ڏاڍي همدرديءَ مان سيميءَ کي چيائين، ”ايڏي
سرديءَ ۾ ڪو چڱو ته سوئيٽر پائي اچين ها!“
”ٻيو ڪو نه اٿم؛ سيمي معصوميت سان چيو. ”جيڪڏهن
نمونيا ٿي پوئي ته. . . .
”پوءِ ڇا ڪيون ڀلا“ عائشه ڏکويل لهجي ۾ چيو.
هن سوال ڄڻ عائشه جي ڏکويل دل جو بند کولي وڌو.
اها خاتون کين پاڻ سان گڏ چانهه واري اسٽال تي وٺي
ويئي، چانهه ۽ سموسن جو آرڊر ڏيئي عائشه کان سندن
گهر جي باري ۾ پڇڻ لڳي.
عائشه کي جو ايترو قرب مليو سو بيگم ظفر (ان
خاتون) کي پنهنجي گهر متعلق سڀ ڪجهه ٻڌايائين“
بيگم ظفر ڏاڍي غور سان سندن ڏک ڀريون ڳالهيون ٻڌي
رهي هئي. وڃڻ وقت عائشه کي ڀاڪر پائيندي چيائين،
”ڌيءَ سمجهيو ته اوهان جا ڏکيا ڏينهن ويا، مون کي
پنهنجي ماءُ وانگر سمجهه. ڪا به ضرورت پوئي ته بنا
حجاب مون وٽ هلي ايندي ڪر.“ هي منهنجي گهر جو پتو
آهي. ڪارڊ ڏيندي چيائين ۽ ڪافي نوٽ عائشه کي ڏيئي
رواني ٿي ويئي.
پهرين ته عائشه پئسن وٺڻ کان انڪار ڪيو پر بيگم
ظفر جي گهڻي اسرار تي اها رقم ورتائين. پئسا ڏسي
سيمي ته خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. عائشه ۽
سيمي هاڻي پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪرڻ لڳيون.
پهريون دفعو عائشه محسوس ڪيو ته، دولت واري
زندگيءَ جو لطف ئي ٻيو آهي. اڄ تائين هن جيڪا
زندگي گذاري هئي ان ۾ نه ڪا خواهش هئي نه ان جي
پورائي لاءِ جاکوڙ.
عائشه ۽ سيمي مينا بازار گهمي گهر پهتيون ته ماءُ
کي پهرين ئي ان نيڪ عورت جي باري ۾ ٻڌايو.
ماڻهس ڪجهه دليل ويڙهائي نيٺ بيگم ظفر جو خدا ترسي
جو ٻڌي مطمئن ٿي ويئي. ۽ سوچڻ لڳي ته بيگم ظفر سان
ملي ڪنهن سلائي جي اسڪول ۾ نوڪري وٺان. جيئن
نياڻين جو وقت سان بار لاهي سگهان. عائشه جي عمر
جي ته ڪيترين ئي ڇوڪرين پنهنجا گهر وڃي وسايا هئا.
عائشه جيڪا پنهنجي غربت ۽ مفلسيءَ تي اندر ئي اندر
۾ جهڄندي هئي، تنهن کي هاڻي بيگم ظفر اميد جو ڪرڻو
نظر اچڻ لڳي.
ڪيترا دفعا عائشه ۽ ماڻس بيگم ظفر ڏانهن وڃڻ لاءِ
سنبريون پر وڃڻ نه پيو ٿئين. آخر هڪ ڏينهن جرئت
ڪري حميده ڌين کي وٺي بيگم ظفر جي ڏسيل پتي تي
گهر پهتي.
بنگلو نهايت شاندار هو. چوڪيدار کين ڊرائنگ روم ۾
ويهاريو ڊرائينگ روم جي سجاوٽ ڏسي سندن وات ئي
ڦاٽي ويا.
بيگم ظفر اچي ساڻن ڏاڍي قرب سان ملي، ايترو قرب ۽
اڪير ته اڄ تائين حميده کي پنهنجي سڳي ڀيڻ کان به
نه مليو هو. حميده پنهنجي اچڻ جو مقصد بيگم ظفر کي
ٻڌايو.
ڪجهه غور و فڪر ڪرڻ کان پوءِ بيگم ظفر نهايت ئي
خلوص ۽ پنهنجائپ سان کين پاڻ وٽ رهڻ جي آڇ ڪئي،
بيگم طفر ٻڌايو ته، سندس مڙس بزنس جي سلسلي ۾ گهڻو
ڪري ٻاهر رهندو آهي. ايڏي وڏي بنگلي ۾ پاڻ اڪيلي
رهي ٿي، ڏينهن ته مصروفيت ۾ گذريو وڃي پر رات جو
اڪيلائي جو احساس رهي ٿو، ان ڪري جيڪڏهن توهان مون
وٽ اچي رهندؤ ته منهنجي لاءِ ڏڍ ٿي پوندو.
بيگم ظفر جي آڇ ٻڌي حميده کي پنهنجي ڪنن تي يقين
ئي نه پيو اچي. عائشه ۽ سيمي ته خوشيءَ ۾ ڪپڙن ۾
ئي نه پيون ماپن.
حميده کي سوچ ۾ گم ڏسي بيگم ظفر وري چوڻ شروع ڪيو
”ڏس ڀيڻ مون عائشه کي پنهنجي ڌيءَ ٺاهيو آهي ۽ تو
کي مان ڀيڻ سمجهان ٿي. مون کي توهان ۾ ڪا لالچ
ڪانه آهي مان ته توهان جي ڀلائي لاءِ، چئي رهي
آهيان. ايڏي خوبصورت تنهنجي ڌيءَ آهي پر اڃا تائين
سندس شادي نه ٿي آهي. سيمي ويچاري تعليم کان محروم
آهي، ڇا تون چاهين ٿي ته عائشه جي جواني ائين ڏک ۽
پريشانيءَ ۾ ڳري وڃي. هونئن به زندگيءَ تي ڪهڙو
ڀروسو تنهنجي اک ٻوٽجڻ کان پوءِ ڪير هن جي سار
لهندو.
