اپريل فوُل
1- اڄ جي هر اِنسان جي آ زندگي اپريل فوُل!
هر غمي اپريل فوُل آ، هر خوشي اپريل فوُل!
2- اڳ سدا يارن جي ياريءَ تي ڪبو هو ناز، پر
هاءِ اڄ بڻجي وئي آ دوستي اپريل فوُل!
3- اڳ محبت ۾ هؤس يا واسنا هر گز نه هئي،
اڄ ته هر هڪ راه آهي پيار جي اپريل فوُل!
4- عشق اڳ خاموش هو ۽ حسن پڻ هو ماٺ ۾،
اڄ ته آ ناز و ادا ۽ دلبري اپريل فوُل!
5- اڳ نه دولت جي هٿن ۾ پلجندو ايمان هو،
ڳالهه اڄ ايمان جي بڻجي وئي اپريل فوُل!
6- ورت، نيم ۽ پاٺ پوڄائون، سماڌيون ڍونگ آ،
اڄ بڻي ڀڳوان جي پڻ آرتي اپريل فوُل!
7- ڀل ته ڪو رواز رکي، ۽ ڀل نمازون ڪو پڙهي،
سچ ته اڄ ٿي پئي خدا جي بندگي اپريل فوُل!
8- ڪئن ڀلا ڪوئي ڪري ڪنهنجي زبان تي اڄ يقين،
ڇو ته بڻجي، پريم! ويو هر آدمي اپريل فوُل!
منهنجي سپنن جو ڀارت
زندگي مان ڪوئي بيزار نه ٿيندو جڏهين
ڪو به روٽيءَ ٽڪر لاءِ نه محتاج هوندو،
رت ڪٽورو ڏئي، ڀت جو نه ڪٽورو ملندو
صرف نالي ۾ نه آزادي ۽ سوراج هوندو،
جت حياتي جو نه زر ساڻ ئي مطلب هوندو
علم ناڻي جي ترازي ۾ نه ترندو جڏهين،
جت نه رپين بنا بي موت مري ويندي صحت
هٿ ٽنگي ڪو به نئون پيسو نه گهرندو جڏهين،
جت جهالت کي به تعليم گلي لائيندي
حق رسي ٿيندي مزورن ۽ ڪسانن جي جتي،
ڪم ڪندو گڏجي زمينن ۽ ملين جو مالڪ
هوندي قيمت نه غلاميءَ جي فسانن جي جتي،
فرق هوندو نه جتي زير زبر جي وچ۾
جت نه نوڪر ۽ نه مالڪ ۾ ڪوئي ڀيد هوندو،
جت منسٽر اچي ڳوٺن ۾ ڪندا گهر پنهنجا
عام جي پئسي لٽائڻ جي مٿان قيد هوندو،
اڻ پڙهيل کي نه جتي ڪار ۽ ڪرسي ملندي
بوُٽ پالش نه ڪندا بي اي جي ڊگرين وارا،
ڀوُت ٽئڪسن جو نه هر روز مٽائيندو لباس
جت مهانگائي نه رهندي، ۽ نه ڌنڌا ڪارا،
جت نه بي پردگي ليڙن مان ليئا پائيندي
جت نه فوٽ پاٿ مٿان عمر گذاريندو ڪو،
جت سڀاڻي جي ئي چنتا جي تتل کوري ۾
زندگي ڀر نه ڪڏهن پاڻ کي ڳاريندو ڪو،
منهنجي سپنن ۾ اِهو آهه سمايل ڀارت،
پريم! جنتا جي خوشيءَ لاءِ بڻايل ڀارت.
گوورڌن ڀارتي (1929)
سئنيٽوريم ۾ پهرين رات
رات جو پهريون پهر –
اوچتو
گل ٿي ويوُن برقي بتيون!…
چنڊ
پيلو چنڊ
ڏٻرو چنڊ
ڄڻ سلهه جو مريض،
دوُر –
اولهه جي اُفق ۾ ويو ٻڏي!…
۽
ستارا ڄڻ ته آهن سرد لاش
هيءُ ڪڪر ڪارا اُنهن جا ئي ڪفن!
دور –
چوڪيدار جي قدمن جي آهٽ
۽ هوا جي کونگهرن سان
خشڪ ۽ پيلن پنن جي کڙ کڙاهٽ
ٿا پون ساري بدن ۾ سيسراٽ!
