ٻه غزل
(1)
رات کانپوءِ رات ڪٿ ايندي نه آهه
مون مٿان پر غم تي غم ايندو ويو!
دوُر کان ويجهو ڏٺم ويجهو عزيز
جئن ويس ويجهو پري ٿيندو ويو!
قافلو منهنجو لٽيو اهڙيءَ طرح
جو ڏسي رهزن به روئيندو ويو!
آهه اکين کي به ٻولڻ جي زبان
ڪو نظر سان حال اوريندو ويو!
پاڻ بادل صاف ٿيو ڪارنهن ڪڍي
داغ ڌرتيءَ جا به ڌوئيندو ويو!
ڪو وساريل گيت ڳائي سوز مان
دل کي چوريندو ۽ جهوريندو ويو!
ڪنهن ڏٺو مون ڏي نه جهوليءَ ڏي ڏٺو
جنهن ڏيڻ چاهيو ٿي سو ڏيندو ويو!
(2)
جدائيءَ ڇڏيو تير اهڙو چڀائي
نه چوري سگهان سر، نه پاسو ورائي!
اکين کي ئي سچ آهه لقمي جي لالچ
تڏهن ’وات کائي ته اک ٿي لڄائي!‘
اجايو ٿو پٿر هڻين بانولي کي
وٺي واٽ پنهنجي ها هؤ بڙ بڙائي!
نه واقف هو هوُ حسن کان، عشق کان مان
پئي ڄاڻ جئن، ويو مزو موڪلائي!
سندس اصل کان بي نيازيءَ جي عادت
ڌڻي! منهنجي غيرت کي ٿيو ڇا الائي!
اُٿن ٿيون وري دل مان ڇو سيسراٽيون
لنوي اک ڇڏيو ڪجهه آ دل کي ٻڌائي!
پتنگ ڇا ڏسي شمع ڀڙڪي نه اُٿندو
مگر روڄ ڀاري ڪيس پر ڀڄائي!
پئڻ آهي بدڪار، بدڪار سو آ
پئڻ بعد پڇتاءُ جو ٿو پرائي!
ٿيو خار آ خوار، فاني! جڳت ۾
مگر گهاءُ گهرو ته گل ٿو رسائي!
پرڀو ”وفا“ (1915)
غزل
(1)
غم نه اهڙو نه ڪا خوشي اهڙي
دل جي حالت ئي ڪجهه بڻي اهڙي!
دل سان آخر الائي ڇا ٿيندو؟
آهه شروعات ئي جي ٿي اهڙي!
هوءَ الائي ڇا سمجهندي هوندي
ڳالهه ڪرڻي نه هئي ڪئي اهڙي!
ٿي پريان ئي ڏسي وٺي ٻي واٽ
بي رخي سان به بي رخي اهڙي!
دشمنيءَ کان به گهرا گهاؤ ڪري
مون ڏٺي آهه دوستي اهڙي!
يار جي ياد چشم تر نه ڪري
ڇا ڪبي خشڪ زندگي اهڙي!
مون بگاڙي بگاڙي دل ٺاهي
ٿي گناهن جي رهبري اهڙي!
جنهن ۾ گمان حق جون لک باتيون
ڪا اچي لب تي خامشي اهڙي!
حسن ۽ عشق جا هي نقش هزار
آرسيءَ سامهون آرسي اهڙي!
جا وفا جي خودي بلند ڪري
ساقيا ڏي ڪا بيخودي اهڙي!
اُفق تي صاف اچي اڄ ٿو آفتاب نظر
(2)
اچن ٿيون ڪوششون سڀ پنهنجون ڪامياب نظر!
جو ڪالهه خواب هو اڄ ئي پيو حقيقت آ
هئي جا ڪالهه حقيقت اچي ٿي خواب نظر!
آ ذره ذره اندر بوءِ اڄ بغاوت جي
هوا ۾ ٿو اچي اڄ ڪوئي انقلاب نظر!
عمل جي ڄر اڳيان ٿا پگهرجي پهاڙ پون
بخوبي ٿو اچي پٿر جي هيٺان آب نظر!
ملي ٿو حل وڃي هر مشڪلات جو پاڻهي
ڪڏهن سوال اندر ايندو آ جواب نظر!