بيگم ظفر جون اِهي ڳالهيون ٻڌي حميده جي دل ٻڏڻ
لڳي. هن پنهنجي ماضيءَ ۽ حال تي نظر وڌي، جتي
سواءِ محرومين جي ٻيو ڪجهه به نه هو. هن سوچيو
”هاڻي جڏهن خدا اسان تي مهربان ٿيو آهي ته ان جو
ويهي شڪريو ادا ڪيون.
تنهن هوندي ڪافي ڏينهن حميده بيگم ظفر جي آڇ تي
غور ڪندي رهي ۽ آخرڪار دل من هڻي پنهنجو گهر
ڇڏيائين. اهو گهر جتي هوءَ ڪنوار بڻجي آئي هئي ۽
اتان ئي هن جو جنازو کڄڻو هو.
بيگم ظفر سندن ڏاڍو گرم جوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽
کين رهڻ لاءِ ڪمرو ڏنو. سيمي کي سٺي اسڪول ۾ داخل
ڪرايو ويو ۽ عائشه کي پڙهائڻ لاءِ گهر ۾ ٽيوشن
ماسٽر رکيو ويو. پنج درجا سنڌي جا ته هوءَ پڙهيل
هئي.
بيگم ظفر سماجي سرگرمين جي ڪري گهڻو وقت گهر کان
ٻاهر گذاريندي هئي ۽ حميده جو وقت نوڪرن تي
نظرداري ڪندي يا ٽيليفون رسيو ڪندي گذرندو هو.
عائشه ته ٺاهه ٺوهه ۽ سينگار کان واندي ئي ڪا نه
ٿيندي هئي. هوءَ ماءُ کان وڌيڪ بيگم ظفر جي چوڻ ۾
هوندي هئي. حد کان وڌيڪ پئسو ۽ آزادي ملڻ ڪري،
عائشه ۽ سيمي شرم ۽ حياءَ کي جهالت ۽ ڄٽپائپ سمجهڻ
لڳيون. هنن کي هر وقت هيءَ سبق ڏنو ويندو هو ته
جيترو ٿي سگهي پنهنجي حسن ۽ سينگار سان ٻئي کي
بيوقوف بڻائجي. زندگيءَ کي باوقار نموني گذارڻ
لاءِ دولت جو هئڻ. ضروري آهي.
بيگم ظفر جڏهن ڏٺو ته عائشه هاڻي پوري طرح سندس
رنگ ۾ رنڱجي چُڪي آهي ته هڪ ڏينهن کيس پاڻ سان
دعوت ۾ وٺي ويئي. عائشه لاءِ اهو پهريون اتفاق هو.
بيگم ظفر پنهنجي هٿن سان عائشه کي تيار ڪيو. ڪاري
ستارن سان جهرمر ڪندڙ ساڙهي عائشه جي حسن کي چار
چنڊ لڳائي ڇڏيا، پهريون دفعو عائشه کي پنهنجي حسين
هئڻ جو احساس ٿيو، دعوت ۾ عائشه سڀني جي نظرن جو
مرڪز هئي.
ان دعوت ۾ بيگم ظفر هن جي ملاقات جاويد سان ڪرائي،
جيڪو شهر جي نامور سيٺ جو پٽ هو ”هيلو جمي ڪهڙا
حال آهن. خوش ته آهين نه“ هن سان مل منهنجي ڀاڻج
عائشه آهي. بيگم ظفر تعارف ڪرائيندي چيو.
Hello How Are You
جمي عائشه ڏانهن هٿ وڌائيندي چيو پهرين عائشه ٿورو
گهٻرائي پر پوءِ بيگم ظفر جي اشاري تي جاويد سان
هٿ ملايو.
بيگم ظفر عائشه کي جاويد وٽ ڇڏي پاڻ ٻئي پاسي هلي
ويئي.
ان رات عائشه دير تائين جاڳندي رهي. خوشيءَ ۾ کيس
ننڊ نه پئي اچي، هن جي زندگيءَ جو اهو پهريون
تجربو هو، جو کيس هڪ خوبصورت ۽ دولتمند ماڻهوءَ جي
ڪمپني نصيب ٿي هئس، جيڪو سندس حسن جي تعريف ڪندي
ٿڪجي نه پيو، حميده به پنهنجي ڌيئرن جي قسمت تي
خوش هئي، ۽ بيگم ظفر جا ٿورا دل ئي دل ۾ ڳائيندي
رهندي هئي.
هاڻي بيگم ظفر جي گهر به اهڙيون دعوتون ٿينديون
هيون، جن ۾ شهر جا مشهور ماڻهو ايندا هئا، ڪڏهن
عائشه جاويد سان ڪمپني ڪندي هئي ته ڪڏهن ارشد سان
گهمڻ ويندي هئي. اهڙين دعوتن ۾ سيمي جي سهيلين کي
به گهرايو ويندو هو.
عائشه جي دوستيءَ جو حلقو وسيع ٿي ويو روزانو نوان
نوان گهمڻ جا پروگرام ٺهندا هئا ۽ اهي پروگرام
بيگم ظفر
Suggest
ڪندي هئي ۽ هر پروگرام ۾ عائشه نئين ماڻهوءَ سان
ڪمپني ڪندي هئي.
