گل ڪونڌر
غزل
هوءَ زلفن ڄار وڇائي ٿي.
۽ منهنجي دل تڙپائي ٿي.
ناز نظر سان مون ڏي ڏسندي،
هوءَ ته پئي شرمائي ٿي.
ڪيڏي سندر ڪيڏي سُهڻي،
دل هر ڪنهن هرکائي ٿي.
ڀڳل سندس هن نيڻ نشيلا،
جِن سان من تڙپائي ٿي.
ڏاڍي آ هوءَ نخرن واري،
ناز نوان ڏيکاري ٿي.
”گل“ به گهائيو رستي ويندي،
ڏسجي ڪيئن نڀائي ٿي.
مخدوم فياض
نثري نظم
(1)
شاهه جي شاعريءَ
جهڙا پرين!
تنهنجو پيار
مون ۾ ايئن سَمائجي ويو آهي
جيئن سمنڊ ۾ لهرون
چنڊ ۾ روشني
فريم ۾ تصوير-
(2)
اي منهنجا خالق!
تون پنهنجن ڪَڪَرن کي چَئُه
ته اُهي
سمنڊ مٿان وَسَڻ بدران
منهنجي ديس جي
مسڪين ٿرين جي
وَٿاڻن تي وَسن
قاضي اياز مهيسر
وائي
رات رني آ، ڪيڏي ڀِني آ
منهنجي ڪمري ۾
سوچ اڀاڳڻ، ڇوههَ ڇِني آ
منهنجي ڪمري ۾
ڇا ٿو رَجهي، ڪهڙي ڪُني آ-؟
منهنجي ڪمري ۾
چيڙهه – چڳون، ليڙ چُني آ
منهنجي ڪمري ۾
جيئڻ گَهڙي، اچي پُني آ
منهنجي ڪمري ۾.
لياقت رضوي
غزل
برف ۽ باهه جهڙي آهين تون.
هير ۽ ساهه جهڙي آهين تون.
مان وڇوڙي جي ٿو ديوار ٽپان،
ويڙهه ۽ ٺاهه جهڙي آهين تون.
زخم پوکيان ٿو پاڻ ۾ ٻيهر،
ٽهڪ ۽ آهه جهڙي آهين تون.
پنڌ ٿو سمنڊ ڏي ڇڪي مون کي،
روڪ ۽ راه جهڙي آهين تون.
صائم کرل
وائي
گيڙو، ڪپڙن واري، فقير جي صدا ۾
گم ٿي ويس مان!
تو کي ڏٺم سپرين، ڄڻ ته هوا ۾
گم ٿي ويس مان!
تات وڌي من جي پنهنجي جيون ڪٿا ۾
گم ٿي ويس مان!
اڳيان ظالم وڏيرو، غريب جي التجا ۾
گم ٿي ويس مان!
محمد علي ماجد
سوال؟
اي! منهنجا اديب!
پنهنجين لکڻين ۾تون،
عورت جي آزاديءَ جي
ڳالهه ڪرين ٿو.
عورت جي حقن جي،
هر پل
هام هڻين ٿو.
ڪُوڪ مٿان تون ڪوڪ ڪرين ٿو،
ڇا؟
تو، پنهنجي، گهر جي
ديوارن ۾،
ٻُوساٽيل
آزاد فضا ڏي،
اوڪاسيندڙ،
۽،
واجهائيندڙ
پنهنجي عورت،
خاطر ڪڏهن،
سوچيو آهي؟
ان جي حقن ۽ آزادي تي
عملي ڌيان ڌريو آهي!؟
ترجمو: محمد رحيم ميمڻ
ساجده سلاجڪ
Sadzida Silajdzic
خاتون سفارتڪار بوسنيا جي طرفان پاڪستان ۾ سفير
بوسنيا خوبصورت ملڪ آهي. اهو ڪيترن دريائن جو ملڪ
آهي. اسان جي ملڪ ۾ چار وڏا درياءَ آهن ۽ بيشمار
ننڍا درياءَ آهن. بوسنيا جو نالو بوسنيا درياه
پويان رکيل آهي.
هرزگووينا ملڪ جو هيٺيون حصو آهي. جيڪو ائڊريٽڪ جي
ويجهو آهي. اهو علائقو خشڪ ۽ پٿريلو آهي.
بوسنيا جو هر شهر ماٿريءَ وانگر آهي. ۽ جبلن ۾
گهيريل آهي. اهو سچ آهي ته خوبصورت آهي پر ان سان
گڏ اها پڻ حقيقت آهي ته سربين لاءِ سولو نشانو
بڻيل آهي. جيڪي جيڏي مهل چاهين چونڊي نشانو بڻائي
سگهن ٿا.
بوسنيا سوين سالن کان آزاد رهندو آيو آهي پر اسين
غلام رهيا آهيون. بوسنيا جا رهندڙ ٽن مذهبي فرقن ۾
ورهايل آهن.
