي ظاهري لحاظ سان اها انهن ڳالهين ۽
ڪهاڻين، نقلن ۽ نظرين رستي محفوظ رهي ٿي جيڪي ان
گروهه ۾ رائج آهن.اهي آکاڻيون ۽ ٽوٽڪا، ساڳي وقت،
علم ادب جو هڪ اهم حصو آهن. انهيءَ لحاظ کان،
جيڪڏهن هن ”علم ادب“ کي جيارڻو آهي، ته پوءِ ضروري
آهي ته قومي ياداشت“ جو اهم سرمايو هر حالت ۾
محفوظ ڪيووڃي.
علامه آءِ آءِ قاضي
غلام مرتضيٰ ڌاريجو
سائنسي مضون
وائي
توهان کاڌي جي ”وائي“ ٿيڻ بابت گهڻي ڪجهه ٻڌو
هوندو، جڏهن ته کاڌي جي ”وائي“ ٿيڻ جا ڪيترائي سبب
ٿي سگهن ٿا، جن ۾ ڪي اهڙا روڳي جيوڙا به اچي وڃن
ٿا، جن کي بئڪٽيريا، فنجاءِ، وائرس، پروٽوزوا جي
نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ اهي سڀ ان قسم جي
بيمارين پيدا ڪرڻ جو سبب بڻبا آهن، جن کي اسين
”وائي“ جي نالي سان سڏيندا آهيون. وائي ڇو ٿي پيدا
ٿئي؟ ان جا مکيه ٻه سبب ٿي سگهن ٿا: اهو به ممڪن
ٿي سگهي ٿو ته وائي پيدا ڪندڙ جيوڙا انساني جسم
اندر واڌ ويجهه ڪرڻ شروع ڪن يا ڪنهن کاڌي ۾ جڏهن
موجود هجن، تڏهن ايتري واڌ ويجهه ڪري وڃن، جو ان
سبب کاڌو زهريلو بڻجي وڃي ۽ پوءِ جڏهن اهڙو کاڌو
ڪو فرد کائي وڃي ته اهو بيمار ٿي پوي.
اسان جي جسم ۾ ايتري به لياقت موجود ٿئي ته جڏهن
کاڌي ۾ ڪي بئڪٽيريا ٿورڙي مقدار ۾ موجود هجن ته
اهو انهن سان منهن ڏئي سگهي ٿو، جنهن لاءِ اسان جي
جسم ۾ بچاءُ جا ڪهڙا طريقا موجود آهن، مثال طور
معدي جا تيزاب ۽ آنڊن جا اهڙا ڪي ٻيا طريقا جن سان
کاڌي رستي داخل ٿيندڙ اهڙا بئڪٽيريا تباهه ٿي وڃن
ٿا.
پر جيڪڏهن ڪي بئڪٽيريا اهڙن طريقن کان بچي ويندا
آهن ته پوءِ انهن کي ناس ڪرڻ جو ڪم اسان جو
اندريون سرشتو ڪندو آهي، جنهن کي جسم جو دفاعي
سرشتو به سڏجي ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو آهي،
جڏهن ڪو فرد ان ساڳئي قسم جي روڳي جيوڙي سان اڳ ۾
منهن مقابل ٿيو هجي ۽ هن جي جسم ان لاءِ ڪا مدافعت
پيدا ڪئي هجي.