مونجهه
گهٻراهٽ
نراشا
هاءِ، بي چئني
پريشاني
ڪجي ڇا…؟
ڇا ڪجي
بس زندگي بيمار آ
ڇا ڪجي
بس زندگي بيزار آ
ڇا ڪجي
بس، زندگي لاچار آ…!
………
رات
آڌي رات
هيءَ ڪيڏي انڌيري رات!
سانت
گهري ۽ ڀيانڪ سانت
زندگي ڄڻ مؤت جي فتوى ٻڌڻ لءِ
ساهه روڪي آ کڙي…
هيءُ صحت گهر آهه
يا شمشان آهه؟
ڇا مري ويا اوچتو سڀئي مريض؟
ڇا ڀڄي ويا دوُر، چوڪيدار ڀي؟
رات
آڌي رات
ڪا آهٽ به ٻڌجي ڪين ٿي
سانت
گهري سانت
ڪو ڀڻڪو به ٻڌجي ڪو نه ٿو
ڇا هتي زنده بچيو ڪوئي نه آ؟
(ڄڻ پڙاڏو ٿو اچي)
ڪوئي نه آ…
ڪوئي نه آ…
ڪوئي نه آ…
(چند منٽن لءِ خاموشي)
… … … …
(اَچانڪ)
ڪير آ،
هيءُ ڪير آ؟ -
جو گهور اوندهه مان اُٿي
مون ڏانهن وڌندو ٿو اچي
ڀوت وانگر آ ڀيانڪ، خوفناڪ!
دوُر ٿيءُ
ويجهو نه اچ
ويجهو نه اچ…
اوه، منهنجي نرڙ تي ڪنهن هٿ رکيو؟
هيءُ ڀنل ۽ برف جهڙو سرد هٿ!
دور ٿيءُ
ويجهو نه اچ
ويجهو نه اچ…
ڪير آ
هيءُ ڪير آ؟
جو ڄڻ ته لوهي بوُٽ سان
منهنجي بدن تي ٿو هلي!
هاءِ دم گهٽجي رهيو آ
ڄڻ ته ڇاتيءَ تي رکيل آ
سؤ مڻن جو بار
يا ڪوئي پهاڙ!
هاءِ ڙي، مونکي بچايو
هن ڀيانڪ ڀوت جي چنبن منجهان
مونکي ڇڏايو
ترس کائو
هاءِ ڙي، مونکي بچايو!…
… … … …
رات جو پويون پهر –
دل ٻڏي ٿي
ساهه ۾ پڻ مونجهه آهي
کنگهه ڏاڍو ٿي ستائي!
… … … …
هيڏو پگهر … …؟
هٿ ڏڪن ٿا
لڱ ڍرڪڻ ٿا لڳن
پر اوچتو
ڪجهه گهڙين لءِ
دل ٿي ڌڙڪي زور سان
اوچتو
پيٽ ۾ ٿو وٽ پوي،
ساري بدن ۾ سوُٽ ٿي پيدا ٿئي،
سيٽجي، اُڀري اچن ٿيون سڀ نسوُن!
کنگهه
سهڪو
کنگهه
سهڪو
کنگهه
اوڪارو –
- ۽ اُلٽي خون جي!
… … … …
مونجهه
گهٻراهٽ
نراشا،
هاءِ،
بي چئني
پريشاني
ڪجي ڇا؟
هت ته چئني طرف
گويا موت جو ئي راڄ آ،
ته به الائي ڪير
درڍ وشواس سان
هر گهڙيءَ مونکي پڪاري ٿو چوي:
”تون نه مرندين
تون نه مرندين
او مڌر محبوب شاعر،
تون نه مرندين !!…“
سرد سفر
سهائي رات
اڪيلو – ننڊاکڙو رستو…!
مريض خواب جان
رستي تان گهر ڪندي ٿي وڃي
اٿاهه بار سان ڀرپور
هڪ ڍڳي گاڏي…
پراڻي ريت يا روايت جان
ڍڳا به پاڻمرادو چُري رهيا آهن:
اٿاهه بار – ڄڻ ته غم آهن،
غمن جي بار مٿان ئي
ٿڪل ٽٽل گاڏير
مزي سان پير ڊگهيري ستو پيو آهي
حقيقتا
هوُ ڪڏهوڪو مري چڪو آهي،
آڻي رهي آ سرد رات
چاندني جو ڪفن…
اڄوڪي دؤر جو دستور
رات – رشوتخور آفيسر هئي
سج جي سي بي آءِ مخفي جاچ ۾
کيس سڳ سوڌو جهليو
۽ ڏينهن جي سرڪار جهٽ هنکي ڪيو ڊسمس،
تڏهن ڀي
رنج ٿي بلڪل نه رات،
هن لڪي سج کان
هلائي ڪنڊ ۾ ڪاري بزار،
هن مشيني دور جو دائم مريض
ننڊ جون گوريون وٺڻ لءِ
رات جي هٽ ڏي هليو
ننڊ جي گوريءَ جو ملهه
پئسا ستارن جا ٻه ٽي
هن رات جي هٿ تي رکيا!