بوگومل جيڪو وحدانيت کي مڃيندڙ پراڻو فرقو آهي. پر
جڏهن عيسائي آرٿوڊيڪس ۽ ڪئٿولڪ فرقن ۾ ورهائجي
ويا. انهن مان ڪافي بوگومل پنهنجي پراڻي مذهب تي
قائم رهيا، تنهن هوندي به ڪجهه مسلمان پڻ هئا.
15 صدي عيسويءَ ۾ ان وقت اوٽو مئن جي شهنشاهيت هئي
ته اتي جا رهواسي مسلمان ٿيڻ لڳا. انهن مان سربن
آرٿوڊيڪس ٿيا، ڪروٽن ڪئٿولڪ ٿيا ۽ بوسنين مسلمان
ٿيا.
اوٽو مئن جي دؤر ۾ مسلمان تمام آرام سان هئا.
ڇاڪاڻ ته ”اوٽو مئن“ڪنهن به فرقي تي مذهب جي
بدلائڻ لاءِ زور نه وڌو.
اوٽو مئن جي نمائندن آخري سالن ۾ پاليسيون تبديل
ڪيون، جنهن ڪري مسلمانن ۾ بي چيني وڌندي ويئي.
ان کان پوءِ 1878ع بوسنيا آسٽرو هنگرين جي تسلط ۾
هليو ويو. ان واقعي مسلمانن ۾ وڏو ڦيرو آندو خاص
طور تي تعليمي سرشتو ڏاڍو متاثر ٿيو. گذريل 20
سالن کان مسلمان پنهنجا ٻار اسڪولن ۾ نٿا موڪلين.
ان بدران ترڪي ۾ موڪلين ٿا. جيتوڻيڪ اتي وري ٻي
ٻوليءَ جو مسئلو هو. آسٽرو هنگرين جي تسلط دوران
به ٻئي فرقا آزاد هئا، ٻنهي جي سيڪريٽريٽ الڳ
هوندي هئي.
بوسنيا ۾ هن وقت سرڪاري انگ اکرن مطابق
%43
مسلمان آهن.
%
30 سربن آهن. ڪروٽن اندازاً
%20
آهن ۽ ٻيا
%7
سيڪڙو آهن، اسان جو يقين آهي ته اهو %7
سيڪڙو مسلمان آهن. جيڪو پنهنجو عقيدو ظاهر نٿا ڪن
نه ته مسلمان
%50
آهن. ان کان سواءِ اتي ٻين مذهبن جا ماڻهو به رهن
ٿا. خاص طور تي يهودي جيڪي 15 صديءَ کان رهندا اچن
پيا. اسان جو ايمان آهي ته امن پسند ماڻهو هڪ ٻئي
جي عزت ڪندا آهن، جيڪي ٻين جي عزت نه ڪندا آهن،
اهي دهشت پسندهوندا آهن.
بوسنيا جي مسلمانن کي هڪ ٻئي کان الڳ نٿو ڪري
سگهجي اهو ئي ڪافي آهي ته اسين مسلمان آهيون. اسان
اهو نٿا سوچيون ته اها ويڙهه اسان جي خلاف آهي. پر
اهو ياد رکڻ گهرجي ته يوگوسلاويا پهرين سربن ۽
ڪروٽن تي حملو ڪيو هو.
منهنجو والد بوسنيا ۾ پيش امام هو. اهو ئي منهنجو
پس منظر هو جو آئون اسلامي سڃاڻپ جي معاملي ۾ تمام
حساس هئس، جيتوڻيڪ اهو وقت اهڙو هو جو پاڻ کي
مسلمان سڏرائڻ ڄڻ نانگ جي ٻر تي پير رکڻ برابر هو.
انهن سان ٻئي درجي جي شهريءَ جهڙو سلوڪ ڪيو
ويندوهو.
اهو وقت هو ڪميونسٽن جي حاڪميت جو، ڪيترائي مسلمان
اننهيءَ دؤر ۾ ڪميونسٽ ليگي ميمبر طور ڪم ڪندا
هئا. ڇاڪاڻ ته سڀ استاد ڪميونسٽ هوندا هئا. انهن
جي تعاون کان سواءِ استاد يا ڊاڪٽر ٿيڻ ناممڪن
هوندو هو.
بوسنيا ۾ تمام ٿوري تعداد ۾ صنعت آهي.
ان ڪري بوسنين سچا پچا ورڪر هئا، انهن صرف ڪم ڪرڻ
ئي سکيو هو. آئون پڙهائيءَ جي دؤران به ڪم ڪندي
هئس، بوسنين ڪم لاءِ جرمن، سئزرلينڊ هجرت ڪري ويا.
بوسنيا ۾ آئون پرائمريءَ کان اسڪول ۾ ويندي هئس،
جتي سربن ۽ ڪروٽن ٻوليون استعمال ڪيون وينديون
هيون، جتي اٺن سالن تائين پڙهايو ويندو هو. سربن ۽
ڪروٽن سائرلڪ رسم الخط استعمال ڪندا هئا، جڏهن ته
بوسنين لاطيني رسم الخط استعمال ڪندا هئا.