هڪ ڏينهن عائشه کي شاپنگ ڪندي سندس ننڍپڻ جي سهيلي
نازو ملي،
”عائشه تون!“ نازو حيرت ۽ خوشيءَ جي گڏيل احساس
سان عائشه کي ڀاڪر پائيندي چيو.
”ڪهڙي دنيا ۾ آهين؟ جڏهن کان پاڙو ڇڏ يئي وري ڀلجي
به ياد نه ڪيئي. ها ڀلا اسين غريب ياد ڪيئن
اينداسين. هاڻي ته تون وڏو ماڻهو ٿي ويئي آهين.“
ڇو ته عائشه جي پوشاڪ مان سندس وڏ ماڻهپو ظاهر
پئي ٿيو.
”چڱو تون ٻڌاءِ ته اڄ ڪلهه ڇا پئي ڪرين؟“
عائشه نازوءَ کان پڇيو.
”ها توکي ته ٻڌائڻ ئي وسري ويو.“
ڏسندي چنڊ انور جي شادي آهي.
”انور جي شادي . . . ! ڪنهن سان . . . ! عائشه
حيرت سان نازو ڏانهن ڏسندي پڇيو.
”مون سان نازو شرمائيندي چيو.
عائشه کان ٽهڪ نڪري ويو.
”تون ايندينءَ نه؟“ ڏس تو وڃڻ وقت واعدو ڪيو هو ته
مان جتي به هونديس، تنهنجي شاديءَ ۾ ضرور اينديس،
جڏهن کان تاريخ مقرر ٿي ته مان اهو سوچي پريشان
ٿيندي هئس ته توکي ڪيئن ٻڌايان! تنهنجي گهر جي ته
اسان کي خبر ئي ڪا نه آهي. شڪر آهي جو تون ملي
وئينءَ هاڻي ضرور اچجانءِ نه ته مان تو کان ڪاوڙجي
وينديس.
”مان ضرور اينديس.“ پنهنجي پياري سهيلي جي خوشيءَ
۾ نه اچان اهو ڪيئن ممڪن آهي.
عائشه نازو کي يقين ڏياريندي چيو. ايڏي عرصي ۾
پهريون دفعو هن کي پنهنجو پراڻو پاڙو ۽ اتي گذاريل
هڪ هڪ پل ياد اچڻ لڳو. نازو ۽ انور جو پيار به
ڪيڏو نه سچو هو آخر هڪ ٻئي کي حاصل ڪيائون. نازو
ڪيڏي نه خوش پئي ٿي. هن کي نازوءَ جي خوشيءَ تي ڄڻ
حسد ٿي رهيو هجي.هوءَ پنهنجي اندر ۾ عجيب بي قراري
محسوس ڪرڻ لڳي. هن کي ائين لڳو ڄڻ هن پاڻ کي دولت
(پئسي) جي ڄار ۾ ويڙهي ڇڏيو هجي جتان کيس ڪڍڻ لاءِ
ڪير به ڪو نه هو. پري پري تائين منزل جو ڪو نشان
ڪو نه پيو نظر اچي. چؤطرف بيابان . . . حسن، دولت
بي جا آزادي پر ڪو به پنهنجو ڪو نه هو، جنهن سان
حال اوري سگهي. هن کي مرد، جن سان ڪمپني ڪندي هئي.
سڀ ڀؤنر محسوس ٿيڻ لڳا. کيس مستقبل جي تنهائين کان
ڊپ ٿيڻ لڳو.
اها سڄي رات عائشه اکين تي ڪاٽي. سندس ذهن تي
جاويد ۽ ارشد جون ڳالهيون هٿوڙن وانگر لڳي رهيون
هيون.
نسيم حيدري
گلان
هوءَ شيدڻ هئي، سندس ڀريل جسم ۽ اڀريل ڇاتيون
جوانيءَ جو ڀرپور احساس ڏيارينديون هيون، ننڍي
هوندي کان هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ ڳوٺ جي حويلي
جنهن کي سڀ ”بنگلو“ چوندا هئا، ۾ ڪم ڪرڻ ايندي
هئي. سندس ماءُ سان گڏ ٻيون به سندس ذات واريون
پورهيت مايون ڪم ڪنديون هيون.
گلان ننڍي هوندي کان ماءُ جو هٿ ونڊائيندي هئي،
جڏهن جوانيءَ ۾ پير پيس ته سڄي بنگلي ۾ هرڻيءَ
جيان ڇالون ڏيندي هِنَ، هُنَ جو ڪم ڪندي وتندي
هئي.
گهر جي هر ننڍي، وڏي جي وات ۾ گلان ئي گلان هو
”اِئي مرين! گلان ڪيڏانهن وئينءَ،“
گلان او گلان!
”ڳالهيون ڇڏ منجهند ٿي ويئي آهي.“
گلان!
وڃڻ وقت ڪراچي وارن مهمانن جا ڪپڙا ته ڌوئڻ لاءِ
کڻي وڃجانءِ.“
اسان جو ڳوٺ ڏانهن وڃڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خاص موقعي
تي ٿيندو هو، گلان کي آئون هميشه رڌڻي ۾ ماني
پچائيندي ڏسندي هئس، هڪ ته آڪهه وڏي ٻيو هميشه
مهمانن جي ڀري لٿل.
گهر ۾ ٻن ٽن ڊاڪٽرن جي هئڻ ڪري مريض به سدائين وٽن
هوندا ئي هوندا هئا، ٻين ڳوٺن مان به مريض اچي
بنگلي ۾ رهي پنهنجو علاج ڪرائيندا هئا، محرم جا
ڏهه ڏينهن ويجهن مائٽن جون فيمليون وٽن اچي
ترسنديون هيون. نياز نذر مطلب ته هر وقت کاڌو پيو
هلندوهو. مولوين ۽ ذاڪرن جي الڳ ماني ته عام ماڻهن
جي الڳ. ويچاريون پوڙهيون پورهيت ٿانوَ مليندي ۽
ڪم ڪندي ٿڪجي پونديون هيون، پر گلان پنهنجي
جوانيءَ جي خون جي جوش ۾ ڪاٺين جي باهه تي مانين
جا بٺن مٿان بٺا پچائيندي ٿڪ جو احساس نه
ڏيکاريندي هئي.
