سڀ کان پهرين ته اوهان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريو ته
اوهان جا وار ڪهڙي قسم جا آهن؛ وار اڪثر اٺن قسمن
جا ٿيندا آهن.
خشڪ، سڻڀا، گهنگهرو، سڌا، ٻه منها وار، ڇڻندڙ وار،
اڇا وار ۽ وکريل وار!
اگر توهان اهو ڄاڻي وٺو ته اوهان جا وار انهن اٺن
قسمن مان ڪهڙي قسم جا آهن ته توهان جو اڌ مسئلو ته
حل ٿي ويندو. جيڪڏهن اوهان جا وار خشڪ آهن ته ان
جو سبب آهي هيئر ڊرائي جو گهڻو استعمال، تيز اُس،
لوڻ ۽ کاري پاڻي سان وار ڌوئڻ. انهن سببن جي ڪري
وارن ۾ خشڪي پيدا ٿيندي آهي. خشڪ وارن کي سنوارڻ
جي لاءِ توهان نيم گرم ناريل جو تيل کڻو ۽ آڱرين
جي پورن کي تيل ۾ ٻوڙي وارن ۾ هڻو ۽ آڱرين سان
وارن کي پهرين آهستي آهستي ۽ پوءِ ٿوري تيزيءَ سان
مالش ڪريو ۽ جيستائين تيل وارن جي پاڙن ۾ چڱي طرح
جذب نه ٿي وڃي، تيستائين مالش ڪنديون رهو. . .
مالش ڪرڻ کان ٻه ڪلاڪ پوءِ وارن کي سڪاڪائي سان
ڌوئي ڇڏيو. اگر توهان گهر ۾ ئي سڪا ڪائي تيار ڪرڻ
چاهيو ٿيون ته بازار مان سڪا ڪائي جون ڦريون
گهرائي وٺو۽ انهن کي هڪ ڪپ سڪا ڪائي ۽ ڇهه ڪپ پاڻي
جي تناسب سان اٻاريو. جڏهن ڦريون اُٻري وڃن ته
انهن کي هيٺ لاهي ٿڌي ٿيڻ لاءِ رکو، ٿڌي ٿيڻ کان
پوءِ سڪا ڪائي کي هٿن سان مهٽيو ۽ پوءِ ڇاڻي وٺو ۽
پوءِ صابڻ يا شيمپو جي بدران انهيءَ سان وار ڌوئو.
انهيءَ سان اوهانجي وارن جي خشڪي آهستي آهستي ختم
ٿي ويندي.
خشڪ وارن لاءِ هڪ ٻيو گهربل علاج فائدي مند رهندو.
اهو سستو به آهي ۽ آسان به. هڪ ميٽ جو وٽو انهيءَ
کي چڱي طرح ڪُٽي هڪ جڳ ۾ ڀريو. جڏهن اهو پوري طرح
نرم ٿي وڃي ته ناريل جي گرم تيل ۾ وجهي ڇڏيو ۽
پوءِ ان سان وارن کي مهٽيو ۽ پوءِ ڌوئي ڇڏيو.
گرمين جي موسم ۾ توهان پنهنجن وارن کي ميٽ سان
ڌوئو. انهيءَ سان دماغ ۽ اکين کي ٿڌاڻ پهچندي.
انهيءَ جي سڀ کان وڌي خوبي اها آهي ته انهيءَ سان
وار چڱي طرح صاف ٿي ويندا آهن. هڪ ٻيو نسخو آهي.
هڪ بيضو کڻو، ان کي ملائي ان ۾ هڪ ليمي جو عرق ۽
هڪ چمچو ناريل جي تيل جو وجهو وري ان کي پاڻ ۾
ملائي وري ليمي جو عرق ۽ هڪ چمچو ناريل جي تيل جو
وجهو هڪ دفعو وري انهيءَ کي پاڻ ۾ ملائي پوءِ وارن
جي پاڙن ۾ لڳائي ۽ آهستي آهستي اڌ ڪلاڪ تائين
مليندا مالش ڪندا رهو. ان کان پوءِ ليمو يا سرڪو
پهرين ئي تيار ٿيل گرم پاڻيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ جيڪو
سڪا ڪائي توهان پاڻ تيار ڪيو آهي، ان سان وارن کي
مليو ۽ پوءِ ليمو يا سرڪي واري پاڻيءَ سان وار
ڌوئو.