يوگوسلاويا ۾ تمام وڏي پئماني تي سائرلڪ ٻوليءَ ۾
اشاعتون ٿينديون هيون، جنهن ڪري سائرلڪ سکڻي پوندي
هئي.
پر جڏهن آئون سيڪنڊري تعليم مڪَمل ڪري وڌيڪ تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ عراق ويس مون سان منهنجي ڀيڻ پڻ گڏ
ئي، جتي مون ”عرب ٿيالاجيءَ“ ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽
اتي جي مقامي نوجوان قانوندان سان شادي ڪئي. جنهن
هاڻ بوسنيا جي شهريت حاصل ڪئي آهي۽ مون پنهنجو
نالو مسلمانن جي تهذيب مطابق رکيو.
اها ڪا نئين ڳالهه بوسنيائي عورتن لاءِ نه آهي ته
هو ٻاهرين ملڪن جي باشندن سان شادي ڪن. اسان وٽ 4
يونيورسٽيون ۽ 40 فئڪلٽيون آهن. ڪيترا ئي ٻاهريان
ماڻهو پڙهڻ لاءِ اچن ٿا. خاص طور تي فلسطيني گهڻا
آهن، جيڪي شاديون ڪري رهن پيا ۽ مسلم مفادن لاءِ
وڙهن پيا. اهو سندن مسئلو آهي. آئون ڇا ٿي چئي
سگهان. مون کي اميد آهي فلسطين جي لاءِ ڇاڪاڻ ته
”جنهن سان رب تنهن سان سڀ“ پر اسان کي ٻاهرين سان
ڪو به تعصب نه آهي نه وري اسان جي والدين کي، اهي
صرف چاهين ٿا ته مسلمان هجي.
مون ڏهه سال لبيا ۾ ۽ ڏهه سال ترڪيءَ ۾ گذاريا
آهن. آئون پاڻ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ مزدور آهيان.
تنهن هوندي به آئون سال ۾ هڪ دفعو ڪڏهن ڪڏهن ٻه يا
ٽي دفعا به پنهنجي خاندان سان ملڻ لاءِ ايندي
آهيان.
مون لبيا ۾ پهرين پڙهائڻ شروع ڪيو جڏهن مون کي
پهريون ٻار ٿيو ته مون ڏيڍ سال موڪل ورتي. جڏهن
منهنجو ٻار ڏيڍ سال جو ٿيو ته مون سوچڻ شروع ڪيو
ته مون ڪجهه نه ڪيو آهي سو مون پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ
شروع ڪئي جڏهن اها مڪمل ٿي ته آئون واپس پنهنجي ڪم
تي آيس.
عورت جو پهريون ڪم آهي، ٻار جي پرورش ۽ تربيت ڪرڻ.
اڳواڻ مرد هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جي جسم جي
بناوت اڳواڻن جهڙي هوندي آهي ۽ عورت گهر جي راڻي
آهي. جيتوڻيڪ مرد اڳواڻ آهن، پر اهي ٻارن جي پرورش
ڪري نٿا سگهن. باوجود مرد مضبوط، حوصله مند هئڻ جي
هڪ ڏند جو سور به برداشت نٿا ڪري سگهن.
جڏهن ته الله تعاليٰ انهن کي ٻارن جي پيدائش جي
تڪليف کان به آجو رکيو آهي. عورت ڪم تڏهن ئي ڪندي
آهي، جڏهن هو چاهيندي آهي.
منهنجو خيال آهي ته گهرو ڪم ۽ ٻار جي پرورش هڪجهڙو
ڪم آهي.پر عورت ٻار تي وڌيڪ ڌيان ڏيندي آهي. هن
وقت عورتون ڪم به ڪري، رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته اها
اقتصادي ضرورت بڻجي ويئي آهي. پر آئون نٿي سوچيان
ڇاڪاڻ ته عورت کي ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪيترين شين جو
خيال رکڻو پوي ٿو، جنهن ڪري هن جي پگهار جو وڏو
حصو گهر کان ٻاهر خرچ ٿيو وڃي. جيتري قدر منهنجي
ذات جو تعلق آهي ته مون ڪم ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هميشہ
اهو سولو نه رهيو آهي ۽ آئون هميشہ ٿڪل رهندي هئس،
24 ڪلاڪ گهر جي ڪم، ٻارن ۽ ٻاهرين ڪم لاءِ تمام
ٿورا آهن.
آئون هميشہ ٻين عورتن کان مختلف رهي آهيان. منهنجو
والد چوندو هو ته تو کي ته ڇوڪرو ٿيڻ کپندو هو.
ڇاڪاڻ ته منهنجا گهڻا ئي مشغلا هوندا هئا. مڪينڪ
جو ڪم ۽ بجليءَ جوڪم جيڪو گهر ۾ ضرورت پوڻ تي آئون
پاڻ ڪندي هئس. |