سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  3/ 1997ع

مضمون --

صفحو :8

عصمت چغتائي/ شگفته شاهه

بازي

نالو ته سندس عبدالحئي هو پر ”دل واريون“ کيس پيار مان ”حائي“ چونديون هيون. هُو ته هو به سِر کان پير تائين هڪ دلچسپ ”حائي“ – گني سون جهڙو چمڪندڙ رنگ“ سج جي ڪرڻن کي شرمائيندڙ گُهنڊي دار وار، گهريون سايون اکيون . . . . اهڙيون جو هڪ دفعو ڪو دل ڀري انهن ۾ جهاتي پائي ته جنم جنم گهاٽن جهنگلن ۾ ڀٽڪندو ڦري، مِٺي مِٺي مُرَڪ هڪ قهر، جو شهيد ٿيڻ  تي دل چوي، کيس ڏسي خدا جي قدرت ياد اچي ويندي هئي ۽ لڳندو هو ته وڏي فرصت ۾ خدا کيس ٺاهيو آهي.

ننڍي عمر کان ئي کيس دل ڏُکائڻ جو چسڪو پئجي چڪو هو، ويجهڙائيءَ جون اٽڪل سڀ ڇوڪريون دل هاري چُڪيون هيون، جنهن  به محفل ۾ هليو ويندو هو، دل وارين جا ميڙ لڳي ويندا هئا، مُڙسَ پنهنجي زالن کي پڪڙي هوشيار ٿي ويندا هئا، ڪنوارين ڇوڪرين جون مائرُون يڪدم سندس ڀيڻن ۽ ماءُ تي قربان پيون وينديون هيون، اڃا ڪاليج ۾ ئي هو ته سندس لاءِ پيغام اچڻ لڳا، نوڪري مليس ته ماڻهن ڄڻ حملو ڪري ڏنو. سندس ڀيڻن جي ساهيڙين جو تعداد ايڏي تيزيءَ سان وڌي ويو جو ڳڻڻ مشڪل ٿي پيو. دعوتن تي دعوتون ٿيڻ لڳيون. هڪ کان هڪ تکي سلوڻي حسينه گاڏين ۽ ڏاج سميت کيس کڻڻ لاءِ مقابلي ۾ هئي.

جيڪڏهن بازار ۾ ڪپڙي جا پنجاهه سٺ ٿان کولي سامهون پکيڙيا وڃن ته عقل انڌو ٿي پوندو آهي، انتخاب ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. اهو ئي حال ويچاري ”حائي“ جو ٿيو. ڪڏهن هڪ پسند ايندي هئس ته ڪڏهن هڪ ئي وقت ۾ ڪيئي پسند اچي وينديون هئس. . . .۽ پوءِ سڀئي دل تان لهي وينديون هئس.

ڪا به سندس مقابلي جي هئي به ڪٿي؟ . . .  هُو ته هو حُڪم جو ”يڪو“. سندس سامهون ڪا پانَ جي اٺين هئي ته ڪا نائين ۽ ڏهين. هو دل واريون ته چؤنڪ ۽ پنجينءَ کان وڌيڪ نه هيون. هو  ڄاڻنديون هيون ته هو سندن پهچ کان ٻاهر هو، پر دل کان مجبور هيون. ان ڪري ٿڌا ساهه کڻڻ ۽ لڙڪ وهائڻ کان کين ڪير روڪي ٿي سگهيو.