اُنهيءَ سان يقينن اوهان جي وارن جي خشڪي ختم ٿي
ويندي ۽ توهان وارن کي پنهنجي پسند جي اسٽائيلن
سان سنواري سگهنديون. هميشه وارن کي پوري طرح
سڪائڻ کان پوءِ سلجهايو. روزانو پندرهن منٽ وارن
کي برش ڪرڻ سان وارن کي نئين زندگي حاصل ٿيندي
آهي. وارن ۾ برش ڪرڻ در حقيقت وارن جي ورزش آهي،
جنهن سان خون صحيح طريقي سان گردش ڪندو آهي. خشڪ
وارن کي تيز اُس کان بچايو.
هاڻي اچو سڻڀن وارن جي طرف، وارن ۾ گهڻي سڻڀ ڪري
سڀ کان وڌيڪ نقصان انهن عورتن کي ٿيندو آهي، جيڪي
پنهنجن وارن کي نون نون اسٽائيلن ۾ سنوارڻ
چاهينديون آهن پر وارن ۾ سڻڀ جي گهڻائي ڪري وار
ٺاهي نه سگهنديون آهن. انهن جا وار مٿي سان چنبڙيا
پيا هوندا آهن. ڊگها ۽ سنها وار خوبصورتيءَ جا
دشمن لڳندا آهن. اهڙن وارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ
لاءِ هيٺ ڏنل ٻن طريقن ۾ هڪ طريقو چونڊيو.
وارن ۾ گهڻي سڻڀ جي ڪري وارن ۾ روسي به ٿي پوندي
آهي، جيڪا وارن جي دشمن آهي اها نه ته وارن کي ڍنگ
سان مضبوط ٿيڻ ڏيندي آهي ۽ نه وري ڊگهو ٿيڻ ڏيندي
آهي. انهيءَ ڪري توهان ميٽ ۽ نيم گرم پاڻيءَ سان
وارن کي ڌوئو، گهڻو گرم پاڻي استعمال نه ڪريو.
ميٽ آلو ڪري انهيءَ ۾ هڪ کٽو ليمو نپوڙيو هاڻي
انهيءَ کي پنهنجن وارن جي پاڙن ۾ لڳايو. مٿي کي
ڌئڻ سان مٿي مان غير ضروري تيل به نڪري ويندو ۽
دماغ کي سڪون به ملندو.
هڪ ٻيو طريقو آهي بيسڻ سان مٿو ڌوئڻ. هي به ايترو
ئي فائدي مند آهي، جيترو ميٽ، ان کان علاوه اوهان
ڌونئري سان به وار ڌوئي سگهو ٿيون. ڌونئري ۾ اهي
سڀ جزا موجود آهن، جيڪي صحتمند وارن جي نشونما
لاءِ ضروري آهن. ڌونئري سان وارن کي ڌوئڻ کان پوءِ
اوهان کي وارن ۾ تيل لڳائڻ جي ضرورت نه پوندي.
ڌونئرو کڻو ۽ ان کي هٿن سان ايترو مليو جيستائين
هو لسي وانگر نه ٿي وڃي پوءِ ان کي آڱرين جي مدد
سان وارن جي پاڙن ۾لڳايو ۽ پندرهن منٽن کان پوءِ
چڱيءَ طرح پاڻي سان وارن کي ڌوئي ڇڏيو. انهيءَ سان
اوهان جا وار ڊگها ڪارا ۽ چمڪدار ٿيندا.
گهنگهرو وارن کي سنوارڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اگر اوهان
جا واربه اهڙي قسم جا آهن ته مايوس نه ٿيو. ٿوري
محنت سان انهن وارن کي به پنهنجي پسند جي انداز
سان سنواري سگهجي ٿو. وارن ۾ ڪيترائي ڀيرا برش
ڪريو. انهيءَ سان وارن کي سڌي ٿيڻ ۾ مدد ملندي.