پر اهڙين حالتن ۾ جڏهن ڪو فرد بئڪٽيريا گهڻي تعداد
۾ واپرائي ويو هجي. تڏهن سندس لاءِ اهو بنهه ممڪن
هوندو آهي ته هو بيمار ٿي پوي، بنسبت ان فرد جي
جنهن اهڙا بئڪٽيريا گهٽ تعداد ۾ واپرايا هجن،
ساڳئي وقت بيماري پيدا ٿيڻ جو مدار ان ڳالهه تي
به هوندو آهي ته اهڙو روڳي جيوڙو ڪيترو طاقتور
آهي، جيڪڏهن اهو طاقتور آهي ۽ اهو گهٽ واپرايو ويو
آهي ته اهو به بيماري پيدا ڪري سگهندو بنسبت انهن
روڳي جيوڙن جي وڏي تعداد جي جيڪي گهٽ طاقتور يا
زهريلا ٿين، تنهن ڪري ان ڳالهه کان هوشيار رهڻ
لاءِ ته جيئن اهڙا روڳي جيوڙا گهڻي تعداد ۾
واپرائي نه سگهجن، کاڌي کي يا ته تمام گهٽ ٽمپريچر
(5 ڊگريون س. گ) ٽمپريچر تي رکڻ گهرجي ڇو ته انهن
ٽمپريچرن تي جيوڙن جي واڌ ويجهه ڪرڻ جي لياقت
گهٽجي وڃي ٿي. پر جڏهن ٽمپريچر انهن ٻنهي ٽمپريچرن
جي وچ تي هجي، تڏهن بئڪٽيريا تمام تيزيءَ سان واڌ
ويجهه ڪن ٿا. ساڳئي وقت مشاهدن مان اهو به ڏٺو ويو
آهي، ته ساڳئي قسم جو کاڌو ساڳئي وقت تي کائڻ سان،
ڪي ماڻهو بيمار ٿي پوندا آهن ته ڪن تي اهڙو ڪو به
اثر پيدا نه ٿيندو آهي.ان جو سبب ڪن مخصوص قسمن جا
جيوڙا جهڙوڪ لسٽيريا آهي، جيڪو هڪ قسم جو بئڪٽيريا
آهي. لسٽيريا عام طور تي صحتمند ماڻهن تي حملو نٿو
ڪري، پر اهي فرد ان جو سولائيءَ سان شڪار ٿي پون
ٿا، جن جو دفاعي سرشتو ڪمزور هوندو آهي، جهڙوڪ
حامله عورتون، ننڍڙا ٻار ۽ اهي مريض جيڪي اهڙيون
دوائون واپرائيندا آهن، جو ان سبب سندن دفاعي
سرشتو دٻيل رهي ٿو.
کاڌي جي مختلف سببن مان وائي ٿيڻ جو هڪ سبب
بوٽولزم
(Botulism)
به آهي.بوٽولزم هڪ قسم جي بئڪٽيريا آهي، جنهن جو
پورو نالو ڪلوسٽريڊيم بوٽولينيم
Clostridium Botulinum
آهي.اها بئڪٽيريا اهڙي ماحول ۾ واڌ ڪري ٿي، جتي
آڪسيجن نه هجي ۽ جيڪو زهريلو مادو پيدا ڪري ٿي، ان
کي بوٽولينل ٽاڪسن
(Botulinal Toxin)
سڏبو آهي. جڏهن اهڙو کاڌو واپرايو وڃي، جنهن ۾
بوٽولينل زهر موجود هجي ته رت رستي جسم ۾ جذب ٿي
تنتي اعصابن کي متاثر ڪري وجهي ٿو، جنهن سبب
جيتوڻيڪ اهڙو فرد هوش ۾ رهي ٿو، پر تنهن هوندي به
سندس ڪيتريون مشڪون ساڻيون ٿي وڃن ٿيون.
اهڙين حالتن ۾ جڏهن اهڙو زهر انهن تنتن تائين پهچي
وڃي، جيڪي دل ۽ ساهه جي سرشتي سان لاڳاپيل آهن،
تڏهن اهڙو فرد موت جو شڪار به ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ
ڀانيو ويندو آهي ته اهو فطرتاً پيدا ٿيندڙ هڪ تمام
طاقتور زهر آهي. ڪن پئٿالاجيسٽن جي اندازي موجب
ته، بوٽولينل زهر جو رڳو هڪ گرام هڪ لک کان مٿي
ماڻهن کي اجل جو شڪار بڻائي سگهي ٿو، جنهن جو وڌيڪ
زور هن ڳالهه تي هوندو آهي ته اهو ڪهڙي طرح سان
واپرايو وڃي.