ستت ئي مائٽن سندس شادي ڪرائي ڇڏي هڪ موالي ۽
پوڙهو مڙس مليس، هاڻ هو بنگلي ۾ ڪجهه گهٽ ايندي
هئي، منجهس پهرين واري شوخي ۽ چستي نه رهي هئي.
جيترو جلد هن جوانيءَ ۾ قدم رکيو، اوترو ئي جلد
هوءَ پنهنجي جواني وڃائي رهي هئي، منهنجو جڏهن به
ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو، کيس هر ڀيري پهرين کان وڌيڪ
ضعيف ۽ ڪمزور ڏسندي هيس.
هن ڀيري جڏهن ڳوٺ وڃڻ ٿيو، گلان مون کي نه فقط
ڪمزور، سست ۽ نٻل نظر آئي پر پريشان ۽ منجهيل پڻ
هئي. هوءَ رڌڻي ۾ ماني پچائي رهي هئي، آئون به
سندس سامهون صندلي رکي وڃي ويٺس.
”گلان مون چيو.
”هون“ ورندي ڏنائين.
مون همدردانه لهجي ۾ چيو
”تو هي ڪهڙا حال ڪيا آهن،“ ”ڪا پيڙا،ڪو ڏک اٿئي
اندر ۾“ مون سان سَل ته من آئون ڪا تنهنجي مدد
ڪريان، ۽ ها، آئون تنهنجي ڪهاڻي پڻ لکنديس.
سئو فيصد ڳوٺاڻي لهجي ۽ انداز ۾ ورندي ڏنائين. ائي
ادي، اسان جون ڪهڙيون ڪهاڻيون، ڪير اسان جي ڪهاڻي
پڙهندو ۽ ٻڌندو يا ڪير پڙهندو ۽ ٻڌندو به کڻي ته
ڪندو ڇا!!؟،
مون کيس زور ڀريندي چيو.
نه نه تو کي پنهنجي پيڙا، پنهنجو ڏک ۽ رنج ٻڌائڻو
پوندو، هونءَ به اندر ئي اندر ۾ ڪڙهڻ ۽ پچڻ سٺو
ناهي، ڪنهن سان حال اورڻ سان سڪون ملندو آهي، ۽
آئون ته تنهنجي گهڻي وقت کان . . . !
منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين.
ائي ادي، ”بيشڪ تون ته منهنجي سانئڻ آهين.“
توکي ته سڀ خبر آهي، ائين چئي گهري سوچ ۾ پئجي
ويئي.
ٿوري ئي دير ۾ ٿڌو ساهه ڀريندي پنهنجي ڪهاڻي شروع
ڪندي چيائين.
”منهنجو ننڍپڻ هتي هن بنگلي ۾ ڪم ڪندي گذريو آهي،
جوانيءَ جا ڏينهن به هتي گذريا، عمر جا هي آخري
ڏينهن به هن گهر ۾ ڪم ڪندي گذرندا ڪجهه گذري آ
ڪجهه گذري ويندي.
مائٽن مڙس ڏنو به ته پوڙهو ۽ موالي، سڄو ڏينهن کٽ
تي پيو ڪنجهندو ۽ ڪرڪندو هو، ان نڀاڳي جو بار به
منهنجي ڪلهن تي وجهي ڇڏيائون.“
ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي، ڳيت ڏنائين مون کيس ڏٺو
ته سندس اکين جي آلاڻ ۾ ڪيترائي افسانا لڪل هئا.
اندر جو ڏک جڏهن اچي نڙيءَ ۾ ڦاسندو آهي ته ان کي
ڳيت ڏيڻ ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ مرحلو هوندوآهي.
اکين کي رئي جي ڪنڊ سان اگهندي چيائين ”منهنجو مڙس
ٽي – بي جو مريض ٿي پيو، سڄو ڏينهن کنگهه ڪان
بيهندي هيس. آخر ۾ ته وات مان رت پڻ ايندو هيس،
کيس ڪلهن تي کڻي آخري پساهن تائين اسپتالن جا چڪر
هڻندي رهيس. سندس مرڻ کان پوءِ ڪنهن به مون رن زال
جي سار سنڀال نه لڌي ٽن ڏينهن تائين گهر ۾ باهه نه
ٻري، برادريءَ مان ڪو به پڇڻ نه آيو، بس اڳ به سڄو
ڏينهن پورهيو ڪري ٻارن لاءِ شام. جو ماني ڳڀو کڻي
ويندي هئس. هاڻ به ساڳي زندگي آهي.
هڪ ڊگهو ساهه کڻي ٻاهر ڪڍندي چيائين ”منهنجو وڏو
پٽ، بکن ۽ بيمارين ۾ مري ويو“ آئون پنهنجي پيار جي
نشانيءَ کي بچائي نه سگهيس.“
”پيار جي نشاني“ مون حيرت کائيندي پڇيو.
”ائي ادي تو کان ڇا لڪائڻ“.
جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ماڻهوءَ کي ڪنهن ڳالهه جي
نتيجي جي خبر ڪا نه پوندي آهي.“
منون، هن بنگلي ۾ پاڻي ڀرڻ ايندو هو، هو هڪ
خوبصورت نوجوان هو. اسان جو پاڻ ۾ پيار ٿي ويو،
لڪي لڪي پاڻ ۾ ملندا هئاسين، اسان جي شيدي
برادريءَ ۾ ٻي ڪنهن جاءِ تي شادي ڪرڻ جو سوچڻ به
ناممڪن آهي، ٻئي مجبور ٿي پيا هئاسين.