ناريل جو نيم گرم تيل کڻو ۽ ان کي چڱي طرح وارن ۾
لڳايو. ان کان پوءِ هڪ ڪپ ۾ پاڻي کڻو ۽ ڦڻي انهيءَ
۾ ٻوڙي ٻوڙي وارن ۾ استعال ڪريو ۽ ڇڪي وارن جي
چوٽي ڪريو. اگر توهان جا وار ڇڻن ٿا ته انهيءَ
لاءِ (آريٺي) جو استعمال بيحد مفيد آهي. ان
کانسواءِ وارن کي انهيءَ مرض کان بچائڻ لاءِ
روزانو ناريل جو تيل ۽ روغن بادام جي مالش ڪريو.
اگر توهان جا وار اڇا ٿي رهيا آهن ته ان جا
ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، ڏک، صدمو، ذهني پريشاني.
توهان جي غذا ۾ وٽامن اي ۽ ڊي جي ڪمي به وارن کي
وقت کان اڳ اڇو ڪري ڇڏي ٿي، وڌيڪ بهتر آهي ته
اُنهيءَ مسئلي ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو، گهريلو
علاج هي آهي ته هڪ ڪلو ارنڊي جو تيل، هڪ اونس چندن
جو برادو ۽ ڪافي جا ٻج. ٽنهي کي باهه تي گرم ڪريو.
ٿڌو ٿيڻ کان پوءِ ڇاڻي ڪنهن صاف بوتل ۾ وجهو ۽
انهيءَ تيل سان روزانو رات جو وارن کي مالش ڪريو.
انهيءَ سان وار اڇا ٿيڻ بند ٿي ويندا ۽ اڇا وار به
ڪارا ٿي ويندا. اگر توهان پنهنجن وارن کي صاف سٿرو
رکنديون ۽ متوازن غذا سان گڏوگڏ پنهنجن وارن جي
حفاظت ڪنديون ته ڪو به سبب نه آهي ته اوهان جا وار
صحتمند، ڪارا ۽ ڊگها نه هجن.
توهان پنهنجن وارن کي جنهن به اسٽائيل ۾ سنواريو
پر ايترو ياد رکجو ته اهو اسٽائيل توهان جي چهري
جي ساخت سان ملندڙ جلندڙ هجي.
باري ابڙو.
ٽي . وي . ڊرامن تي تبصرو
پي ٽي ويءَ تي اڄڪلهه جيڪي ڊراما گهڻي دلچسپيءَ جو
مرڪز بڻيل آهن، انهن ۾ ”بارش ڪي بعد“ ۽ ”خواب اور
راستي“ قابل ذڪر آهن. بلڪل ائين ئي جيئن پنهنجي
پنهنجي وقت ۾ منزل، سمندر، دهليز، سلسله، آخري
چٽان، سونا چاندي ۽ سارنگ وغيره جهڙن اردو ڊرامن
پاڻ مڃايو. اهي سڀ ڊراما ان ڪري ئي چاهه سان ڏٺا
ويندا هئا، ڇاڪاڻ جو انهن منجهه ان علائقي، (جتان
اهو ڊرامو ٽيليڪاسٽ ٿيندو هو) جي سماجي، معاشرتي،
اتان جي رهڻي ڪهڻي ۽ ان دور جي صورتحال جو چٽو پٽو
عڪس ڏياريو ويندو هو.
مٿين ذڪر ڪيل هاڻوڪن ٻنهي ڊرامن کي به ان ڪري ئي
ماڻهو دلچسيءَ سان ڏسن ٿا. جو منجهن هاڻوڪي
صورتحال ۽ علائقي جي سماجي معاشي قدرن جي عڪاسي
ڪئي وئي آهي.