رات نڪ موڙي،
گهنجائي منهن ڪيو اِنڪار –
ٿي لاچار ۽ بيزار ويچاري مريض
جئن افق جي تنگ ۽ ٽانڪي لڳل، کيسي منجهان
چنڊ جو رپيو ڪڍيو
تئن پشاچي رات
اک ٻيٽي
اڄوڪي دؤر جي دستور تي
مرڪي ڏنو!
خون
شهر جي شاهي سڙڪ تي
ڏينهن ڏٺي جو قتل ٿيو!
راهگيرن ڀي ڏٺو
ڀر ۾ دڪانن تان
منيبن، نوڪرن ۽ مالڪن –
مشغول هوندي ڀي ڏٺو
ليڪن وَڌي اڳتي نه ڪنهن
قاتل کي روڪيو يا جهليو!
قاتل –
مزي سان جهوُمندو ويندو رهيو
۽ لاش جي چوگرد
ڪئلين جان اچي ماڻهو مڙيا!
نيٺ –
پنهنجيءَ مهل تي
پنهنجيءَ سهولت
رعب ۽ انداز سان آيا سپاهي
۽ پڇا ٿي وئي شروع –
”خون ٿيو آ -؟“
”ها – برابر خون ٿيو آ“،
”ڪنهن ڪيو آ؟“
”قبلا! مون مسڪين کي ڪهڙي خبر.“
… …
”خون ٿيو آ - ؟“
”ها، يقيناً ٿيو آ“
”سچ ٻڌايو ڪنهن ڪيو آ“
”پاڻ کي ڪوئي پتو ناهي
اسين ڌنڌا سنڀاليون
يا سڙڪ تي چوڪسي رکندا رهون؟“
رت ٻڏل ڌرتي لڇي ٿي
آسمان ڦاڙي اکيون ڦٿڪڻ لڳي ٿو
۽ سڙڪ جو ساهه ٿو گهٽجڻ لڳي –
ڇو ته جن کي آ زبان
سي ڀو سبب خاموش آهن
۽ اُهي جيڪي ٻڌائڻ لاءِ آهن منتظر
تن کي زبان ڪانهي!
اَلا! هيءُ خون ڪنهن اِنسان جو ناهي
مگر هي خون آ - اَخلاق جو!
ارجن ”حاسد“ (1930)
غزل
(1)
1- دل لڇي پر نه چشم تر آهي
درد آهي ۽ هي جگر آهي!
2- ماجرا ڇاهي، حال هي ڇو آ؟
آهي آهي مونکي خبر آهي!
3- ٺيڪ منهنجي اکين جي سامهون ئي،
هي جو لٽجي ٿو، منهنجو گهر آهي!
4- دانهن ڪهڙي ڪجي؟ ٿو ڪير ٻڌي؟
سڀ هتي ڪرڻو درگذر آهي!
5- صرف روٽيءَ ٽڪر جي لءِ، اي دوست!
اڄ جو اِنسان دربدر آهي!
6- ڪوئي ڳولهي خوشي ته ڏيکاري،
هت ته غمگين هر نظر آهي!
7- هن نئين يگ جي شام ڇا ٿيندي؟
خون ۾ تر جي هئن سحر آهي!
8- ڪجهه ته، حاسد! تون دل کي ڏاڍو ڪر،
ظلم سهڻو هي عمر ڀر آهي!
(2)
1- ڇڏ، اسان جي خبر نه پڇ، اي دوست!
حال دل ۽ جگر نه پڇ، اي دوست!
2- سمهندا فٽ پاٿ تي ڏٺا هوندءِ،
پنهنجو ڪهڙو آ گهر، نه پڇ، اي دوست!
3- ڪڻڪ ڳاڙهي ۽ مڱ ڦليءَ جو تيل،
دال جو اگهه مگر نه پڇ، اي دوست!
4- بيوسيءَ خودڪشيءَ جي راهن تي،
زندگيءَ جو سفر نه پڇ، اي دوست!
