ست چونڪيون
(1)
هي راز ازل جو نه ڪيو ڪنهن معلوم،
ڪجهه عام نه ڪي حڪمت سمجهيو فهوم:
ٻولي ٿو ٻول ڪير خوش پردي پٺيان؟
پردو ٿو کڄي، ٿي ٿو پوي سو معدوم.
(2)
سمجهي نه سگهيو ڪو به ڪڏهن راز حيات،
ٿا پاڻ کڻون مس ته اچي وقت ممات،
حڪمت سان ڳجهارت نه اِها ڪنهن به ڀڳي:
خواب آهه، خيال آهه، ڪ مورڳو ٽين بات؟
(3)
اِقرار جهالت جو اُٿي ڪر، اِنسان!
دانا نه ڪڏهن پاڻ کي سمجهه، اي نادان!
ڏس، علم پرائڻ ۾ لڳائي تو عمر،
ڪک جو به نه ڳجهه ڄاڻي سگهئين، صد اَرمان!
(4)
آهي ڪا خبر توکي ڪرين ڇا ٿو، ڪنڀار!
ڪنهن تي ٿو هنر هوش هلائين هر بار؟
هي ڪنهنکي لتُون، مڪون ۽ ٿڦڙون ٿو هڻين؟
پنهنجن ئي وڏن جي ٿي مٽي، اک پٽ، يار!
(5)
ڪائي به ڪرين ڪار، ڪرڻ سک پهرين،
دريا ۾ گهڙڻ چاهين، ترڻ سک پهرين،
ڪنهن آهي آزمودي ري ڪجهه پاتو؟-
ٿين باهه، اڳي تنهن کان ٺرڻ سک پهرين.
(6)
”مان“ ”مان“ جي ويچار اُداس آهه ڪيو،
سک کوهي، سخت بدحواس آهه ڪيو،
هر هر ٿي لڇي جان اِنهيءَ سودا ۾،
صد حيف! ڏکيو ڪوڙ جي پياس آهه ڪيو.
(7)
اڄ ڪلهه جو هلي پنهنجي بچائي ٽوپي
سچ پچ ٿي اُنهي سر کي جڳائي ٽوپي،
غنڊن جو ٿيو دؤر، رهي عزت ناهه،
جو پائي سنڀالي، اُهو پائي ٽوپي.
تيرٿ بسنت (9. 19)
ننڍيون ڪوتائون
نهار
هن مٽيءَ مان ٺهيو
ماڻهو ۽ موتئي جو گل
تنهنجو خوشبودار بدن
۽ اَڇسرو ڳل
لاشڪ وڻي ٿي
اِها مرڪ اَمل!
لک لهي
تنهنجي
نهار مومل!
اُماس
سنجها آئي
ديپ نه دکيو
تارا ٽمڪيا
اُلڪو نه لٿو.
هي اندر جو حال
جهڙو اونهو آڪاس
اُماس ئي اُماس.
چت اُداس
هيءُ نيلو نيلو اونهو آڪاس
اُتر کان سرد هوا جو سؤساٽ
بت جي سنڌ سنڌ منجهه سيئاٽ
ڪري ٿو من ملول، چت اُداس.
اگيات مان ڪا اُڪير ٿي اُسري
جيءَ وڃيو وساريل جيئن سان جڪڙي.
سوچيندي لڳي ٿو اهڙو حال
جهڙو جبل جي اُره تي
وٽڙيل غبار!
شانت
شانت، شانت
شانت ٿيءُ منهنجا منهرڪو پل آهي هيري جي ڪڻ.
هلڪي هوا جي اُره تي سُري پيو
ساز جو سسڪڻ!
اوڀر جي آغوش ۾
وڃي ٿي کسڪندي
خموش، خموش
رجني
چاندنيءَ جي چادر تي!
سياڻي اياڻپ (چونڊ)
1-
جئن سج منجهان ترورا ترڪن
تئن تيز تيز ترشنائون تپن
ازلي اُڃ سان لرزي انگ انگ
اچي ذوق منجهه آتشي اُمنگ
اُساٽ سان نس نس تڙڦڻ لڳي
زندگي ۾، زيب زينت اچي
ڀرپور مخمور اِنسان ٿئي
شل جيون جوهر نمايان ٿئي!
2-
تنهنجو زندگي سان آهي پيار
مساڻي گيان کان صفا اِنڪار
تون آلاپين مارو موُر
وئراڳيءَ جو پرلوڪي پوُر
سندس جيءُ وهه جو ماڻو آهي
آپ گهاتي گيان گهاڻو آهي
هوُ هتي ڄمي ڦاٿو آهي
گويا پنهنجي ڪنڌ تي ڏاٽو آهي!
3-
ڀانءِ هرڪو ڀوڳ آهي روڳ
پچائي جوڳ، ٿي پؤ ڦڪو ڦوڳ!