ڊرامو، ”خواب اور راستي“ سنڌي ٻوليءَ جي برک
ڪهاڻيڪار آغا سليم جي تحرير آهي.۽ پيشڪش سميع بلوچ
جي آهي. آئون، نه آغا سليم جي باري ۾ ڪجهه لکڻ
چاهيان ٿو ۽ نه ئي وري سميع بلوچ جي متعلق ڪا
ڊيگهه ڪندس، ڇوته جن، ڪتاب ”همہ اوست“ پڙهيو
هوندو، انهن کان آغا سليم جو نانءُ ڪو ڳجهو نه
هوندو ۽ جن سرمد جو ڳايل گيت ”تنهنجي ياد جي وري آ
وير“ (جيڪو بنيادي طرح غزل جي صنف آهي) ٻڌو هوندو.
اهي وري سميع کي ضرور سڃاڻندا هوندا. اڪثر ڪري
سميع لنڊ ۽ سميع بلوچ ٻن الڳ الڳ شخصيتن جا مالڪ
سمجهيا ويندا آهن. پر سميع هڪڙو ئي آهي. فرق رڳو
ايترو آهي ته هو شاعريءَ ۾ لُنڊ ذات ڪتب آڻيندو
آهي ۽ پيشڪش ۾ بلوچ ذات ڄاڻائيندو آهي. . . ها ته
ڳالهه هلي پئي سليم ۽ سميع جي ڪاوش ”خواب اور
راستي“ جي.. ....! هي ڊرامو خاص ڪري هڪ نوجوان جي
زندگيءَ تي مبني آهي. ته هو ڪيئن پنهنجي تعليم
دوران هڪ اخبار ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪري. پنهنجي
تعليم کي توڙ تائين رسائي ٿو. (مزي جي ڳالهه ته
جنهن اخبار ۾ هو ڪم ڪري ٿو. ان اخبار جي مالڪ جي
ڌيءُ به ساڻس گڏ پڙهي پئي) بهرحال هو شخص ڪيترن
ئي ڏکن ۽ ڏولاون جي مرحلن منجهان گذري هڪ اهم عهدي
جي چارج سنڀالي ٿو. هن ڊرامي منجهه منصور بلوچ.
خيام سرحدي، ارم ، نصرت محمود ۽ ڊاڪٽر جميل جرال
جا ڪردار نمايان آهن. هن ڊرامي جون تقريباً اٺ نو
قسطون ٽيليڪاسٽ ٿي چڪيون آهن.
ڊرامو ”بارش ڪي بعد“ ڪوئٽه سينٽر تان، اڳوڻي ڊرامي
”ڌوپ“ کان پوءِ سجاد احمد پيش ڪري رهيو آهي. هن
ڊرامي کي طاهر نقوي لکيو آهي. جنهن ۾ خاص ڪري
تعليمي ادارن جي هاڻوڪي معيار ۽ شاگردن جي سياست
کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اڄڪلهه انهن
ادارن ۾ ڪيئن نه شاگرد پنهنجي تعليم کان پاسيرا ٿي
سياست طرف تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، جنهن ڪري
سياست به پٺتي پوندي پئي وڃي. ڇو ته جنهن کي تعليم
سان ئي چاهه نه هوندو، اهو سياست سان وري ڪهڙو
نڀاهه ڪري سگهندو؟ جنهن کي انگريزيءَ جي ”ايسٽ“۽
”ويسٽ“ جي خبر ناهي، اهو سياست ۾ ڀلا ڪهڙا ڦاڙها
ماريندو؟ هن ڊرامي منجهه جمال شاهه، هما مير، نير
اعجاز ۽ مِشي خان اهم ڪردار ادا ڪن پيا.
مختلف کاڌن جون ترڪيبون
ڪوفتا پلاءُ
شيون
چانور هڪ سير
گيهه هڪ پاءُ
لوڻ ضرورت مطابق
گرم مصالو ضرورت مطابق
بصر هڪ پاءُ
قيمو سنهو پيٺل اڌ ڪلو
ٿوم، بصر، ڀُڳل چڻا، ساوا مرچ، هيڊ، ڌاڻا ڳاڙها
مرچ، ضرورت مطابق، بيضا ٻه عدد.