هلي ٿو جڳ جو هي چرخو اڃا تائين ڇو جو
ٿو گڏ گناه سان ڪٿ ڪٿ اچي ثواب نظر!
اسان ٿا دوستي چاهيون مگر سو دشمن آ
اسان جي ملڪ تي جيڪو رکي خراب نظر!
ڏسون ٿا ڇا ڪندو اڄ پنهنجي زندگيءَ جو جام
اچي منجهس ٿو جوانيءَ سندو شراب نظر!
جوان سڀئي جيئن ٿي پون جواهر لعل
۽تن جي ڪوٽ ۾ ٽڙندو اچي گلاب نظر!
زماني پلٽو آ کاڌو جو اڄ ولائت ۾
ٿو هٿ ۾ ڪن جي اچي شاهه جو ڪتاب نظر!
ڪندو ٿو ذڪر وڃان، وجد ۾ ٿو ايندو وڃان
اچي ٿو سارو زمانو وفا کي خواب نظر!
گيت
سک سو سمو اچڻ وارو آ
ڏينهن بدلجڻ ۾ ڪا دير لڳي ٿي پيارا!
مٽجي وينديون هي مايوسيون
ڪنهن سان رلجڻ ۾ ڪا دير لڳي ٿي پيارا – سک جو سمو…
1-
اِجهو گهڙي اڳ اُڀ تي ڪارو
ڪڪرن جو هو جهرمٽ ڇايو
اِجهو هنئر ڏس ڪني ڪڍي سج
آب تاب سان اُڀري آيو
گهور اونداهيون پوريون ٿينديون
جوت ڦهلجڻ ۾ ڪا دير لڳي ٿي پيارا – سک جو سمو…
2- ڪيڏي آ بي بقا حياتي
هيءَ ڪنهن سان نيبهه نه رهي آ
مؤت زندگيءَ جي وچ۾ بس
وار جيتري ئي نه وٿي آ
ڪڏهن ڪنن ۾ ڪڏهن ڪپر تي
دنگيءَ ڌڪلجڻ ۾ ڪا دير لڳي ٿي پيارا- سک جو سمو…
3- منزل وفا ملي ٿي اُن کي
جو ساهس سان پنڌ ڪري ٿو
اَٽل اِرادي سان راهن ۾
جيڪو پختوپير ڌري ٿو
ڌرتيءَ اندر مچ ٻري ٿو
ڏونگر هلجڻ ۾ ڪا دير لڳي ٿي پيارا – سک جو سمو…
امن جا آثار
شوخ هوا جو رخ بدلي شل
برفاني پربت پگهلي شل
1-
هڪ هڪ ٿي وٽڙن هي بادل
گهور اُنداهيون هٽجي وينديون
پورب کان سج ڪني ڪڍي آ
ڪاريون راتيون ڪٽجي وينديون
دوُر پهاڙن جي چوٽين تي
سڄر سوجهرو اڄ ڦهلي شل – شوخ…
2- وير جا واچوڙا پوُرا ٿين
سڪ جو ساگر ڇلڻ لڳي شل
جنگ جو بيوُ گل بند ٿئي
اَمن جو جهنڊو جهلڻ لڳي شل
ڇڻي پون ڪلفت جا ڪنڊا
اُلفت جو هڪ ڦول کلي شل – شوخ…
3- ريل هلي آ هلندي رهندي
ڪندا رهون شل سفر هي پيارو
هتان کڻي سڪ سندو سنديشو
هُتان صلح ۽ ڀائيچارو
وري دلين ۾ هڪ ٻئي جي لءِ
جذبن جو دريا اُڇلي شل- شوخ…
4- هت هو ڏسندا لال جون جهمريون
اسان هُتي شهباز جو ميلو
خواجه جي درگاه هتي آ
هِتي سکر ۾ ساڌن – ٻيلو
هڪ ٻئي جي گهر اچون وڃون شل
اِنهيءَ خيال ۾ من مچلي شل- شوخ…
5- ڀيڻ هتي ۽ ڀاءُ هتي آ
ڳنڍ ته هيءَ ڇٽڻ جي ناهي
ڪيون گهٽين ۾ گڏجي رانديون
ياري هيءَ ته ٽٽڻ جي ناهي
وچ واري ديوار ڪري شل
سڀ کي وڇڙيل يار ملي شل – شوخ…
6- وير منجهان ڪجهه ورڻو ناهي
اِن ۾ آهي ڀلو ٻنهي جو
نفرت جو هي بانسي بيدو
کڻي ڇڏيون ٻاهر اُڇلي شل – شوخي…
7- هي ثابت ٿي هاڻ چڪو آ
ڀرم هيو مذهب جو ايڪو
هڪ طوفان تباهيءَ وارو
کڻي اچي ٿو پاڻ سان جيڪو
ڌرم جو مرم سڃاڻون جنهن ۾
وطن وري نه ڪڏهن وجهلي شل – شوخ…
8- جنهن ۾ بک نه ڪا بيڪاري
اهڙي نياري نگري ٺاهيون
مانوتا جو مذهب جوڙيون
جهونا وهم دلين تان لاهيون
پيار جو پوکيون، وفا! اهو وڻ
آنڌين ۾ به نه جو اُکلي شل – شوخ…
اِنسان، روح ۽ خدا
1- خبر ئي ڪنهن کي ناهي – الائي ڇا ٿو چاهي
هتي آ ڪوڙ جي بازي سر – چڙهي ٿو سچ هت ڦاهي.
