سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :5

رباعيون

1-           ڪيڏي به ڪري منڪر حق جي دعوى،

ڇا حق جي بگاڙيندو؟ بڻندو خود ڇا؟

گنگا به ٿي ناپاڪ، ڪتي جي گڦ سان!-

ڇا ٿيندو ڪتو پاڪ تري جي گنگا؟

 

2-           جي دل جو لڳل دل جي دوا ٿي ٿو سگهي،

اَڻ هوند ۾ پڻ شاه گدا ٿي ٿو سگهي،

آهي ڪي جو اِنسان جي وس ناهه ڪرڻ؟-

اِنسان جي چاهي ته خدا ٿي ٿو سگهي.

 

 

3-          ڦل ڦول ۽ ٽاريون ٿو جڳ ساراهي،

پروڻ جي پاڙ ڏي نظر ئي ناهي!

ويچار سوا ٻول ۽ رهڻي ڪهڙا؟-

بنياد بنا محل جي قيمت ڇاهي!

 

4-          جنت مان اُڇلاءِ ڀلي، جي چاهين،

دوزخ ۾ ڏي جاءِ ڀلي، جي چاهين،

دم پڻ پر، يار! پاڻ کان ڌار نه ڪر،-

سارو جڳ ڀٽڪاءِ ڀلي، جي چاهين.

 

5-           جاڳائي وڇوڙي ۾ جي آه وزاري،

ميلاپ ۾ ڏي پل نه سمهڻ ٿي ياري،

دنيا ٿي چوي: زندگي آهي هڪ خواب،-

مون لاءِ اِهوخواب بڻيو بيداري.

 

6-                      لامن تي ڪَليون لاڏ منجهان پييون لڏن

يا بزم چمن ۾ ڪي پريون ناچ وجهن؟

آواز پتن جي ته لُڏڻ جو هي ناهه-

پيرن ۾ ٻڌل پيا ڪي گهنگهروُ ڇمڪن!

 

7-          اي چنڊ! اُها آهين لڄاري نينگر،

جا پهرين لڪي ليئو پائي ٻاهر،

ڏينهون پو ڇڏي حجاب کولي جوڀن

مشتاق جي اک موهي، ڪري دل مضطر.

 

8-           اي دوست! گلن مان ٿو اچي ڪنهنجو هڳاءُ؟

هيرن جي جهوُٽن سان ٿي ڪنهنجو ڇهاءُ؟

اونده جي وجود کي مٽائڻ خاطر،

سج چنڊ منجهان ڪنهنجي اُجالي جو تاءُ؟

 

9-          هوئڻهاري ڪنوار جي خاموشي،

خادم! ٿي ٿئي ڪيڏي نه آنند ڀري!-

دنيا جي راه رسم کان اَڻ واقف،

شرنائيءَ جي گونج تي ٿي مگڌ وئي!

 

10-      اڄ صبح تُڃيو ڪوڙيئڙن ڪوهيڙو،

ماکيءَ جي مکين ڀرت ڀريو گُپ چپ جو،

سارو ڏينهن پوپٽن ٿي ماريو ميدان،

۽ رات – فضا کي کرکٽن چمڪايو.

 

11-         ڪهڙي محفل صهن فلڪ ۾ ٿي مچي؟

ڇو ساز بهشتيءَ جو ٿو آواز اچي؟

هت هت آهن رقص ۾ تارا ۽ ڪتيوُن،

مستيءَ ۾ ٿو چنڊ به ننگو ٿي نچي!

 

12-      ٿا هڪ ٻي پٺيان اُٿن دکي دل ۾ سوال،

غم تئن ٿو وڌي، جواب جئن بڻجي محال،

ڇاتيءَ تي لڳي ٻالڪ جا ڪومل هٿ

ٿا شانتي بخشڻ ۾ ڪن ڪيڏو ڪمال!

 

13-      جپ جو تت: ستنام سري واهگرو،

تت جو ست: ستنام سري واهگرو،

چاهين ته مچي شبد جي ڌن چوڌاري،

چوندو وَت: ستنام سري واهگرو.