ترڪيب: قيمي ۾ تمام پيٺل مصالا۽ ٻيضا ملائي، انهن
جا ننڍا ننڍا ڪوفتا ٺاهيو، پوءِ انهن کي گيهه ۾
تريو، ان کان پوءِ چانورن لاءِ هڪ پاءُ بصر الڳ
ڀُڃو، جڏهن بصر بادامي رنگ جا ٿي وڃن، ته ان ۾
پيٺل گرم مصالو، لوڻ ۽ هڪ پاءُ ڌونئرو ملائي، ان
سان گڏ ٿورو پاڻي وجهي انهن کي چڱي طرح ڀُڃو، پوءِ
ان ۾ تريل ڪوفتا وجهي ڇڏيو ۽ جڏهن ڪوفتا ۽ مصالحو
چڱي طرح ڀڄي وڃن ته. ان ۾ ڏيڍ ڪلو پاڻي وجهي ڇڏيو.
پاڻي اٻرڻ لڳي ته ان ۾ چانور وجهو، چانورن ٽهڪي
وڃڻ کان پوءِ انکي دم ڏيو. پوءِ لاهي ڇڏيو.
گوشت جو پلاءُ
شيون:
چانور هڪ ڪلو
گوشت اڌ ڪلو
بصر ضرورت مطابق
ڌونئرو هڪ چٽانگ
سڄا ڌاڻا هڪ چانهه جو چمچو
سؤنف هڪ چانهه جو چمچو
ٿوم چوٿائي حصو
گرم مصالو ضرورت مطابق
ترڪيب: چانورن کي ڪجهه دير لاءِ پسائي رکو ۽ پوءِ
گوشت ۾ ٿورو لوڻ، گرم مصالو ۽ ساوا ڌاڻا، ٿوم وجهي
چُلهه تي چاڙهي ڇڏيو، جڏهن گوشت ڳري وڃي ته ان مان
ٿوم جي ڳڙي ڪڍي هٿ سان مهٽي ان مان رس ڪڍو. گوشت
۽* رس کي الڳ الڳ ٿانوَ ۾ رکو.
هاڻي بصر کي گيهه ۾ ڳاڙهو ڪري ان ۾ ٿوم جو پاڻي،
لوڻ ۽ ڌونئرو ملائي پوءِ چمچي سان ان کي ملايو،
پاڻي ايتري مقدار ۾وجهو جو گوشت کي ڀڃڻ سان ان جو
رنگ ڳاڙهاڻ مائل ٿي وڃي.
جڏهن گوشت ڳاڙهو ٿي وڃي ته ماپ سان ان ۾ گوشت وارو
الڳ ٿيل شوروو وجهو اگر شوروي وارو پاڻي گهٽ مقدار
۾ آهي ۽ پوءِ ان ۾ ڪجهه سادو پاڻي ملائي ڏيڍ ڪلو
جي برابر ڪري گوشت ۾ وجهو، جڏهن اهو ٽهڪڻ لڳي ته
ان ۾ چانور وجهي ڇڏيو، چانورن جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي
ته انهن کي دم تي رکو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ لاهي
ڇڏيو، لذيذ پلاءُ تيار آهي.
زرده سيون
شيون:
سيون هڪ پيڪيٽ
کير اڌ ڪلو
گيهه، کنڊ ضرورت مطابق
ڪيوڙو
ترڪيب: سيون گيهه ۾ ڀُڃي، ڳاڙهيون ڪريو، هاڻي ان ۾
کير ۽ کنڊ وجهي ڇڏيو.
جيڪڏهن سيون ٿوريون ٿلهيون آهن ته پوءِ ان۾ پاڻي
وجهو ته جيئن چڱيءَ طرح ڳري وڃن، جڏهن کير خشڪ ٿي
وڃي ته ڪيوڙو وجهي؛ ڪجهه دير دم تي رکو.
اوهان جا خط
محترمه گلبدن جاويد!
السلام عليڪم
اوهان جي سرتيون رسالي ۾ مقرري اسان لاءِ باعث
مسرت آهي. منهنجي پاران ان منصب تي فائز ٿيڻ تي
دلي مبارڪون قبول ڪندا. مون کي اميد آهي ته اوهان
هن رسالي کي اڃا به وڌيڪ معياري ۽ اصلاحي بڻائي
سگهنديون. اسان جون دعائون ۽ نيڪ تمنائون اوهان
سان هر گهڙي هرپل گڏ رهنديون.