. . . . ۽ ويچاري عالمه ته بلڪل پان جي ٻِڪ هئي. فرق ايترو هو ته هن جي سيني ۾ شايد دل نه هئي. . . . ڇو جو جيڪڏهن دل هجي ها ته اها به ضرور ”حائي“ جي کير جهڙي ڳوري پير هيٺان هجي ها. بدصورت انسان کان ته کيس چڙ هئي، خاص طور تي عورت کي ته سندس ويجهو بدصورت هجڻ جو حق هو ئي نه. . . هو چوندو هو ته جيڪڏهن عورت حسين ناهي ته پوءِ آهي ئي ڇو؟ . . . . ان ڪري عالمه کي ڏسي سندس وار اُڀا ٿي ويندا هئا. هڪ ته ڪاري هئي، مٿان وري ايڏي ته سنهڙي سيپڪڙي، جو سُوئيءَ جي سوراخ مان مَٽي وڃي. . . . ڄڻ معشوق جي چيلهه هئي. ماڻهو سندس ماءُ پيءُ تي رحم کائيندا هئا ۽ خبر ناهي ته هو ڪهڙي جنم جي سزا ڀوڳي رهيا  آهن.هتي ته چڱيون ڀليون نٿيون اگهامجن، هيءَ الله جي رحمت . . . . هن کي کڻڻ وارو ڪير الله وارو آهي؟. . .

هُئي ته سنهڙي سيپڪڙي پر صحت ٺاهڻ جو ڏاڍو شوق هئس. روزانو شام جو ريڪٽ لوڏيندي اچي پهچندي هئي. سالن کان بيڊ منٽن کيڏڻ تي هٺ هئس، مگر مجال آهي جو هڪ به هٿ صحيح هڻي سگهي. سڄي ڪورٽ ۾ ماڪوڙي وانگر اونڌا سڌا ٽپا ڏيندي. . .. ان ناسمجهيءَ تي سڙي کامي ”حائي“ يڪدم ريڪٽ اڇلي، ڌم سان سيڙهين تي ويهي رهندو هو.

”اڙي! . . . عبدالحئي صاحب! ايترو جلدي ٿڪجي پيا؟“ هوءَ پنهنجون ننڍڙيون ننڍڙيون اکيون ڦيرائيندي. لفظ عبدل کان ”حائي“ کي چڙ هئي، بلڪل ائين لڳدو هو ڄڻ مٿيون ڪم ڪار ڪندڙ ڇوڪرو.

”ورزش ڪريو عبدالحئي صاحب . . . . نه ته ٿلها ڀيم ٿي پوندا“.

”مهرباني اوهان جي راءِ جي عالمه خاتون صاحبه. . . .“

”پوءِ . . .  “

”ها . . . پوءِ . . . ؟“

”ڪجهه نه. . . .“ عالمه ٽاري ويئي.

ڪجهه نه صاحب تڪليف نه ڪريو. . . چئو نه . . . “

”ويچاري ”دل وارين“ جا خواب ڀور ڀور ٿي پوندا،.

عالمه بدصورت ئي نه بد ذوق به هئي.

ان رات ڪنهن جي حسين تصور ۾ غرق ٿيڻ بجاءِ عبدالحئي ڪاوڙ ۾ وڦلندو رهيو. ”ڪاري مائي. خبر ناهي پاڻ کي ڇا ٿي سمجهي. ڪمبخت – مئل چِچي، خدا جو قسم دل ٿي خراب ٿئي.“

جڏهن عالمه کي خبر پئي ته حئي کيس ”چونڪڙيءَ جي ٻِڪَ، چوندوآهي ته هوءَ نوريئڙي وانگر سنهي سنهي آواز ۾ ڏاڍي کلي چيائين.

”هلو! زندگيءَ ۾ هڪ ڳالهه ته عقل جي چيائين.“

”دل وارين“ حائي بابت اهڙيون گستاخيءَ جون ڳالهيون ٻڌيون ته ڏڪي ويون.

”تنهنجي سيني ۾ ته دل ڪانهي،جُتيءَ جو تَرو آهي“. هو سڙي چونديون هيون.

”ترو وڏي ڪم جي شيءِ آهي، پيرن ۾ پٿريون ڪو نه چڀنديون“. عالمه فلسفو ٻڌائيندي چيو،

”ڇا ارادو آهي؟ ڇا سڄي عمر شادي نه ڪندينءَ؟“

ڪندس ڇو نه. . . ؟“

”۽ محت؟“

”محبت کانسواءِ شادي ڪڏهن ٿيندي آهي. اها ته طلاق ٿيندي آهي. ڪو چڱو ماڻهو مليو ته نهايت شاندار عشق ڪيو ويندو. پوءِ. . . “

”حائي“ جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“

”ذڪر چڱي ماڻهوءَ جو هو“.