شايد، منهنجن مائٽن کي ڪا اسان جي باري ۾ کڙڪ پئجي
ويئي ۽ هنن منهنجي جلد شادي ڪرائي ڇڏي. پاڻ کي
جڏهن هڪ پوڙهي شخص جي ڪمزور ٻانهن ۾ ڏٺم، تڏهن
اندر جا سڀ خواب ٽٽي پيا، بدنامي جي ڊپ کان ڪجهه
ڪڇي نه سگهيس، هڪ بي جان جسم جيان، پاڻ کي ان شخص
جي حوالي ڪري ڇڏيم، جنهن کي منهنجي من ڪڏهن قبول
نه ڪيو.
محنت مزدوري مان جيڪي چار پئسا ملندا هئا، اهي به
ان ۾ ختم ٿي ويندا هئا، جيستائين زندهه هو، کٽ تي
ويهاري کارايومانس ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي ته منجهس
سگهه نه هئي. سندس بيماريءَ جو علاج ڪندي ڪندي،
اهو مئو مرض مون کي به لڳو آهي.
مون کي ڇا مليو؟ مرض ۽ محرومي.
منهنجو وڏو پٽ، ڪنهن کي ڄاڻ نه هئي ته هو ڪو
”منون“ مان هو، بکن ۽ بيمارين ڪري مري ويو، آئون
پنهنجي پيار جي ان نشانيءَ کي بچائي ۽ سنڀالي نه
سگهيس.
منون کي ان جي خبر آهي؟ مون پڇيو.
رازدارانه انداز ۾ چيائين، ”ها، کيس هر ڳالهه جي
خبر آهي. ڪڏهن ڪڏهن هتي ايندو آهي، گهڻو اسرار
ڪندو آهي ته آئون ساڻس گڏجي رهان، ڀرواري ڳوٺ ۾
سندس گهر آهي، سندس ننڍي نيٺي زال ۽ ٻار به اٿس،
پر سندس زال سان دل نٿي لڳي.“
پوءِ تو ڇا سوچيوآهي؟ مون کانئس سوال ڪيو.
سوچڻ ڇا؟ پر اعتماد لهجي ۾ چيائين.
ايترن سارن ٻارن جي ماءُ، ڌيءَ، ذري گهٽ اچي جوان
ٿي اٿم، جيڪا ٿوري گهڻي عزت اٿم سا به وڃايان، ٻي
جي ڪلهن تي پنهنجن ٻارن جو بار بڻجي وڃان. عورت ٿي
ڪري ٻي عورت تي ظلم ڪريان، مون کان اهو نه ٿيندو،
گذري ويندي باقي. . . .!!
اچانڪ ماما وڏو رڌڻي ۾ آيو ۽ گلان جي اکين ۾ آلاڻ
ڇڏي آئون ٻاهر نڪتس.
ٿورا ڏينهناڳ آئون پنهنجي ماسيءَ جي گهر ويس، انهن
جي ويهڻ واري ڪمري ۾ ڪجهه تحفا ويڙهيا پيا هئا،
مون پنهنجي ماسات کان پڇيو، هي تحفا ڪنهن لاءِ
آهن.
”گلان جي ڌيءَ جي شادي آهي، ان لاءِ، ماسات
وراڻيو، مون حيرت ۾ رڙ ڪندي چيو گلان جي ڌيءَ! پر
هوءَ ته اڃا ننڍي آهي“
ڀلا ڪنهن سان شادي پئي ٿئيس.
ماسات ورندي ڏني.
”سندن برادريءَ جو ڪو وڏي عمر جو پوڙهو مرد آهي“
مون کي گلان تي ڪاوڙ اچي ويئي،
گلان ائين ڇو ڪيو؟ پنهنجي ننڍي ۽ معصوم ڌيءَ کي هڪ
پوڙهي جي حوالي ڇو ڪيائين؟ کانئس ڪهڙي ڏوهه جو
بدلو ورتائينس؟ پنهنجو حشر ڏسي پوءِ به ائين ڇو؟
ڇا ان تسلسل کي ٽوڙي نه پئي سگهي؟
اشرف آصف
محاورتي ڪهاڻيون – روسي چوڻيون
پوليس هن کي پڪڙي ٿاڻي ۾ آڻي اڳتي ڪارروائي ڪرڻ
کان اڳ پڇا ڳاڇا شروع ڪري ٿي پوليس جي ڳالهائڻ جو
انداز سخت ۽ جابرانه آهي، جيڪو گهڻو ڪري گارين تي
ٻڌل هوندو آهي. پوليس هن کي رات جو دير تائين
گهٽين ۾ آواره گردي ڪندڙ جي هجڻ جي الزام ۾ گرفتار
ڪيو آهي.
صوبيدار: (مڇون وٽيندي) اڙي نالوڇا اٿئي؟
جوابدار: سائين ”جمع“ پر ماڻهو مون کي ”جمن“ چوندا
آهن.
صوبيدار: ڪٿي رهندو آهين اڙي جمنئ
جمن: سائين اوهان جي بادشاهيءَ ۾ هن ئي ننڍڙي شهر
۾ رهندو آهيان.
صوبيدار: (ڏنڊو اڀو ڪندي) اڙي ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟
جمن: سائين نه ڪو چور چڪار آهيان نه ڦورو، مزدوري
ڪري پيو پاڻ ۽ پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ کي
کارائيندو آهيان.
صوبيدار: بئنڪ ۾ گهڻا پئسا اٿئي؟
جمن: سائين ٽڪو به ڪو نه.