زوار نقوي
ٽنڊو جهانيان، سول لائين، حيدرآباد
جواب” محترم!
اوهان جنهن خلوص سان اسان کي خط لکيو آهي، ان لاءِ
لک لائق، ان سان گڏ اهو به يقين ڏياريون ٿا ته
اوهان جي تعاون سان انشاءُ الله هي پرچو ڪاميابي
جي بلندين تي پهچندو.
محترمه گلبدن جاويد مرزا
اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”سرتيون“ جي واڳ
سنڀالڻ تي مبارڪون هجن! مان انهيءَ رسالي جو پراڻو
لکندڙ آهيان. جيتونيڪ اهو رسالو ڀينرن جو رسالو
آهي، ان هوندي به ڀائرن کي شروع ۾ ان ۾ جاءِ ڏني
ويئي هُنن ڀرپور ساٿ به نڀايو، اوهان جي دور ۾
منهنجون ٽي ڪهاڻيون مسلسل رسلي ۾ چپيون. ان کان
پوءِ مون هڪ ڪهاڻي ”علي ڪارئي جو قتل ۽ رڍ جو روح“
نالي ڏياري موڪلي هئي، جيڪا نه ڇپي ۽ نه ئي واپس
ٿي. اوها جي اچڻ تي اِها اميد ساري اٿم ته انهيءَ
ڪهاڻيءَ کي ڪٿان ڪاغذن جي ڍيرن مان ڳولي ڪڍندا.
جي ائين ٿي سگهي ته بهتر. جي ڪهاڻي سنڌوءَ ۾ لڙهي
ويئي هجي ته ڪنهن تي ميار نه آهي.
امر لغاري
پوسٽ آفي مولوي خير محمد سانگهڙ سنڌ. جواب: محترم!
خط لکڻ ۽ مبارڪن موڪلڻ لاءِ لک احسان. اوهان
پنهنجي ڪهاڻيءَ متعلق پڇيو آهي. ان لاءِ گذارش آهي
ته، مان ٻيهر سرتيون جي چارج وٺڻ کان پوءِ پراڻن
فائلن تي نه ڀاڙيو آهي.پر پنهنجي ئي جاکوڙ سان
پرچي کي اوهان تائين پهچايو آهي.
هاڻي اهو اوهان تي آهي ته اسان سان ڪيترو تعاون
ڪيو ٿا، بهرحال اسان کي اوهان ۾ اميد آهي ته اسان
سان تعاون ڪري ”سرتيون“ کي ڪامياب بڻائيندا.
محترمه گلبدن جاويد مرزا
سڀ کان اول مان اوهان کي ٻيهر ”سرتيون“ رسالي جي
ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. مون کي
انتهائي خوشي ٿي آهي. اوهان مان اسان کي گهڻيون
اميدون آهن ته اوهان سرتيون کي نئين انداز سان
بهتر کان بهتر ڪري شايع ڪرڻ جي محنت ڪنديون ۽ جديد
ادب ڇاپڻ جي ڪوشش وٺنديون.
رمضان راهي
سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت، سانگهڙ
جواب: محترم! خط لکڻ ۽ مبارڪون موڪلڻ لاءِ لک
ٿورا. اسان جي به اها ئي ڪوشش آهي ته ”سرتيون“ کي
وڌيڪ معياري بڻائي اوهان جي اميدن جي ساک رکون. ان
قدم ۾ اوهانجي تعاون جي به ضرورت آهي. اميد ته
پهرين وانگر تعاون ڪندا رهندا.
پياري ڀيڻ گلبدن
السلام عليڪم،
ادي ٻڌم ته توهان سرتيون رسالي ۾ موٽي آيون آهيو.
انلاءِ منهنجي طرفان مبارڪون قبول ڪنديون. اميد
اٿئون ته توهان پنهنجي ڀيڻن جي پياري رسالي کي وري
سهڻي نموني شايع ڪنديون.