”ته . . . هُو چڱو ماڻهو ڪونهي؟“

”توبهه ڪريو. چڱو ماڻهو ته ڇا،هن کي ته ماڻهو چوڻ ئي دغا بازيآهي“.

”تنهنجو مطلب آهي. . . ؟“

”عبدالحئي ماڻهو ڪونهي، معشوق آهي، مون کان ته معشوق سنڀاليا نه ويندا. اڙي ڪٿي آئون نخرا کڻندي ڦرندس“.

”ته تون سمجهين ٿي ته ڪوئي تنهنجا نخرا کڻندو؟“

”ضرور کڻندو.“

”ڪير؟“

”جنهن کي غرض هوندي سو نخرا کڻندو.“

”ڪڏهن آئيني ۾ شڪل ڏٺي آهي؟“

”روز ڏسندي آهيان. ۽ آئيني کان پڇندي آهيان. اي آئينا! آهي ڪوئي دنيا ۾ مون کان ويڪ حسين. آئينو چوندو آهي، توبهه ڪريو، عالمه پنهنجي بدصورتيءَ جو خوب مذاق اڏائيندي چين.

هڪ نسخو هو جيڪو هزار دفعا آزمايل هو. جنهن جي استعمال سان عبدالحئي هميشه ڪاميابي ماڻيندو هو. . . .۽ اهو هو عشق جي ميدان ۾ دشمن کي مقابلي لاءِ سڏڻ، ۽ ان کي پنهنجي عشق ۾ گرفتار ڪري تڙپائي تڙپائي ان جي صورت خراب ڪري ڇڏڻ. پر ان ۾ سخت ڪم ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. ائين يڪدم شروعات ڪري. ڇوڪريون عاشق نه ٿينديون آهن. پهرين انهن تي عاشق ٿيڻ جو مڪمل ناٽڪ ڪرڻو پوندو آهي. آهستي آهستي سندس راند ناٽڪ ئي بڻجي ويئي. پهرين ڇوڪريءَ سان کيس پاڻهي عشق ٿي ويو. پاڻ سورهن سالن جو هو ۽ هوءَ به ايتريئي هوندي. پر اڃان کيس شادي ڪرڻي نه هئي، ان ڪري ٻن سالن کان پوءِ ڇوڪريءَ جي شادي ٿي ويئي ۽ جڏهن هو پاڻ روزگار وارو ٿيو ته هوءَ چئن ٻارن جي ماءُ بڻجي چُڪي هئي. ان عرصي ۾ هن ڪيئي عشق ڪيا ۽ عشق جي مشق ۾ کيس پختگي اچي ويئي هئي. اهڙا اهڙا گُر هن سکيا هئا، جو پاڻ صاف بچي ويندو هو ۽ مقابلي وارو هيٺ ڪِريل هوندو هو. هٿ ايترو صاف ٿي ويس جو اک ڇنڀ ۾ فتح حاصل ٿيڻ لڳس. نظر ڀري ڏٺو، ٻه چار ڦرڪندڙ جملا تڪيل توريل آواز ۾ سرڪائيندو، ڳنڀير سائي سائي اکين سان ڦندو اڇليو ۽ مال غنيمت کڻي روانو ٿي ويو.

پر. . . . بد صورت ڇوڪرين سان عشق جو اظهار ڪوئي ڪيئن ڪري؟ بد صورت ماڻهو پنهنجي چوڌاري جبل کڙا ڪري ڇڏيندا آهن. جتيءَ جو ترو مضبوط هجي ته ڪنڊو ٽٽي پوندو آهي. ڪم سن سڌي سادي حسينه کي متوجه ڪرڻ ته کيس ايندو هو. . . ۽ ڪنهن کي نٿو اچي؟ . . . پر عالمه جو ته مسئلو ئي ٻيو هو، رستو ٺاهڻ لاءِ ڪا کليل دري گهرجي ٿي. بند گنبذ سان مٿو ماري ڪرڻ ڪٿي جي دانشمندي ٿيندي؟

