سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :18

مان اُنهن مان هوس

مان اُنهن مان هوس

صبح سوير چانهه چانهه پڪاريندي

شروع ڪندا هئا ڏينهن جيڪي

ڊوڙي ڊوڙي ۽ -

سهڪندا سهڪندا –

بلڊ پريشر وڌائيندا

پهچندا هئا آفس.

 

مان اُنهن مان هوس

وقت جا سڀ سڌانت پاليا

سختيءَ سان جن، پر –

هر سڌانت ڪري ويو

جنجي هستيءَ کي

وڌيڪ پولو، وڌيڪ چگهيل.

 

مان اُنهن مان هوس

نسوُن لرزنديون نه –

هيون جنجون، گهرر –

گهرر آواز ئي ڪنديون هيون

هڪ مشين وانگر

۽ جئڻ جو هڪ بي ڊؤلو وَڪرڪش

احساس ڏيئي وينديون هيون.

 

مان اُنهن مان هوس

جي هستيءَ جي نبض جاچيندا رهيا

ڪڏهن به محسوس ڪين ڪيائون ليڪن

زندگي جو ڇهاءُ اُن ۾

۽ ٽنڪچر پيئندا رهيا.

 

مان اُنهن مان هوس

ننڍيون ننڍيون معمولي معمولي

چيزون ٿي پيئون –

جن لاءِ، سوال زندگيءَ ۽ موت جو.

 

مان اُنهن مان هوس

جنکي خبر نه هئي

ڇو، ڇالاءِ آهيون اسين، ۽ -

پاڻ وڃائي پاڻ کي ڳولهڻ لڳا.

 

اُنهن مان هوس مان

جنکي خبر به نه پيئي، ۽-

مري ويا.

 

حصن ۾ جيون

مون ڪيترا خارج جذبا

ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن

مان ڪوي ٿيس ته ڇا ٿيو!

هڪ سچ ٻڌايان توکي

جي همٿ ٻڌين –

تون ايندينءَ، ٽڙي پوندو.

منهنجو چهرو خود بخود

مگر خوشي مهسوس نه ڪندس مان

تون وينديءَ ته

مايوس ٿي ويندس مان

پر غم محسوس نه ڪندس

ڪجهه بجلي بٽڻ جيان حالت آ

ڪير به آنِ ڪري، روشني ٿيندي ئي.

 

تنهنجي جدائيءَ ۾

هڪ ڀيرو به خيال نه آيو تنهنجو

مان خوش آهيان

ٻين سان

جئن توسان هوندو آهيان

۽ ائين

هن هُن سان مشڪي کلي

مون حصن ۾ جئڻ –

سکي ورتو آهي.

 

آتم – سويڪرتي

هر غير سهوليت

هراسيو آهي مونکي

مون هميشہ

پهاڙي پيچرن کان پاسو ڪري

روڊن جو سهارو ورتو آهي.

ايمانداريءَ جا نعرا هڻندي

پيٽ هميشہ مونکي

راڄنيتي سيکاري آهي.

ڪارن سچن کي لفظن ڏيڻ جي ڪوشش ۾

مون لفظي واپار ڪيو آهي

۽ مئنرس جي لپسٽڪ

وڌيڪ ۽ وڌيڪ

گهري ٿيندي ويئي آهي،

جنهنجو وهنوار چقمق جي بار[1] آهي

جنهنجا ٻه پول – سوڄ ۽ ڪرڻ

هڪ ٻئي کي ڇڪين ته ٿا

پر ملي نٿا سگهن ۽ مان وچ ۾ پيدا ٿيل

شڪتي جي داٻ هيٺ

وڌيڪ ۽ وڌيڪ

دٻجندو ٿو وڃان.

 

صرف ٻاهران

اَندر

گهر سڄو

روشن روشن

ٻاهر

چانئٺ تي

اونده اونده

هيءُ مڪان

شخص جو

مجسم ضد ٿو لڳي.