ڏسي هي ڪلجڳه منجهه ڪلو – چئون ڪئن ڪو رب آهي!
وفا بس عشق ئي آهه الاه-چئي ڏي سينو ساهي.
2- ڪوئي ڪاشيءَ ڪوئي ڪعبي جي زيارت ٿو ڪري
ڪوئي بت آهه جو اِنسان کان بهتر آهي؟
جو خودي پنهنجي مٽائي ته خدا خود آهي
خود غرض آهي ته حيوان کان بدتر آهي.
3- ديوتائون به منش – روپ وٺڻ ٿا چاهين
خود فرشتن جو به سجدي ۾ جهڪيل سر آهي.
بندگي آهه اگر ڪرڻي ته بندن جي ڪبي
ڪو خدا آهه ته اِنسان جي اندر آهي.
پنجڪڙا
وڪاس
بڻئين حيوان منجهان اِنسان
اڃا ڀي اوچو سندءِ نواس
اڃا ڀي ڪرڻو اَٿي وڪاس
ڪڏهن پڪ ٿي ويندين ڀڳوان
بڻئين حيوان منجهان اِنسان.
پتلو
آ پتلو پنجن تتن جو پاڻ
ڪري ٿو چنڊ تارن جي تور
رکي ٿو اندر غيبي زور
ڪلپني، ڀاؤ، اِڇا ۽ ڄاڻ
آ پتلو پنجن تتن جو پاڻ.
امر انسان
تباهي آڻي ڀل طوفان
ڀري ڀل ڌرتي پنهنجو پيٽ
لتاڙي مر لهرن جي ليٽ
امر ته به رهندو هي انسان
تباهي آڻي ڀل طوفان.
عالمگير انسان
فقط مان آهيان هڪ انسان
نه هندو آنءُ، نه مومن آنءُ
نه منهنجو مذهب خاص، نه گانءُ
وطن آ منهنجو سڄو جهان
فقط مان آهيان هڪ انسان.
پرش پرشوتم
اسان جو هن دنيا سان ڪم
هجي ڀل اهڙو ڪو ڀڳوان
ستارن ۾جنهنجو اَسٿان
اسان لاءِ پرش ئي پرشوتم
اسانجو هن دنيا سان ڪم.
مانوتا جو شان
اڙي انسان نه ٿي نادان
پرائي دک جو رک احساس
جڳن جو جاچي ڏس اِتهاس
رکيئه ڪو مانوتا جو شان؟
اڙي اِنسان نه ٿي نادان.
ساهه!
اڙي او ساهه! خبر ڏي ساهه!
ڪٿي هو اڳ ۾ سندءِ وٿاڻ؟
لڪائي ويٺين تون جت پاڻ
بدن ۾ ڪڏهن بڻايئه راهه؟
اڙي او ساهه! خبر ڏي ساهه!
من!
چئي ڏيان سچ، ٻڌندين او من!
جڏهن هن جيءَ جو مليئه جهان
تڏهن ئي نڪتئه نانءُ نشان
گهمئين پئي ڪهڙا اڳ۾ بن؟
چئي ڏيان سچ، ٻڌندين اومن. |