اهڙي بي وسي هن کي ڪڏهن به محسوس نه ٿي هئي. سڀ دل واريون ملي به سندس ان هڪ زخم جو مرهم ٿي نه سگهيون، جيڪو عالمه جي هن قلعي بندي سان وهڻ لڳو هو. هن ڪيترائي ڄار اڇليا، پر ساڙيندڙ بحثن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به هٿ نه آيس. سو چيائين ته ظاهري حسن کان پاسو ڪري، ڪجهه روحاني حسن جو ذڪر ڇيڙي، پر عالمه فزڪس ۾ ريسرچ ڪري رهي هئي، جنن ڀوتن سان هن کي دلچسپي نه هئي. هونءَ به هوءَ ڪجهه زياده باشعور ۽ خوش مزاج به نه هئي. نهايت ضدي ۽ بحث ڪندڙ هئي. آواز مٺو هوس پر ڳالهيون ڪڙيون هئس.

حئي چِڙي ويو ۽ ڏاڍو ڦڪو ٿيو. هاڻي هو چرچي ۾ ٽهڪ ڏئي پنهنجي ماءُ کي چوندو هو.

”هن حسينه، مه جبينه کي اسان جو پيغام موڪلي ڇڏيو ته هن تي هڪ ڇڏ هزار جان سان عاشق ٿي چُڪا آهيون. اي پري رو. . . رحم فرمائي. . . .“

جيڪڏهن نياڻي ٻار اهڙيون حرڪتون ڪري ته ماءُ جي نڪ جي چوٽي ڪپجي وڃي ها، پر پٽ جون ڳالهيون ٻڌي ماءُ خوشيءَ مان نه ماپندي هئي. جڏهن به هو ڪنهن ڇوڪريءَ ڏانهن وڌندو هو ته هوءَ به ٿيڻ واري ننهن تي عاشق ٿي ويندي هئي. . .  ۽ سندس ايتري ته خوشامد ڪندي جو توبهه. پر . . . .  جڏهن حئي بيزار ٿي ويندو هو ته سندس رويو بدلجي ويندو هو ته ماءُ جو عشق به يڪدم ختم ٿي ويندو هو، ڀيڻيون به رکيون ٿي وينديون هيون. سچ آهي ته سهاڳڻ اها ئي آهي، جنهن کي پرين چاهي. هڪدم سڀئي ان ڇوڪريءَ جي خاندان سان ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو شروع ڪري ڇڏينديون ۽ پٽ جي ڍڪ ڍڪڻ لاءِ چونديون.

”اڙي هن ڇوڪريءَ جي ته هلت چلت ٺيڪ ڪانهي. پاڻ ئي زوريءَ اڳتي وڌي ايندي آهي.“

ان کان پوءِ جلد ئي ان ڇوڪريءَ جي شادي ٿي ويندي يا پنهنجي دل کي جوڙڻ لاءِ ڪٿي رواني ڪئي ويندي. . . . ۽ . . . وري نئين اُميدوار جي سامهون ماءُ ڀيڻيون گڏجي ان تي ٺٺوليون ڪنديون:-

”اڙي! . . . حئي ٿورو سنئين منهن ڳالهه ڪندو هوس ته هوءَ پٺيان ئي پئجي ويئي. . . مون کي ته ڏٺي به ڪا نه وڻندي هئي“ . . .  ۽ . . . پوءِ . . . سڀ گڏجي ڪا نئين ڇوڪري پسند ڪنديون هيون. پوءِ ان جو اچڻ وڃڻ وڌائينديون . . . . ۽ پوءِ . . .  شاديءَ جا ذڪر ڇيڙينديون. .. . . پر . . . عالمه جي لاءِ مذاق ۾ به پيغام موڪلڻ جو ذڪر ٻڌي . . . ماءُ ڏڪي ويندي هئي.