سرتيون لاءِ هي ٻه شعر موڪلي رهي آهيان. ان اميد
سان ته شايع ڪري ”ٿورائتو ڪنديون. اڳتي به سرتيون
سان سهڪار جاري رکبو.
نجمه راشدي
نئون دير
جواب: محترمه! خط ۽ مواد موڪلڻ لاءِ لک احسان.
اوهان جنهن خلوص سان ”سرتيون“ سان تعاون ڪرڻ جو
يقين ڏياريو آهي ان لاءِ به اوهان جا ٿورا. اوهان
جي شاعري هن شماري ۾ شامل آهي. اوهان جي موٽ جا
منتظر رهنداسين.
مٺڙي ڀيڻ گلبدن!
السلام عليڪم،
ڀيڻ مون کي شاعري ڪندي ايترو عرصو ته ناهي ٿيو،
تڏهن به ڪجهه مطالعي کان پوءِ شاعري پئي ڪريان.
ڪجهه شاعري ڇپي به آهي.
توهان ڏانهن پهريون ڀيرو شاعري پئي موڪليان. ان
اميد سان ته رسالي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ٿورڙي جاءِ ضرور
ملندي.
ڪينجهر بلوچ
ڄامشورو ڪالوني.
جواب: محترمه: خط ۽ مواد موڪلڻ لاءِ مهرباني.
اوهان جي شاعري هن پرچي ۾ شامل ڪئي ويئي آهي. ٻيو
ته ايندڙ پرچي لاءِ جلد کان جلد مواد موڪلي
ڏينديون ته وقت سر شايع ٿي سگهي.
پياري ڀيڻ گلبدن!
اوهان جي سرتيون ۾ اچڻ جو ٻڌي مون کي تمام گهڻي
خوشي ٿي. اوهان کي گهڻيون گهڻيون مبارڪون.
شل خدا اڃا به اوهان کي ترقي عطا فرمائي! سرتيون
لاءِ هي ڪهاڻي جيڪا ڪافي وقت اڳي جي لکيل اٿم، اها
ئي ڏياري موڪليان پئي. اوهان کي پسند اچي ته ضرور
شايع ڪجو. جيڪڏهن معياري نه هجي ته بلڪل به شايع
نه ڪجو، ڇاڪاڻ ته غير معياري شيءِ شايع ڪرڻ پنهنجي
ادب سان ناانصافي ٿيندي.
لِايِلفِ جمالي
جواب: محترمه! جنهن خلوص سان اوهان مبارڪون مون
ڏانهن موڪليون آهن، تنهن لاءِ اوهان جي نهايت ئي
ٿورائتي آهيان. اوهان جو مواد پهتل آهي. وقت سر
ضرور شايع ڪنداسين.
وڌيڪ گذارش ته ”سرتيون“ کي پنهنجي راءِ کان آگاهه
ڪنديون رهنديون.
ڀيڻ گلبدن!
”سرتيون“ ۾ توهان جي ٻيهر مقرريءَ تي مان توهان کي
مبارڪباد ٿو ڏيان ۽ گڏگڏ اها به اميد رکندس ته
توهان پهرين کان به بهتر نموني سرتيون کي
هلائينديون ۽ هئڻ به ائين کپي ته هر قدم اڳئين قدم
کان وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارو هجي.
”سرتيون جي لاءِ پنهنجي نڪور شاعري اُماڻيان پيو،
اگر سرتيون جي لائق سمجهو ته ضرور شايع ڪجو.
ساگر ڀٽي
پوسٽ آفيس فضل ڀنڀرو
وايه نئون ڪوٽ ضلعو: ميرپور خاص
جواب: محترم! مواد ۽ مبارڪن موڪلڻ لاءِ اوهان جا
بيحد ئي شڪر گذار آهيون. اوهانجي شاعري هن شماري
۾ شامل ڪئي ويئي آهي. وڌيڪ گذارش ته سرتيون کي
بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ اوهان جي مواد، راين،
تنقيدن ۽ صلاحن جا پڻ منتظر رهنداسين.
محترمه پياري ڀيڻ
گلبدن جاويد مرزا!