 

14-      هيءَ جاتي کيکڙن جي کاري آهي،

جنهنکي ڪائي گهرج ڍڪڻ جي ناهي،-

ڪنهن پاسي کان هڪڙو چڙهڻ جي جي ڪندو،

چوگرد ٻيا ڇڪي، ڇڏيندس لاهي.

 

15-       مون کان نه پڇو آهيان ڪنهنجو خادم-

خالق جو خلق جوڪ پنهنجو خادم

مڙني جو حق آهه مٿم، پوءِ به چوان:

دلڙي جو وٺي، پهرين تنهنجو خادم.

 

16-      ورجايان ڇا، ته ڇو ٿو اسڪول ڏسي،

عزت کان اُن اڳيان پوي سيس جهڪي؟-

آهنس اگرچه چوطرف ديوارون،

ويٺو آهي جاءِ ۾ ”آئيندو“ ڇپي.

 

17-      ساگر کان وڇڙيل مڇلي آهيان مان

ساحل جي واريءَ تي پيئي ڦٿڪان،

چاهيان ٿي پنهنجن سان ڪنهن پر به ملڻ-

ساگر ۾ وجهوم، پوءِ مران خواه جئان.

 

18-      آهي جي حياتي ته وري ملنداسين،

جئري نه ملياسين ته مري ملنداسين،

قسمت ۾ لکيو آهه لڙهڻ – لڙهبو، پر

ملنداسين اسين – ٻڏي، تري ملنداسين.

جوڙو غزل

(1)

ڇڏي سانگي ويا سڃ ۾ سويرا

پڇايان ٿي پرين جا پار پيرا.

مونکي هت هجر کان هو روڄ راڙو

هتي پانڌي وڃي پهتا اَويرا.

اچو قربئون نماڻيءَ جي به نجهري،

اوهان جا شل وسن، دلدار! ديرا.

ڏسي ڏيو، ويڄ! اڄ آٿت اَگهيءَ کي

گهنگهر ۾ ڏينهن گهاريا ٿم گهڻيرا.

ڪنديس هوتن جي لءِ هاڙهي ۾ هڪلوُن

پڇائينديس وڃي پٻ پاس پيرا.

اَڻانگي عشق جي آ راهه، خادم!

ٿڪائي جنهن ڪيا هٿ پير کيرا.

(2)

جو مزو انتظار ۾ آهي

سو نه خود وصل يار ۾ آهي.

ياد ٻئي جي، ڀُلائي پنهنجو غم

ڪهڙو جادو نه پيار ۾ آهي!

هُن جي وعدي جي ڪنهن ”سڀان“ به ڏٺي؟

لطف پر اعتبار ۾ آهي!

وصل ۾، اُف! وڇوڙي جو کٽڪو

ڇا خزان ٿي بهار ۾ آهي!

ڇا ٿيو، ضبط جي زبان تي اَٿم

دل نه پر اختيار ۾ آهي.

هاءِ ڙي سار! هاءِ ڙي ويسار!

دل نه ڪنهن پر قرار ۾ آهي.

بخت جا پيچ ڪير سلجهائي!-

ور وڪڙ وار وار ۾ آهي.

گل سبب غير سان پوي اَٽڪي

ڪيڏي غيرت نه خار ۾ آهي!

حال اوريان ته ڪنهن سان، اي خادم!

سڀڪو پنهنجيءَ تنوار ۾ آهي.

مئل روح

هيڏي ته ڏسو!

هوُ گهورڙيا

پينوُ

۽

سڙڪن تي سمهندڙ

ڪِن ڌپ ۾ رهندڙ.

ڳڻتيءَ ۽ غريبيءَ ۾

گسن تي ۽ جهڳين ۾

آدم ۽ فرشتن جا

هزارن ۾

مئل روح

هڏ ماس ۾ پاڇا:

ماتائون جليل جي، ته وحشت ۾ ڪنيائون

پٽ نقل پُين جا

بي علم ۽ برباد

مظلوم . . ٻه ڀيرا

آدم ۽ فرشتن جا

هزارن ۾

مئل روح.