”نه . . . پٽ! پرائي نياڻيءَ تي ٺٺولي ڪرڻ سٺو ناهي. الله نه ڪري جو سندس پيءُ . . .پيغام کي قبول ڪري وٺي ۽. . . .“

”ته ڇا ٿيو؟. . . بس! . . . چنڊ جهڙي ننهن وٺي اچجو.“

”مون کي اهڙيون ڳالهيون بلڪل به پسند ڪونهن.. . . سندس پيءُ هونءَ به خر مغز آهي.“

”ته ڇا اسان سندس صاحبزاديءَ کي گار ڏئي رهيا آهيون. . . پيغام ئي ته موڪلي رهيا آهيون.“

”هٽ . . . ڇڏ! . . . هو ته پيغام اکين تي رکندو.“

شرارت حد کان گذري وڃي ته بي حيائي ٿي ويندي آهي. سو اهو چرچو به ايترو وڌيو جو ڳالهه عالمه جي ڪنن تائين به پهتي. سڀني سمجهيو ته اها ڳالهه ٻڌي هوءَ ته روئي پوندي. . . پر توبهه ڪريو جناب . . . عالمه ٻڌو ته ڪنن تي هٿ رکي چيائين:

”نه بابا!. . . . آئون جليبين جي ٿالهه تان سڄي عمر مکيون ڪيئن هڪلينديس، عبدالحئي  صاحب ته آهن معشوق. . . .  هن ۾ ڪنهنجو گهر وارو ۽ پيءُ بنججڻ جي صلاحيت ئي ناهي. مون جهڙي بدصورت عورت جي به اها سزا ته نه هجڻ گهرجي.“

”انگور کٽا آهن. اهڙو حسين گهوٽ ملي ته . . . “ دل واريون سڙي ويون.

” نه آئون ڇا ڪندس اهڙي حسين گهوٽ کي؟ . . . مسواڙ تي ڏيندس ڇا؟“

حئي اهو ٻڌو ته ڪاوڙ ۾ ڦاٽڻ لڳو.

”ڏاڍي تيز آهي ڪمبخت! . . . صورت کان وڌيڪ دل ڪاري اٿس.“

هوڏانهن عالمه پنهنجي ٿيسس کي لڳي پيئي هئي.  بيڊمنٽن ڪڏوهوڪي ختم ٿي چُڪي هئي. هن جو ته ذڪر به پراڻو ٿي چُڪو هو. فضا گهٽيل هئي. ايستائين حئي هڪ ٻه هٿ ٻيا به هڻي ورتا. هڪ بت ٻاهران به آئي. پر خبر پئي ته مال ايڪسپورٽ لاءِ ڪونهي، ها البت گهوٽ کي امپورٽ ڪري ٿو سگهجي ۽ ان سان گڏ امريڪن فرم جي نوڪري به. عالمه اها ڳالهه ٻڌي ته رڙ ڪيائين.

”اڙي! هن کي ايڪسپورٽ ڪري. چلغوزه گهرائڻ گهرجن. الله! . . . ڪيترو نه فائدو رسندو. قوم جو به فائدو ۽ ملڪ به سرخرو. . . “

دل واريون وِڙهي  پيون. . . ”انگور کٽا آهن. . . ان لاءِ ٿُو ٿُو. . . . ۽ جيڪڏهن ملي وڃن ته هَپ هَپ . . .  “

پر . . . عالمه پنهنجي ڳالهه تي بيٺي رهي.

”عبدلحئي جو وجود قوم ۽ ملڪ جي لاءِ فخر جي ڳالهه ڪونهي. هونءَ به عورت ذات لاءِ هُو زهر آهي. هُو دلين سان راند ڪندو آهي ۽ ڪندو رهندو. . . . ۽ خبر ناهي ڪيترائي گهر ڦٽائيندو ۽ ڪيترن جي زالن کي کڻندو ۽ ڪيترين جون دليون خاڪ ۾ ملائيندو.“

حئي ٻڌو ته ڏاڍو کليو.