 

نامديو تاراچنداڻي (1946)

آڀاوُ

ڪارن وارن ۾ لڪيل ٻه ساوا ڦل

سيءَ ۾ ڏڪن ٿا

گرميءَ جي اَڀاوَ ۾

ٿڌڪار جي اڀاوَ ۾

مون وٽ

گرمي به آهي، ٿڌ پڻ

پر نه آهن ڪارا وار ۽ ساوا ڦل

ڇو ته

مان – ”مان“ آهيان

ڪارا وار – ڪارا وار آهن

ساوا ڦل – ساوا ڦل آهن

مان سڀيه آهيان

(ڪاش مان ڪوئي جهنگلي هجان ها!)

افسوس جو باقي دنيا جهنگلي آهي

پر پوءِ به هڪ سنتوش آهي

ساوا ڦل ڏڪي رهيا آهن اڃان

ڪارا وار پڄري رهيا آهن اڃان

ڪڏهن نه ڪڏهن

منهنجي سڀيتا به برف ٿي ويندي.

پڇتاءُ

هن کي ڦاسيءَ جي ڦندي تان

هيٺ لاٿو ويو

منهن تان ڪارو ٽوپ لاهي

هن مونجهه محسوس ڪئي

مرڻ لاءِ تيار ٿيڻ کانپوءِ

هن کي ڪوٺڙي کان ٻاهر ڪڍيوويو

هن تي ڌريل الزام واپس ورتا ويا

کيس باعزت رها ڪيو ويو

ڪوٽ کان ٻاهر نڪري

هو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو

روئڻ لڳو

آسائتين اکين سان

هن منهن ورايو

هاڻ شينهن جا دروازا

اندران بعد ٿي چڪا هئا

هن سوچيو

آخر هن وري ڪهڙو گناه ڪيو هو؟

 

جنم ۽ مرتيو

موت

غير قدرتي

۽

هميشہ بيوقتائتو آهي

آپگهات

ڪمزوري آهي

هتيا

آڊمبر

بليدان

بيوقوفي آهي

حادثو

پر پنچ آهي

بيماري

تماشو آهي

۽ جنم

هڪ واهيات مجبوري!

 

وقت

هاڻي اسان کي

ٻاهرين شتروُءَ جي

ڪابه ضرورت نه رهي آهي

دکي ٿيڻ لاءِ

اسان منجهه اُنهن جو انداز ڪافي آهي

اتيت جي ڀيانڪ کِڻن

ورتمان جي کسڪندڙ گهڙين

۽ ڀويشيه جي نراس لمحن کي ملائي

زندگي اسان

بيٺل گهڙيال جيان ڪري سگهيا آهيون

ضرورت وقت ڪانٽا ڦيرائي

ڪڏهن به کلي سگهندا آهيون

ورنه ڪو به وقت

اَسان جو پنهنجو نه آهي.

 

هڪ صلاح

سلامتيءَ جا سڀ پهرا

ڪنهن انڌي کي سونپيو

توهان جون سڀ شۡڪايتون

ڪنهن ٻوڙي کي چئو

پنهنجي بي حال حال جو حل

ڪنهن گونگي کان پڇو

يا

توهان جون سڀ چنتائون

ايشور کي اَرپيو.

آتم هتيا ڪرڻ کان اڳ

ترسو

ووٽنگ ويجهي آهي

پنهنجو پويتر فرض نڀائيندا وڃو

توهان تي نه سهي

توهان جي پوين تي ڪير راڄ ڪري

اهو طئي ڪندا وڃو

۽ ان لاءِ

پنهنجن ٻارن اڳيان

پڇتاءَ جو اظهار ڀل ڪري ڇڏيو.

 

اِسم عام

هوُ اسم عام آهي

هنجي ڪابه خاصيت نه آهي

هوُ ڪٿي به ملي سگهي ٿو توهان کي

هوُ ڪروڙ ماڻهن جي ڀيڙ ۾

ڪهڙي به ويس وَڳي ۾

ڪپڙن جو ڪو به شرط نه آهي

ڪهڙي به گهر ۾

ڇت در – ديوارون ضروري نه آهن

ڪنهن به ڪٽنب کي

ڀاتين جو جتي عدد هڪ به ٿي سگهي ٿو

هنجي ڪابه ڀاشا نه آهي

ٽٽل ڀڳل لفظن جي سهاري ٿاٻڙجندو آهي

هنجو هڪ ملڪ نه آهي

ملڪان ملڪ موجود آهي ويچارو

هنجو ڪو مخصوص مذهب نه آهي

ڪنهن به پيغمبر سان نباهي نه سگهيو آهي پوُرو

هنجو منڪر هئڻ به ڪا واقفيت نه آهي هنجي

هنجي انسان هئڻ ۾ به

شڪ جا اهڃاڻ مٽيا نه آهن اڃان

نامديو هنجو نالو نه آهي

اِتفاق آهي

هنجو هئڻ

ڪجهه آهي به نه

هوا جو هڪ جهونڪو آهي

اَجنبي

هر ڪروڙ ماڻهن جي ڀيڙ ۾

اِهو نالو ڪيترن جو به ئي سگهي ٿو.