5- ذات اِنسان جي، ۽ قتلِ عام،
ڪر کڻي درگذر، نه پڇ، اي دوست!
6- دين منهنجو ۽ ڇا ڌرم منهنجو؟
شرم ڪجهه ئي اگر، نه پڇ، اي دوست!
7- ملڪ منهنجي آبرو، حاسد!
ڳالهه مون سان نه ڪر، نه پڇ، اي دوست!
(3)
1- تو ڪنهنجي تصوير ڏٺي پئي،
يا پنهنجي تي سونهن پسي پئي!
2- گهوُري گهوُري آئيني ۾،
ڇا تو مرڪ جي مهڪ سنگهي پئي؟
3- آڏيون اُبتيون ليڪوُن پاٽيهءِ،
من ۾ تنهنجي چڻنگ دکي پئي!
4- ساهه کڄيهءِ ٿي تڪڙو تڪڙو،
ڇاتيءَ ۾ ڪا لهر اُٿي پئي!
5- مون چپ چاپ نهاريو ٿي، تو
وار سنواري سينڌ ڪڍي پئي!
6- هن دنيا ۾ هر ڪنهن، حاسد!
ڪئن ڪئن دل جي ڳالهه چئي پئي!
(4)
1- اِئن ته توسان آ ڪيڏي پنهنجائي!
ڳالهه چوندي ٿي پو به لڄ آئي!
2- اهڙو چؤڻو هو نيٺ ڇا، جو مان
چوندي هٻڪيس ۽ هوءَ شرمائي!
3- ڪيڏو ڳؤرو لڳو ٿي سناٽو!
ڪي گهڙيون دل جي هيءَ اڪيلائي!
4- چاهه گهرو چڀي آ ويئي، نه ته
ايڏي چهري تي ڇو آ لالائي!
5- تنهنجي اکڙين ۾ اڄ نه رونق آ،
آهه لڄ کي به پنهنجي سرهائي!
6- لڳي ٿو اڄ وري به ڳالهين ۾،
ڳالهه ڪالهوڪي مون آ دهرائي!
7- تو لءِ واجهائي، ڇاکون، حاسد! مون
اَهم پنهنجي کي چوٽ پهچائي!
(5)
1- نظر بچائي نهارن ٿا مهربان چهرا!
ڏسان ٿو روز ڪي اهڙا نوان چهرا!
2- لڳائي بندي نرڙ تي ۽ چست چوٽو ٻڌي،
اچي ٿا ڀيڙ ۾ ٽڪرن هتان هتان چهرا!
3- دڪان هِن تي ۽ هُن تي چٽيا رکيا آهن،
ملن جي سستا ڊزن کن ڳنهي وٺان چهرا!
4- چپن تي طنز ڀري اهڙي مرڪ ٿا آڻن،
وٺن ٿا ڄڻ ته ڏکيو ڪنهن کان امتحان چهرا!
5- ڪچلجي راه ۾ بي موت جي مئا آهن،
ڪڏهن ته جئرا ٿي پوندا سي بي زبان چهرا!
6- رکن ٿا موُن ڪي، ۽ ڪي ٿا صرف ڀاشڻ ڪن،
گمان ڪيڏا اُٿارن ٿا بي گمان چهرا!
7- مٽائين تون به ته ٿو روز ڪيترا، حاسد!
لڌا تو ايترا آهن ڪٿان ڪٿان چهرا!
(6)
1- مان رلان جنهن لءِ اُهو پاڻ ٿو مون لءِ ڀٽڪي!
ڪير ڄاڻي ته هتي ڪير ٿو ڪنهنکي ڳولهي!
2- چاهنا پنهنجي نگاهن جي ٿي ڳولهڻ چاهيم،
پر ٻڌم، ڪجهه ته ٿي ڀڻ ڀڻ ۾ چيو آئيني!
3- ڳالهه ٿوريءَ کي وڏو آهه بڻايو مون ئي،
هئن ننڍي ڳالهه ڀلا ڪير ٿو ڪنهنجي سمجهي!
4- ڪنهن پرائي کي ڏيڻ چاهي ٿي مون پنهنجائي،
اهڙي پرچيز اَجائي، ڪوئي ڪنهن کان ڇو وٺي!
5- اچ ته ٻڪ ۾ ئي ڀري پيئندا وڃون خاموشي
شور هيڏي ۾ ڪٿي ڳالهه ئي وسري نه وڃي!
6- مون رهي گڏ آ ڏٺو ڪنهن ته اڪيلائيءَ سان،
صرف هاڻي ٿي اُنهي جي ڪا سڃاڻپ گهرجي!