صوبيدار: ملڪيت ڪهڙي اٿئي؟
جمن: سائين مڙئي خير.
صوبيدار: هن وقت تو وٽ ڇا هي؟
جمن: سائين مون کي ڪامريڊ به چوندا آهن. هن وقت
منهنجي کيسي ۾ ٽڪو به ڪونهي. ڪپڙن جو به هيءُ هڪڙو
ميرو جوڙو آهي. بوٽ به ڦاٽل آهي.
صوبيدار: اڙي نڀاڳا بس تو وٽ اهو ئي آهي؟
جمن: جي سائين رُوس وارا چوندا آهن ته ”مونوٽ جو
ڪجهه آهي، سو ساڻ کنيون ٿو وتان.“
وڏيرو پنهنجي ٻنين جي سار سنڀال لهڻ لاءِ اڪيلو
گهمندو وتي ٿو. اوچتو هڪ رڇ ڪنهن جهنگ مان تيز
رفتاريءَ سان ايندي مٿس حملو ڪرڻ وارو آهي ته،
وڏيرو: (رڙيون ڪندي) بچايو، بچايو.
خانڻ پنهنجي ڪلهي تي پنهنجي تيز ڦرواري ڪهاڻي
کنيون پنهنجي ٻنيءَ تان ويندي رڇ کان اڳ ۾ ئي
وڏيري جي ڀر ۾ پهچي وڃي ٿو.
خانڻ: (وڏي آواز ۾) سائين پهتو، پهتو.
پوءِ خانڻ رڇ کي ڪهاڙي سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏي ٿو ۽
رڇ مري وڃي ٿو.
وڏيرو: (اطمينان جو ساهه کڻندي) خدا کڻي خير ڪيو
پر!؟
خانڻ: ڀوتار پر ڇا؟
وڏيرو: ڏهه مڻ ڏنڊ اٿئي.
خانڻ: سائين مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو مون ته اوهان کي
بچايو آ!
وڏيرو: (ڪاوڙ مان) اڙي تو کي ڪهاڙي به هڻڻ نه ٿي
اچي.
خانڻ : (حيرت ۾) ڀوتار سو وري ڪيئن!
وڏيرو: رڇ جي کل ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيئه. ”منهنجو
عاليشان بوٽ تو وڃائي ڇڏيو.“
رچرڊ: (وڊڪا جو ڍُڪ ڀريندي) اڙي جوزف تو مون لاءِ
ماسڪو ۾ ايٽم بم، هائڊروجن بم، ڪيميائي هٿيار،
جراثيمي هٿيار، ايٽمي ميزائيل، ايٽمي آبدوزون گڏ
ڪري رکيون آهن.
جوزف: (حيرانگيءَ جو تاٿر ڏيندي) مون اهي هٿيار
تولاءِ گڏ ڪونه ڪيا آهن پر تو اهڙا ئي هٿيار مون
لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.
رچرڊ: (اعتماد سان وڊڪا پيئندي) سنهن گاڊ جو تو
لاءِ نه.
جوزف : (معصوم حيرت مان) پوءِ اهي هٿيار اسان ٻنهي
وٽ ڪنهن لاءِ آهن؟
رچرڊ: (تڪڙ ۾) ڪنهنجي به خلاف ڪونه آهن.
جوزف: پوءِ انهن هٿيارن جي ضرورت ڪهڙي ۽ اربين
رپيا انهن هٿيارن جي ٺاهڻ تي خرچ ڪرڻ ۾ فائدو
ڪهڙو؟
رچرڊ: آئون به ان خيال جو آهيان، مسٽر جوزف.
جوزف: (مسڪررائيندي) اسان روسين جي هڪ چوڻي آهي
ته: ”هزار دفعا ٻڌڻ کان هڪ ڀيرو ڏسڻ بهتر آهي.“
اي. بي لنڪن: اسان وٽ ايترا ته ايٽمي هٿيار آهن جن
جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. مسٽر لينن، هاڻي تون مون کي
اهو ٻڌاءِ ته جيڪڏهن ٽين عالمگير جنگ لڳي ته ان ۾
ڪهڙا هٿيار استعمال ڪيا ويندا.
جي اولينن: مون کي اها سڌ ڪانهي ته ٽين جنگ عظيم
جيڪڏهن لڳي ته ان ۾ ڪهڙا هٿيار استعمال ڪيا ويندا،
پر مون کي چڱي طرح پڪ آهي ته
”چوٿين جنگ عظيم ۾ ماڻهو لٺين ۽ ڪهاڙين سان
وڙهندا.“ (مون هي چوڻي جڳ مشهور روسي رسالي
اسپوتنڪ تان وٺي ان کي ان ريت استعمال ڪيو.)
خروشچوف هڪ جذباتي ۽ جوشيلو سابق سوويت يونين جو
اڳواڻ هو. هو اسٽالن جو سخت مخالف هو. هڪ تقريب۾
هن اسٽالن جي خلاف ڳالهائيندي چيو ته
”اسٽالن وڏو جابر، ظالم ۽ بي رحم حاڪم هو هن اڳيان
ڪير ڪڇي به ڪو نه سگهندو هو. سندس دوست به کانئس
ڊڄندا هئا.“
پولٽ بيوري جي هڪ ميمبر اهي لفظ ٻڌي هڪ ننڍڙي
پني تي اهو لکيو ته ”تو ان وقت ڇا پئي ڪيو؟“ مقرر
خروشچوف ڏي موڪليو. هال ۾ سناٽو ڇانئجي ويو،
خروشچوف چِٽَ پڙهي ٿورو سوچ ۾ اچي ويو پر وري پاڻ
سنڀاليندي چيائين ته:
”آئون ان وقت اهو ڪري رهيو هيس جيڪو اوهان هاڻي
منهنجي دور ۾ ڪري رهيا آهيو. (هيءُ آخري جملو
اسپوتنڪ تان وٺي هن رنگ ۾ آندم)
جاويد عباسي
پيڙائن جي ڳولا
مان گذريل پندرهن منٽن کان ريسٽورنٽ جي ڪنڊ واري
ٽيبل تي ويٺي وشال جو انتظار ڪري رهي هيس، ويٽر کي
چانهه جو آرڊر ڏئي مان وشال متعلق سوچڻ لڳس.