 

منهنجو شخص

منهنجو شخص

سکيو آهي روئڻ

اتهاس کان

جو يڌ جي هر خالي ميادن تي

هوُ وڙهيو آهي پاڻ سان –

هر گهڙيءَ.

منهنجو شخص سکيو آهي چپ رهڻ

ڌرم کان

جو

شانتي – شانتي – شانتيءَ کان وڌيڪ

اُن جي وَهي ويل ٻڪ ۾

ڪجهه بچيو ئي ڪو نه.

 

منهنجو شخص

سکيو آهي مسڪرائڻ سڀيتا کان

۽ فقط اُن هڪ ئي ناٽڪ ۾ اهو

ڪامياب ويو آهي.

هاڻ اهو هر سڃاتل چهري کي

کيڪاريندو آهي

موٽ جي پرواه کان سواءِ.

 

صلاح

اچو

هن ڍير مان

پنهنجو لاش سڃاڻون

۽

پنهنجي پسندگي واري شمشان تائين

ڪلهي تي کڻي

ڪريون شمشان ياترا.

 

هن طرف سائين

هيءُ رستو سولو آهي

جلدي پهچي وينداسين.

 

ايلرجي

ڀائوُ

مونکي وشواس جي ايلرجي آهي

توهانجي هر ڳالهه

مان (ڄڻ) ڌيان سان ٻڌندس

منهنجو ڪنڌ به لڏندو

منهنجو من به لڏندو

پر مان توهان کي چوندس ڪو نه

مان توهانکي دوکو ڏيندس

”توهان برابر آهيو“

    …    …

    معاف ڪجو

مان توهان جو ننڍو ڀاءُ آهيان،

 

سچ جي سزا

سچ جي سزا مقرر ڪرڻ لاءِ

ڪي مدبر گڏ ٿيا

ڀڻ ڀڻ شروع ٿي

کيس…

-         سوسائٽيءَ مان نيڪالي ڏيو.

-         اَسڀيه جي اُپادي ٿو پيو –

-         نابالغ قرار ڏيئي بالغيءَ جي فائدن کان محروم ڪريو.

-         ٻڍن جي قطار ۾ شماري آشرم حوالي ڪريو.

-         ڊڄڻن ۾ شامل ڪري اونده ۾ پوريو.

سڀا هلندي هڪ باندر دريءَ مان ٽپي چيو:

”هئنڊس اَپ.“

سڀ وائڙا ٿي هٿ مٿي ڪري اُٿي بيٺا

”ڪو به هٿ هيٺ نه ڪري –

سچ جي اِهائي انتم سزا آهي.“

موهن ديپ (1948)

هڪ، ٻه، ٽي

(1) گئس تي

جو کن تو اڳيان آهيان

سي کن مان

جئان ٿو.

باقي وقت مان گئس تي آهيان.

(2) بير جي گلاسن مٿان لنگهندڙ

هيءَ اڪيلي، اُداس، اَرٿ هيڻ زندگي

صبح جي

چانهه جي ڪوپ کان

رات جي

کير جي ڪوپ تائين

بير جي گلاسن مٿان لنگهندڙ

ڪا هڪ حسين گهڙي به نه ئي ڏي!

(3) منهنجي پاڇي جو هڪ حصو

وقت جي گاڏيءَ جي

دروازي تي

بيٺل، مان ۽ مون پٺيان

منهنجن ويچارن جي، مٿتي ٽنگيل

ٽيوب لائيٽ.

اُنجي روشنيءَ سبب

۽ گاڏيءَ جي رفتار ڪري

ريل جي پٽن تي

ڪريل – ڊوڙندڙ منهنجي پاڇي جو هڪ حصو.