7- رات هڪ اڄ جي ئي ڀٽڪڻ لءِ ملي آ، حاسد!
شهر هن ۾ ئي ڏسون: ڪير ٿو ڪئن ڪئن جاڳي!
ڇا ڇا آڇون!
ڇا ڇا آڇون، ڇا ڇا وڪڻون؟
ٽهڪ به آهن، لڙڪ به آهن!
1- لڙڪ جي وٺندا، ملهه ڇا ڏيندا؟
آنسن کي ڇا ۾ توريندا؟
ياد کي ڏيندا جاءِ به دل ۾
يا ڪنهن جا سپنا ٽوڙيندا؟
پياسا آهيون، پيار لءِ تڙڦون!
2- ٽهڪ نه هر ڪنهن کي ايندو آ،
ڀاڳ هي ڪنهن ڪنهن جو ٿيندو آ،
هر ڪنهن جي وس ٽهڪ نه آهن،
پاڳل ئي اڪثر ڏيندو آ،
ڪير ڳڻي ڳالهيون پاڳل جون!
3- احساسن جو سؤدو آهي،
ڏيندو وٺندو ڪو ڪو آهي،
جن وٽ آ احساس ڀري دل،
تن کي ڏيڻو وٺڻو آهي،
ڪس ڪسر لءِ ڪهڙو سوچون!
هولي آئي
آئي آئي هولي آئي!
ڦاڳ ڦٽو، موسم لهرائي!
1- ڪليءَ ڪليءَ تي جوڀن آيو،
مکڙين منهنجو من ڀرمايو،
ويٺي ويٺي نيڻ جهڪيا اِئن،
ڄڻ تو مرڪيو، مون شرمايو،
دل جي اڌمن دل ئي دل ۾،
گويا آهي آگ لڳائي!
2- اڄ ڄڻ سڀ ماڻهو اَلبيلا،
مرڪ چپن تي، نيڻ نشيلا،
هر ڪنهن جي هٿ ۾ پچڪاري،
هر ڪنهن جا منهن ڳاڙها پيلا
سڀني جي چهري تي رونق،
سڀني جي دل ۾ سرهائي!
3- لابارا آهن کيتن ۾،
هاري ناري سڀ اُمنگن ۾،
ياد نه ڪنهنکي اڄ مجبوريون،
سپنا سڀني جي نيڻن ۾،
ٻانهن ۾ ڪنهنجي چوڙيون کڙڪن،
ڪنهن جي اک آهي شرمائي!
باغي
مونکي شاعر ٿي سڏين؟ - منهنجي اُڏائين ٿي مذاق،
اڄ کان شاعر نه، مان باغي آهيان!
حسن تننجي تي فدا ڪين مان ٿيندس هاڻي،
هاڻي توسان نه محبت آهي،
تنهنجي زلفن سان، ادائن سان، نگاهن سان هاڻ،
ڪائي رغبت نه ڪا چاهت آهي،
منهنجي خوابن ۾، خيالن ۾، ۽ ارمانن ۾،
ڪي به آهي، ته بغاوت آهي!
ديس هن کي مان سڏيان ڪئن پنهنجو؟ -
بت اُگهاڙا ۽ بکيا پٽڪن جت،
ڀور روٽيءَ تي وڪامي عصمت،
ڌرم ۽ دين ٻئي اٽڪن جت،
جت گلي ڪوچي ۾ پلجي غربت!
هتي حاڪم به ٿا کائن رشوت!
ڊاڪو آهن، هي ته افسر ناهن،
هت پٽيوالا پتائن سؤدا،
ڪير چوندو ته هي دفتر آهن!
در تي موٽو هي محل ڪنهن جو آ؟
ڪنهن ته اڳواڻ جو سالو هوندو،
هي ته مالڪ جو ڪو نوڪر آهي،
شان آقا جو نرالو هوندو!
هي ٿلها ڳل، هي ٿلها پيٽ وڏا،
نيڻ بي نوُر، هوُ پيلا چهرا،
ديس منهنجي ۾ اِئين ڇو آهي؟
ديسواسي ته سڀي هڪجهڙا!
سچ پڇين مون کي ته هن ديس کان نفرت آهي،
ڀلي پو مونکي تون غدار سڏين،
ترس، شايد مان ڪا غلطي ٿو ڪريان، سوچڻ ڏي!