”سوري ڊيئر“ هڪدم وشال مٿان اچي بيٺو ۽ مون کي خبر
ئي نه پئي مون کان ڇرڪ نڪري ويو، مان موڊ آف ڪري
ويهي رهيس.”ڏس هاڻي، موڊ خراب نه ڪر، سوري چيم نه،
اصل ۾ بريف ڪيس ٺاهڻ ۾ دير ٿي وئي“ وشال هٿ ٻڌي
مون کي پرچائڻ لڳو.
”تون هر دفعي مون کي انتظار ڪرائيندوآهين، هيڏن
ماڻهن وچ ۾ اڪيلي ويٺي مان سٺي ٿي لڳان.“
”سائين هاڻي ڪاوڙ ڇڏ، معافي ڏي.“
”۽ هي بريف ڪيس ڇا جو“.
اصل ۾ ڪراچي ٿو وڃان، آفيس جي ڪم سان، صرف هڪ ڪلاڪ
لاءِ تو وٽ آهيان.“
”بس صرف هڪ ڪلاڪ، مون لاءِ تو وٽ صرف هڪ ڪلاڪ
آهي.پوري هفتي کان پوءِ اڄ مليا آهيون،وشال،اهو به
صرف هڪ ڪلاڪ لاءِ،“
ڏس ڊيئر، تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، جاب ته ڪرڻي آهي
نه.“
”ها، تو کي ته گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، بس مان ئي چري
ٿي ويندي آهيان.“
”هاڻي ناراض ٿي وئين“.
”نه ناراض ته ناهيان. ڀلا گهڻا ڏينهن لڳائيندي.“
”بس هڪ ٻه ڏينهن“.
”مان به تو سان هلان.“
”تون چري ڇا هلي ڪندينءَ.“
بس دل ٿي چاهي، تو سان گڏ هلان، گڏ گهمان.“
”سائين مان ڪو گهمڻ نٿو وڃان. ڪم سان ٿو وڃان.“
مون وشال کي گهڻو ئي چيو، کيس ڪيتريون نه منٿون
ڪيون پر هو انڪار ڪندو رهيو، مان هن سان گڏ نه وڃي
سگهيس، اسان ٿوري دير ريسٽورنٽ ۾ ويهي پوءِ اتان
اٿياسين. وشال ڪراچي هليو ويو ۽ مان اتان ئي اڪيلي
پنهنجي وجود جي بار کي گهليندي گهليندي گهر آيس.
ڪيڏي نه گهٽ ۽ ٻوسٽ هئي. خبر ناهي اها گهٽ اندر جي
هئي يا سڄي وايو منڊل تي اهڙي ڪيفيت طاري
هئي.سوچيان ٿي انسان جو پورو وجود ئي ڏکويل آهي،
انسان ڏک جي مٽيءَ جي پيداوار آهي شايد ان ڪري ئي
هو هن جهان ۾ رڳو خوشين جي ڳولا ۾ رهي ٿو. مون کي
ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو، جنهن چيو هجي مون کي درد
جي ڳولا آهي. مونکي ٻڌايو درد ڪهڙي بازار ۾ ٿو
ملي،هونئن به هر وجود جي تخليق سان ئي هن جو ڏک به
جنم وٺي ٿو. هو تخليق جي پهرين مرحلي ۾ ئي روئي ٿو
۽ هن جو انت به ڏک تي ٿئي ٿو، هو جنم جي پهرين ڏک
کان وٺي انت جي آخري ڏک تائين صرف خوشين جي ڳولا
ڪري ٿو. پوءِ مان ائين ڇو آهيان، مان هر وقت
پيڙائن جي ڳولا ۾ڇو ٿي رهان، پيار ته خوشي آهي،
پوءِ مان پنهنجي وجود اندران خوشي کي ڇو محسوس
نٿي ڪيان وشال مون سان ڪيڏو نه پيار ٿو ڪري، پوءِ
مان ائين ڇو ٿي ڪريان. اڳ ته ائين نه هو. مان هن
سان ڪيڏي نه زيادتي ٿي ڪريان، نه هن ڏي فون ٿي
ڪريان، نه ڪو خط ٿي لکان، نه هن سان ملڻ جو ڪو
بهانو ٿي ڪريان. عجيب لاتعلقييءَ وارو احساس اندر
۾ سمائجي ويو آهي، پيار ۾ پنهنجو پاڻ تي جبر ڪرڻ ۾
ڪيڏي نه وڏي لذت آهي، شايد مان ان لذت جي عادي ٿي
ويئي آهيان. پنهنجي پيار تي جبر، پنهنجي سوچن ۽
خواهشن تي جبر، ائين ٿو لڳي ڄڻ پيار جي حوالي سان
لاڳاپيل سمورا احساس، سمورا جذبا ننڍي ٻار وانگي
فيڊر ملڻ کان پوءِ بي خبري واري ننڊ سمهي پيا هجن.