اهڙو هڪ ٻي قسم جو بئڪٽيريا، جنهن سبب عام طور تي
کاڌو زهريلو ٿي وڃي ٿو اها اسٽئفائيلو ڪوڪس آربوس
(Stophylo CoccusAureus)
آهي. هي بئڪٽيريا ڌڪن، زخمن ڦٽن ڦرڙين ۽ پڪريزي
هنڌ کانسواءِ، صحت مند انسان جي نڪ ۽ ٻين هنڌن تي
ٿئي ٿو. جيڪڏهن اها بئڪٽيريا کاڌي ۾ پيدا ٿي پوي ۽
اهڙو کاڌو واپرايو وڃي ته ان سبب هڪ اهڙو زهريلو
مادو پيدا ٿئي ٿو، جنهن سبب، سخت الٽي، غشي ۽ دست
ٿي پون ٿا. هي بئڪٽيريا لوڻي ۽ رڌل گوشت، کير مان
تيار ٿيندڙ شين ۽ ڪسٽرڊ کانسواءِ اهڙن کاڌن ۾ پيدا
ٿئي ٿو، جيڪي نالي ماتر رييفريجريٽرن ۾ رکيا وڃن
ٿا، جو اهڙا ريفريجريٽر صحيح ڪم ناهن ڪندا يا جڏهن
کاڌو مٿاهين ٽمپريچر واري حالت ۾ رکيو وڃي. ته ان
قسم جون به بئڪٽيريا آهن، جيڪي کاڌي ۾ هجڻ واري
حالت ۾، کاڌي کي ته زهريلو بڻائي نه سگهنديون آهن
پر اهي جڏهن غلط کاڌي رستي جسم ۾ پهچن ٿيون ته اهي
اتي تمام تيزيءَ سان واڌ ويجهه ڪري زهريلو مادو
پيدا ڪن ٿيون. ڪالرا پيدا ڪندڙ جيوڙو اهڙي پاڻيءَ
۾ واڌ ڪري سگهي ٿو، جيڪو ڪلورينيشن جي عمل مان نه
گذريو هجي پوءِ جڏهن ڪو فرد اهڙو پاڻي پيئي ٿو ته
اهي روڳي جيوڙا آنڊن ۾ پهچي اتي زهريلو مادو پيدا
ڪن ٿا. جنهن سبب سخت دست ٿي پون ٿا نتيجاً اهڙو
شخص سوڪهڙي جو شڪار ٿي پوي ٿو. اهڙين حالتن ۾ جڏهن
ان سوڪهڙي جو ترت تدارڪ نه ڪيو وڃي ته اهڙو فرد
موت جو شڪار به ٿي سگهي ٿو.
اهڙي هڪڙي ٻي بئڪٽيريا سالمونيلا ٽائفي
(Salmonella Typhi)
جي نالي سان سڏبي آهي، جنهن سبب ٽائفائيڊ بخار ٿي
پوندو آهي. اها عام طور تي غليظ پاڻيءَ رستي
واپرائي ويندي آهي. بعضي ورلي اها بئڪٽيريا انهن
جانورن کي به بيمار ڪري وجهندي آهي، جيڪا اسان
استعمال ۾ آڻيندا آهيون،جهڙوڪ ڪڪڙيون، آنا، رڍون ۽
ٻڪريون. ڀڳل آنا يا ڪڪڙين جو اهڙو گوشت، جيڪو صحيح
طرح سان نه رکيو ويو هجي، تڏهن ممڪن هوندو آهي ته
انهن تائين هيءَ بئڪٽيريا پهچي وڃي. ساڳئي وقت اهو
به چيو ويو آهي ته ٽائفائيڊ مان تازو نوبنو ٿيل
فرد به ڪجهه وقت لاءِ اهڙيون بئڪٽيريا خارج ڪندو
رهي ٿو.
انهن مختصر ڳالهين مان توهان کي اها ڄاڻ حاصل ٿي
هوندي ته اهي ڪهڙا جيوڙا آهن، جيڪي کاڌي رستي عام
بيماريون پيدا ڪري وجهن ٿا ۽ انهن جي بچاءَ لاءِ
ڪهڙا اُپاءَ وٺي سگهجن ٿا، تنهن ڪري ضروري ٿو
سمجهيو وڃي ته اهڙين هاڃيڪار بئڪٽيريا کان بچڻ
لاءِ کاڌي پيتي جي شين کي کڻڻ، رڌڻ ۽ رکڻ وقت جيڪي
احتياط اختيار ڪيا وڃن، ۽ اهڙا ڪجهه اُپاءَ آهن ته
جڏهن گوشت ٿڌو ٿي ڄمي ويو هجي ته ان کي گهڻي وقت
ائين ڇڏي نه رڌجي، کاڌي کي تمام گهٽ ٽمپريچر تي
رکيو وڃي ۽ جڏهن ريفريجريٽر مان کاڌو ڪڍي استعمال
ڪرڻو هجي، تڏهن ان کي چڱي وقت تائين گهڻي ٽمپريچر
تي گرم ڪري استعمال ڪجي. |