”دراصل عالمه مون تي عاشق آهي. . . ان لاءِ مون کي بدنام پئي ڪري ته جيئن سڀ مون کان ڊڄڻ لڳن. . . ته. . . “

ماءُ ۽ ڀيڻيون ته عالمه کي پِٽڻ لڳيون.“

ساڙولي ڪُڪڙ. . .“ ۽ وري نئين اُميدوار جا خواب ڏسڻ لڳيون.

”اڙي ڏسو ته سهي. . . غضب آهي يا نه. . . .شهزادن کي شرمائڻ واري شڪل صورت، ڪمائو پٽ. . . .۽ ڪنوار ويٺل آهي. . . ڪڏهن ڏٺو نه ٻڌو....“

عبيد صاحب، فزڪس جو پروفيسر، عالمه کي ٿيسس لکڻ ۾ مدد ڏيندو هو. چاليهن پنجيتاليهن سالن جو هوندو، ڪجهه سال ٿيا  هوندا جو سندس زال ٻن ٻارن کي ڇڏي گذاري وئي هئي. هن پاران عالمه لاءِ پيغام آيو، جيڪو منظور ڪيو ويو. عالمه جي به مرضي هئي. حئي اهو ٻڌو ته ٽهڪن سان گهر کڻي مٿي تي کنيائين.

رام ملائي جوڙي، هڪ انڌو هڪ ڪوڙهي هلو! . . . ٻه گهر نه ڦٽا“ جڏهن شاديءَ جي مبارڪ ڏيڻ ويو ته چئي ڇڏيائين.

”پر . . . اوهان به ڪهڙي بور ماڻهوءَ سان شادي جو فيصلو ڪيو آهي؟،

”خير! . . . زياده بور ته ڪونهي.“

”تمام گهڻو بور آهي. . . ۽ ٻيو ته هن جي شڪل به تمام خطرناڪ آهي ۽ گنجو الڳ آهي.“

”ڇا مون کان به زياده خوفناڪ شڪل اٿس؟“

”بلڪل. . . هن جي سامهون ته توهان حسين آهيو.“

”سچي! . . . بس ته پوءِ، ان کان وڌيڪ بهترين جوڙ ڪٿان ملندو؟. . . ڪنوار کي وڌيڪ حسين هئڻ گهرجي.“ عالمه خوشيءَ مان چيو.

”پوڙهو به ته آهي.“

”ڪنوار کي گهوٽ کان ننڍو هئڻ گهرجي.“

”اوهان کي هُن سان محبت آهي؟“

”اوهان ڪير ٿيندا آهيو اهو پڇڻ وارا؟“

”اوهان کي ته  خبر آهي ته محبت منهنجي هابي (Hobby) آهي. . .  ان لاءِ . . . .“

”اوهه! . . . ٿيسس تيار ڪري رهيا آهيو؟“ عالمه کلڻ لڳي،

”ٿي سگهي ٿو. . . “

”منهنجي ٿيسس ٽائپ  ٿي اچي ته پوءِ . .. “

فرصت ۾ عشق جو پروگرام ٺهندو. . . ؟!!“  حئي جواب ڏنو.

”هون! . . . .خيال خراب ڪونهي. . . “

”باقاعده پروگرام ٺاهي. . . . ؟!‘!“ حئي سڙي چيو:

”اها ته بيوقوفي جي ڳالهه آهي. . . ائين محبت ڪبي آهي؟ . . . ڄڻ ته اها به ٿيسس ٿي وئي.“

”ڇو . . . . ؟ اوهان ايڪسپرٽ آهيو نه . . . ٺيڪ. . . بلڪل ٺيڪ. . . جيڪڏهن اوهان جي قيمتي  راءِ سان فائدو رسي سگهي ته. .. . هونءَ به اوهان کان ڪجهه سکيو ته آهي. اندازي سان ڪو مشڪل ڪم ڪونهي. اوهان ته ماهر آهيو پنجن منٽن ۾ ميدان ماري ويندا آهيو.“ عالمه چپٽي وڄائي چيو.