هن جي پيار ۾ ملندڙ پيڙائن ۽ ڀوڳنائن منهنجي جذبن
۽ احساسن کي ٿڦڪي ڏيئي سمهاري ڇڏيو آهي. مان اڄ به
هن لاءِ سوچيان ٿي، هن سان ملڻ چاهيان ٿي، هن کي
ڇهڻ چاهيانٿي، پر منهنجي انهن سمورين خواهشن پويان
ڪو اتساهه ناهي، بلڪه ڏک جون ڊگهيون سيمائون آهن،
جيڪي مان اورانگهڻ نٿي چاهيان؟ ان ڪري جو خوشي مٺ
۾ ڀڪوڙيل واريءَ وانگر ٿيندي آهي، جيڪا گهڻي دير
مُٺ ۾ جٽاءُ ناهي ڪندي، هن کي پائي، هن کي ڇهي ڪٿي
مان پنهنجي درد جي دنيا وڃائي نه ويهان، هن جي
پيار ۾ مليل پل پل جون ڀوڳنائون مون کي وڌيڪ عزيز
آهن.
اڄ وشال وري پورن پندرهن ڏينهن کان پوءِ مون سان
اتي ئي ساڳي ريسٽورنٽ جي ساڳي ڪنڊ واري ٽيبل تي
ويٺو هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ صدين کان پوءِ مليا هجون.
هن کي ڏسڻ کان اڳ دل ڪيڏي نه تيزيءَ سان ڌڪ ڌڪ ٿي
ڪيو، ڄڻ پهريون ڀيرو محبوب سان ملندي هجان، پنهنجي
انهن احساسن تي سوچيان ٿي، فاصلا ڪيئن نه پنهنجن
کي اجنبي بڻائي ٿا ڇڏين. وشال مون سان ملي ڪيڏو نه
خوش ٿيو هو،هو گذري ويل هڪ هڪ پل متعلق مون کي
ٻڌائي رهيو هو ۽ مان خوش، بس مشڪندي هن کي ڏسي رهي
هيس، ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ ”ها“ ”هون“ ڪري هن کي پنهنجي
هجڻ جو احساس ڏياري رهي هيس.هو ڳالهائيندو آهي مان
هن جون ڳالهيون ڏاڍي غور سان ٻڌندي آهيان، پر ڪڏهن
ڪڏهن مون کي عجيب وحشت جو احساس ٿيندو آهي، هن جي
ڳالهين مان، چند گهڙين جي هن ملاقات ۾ مان هن کان
هن جون ڳالهيون ٻڌڻ چاهيندي آهيان، هن سان پيار
ونڊڻ چاهيندي آهيان، هن کي پنهنجن مسئلن، اندر جي
اڌمن متعلق ٻڌائڻ چاهيندي آهيان پر هو مون سان
انهن موضوعن تي ناهي ڳالهائيندو.هو صرف پنهنجن
مصروفيتن تي ڳالهائيندو آهي، اڄ آفيس ۾ هيئن ٿيو،
فلاڻي سان مليس، هن هيئن چيو، مون هي ڪيو ۽ الائي
ڇا ڇا. ڪيڏو نه عرصو گذري ويو آهي اسان کي ملندي،
مونکي ياد آهي اڳ اسان پيار تي ڪيڏو نه ڳالهائيندا
هئاسين، پنهنجي مستقبل متعلق ڪيڏو نه سوچيندا
هئاسين، نظرن ئي نظرن ۾ ڪيڏيون نه هڪ ٻئي سان
شرارتون ڪندا هئاسين، راهه ويندي ڪنهن دڪي تي ويهي
ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ بيهي پهرن جا پهر رڳو هڪ ٻئي
کي تڪيندا هئاسين، ڪجهه به نه ڳالهائيندا هئاسين،
پر گهڻو ڪجهه ڳالهائي ويندا هئاسين ۽ اڄ ايترو
ڪجهه ڳالهائندي به ڄڻ من ۾ ڪا خلش رهجي ٿي وئي.
او تون ڪجهه نٿي ڳالهائين“ مان جيڪا پنهنجي سوچن
جي دلدل ۾ ڦاسي وئي هيس، هن جي اوچتي سوال تي ڇرڪي
ويس.
”جي – “ منهنجي بي ڌيانيءَ تي، هن جو منهن لهي
ويو.
”وشال، اسان پورين سچائين سان هڪ ٻئي سان پيار ڪيو
آهي، ڪيو آهي نه“
”ڇا، ان ۾ ڪو شڪ آهي“
”ڏس، پيار ڪرڻ وارن جون دليون مندر ۽ مسجدون
ٿينديون آهن، انهن ۾ ڪنهن به پاپ جو احساس جاڳي
پوي ته انهن جو تقدس پائمال ٿيندو آهي ۽ اهي ڪنهن
وئشيا جو اڏو بڻجي پوندا آهن. تون چوڻ ڇا ٿي
چاهين.“
ڪافي عرصي کان تنهنجي پيار هوندي به منهنجي من تي
پيڙائن جي ڇايا ڇانيل رهي ٿي، الائي مون کي لڳي ٿو
اسان جي پيار ۾ ڪو ڪوڙ شامل ٿي ويو آهي ڪو پاپ ٿي
ويو آهي.“
”تون ائين ڇو ٿي سوچين“؟
”مون کي الائي ڇو لڳي ٿو تون مون کي بي وقوف ٿو
بڻائين، جڏهن کان تون ڪراچي مان موٽيو آهين، تو ۾
بناوٽ اچي وئي آهي، تنهنجون ڳالهيون ڪوڙ ٿيون لڳن.
تون مون کان ڪجهه لڪائي رهيوآهين.ان کان پوءِ تون
هميشه مون کي ڪوڙو لڳو آهين تون شايد هاڻي مون تي
اعتماد نٿو ڪرين، جي ڪرين ٿو ته ٻڌاءِ سچ ڇا هي،
ڪو ڪوڙ آهي يا اهو منهنجو وهم آهي“ |