 

هڏائون پڃرو              آيو رام

ماس کائي ويا مقاطعدار     هِن سان آهيان

خوُن چوُسيو ملي عملدارن   هُن سان آهيان

هاڻ                          ڪنهن سان آهيان

آهن رهيوُن                   ڪنهن سان ناهيان

سڙڪ جون هڏيوُن           مان ئي ٿو ڄاڻان پنهنجو

پاڻ

پاسريوُن                      پاڻ سڃاڻان پاڻ ئي پاڻ

ڪجهه ملم                          آهيان

ڪي ڦٽ                     مان

۽ پٽيوُن.                     هر ديگي چمچو

هن جو                       سڻس پوي جي ڪنهنجي

هن جو                                     کٽڻ جي

تُنهنجو                      اُن وٽ

سڀ جو                      پاڻ کي پايان ٿو.

ڪوئي مون لءِ               ڪنهن جي هار…اِبليس

ڌاريو ناهي                                 جي هار

ڌاريو پڻ پنهنجو ئي آهي

ڪوئي هاري                 اُن تي اعمالن جي مار

ڪوئي جيتي                چڙهندڙ سج کي… ڊگهو

سلام

ڪير جو منهنجو آسڻ       ۽ لڙهندڙ سان… قطع

لوڏي؟                             ڪلام

سڀ جي سوڀ منايان ٿو    ڇا جي عزت؟

پاڻ کي                      ڇا جي غيرت؟

وچ ۾                        ڌرم ڪرم يا اِنسانيت؟

آڻيان ٿو                      هي سڀ آهن لفظ چوڻ جا

                              جو ڪجهه آهن… ڌن ۽

    طاقت:

کيئلداس ”فاني“ (1914)

او منهنجا وطن!

1-                  او منهنجا وطن! دلدار وطن!

ڪيا ڪيڏا ڀُلائڻ جا مون جتن

لڳي لنءَ لنءَ ۾ آهي اهڙي لگن

ڀل کان نه ڀلن تنهنجا ڀاڻ ڀوَن

ڪوشش مون ڪئي وئرٿ سا وئي

ڳاريندي رهي ڪرمن جي ڪئي.

 

2-                هت ڏاڍو ڏکايو آهي ڏکن

سک ياد ڪري اُڌما ٿا اُٿن

ڳڻ ياد ڪري ڳالهيون نه کٽن

پل پل ٿا دلاسا دل کان پڇن:

گهر ۾ ڇو رهي ڌاريو ٿي گهمين

خوش رهه ڇو غمن ماريو ٿي گهمين؟

 

3- مشڪل ٿي پيو واپس آ ورڻ

مشڪل ٿي پيو ڳڻتين ۾ ڳرڻ

چاهي ٿو هرڻ واريءَ ڏي ورڻ

سمجهي ٿو سٺو اُڃ رڃ ۾ مرڻ

سنسار جو تنگ خيال سڏي

دل قرب جو تنهنکي ڪمال سڏي.

 

4- ڪري نيڻ نکنڊ ٿي پهرا ڏنم

ڌاڙن ۽ ڌڪن کان به دل نه ڊنم

ڏک ياد نه هو، ڏک ڪو نه ڏٺم

سؤ ڇرڪ سهي ياري نه ڇنم

سرديءَ جي سٽن، گرميءَ جي گهٽن

ڪجهه ڪين ڪيو ٻوڏن ۽ ٻٽن.

 

5- اُها جهانگين جي جهونگار ڪٿي!

اُهي چنگ گهڙا يڪتار ڪٿي!

اُهي کوهه ڪٿي! اُهي نار ڪٿي!

اُها باغن جي آ بهار ڪٿي!

اُهي کيرونگا گدرن جون وليون

اُهي واڙ ڀلا ڇانهن جون ڇليون.

 

6- سمجهان ٿو مگر موٽڻ آ محال

موٽان به، اڳيون ڪٿ ايندو ڪمال

ظاهر ٿو ڏسان هت پنهنجو زوال

ڀل خلق سڏي اِهو خام خيال

توڏي ننگي پير جي نڪري پويان

هوند اونڌا ڀاڳ پون ٿي سنوان.