”اوهان ته بلڪل اڻ ڄاڻ آهيو.“

”اوهه! ڪا ڳالهه ڪونهي. عبيد صاحب عشق وشق سان ڪجهه دلچسپي نه رکندا آهن. نهايت پريڪٽيڪل قسم جا ماڻهو آهن.“

”اوهان هن سان خوش رهي سگهنديون؟“

”خوش رهڻ ايڏو مشڪل ڪم ڪونهي. اهو ذاتي فعل آهي. جيستائين منهنجو تعلق آهي، غريبي، بد صورتي، خراب صحت، . . . ڪا به بلا مون کي اڄ تائين شڪست ڏئي نه سگهي. مون کي يقين آهي ته آئون تمام خوش رهندس.“

”اها شادي نه ٿيندي.“

”ڇو. . . ؟“

”ڇو جو اوهان عشق جي بي عزتي ڪري رهيون آهيو.“

... عالمه ۽ عبيد صاحب جي شادي نه ٿي سگهي. حئي عبيد صاحب کي وڃي صاف صاف  چئي ڇڏيو ته عالمه ساڻس شادي ڪرڻ نٿي چاهي.

”ڇو. . . ؟!“ عبيد صاحب جو وات ڦاٽي ويو.

”ان  ڪري جو هوءَ ڪنهن ٻئي سان محبت ٿي ڪري.“

”هان . . . ڪنهن سان؟،

”مون سان.“ حئي مسڪين صورت ٺاهي اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون.

”پر . . . پر. . . توهان!!“

”جي. .. “ حئي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.

حئي جي وڃڻ کان پوءِ عبيد صاحب کي يقين ٿي ويو ته عشق واقعي ئي انڌو هوندو آهي.

گهر ۾ ڄڻ ماتم مچي ويو. . . مذاق جي به ڪا حد هوندي آهي.

”هن غريب جي زندگي برباد ڪري تو کي ڇا مليو؟“ ماءُ اکين ۾ لڙڪ آڻيندي چيو. ”هن بدناميءَ کان پوءِ هڻي ويچاريءَ کي ڪير قبول ڪندو؟“

”آئون ئي ڀوڳيندس ڪمبخت کي.“ حئي منهن ٺاهيندي چيو.هوڏانهن عالمه اهو ٻڌو ته طوفان مچائي ڇڏيائين.

”چاهي قيامت ٿي وڃي. . . آئون هن چرئي سان شادي نه ڪندس هو ان ڪري مون سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي ته سڀ عورتون هن تي رحم کائي مهربانيون ڪنديون رهن.“

”چريو ڇو ٿيو؟“ ماڻهن پڇيو: ”تو کي پسند ڪري ٿو ان لاءِ؟“

”ها ان لاءِ. . . مون  ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو ڪو هوش وارو ماڻهو پسند ڪري.“

ڇا ڇا هنگامه ٿيا. خودڪشين جون ڌمڪيون هليون.

”حائي! . . . توکي ته هن ”چؤنڪڙيءَ جي ٻِڪ“ کان نفرت هئي.“ ماءُ سڏڪي

”نفرت ته آهي ۽ رهندي.“

”پوءِ تو کي ڇا ٿيو آهي منهنجا ٻچا. ڇو پنهنجي زندگيءَ مٽيءَ ۾ پيو ملائين؟“

”ڪاري مائيءَ جادو ڪري ڇڏيو آهي.“ حئي مسڪين شڪل ٺاهي چيو. . . ۽ وڏي ڌام ڌوم سان پنهنجي زندگي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي

ڏسي وٺجو چئن ڏينهن ۾ طلاق ڏئي مائٽن ۾ اڇلائي ويندس.“ سڀني ااڳڪٿي ڪئي. . . پر. .. اڄ هن ”حادثي“ کي يارهن سال ٿي چُڪا آهن. هن بي ڊولي جوڙي کي ڏسي دل مان هڪ ڊگهي ”هائي“ نڪري ويندي آهي. سچ آهي ته ”چؤنڪڙيءَ جي ٻِڪ“ جيڪڏهن ترپ جي هجي ته ”حڪمجو يڪو“ ڪٽجي ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com