السلام عليڪم،
ڀيڻ خط جي شروعات ئي مبارڪن سان ٿو ڪيان. اوهان
بختاور ڇڏي سرتيون ۾ اچي ويون، ان جون واڌايون.
ڀيڻ سرتين لاءِ في الحال هي هڪ وائي موڪليان پيو ۽
هڪ ڪهاڻي لکي رهيو آهيان، جلد موڪليندس.
الطاف سرهيو
سراج گهٽي لاڙڪاڻو.
جواب: محترم! مبارڪون موڪلڻ لاءِ اوهان جا لک
لائق، اوهان جنهن خلوص سان اسان سان تعاون ڪندا
رهيا آهيو، اها نهايت ئي اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه
آهي. اميد ته آئينده به ائين ئي تعاون ڪندا رهندا.
مانواري ڀيڻ گلبدن جاويد مرزا!
السلام عليڪم
ڀيڻ! اوهان کي تمام گهڻيون مبارڪون هجن، نئين
زندگيءَ جي سفر جون ۽ ٻي مبارڪ اوهان کي ٽماهي
”سرتيون“ جي ايڊيٽر ٿيڻ تي. اسين اوهان جي خوشين
جا دعاگو رهنداسين.
اميد ته اوهان پنهنجي صلاحيتن ذريعي ”سرتيون“ کي
سگهاري مواد سان سينگاريندؤ.
مهر خادم
جواب: محترم! خط لکڻ ۽ مبارڪن موڪلڻ لاءِ اوهان جا
بيحد ئي ٿورائتا آهيون. اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته
”سرتيون“ کي وڌ کان وڌ معياري مئگزين بڻايون. هن
سلسلي ۾ اوهان سڀني لکندڙن/ پڙهندڙن جي تعاون جي
اميد ڪريون ٿا.
باقي مهربانن جا نالا
پرڀات سنڌي مورو. سونيا شيخ لاڙڪاڻو. ريحانا مغل
ٽنڊو آدم، زينت ڀٽي خيرپور ميرس. حميده بلوچ
شهدادڪوٽ. نازيه حسين ملاح دادو. نسرين شيخ ڊفينس
ڪراچي. شهناز سومرو ٺٽو، رخسانه ابڙو وارهه.
رخسانه کوکر سانگهڙ سنڌيا ٽنڊو ڄام. رضيه چانگ
ماتلي،. زاهده جمالي بدين، جميلا هڪڙو ميرپور خاص.
ناظم چانڊيو حيدرآباد. سليم نظاماڻي ٽنڊو قيصر.
عبداللطيف رند باڊهه. صائمه ملاح ميهڙ. راشد شاهه
ميرپور ماٿيلو. مير محمد بلوچ باڊهه. ناصر شيخ
راڌڻ اسٽيشن. ڊاڪٽر اي آر خواب نئون ڪوٽ ٿر، صفيه
قادر منگي
امجد حسين محرابپور، ڪنول حيدرآباد
سميع ڪنڌر پريالوءِ. خالد سيف الله،
حسين مسرت شاهه
ڪم جون ڳالهيون
1-
چانورن کي ڪينئن کان بچائڻ لاءِ انهن ۾لوڻ ملائي
ڇڏيو.
2-
ٻوڙ ۾ مرچ زياده پئجي وڃن ته ليمو يا ٽماٽا وجهو.
3-
ٻوڙ ۾ لوڻ جهجهو پئجي وڃي ته اٽي جو گولڙو ٺاهي
وجهو يا اڇي ڪاغذ جو ٽڪرو وجهو لوڻ گهٽ ٿي ويندو.
4-
جيڪڏهن صوف لوڻ ملايل پاڻيءَ ۾ ڪٽيا وڃن ته برائون
نه ٿيندا.
5-
جيڪڏهن اڇي ڪپڙي تي چانهه جو داغ لڳي وڃي ته ان کي
هائڊروجن پرآڪسائيڊ لڳائي اس ۾ رکو داغ ختم ٿي
ويندو.
6-
لپ اسٽڪ جي داغ کي امونيا ۽ صابڻ لڳائي، ٿوري دير
رکي ڇڏيو، پوءِ گرم پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. |