مان به پاڇو،

ڪنهن تي، ڪو به تاثير نه ڇڏيندڙ.

 

اچ – وڃ

پيار تي مونکي

وشواس نه آهي.

مونکي وشواس تي وشواس

ڪو نه ٿو ٿئي.

اِهي لفظ،

ٻڌان ٿو،

زندگيءَ ۾ هوندا هئا –

زندگيءَ مان ڪهاڻين، ناولن،

ڪويتائن ۾ ويا.

مونکي پر

لڳي ٿو

ڪهاڻين، ناولن، ڪويتائن ۾

اهي لفظ هوندا هئا

جتان زندگيءَ ۾

هڪ ٻئي سان ونهوار رکڻ لاءِ –

سوارٿ ونڊڻ لاءِ –

ٺڳڻ – ٺڳجڻ لاءِ

موٽي آيا آهن،

ڀڳوان به هوندو هو –

ڇو نه آهي هاڻ؟

مان ڪنهنجي سهاري زندگي ڪاٽيان،

ڀڳوان! تون ڪئن غائب ٿي وئين؟

 

ڪرت جي ڦرت

اڪثر سرڪاري عريضين ۾

ٻه

ڪالم – ڌنڌو ۽ ذات.

جاهلن کي سڌ نه آهي ته

ذات ڪرت سان جڙيل آهي،

ڪرت ڦرڻ سان

ذات به ڦرڻ لازمي آهي.

 

راڄنيتيءَ ۾ ڌنڌو

ڌنڌي ۾ راڄنيتي ملي جلي

هڪ ٻئي جي اصلي ذات

۽ ڪرت

ڦيرائي چڪا آهن.

دوائون وڪڻندي ڊاڪٽر

ڪيمسٽ بڻجي ويا آهن ۽

اِنسٽنٽ ڪيوُئرس ٺاهي

دوا ڪمپنيون

ڊاڪٽر بڻجي ويون آهن.

پوليس گناه،

ڪلا جي راڄنيتي،

وزيرن جي چمچاگيري

۽ راڻيءَ جو ووٽن لاءِ بيک.

اڄ بيکاري به

ووٽ ڪندا آهن، پرجا تنتر جي سمانتا ۾.

(سنڌيءَ ۾ ليکڪ، پاٺڪ ۽ پاٺڪ ليکڪ آهن!)

ذات پات جو ڀيد ڀاو ختم ٿي چڪو آهي

هاڻي Isms جو وارو آهي.

 

ڪئنٽين ۾

ٻي ڪئنٽين ۾

بيهوديون شڪليون –

هڪ ٻئي جي ريزي ۾ اک رکندڙ ڪلارڪ

فراخدليءَ جو ڍونگ ڪرڻ وارا

نوان واقفڪار.

گهر جو گرم کاڌو ۽ ٿڌي زال ياد ڪندڙ ٻڍا –

اڌ ٻڍا

ٿڌو ٽفن کوليندي، کائيندي

گرم لڳندڙ ڪلارڪ ڇوڪرين کي

ڏسندي

مٽڪي ۾ ايندڙ انگ تي ڊسڪس ڪندڙ.

هٿ ڍلو.

چٻڻ آهستي.

ڳالهائڻ ۾ تيزيءَ جي عدم موجودگي

اکين ۾ اُتساهه جي چمڪ

خلاص ٿيندڙ بئٽري…

هيءَ ڪئنٽين ڄڻ پوسٽ مارٽ۾ ڏسي رهي آهي

سرڪاري عملي جو.

پنهنجن سپيريرس جون دٻون کائيندي

تيز ڪم (ڪڏهن ڪڏهن)

شروع ڪن ٿا

ڄڻ هڪ مرض جا مريض

ٻئي خطرناڪ مرض جا سمپٽس ڏسي

همٿ ڪري

اُٿي ڊاڪٽر ڏانهن وڃن.

ڍولڻ ”راهي“ (1949)

ٻه وايون

(1)

مونکي تنهنجي تات – اَزل کان آهي، ڍوليا…!

1-     رئندي گذري رات – مٿان پرڀات

اچي ٿي ڪاهي، ڍوليا…!