ها، هوا زهر هتان جي آهي،
هتي کيتن ۾ حسد اُپجي ٿو،
تنهنجي ۽ منهنجي دلين ۾ اڄ ڪلهه ساڙ ۽ وير رڳو
پلجي ٿو،
خود غرض هرڪو هتي، هرڪو وطن جو دشمن،
متان تون ڪنهن کي وفادار سڏين!
هي ڪلارڪ، ۽ هي هاري مزدور،
هي سڀي منهنجا ئي ساٿي آهن،
جن جي چهري تان پسينو ٿو ڳري،
باغي آهن، ها، هي باغي آهن!
رات جو ويلو نه جن کاڌو هو،
اک گهڙي ڀر جي لڳائي نه سگهيا،
ڏسين ها رات گذاري ڪئن تن،
ٿڪ کان جي ننڊ ڦٽائي نه سگهيا!
جن جو هن ديس تي ڪو حق ناهي،
ڇا ڪندا نيٺ، بغاوت ئي ڪندا،
جي سندن حق به ڦٻائي ويٺا،
تن سڀن سان، ها عداوت رکندا!
نه هي گوتم جو، نه هي گانڌيءَ جو،
هت نه سچ، ۽ نه اهنسا آ ڌرم،
هت صدين کان، ها سوَن سالن کان،
پئسو ۽ پئسي جي پوڄا آ ڌرم!
ديس هن، ههڙي حڪومت جي لءِ،
ڪجهه به چئجي، ته ڀلا ڇا چئجي؟
ڪيسين چپ رهجي ۽ ڪيسين سهجي؟
ٿيندو بهتر ته بغاوت ئي ڪجي،
زهر ڍڪ ڍڪ ڪري پئجي، تنهن کان جام هاري ڇو نه باغي
بڻجي؟
خط
هيءُ خط
جيڪو هاڻ ڀڄي ڀري پيو آهي
ڪاغذ جو رنگ به اڏامي ويو آهي
ته مس جو پڻ
ٺيڪ اِئين جئن منهنجن جذبن جو
توهان شايد هاڻ پڙهي به نه سگهندا هيءُ خط
پڙهي ويندا به، ته سمجهي نه سگهندا
وقت سان گڏ ڀاشا جو ملهه ۽ ماڻ به ته بدليو آهي!
پنهنجي ويرانين جو بيان ڪيو آهه هن
۽ مون تي بيوفائي جو اِلزام مڙهيو اٿس
اِن الزام تي زندگيءَ جي آخرين گهڙيءَ تائين
ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ئي
سانڍيو آهي مون هيءُ خط!
ڪنهن جڳهه جو ذڪر ڪندي لکيو اَٿائين
ته اُتي پهچي اسان جي به ياد ته آئي هوندءِ؟
منهنجي يادگيرين ۾ ته اُن جڳهه جي ڪا سڃاڻپ به نه
آهي
پيار شايد ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ ئي پاڻ پسندو ۽
پرکيندو آهي
منهنجو ساڻس پيار رهيو به آهي يا نه
هن ته مونکي ههڙي خط لکڻ جي قابل سمجهيو آهي!
هن خط جو هڪ هڪ لفظ ياد آهي مونکي
ايترا دفعا پڙهيو آهي مون هيءُ خط
اڄ منهنجي وڏي پوٽي جي هٿ ۾ آهي
-
ڪتان ملي ويو هوندو کيس –
مان نشچنت آهيان
هوُ پڙهي نه سگهندو!
موهن ڪلپنا (1930)
اجنتا
پهاڙن ۾ غفائون هي اَجنتا جون
ورق اتهاس جا آهن،
ڪلا جي روپ ريکا ۾
ڊٺل ۽ ڪجهه سلامت ڪي
زماني جون ڪلاميه سوکڙيون آهن!
زمانو ٻڌ ۽ انجي فيلسوفيءَ جو
کڻي اکڙيون تڪي پربت جي آنچل مان
سڏي ٿو اَچ – سڏي ٿو اَچ
ته توکي مان پسايان ”وقت“ جو چهرو
جو گذريل حال لءِ آهي
ڪتابن لئه ۽ دنيا لئه
مگر جو اڄ به زنده آ
اجنتا جي غفائن ۾
چمڪ جنهنجي آ اکڙين ۾
چپن ۾ مشڪ گوتم جي
نرڙ ۽ آزمودي جون
تجربي جون پيل ليڪون
سلن ٿيون راز جيوت جا
منش جي ساڌنا تپ جا
ڏين سنڌيش ٿيون نرموه
۽ نشڪا منا جا جي! |