 

7- بيوس ٿي ڇڏيم توکي يار وطن

ڇڏي سونهن ڪيئه سينگار وطن

ياريءَ جا ڏٺا مون نه پار وطن

گلزار مان ٿي پئين خار وطن

ڀلا خار ٿي پئين مونکي ڇو نه جهليئه

ڇو نه پلئه وجهي پڪڙي ٿي پليئه؟

 

8- هت جان، جدائيءَ ۾ ٿو ڏيان

هڪ آس تي مان جيڪس ٿو جيان

شل تو ڏي اچي ٿائيڪو ٿيان

هر شخص ڇڏيا هت هاري هيان

لاهي هيانءُ جدائيءَ ۾ جهايون جهري

پيو ڀؤنءِ سان ڀاڪر پائي ڀري.

 

9- هت پنهنجي پلين جا حال ته ڏس

اُهي سيٺ سگها ڪنگال ته ڏس

گوندر ۾ گتل هت لال ته ڏس

ظالم هي زماني جي چال ته ڏس

هت هوند وارا حيران ٿيا

ڌنوان ولها ويران ٿيا.

 

10- ڀڄي جن آ ڀڄايو مون کي، وطن!

ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي، وطن!

لڏي جن آ لڏايو مون کي، وطن!

جن روهه رلايو مون کي، وطن!

فاني سي ڏسان دردن ۾ دکي

سالن ۾ ٿين ساعت نه سکي!

احساس

پٿر جي ديوتا ۾           هڪ ڏينهن جان ائي

ورهين جي ويدنا جنهن    ٻاڦي نه ٿي ٻڌائي

لنءَ لنءَ ۾ لوڇ لاشڪ    لوڪن کان پئي لڪائي

آواز ڏيئي آخر              پٿر جي ڇاپ ٻوليو

                            پيڙا کان پاپ ٻوليو:

”ڪنهن سنگراش سنگدل منهنجو هي جسم جوڙيو

ڀڳوان مونکي ڀانئين      سڀڪو ٿي مون ڏي ڊوڙيو

ڀولن ۽ ڀورڙن کي         ڪوتہ نظر نهوڙيو

بي سمجهه صدق آيو     ويهو نه سمجهه آئي

                            وشواس لنوَ لڳائي.

ڪمري ۾ بند منهنجو    قائم آ قيد خانو

هيرن جا هار مون وٽ      خاصو رهي خزانو

ڀڳتيءَ جي اوٽ ۾ آ      عشرت جو آشيانو

پيرن ۾ منهنجي امرت    اسٿان ۾ گنگا جل

                            ڀيٽا ۾ پشپ گل ڦل.

گهٻرائجي وئي آ          حالت گلن ڦلن کان

من مونجهه ۾ مري پيو   ويسن ۽ وسترن کان

بيزار ٿي پئي ڄڻ          بلبل جي دل چمن کان

هن روز جي رسم کان     دل ٿي اُداس آهي

                            چوڏس اُماس آهي.

هن واس ڌوُپ دوُنهين     گهنڊن کان من ٿو گهٽجي

دوکي ۽ دنڀ سببان       ڀڳتيءَ جو ڀاءُ لٽجي

هن دل جي بيقراري        ڇن پٽ کان ڪيئن ڇٽجي

اُجلو ڏسي افق ۾          منهنجو ڇو من لڏي ٿو

                            اونده ۾ سج ٻڏي ٿو.

مرجهائجي وڃن ٿا         پشپن جا ڍير مون وٽ

پوتر ٿيڻ اچن ٿا           پاپن جا پير مون وٽ

افسوس ڇا ٿين ٿا         ايڏا انڌير مون وٽ

هن ڏيک کان ڏکي ٿي    منهنجي نگاه روئي

                            منهنجو گناه ڌوئي.“

پٿر جي مورتيءَ ۾        احساس ڊوڙي آيو

سالن جي سنالن جو               اکين مان جل وهايو

پنهنجو ئي پاڻ تي سر    ڀيٽا ڏيئي چڙهايو

مورت جي دل ٽٽي پئي   پٿر ڀري ٿيو واري

                            وسمئه ۾ پيا پڄاري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org