2-    آءُ برهه جي بات – ڪريون هر رات

رسڻ ۾ ڇاهي، ڍوليا …!

3-    تڙڦائي جذبات – لڇائي لات

جئڻ جس ناهي، ڍوليا …!

4-    سوُرن جي سوغات – ڏکن جي ڏات

ڏني تو آهي، ڍوليا …!

5-     نينهن نه ٿيندو مات – نه ٿيندو مات

ڀلي جڳ چاهي، ڍوليا …!

مونکي تنهنجي تات – اَزل کان آهي، ڍوليا!

لنوَ لنوَ ۾ پڻ لات – اَزل کان آهي، ڍوليا!


 

(2)

قول ڪيئه، جي، ياد ڪجانءِ،

او اچجانءِ!

پوپٽ جان اُڏري آءُ، جيءَ ۾

گل جان جايون ڏينديسانءِ،

او اچجانءِ!

بدن بڻائي سرکنڊ – سيجا

وارن ساڻ ڍڪينديسانءِ،

او اچجانءِ!

وَل جان وڪڙي، جيءَ سان جڪڙي

ساهه اَندر سانڍينديسانءِ،

او اچجانءِ!

تولءِ بڻجي رات جي راڻي

وک وک کي واسينديسانءِ،

او اچجانءِ!

مونکي پتنگ جيان عرش اُڏائج

ڏور مگر ڏاڍي جهلجانءِ،

او اچجانءِ!

ميڻ بتيءَ جان رجندي رجندي

جيءَ کي جرڪائينديسانءِ،

او اچجانءِ!

سپ جان سانڍي بوند پيار جي

مٺڙا! موتي ڏينديسانءِ،

او اچجانءِ!

سرها سرها سواس گلابي

گهڙيءَ گهڙيءَ گهورينديسانءِ،

او اچجانءِ!

ڪيڏيون ڳالهيون سانڍيم تو لءِ

ساري ارت سلينديسانءِ،

او اچجانءِ!

توکي ساري روز پڪاري

دل جي ڌڙڪن، جيءَ جي جهانءِ،

او اچجانءِ!

 

غزل

تنهنجي نظرن ۾ ئي برو آهيان

ور نه سڀ ٿا چون چڱو آهيان!

مونکي تو ئي نگاه مان ڪيريو

تنهن لءِ جڳ ۾ ٿيو ڏٺو آهيان!

اي پرين! مان تلاش ۾ تنهنجي

پاڻ کان دوُر ٿي ويو آهيان!

توسان اهڙي ته آشنائي ٿي

لوڪ لءِ اجنبي بڻيو آهيان!

مون ڏي حيرت منجهان تڪين ڇو ٿو؟

مان ته تنهنجو ئي آئينو آهيان!

منهنجي دل آ سراءِ سوُرن جي

بي اَجهن لاءِ ڄڻ اَجهو آهيان!

سنگدل مون کان بدگمان آهن

درد وارن لءِ دل – گهريو آهيان!

نانوَ، آڪار، رنگ کان پرتي

مان ته صدين جو سلسلو آهيان!

اڄ تماشائي سي گهٽيون آهن

جن ۾ ٻچپڻ کان مان پليو آهيان!

 

نئون جهان

آءُ اَڏيون، اي ڀاءُ! اسين اڄ گڏجي نئون جهان!

تن پالڻ لءِ تن جو سودو، ڌن تي ٿئي اڄ من جو سودو،

هن واپاري دنيا ۾ ٿئي، هاءِ! ڪلا ۽ فن جو سودو،

آءُ اَڏيون، اي ڀاءُ! اسين هڪ اهڙو نئون جهان،

ڳڀي ڳڀي لءِ ڪين ڳهي جت بکيو ڏکيو اِنسان!

اڄ مذهب نفرت ڦهلائي، اُلفت کي ڪلفت ڳرڪائي،

عصمت تي وحشت ٿي غالب، غربت کي طاقت ڌمڪائي

آءُ اَڏيون، اي ڀاءُ! اسين هڪ اهڙو نئون جهان،

مذهب جي ڪوٽن ۾ قيدي هجي نه جت ڀڳوان!

هاءِ! غريبن جي مجبوري، روز سهي ڌن جي مغروري،

قدم قدم تي دوکو، جوکو،

رت جي رت کان ڪيڏي دوري!

آءُ اَڏيون، اي ڀاءُ! اسين هڪ اهڙو نئون جهان

جت هرڪو پنهنجو حق ماڻي، سڀڪو هجي سمان!

هن دنيا جو سنگ پراڻو، روُپ پراڻو،رنگ پراڻو،

ريتيون، رسمون، راڳ پراڻا، آهه جئڻ جو ڍنگ پراڻو،

آءُ اَڏيون، اي ڀاءُ، اسين هڪ اهڙو نئون جهان،

جت نه رواجن تي اِنسانن کي چاڙهن ٻليدان!

    ڀائرن سان ڀاءُ ٿيڻ ڏي!

ڇا فرمايهءِ؟

ڪوڙ نه ٻوليان؟

رشوت دوکي کان منهن موڙيان؟

ڇڏيان ملاوٽ

سؤدي سان ايمان نه وڪڻان؟

ليڪن تو وٽ

اِن جو ڪوئي آهه جواب ته –

مونکي ڇا لءِ قدم قدم تي

ٺڳيو وڃي ٿو؟

ڀرشٽاچار جا ڪُن چوڌاري

سمنڊ ۾ رهندي

ڪيئن پسڻ کان پاڻ بچايان؟

واگهن سان ڪئن وير رکان، ۽

ڪيئن ڪنن کان پاڻ ڇڏايان؟

مان ڀي سمنڊ جي لهر بڻيس جي

ڏوهه ڪيم ڇا؟

ڪوڙ ڪپٽ جي چڪر ويوهه ۾ گهيريل آهيان

پاڻ بچائڻ لاءِ

ڪو روَن ساڻ ڪيم جي ٺاهه ته

ڪوئي ڏوهه ڪيم ڇا؟

ڪورو ڪي ڌاريا آهن ڇا؟

پنهنجا ئي مٽ مائٽ آهن

جي منڊن جي ملڪ ۾ رهندي

مون به رکي هڪ ٽنگ ڪلهي تي

ڏوهه ڪيم ڇا؟

منهنجي آ مجبوري، ليڪن

مجبوري بهبودي آهي

ڏاهپ آهي لاچاريءَ ۾

منهنجا مٺڙا!

جيئڻ خاطر جيئڻ جو سامان ته گهرجي،

آدرشن جي روٽيءَ مان بک لهڻي ناهي،

اڃ اصولن جي پاڻيءَ مان ٻجهڻي ناهي،

نيڪيءَ مان ڪو اَجهو نه ٺهندو،

اخلاقن سان انگ نه ڍڪبو،

گهٽ ۾ گهٽ، ته به اَڻڀي روٽي،

سادو ڪپڙو ۽ ڀاتين لءِ

ننڍڙو ڪچو مڪان ته گهرجي،

جيئڻ خاطر جيئڻ جو سامان ته گهرجي.

وقت ڦرڻ سان

جيون جا ڪي قدر ڦرن ٿا،

قدر ڦرڻ سان جيڪو ڦرندو

۽ قدرن سان ٺهڪي هلندو

سوئي جڳ ۾ جالي سگهندو،

جيڪو هلندڙ قدرن سان سنگهرش ڪندو

سو گانڌيءَ وانگر گوليون سهندو

عيسى وانگر ڪراس تي چڙهندو

جام شهادت جو پي ويندو

صدين لاءِ اَمر تي ويندو.

توکي ٿيڻو هجي امر، تون ڀلي امر ٿي.

ڀارت کي اڄ

گانڌيءَ جي آ سخت ضرورت

عيسى جهڙو ڪو ته مسيحا بڻجي

مرده قوم جياري.

هرڪو گانڌي يا عيسى ٿئي

ممڪن ناهي.

توکي ٿيڻو هجي امر، تون ڀلي امر ٿي.

توکي تنهنجي بقا مبارڪ!

مان فاني آهيان

تون مونکي فنا رهڻ ڏي!

ڏاهپ ڏک جا ڏنگ سهڻ ڏي!

زهر پيئان ٿو، زهر پيئڻ ڏي!

جيئن جيان ٿو، تيئن جيئڻ ڏي!

ڀاءُ ڀائرن سان ٿيئڻ ڏي!

[1]  لٺ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org