هڻ اندر ٽٻي، سنسار آهه ٺڳي
رکي پريت اُن سان لاشڪ ٿيندين لڄي
هتي نه ڏسي چاڙهو، ڪر پرلوڪ سکالو
آهي بيسود گيان ڌيان ڪشالو
چوي ٿو سو چؤپٽ ساڌ: جيون آهه اپراڌ
هتي جا رس نجي، دل لڳاءِ اڻ هوند تي
اهو آهي امولڪ گيان، ڪيو جنهن ملڪ مساڻ
چؤ: هري رام هري رام، جو آهي انڌن جو اڳوان.
لهرون
1- لهرون ٿيون لڇن 2- ڇيڳريون ڇوليون
او چؤ پٽ چريون
لهرون ٿيون لڇن! ڪنهن نه جهليون
ريس ڪورس تي ڪنهن نه پليون
گهوڙن جيان
تڪڙو ٿيون ڊوڙون ٻارن جيان اُٿلي پٿلي
لوهه ڏيئي ڪتن جيان ليٽي پيٽي
اڳتي ٿيون وڌن نچي ٽپي
شادي تي شرابين جيان ڦان ٿيو پون
ڇيڄ ٿيون وجهن لس ليٽ ٿيو وڃن
او او
لهرون ٿيون لڇن! لهرون ٿيون لڇن!
3- هوا ۾ سارين جي 4- ٽهه ٽهه ۽ قهه قهه
کيت جيان
اوچتو دڙا ٿا ٺهن گجي ۽ گڦ
دٻون ٿيون، ڊمن لڙ ۽ لٽ
اَٿاهه ٿا اُتلن پريان
اوڙاهه ٿا اُٿلن
مٿان ڇڪجي ولوڙ ٿا وجهلن
اُلجهي سلجهي اونهي جا انت نه لڀن
وٽڙي ٿيون وڃن ڇوليون
او ڇلڪي ڇلڪي
لهرون ٿيون لڇن! ڇيهون ٿيون وڃن
او
لهرون ٿيون لڇن.
هوند راج ”دکايل“ (1910)
گل کڙيا
کڙيا نيلا پيلا گل، سرنهن مٽر چرن ٻڪر،
ڏيئي ڏاڙهيءَ بل، کڙيا نيلا پيلا گل.
رونق ربيع ڪئي چڱي، چمڪن ٿا چوگان،
ساوڪ هريا ڀريا ڪيا، مشڪن ٿا ميدان،
مهر جُهلي آس پڳي، ٿيا جام فصل،
کڙيا نيلا پل گل.
ماين پلي پٽي پلي، چاڙهيو هنڊيءَ ساڳ،
ڍوڍن ٿهي ٿٻي پڪي، کائي ڀائين ڀاڳ،
مکڻ لسيون ونڊي جهجيون، وجهن ونهيون هل،
کڙيا نيلا پيلا گل.
وندر واري کن موچاري، پَيڙو ڪين سماءُ،
ميلا متا چڱا چوکا، ٿيڙو خوب لقاءُ،
سنجهي گاڏيون ڪڙمين کنيون، وجهي ڏاندن جهل،
کڙيا نيلا پيلا گل.
پورهيت سکيو سهنجو بڻيو، محنت سندو زور،
ويهي کيڻ پيڻ برو، ڪاهل ڳڻن چور،
تنهنجو منهنجو رهيو ڪاٿي؟ وچين ويئي ڀل،
کڙيا نيلا پيلا گل!
تيلن جهليا اَن
تيلن جهليا اَن، او يار!
تيلن جهليا اَن،
موٽئين نه اڃا من، او يار!
تيلن جهليا اَن.
لابن سندي ويل پرين!
جاڳيو جڳ سويل
ماٽيا مَنهه ماٽ، پرين!
ويٺيس جهليون واٽ،
موٽئين نه اڃا من! تيلن جهليا اَن!
تائي طلب تات، پرين!
گهاري وڃ ڪا رات،
چوکو اٿم چاءُ پرين!
چارو مٽيون آءُ،
موٽئين نه اڃا من! تيلن جهليا اَن!
هيڪر ڀري پير، پرين!
ساجهر اچ سوير،
گوندر مٽن غم، پرين!
ميٽيون وڃ وهم،
موٽئين نه اڃا من! تيلن جهليا اَن!
نيڻن اَجهل نير، پرين!
هاري ٿيس اَڌير،
جيئان رکي آس، پرين!
پورا ٻارنهن ماس،
موٽئين نه اڃا من! تيلن جهليا اَن!
پهتم نياپا ڍير
پهتم نياپا ڍير!
آنءُ اچان ڪيئن؟ ٿيون بند راهون،
ٻيا سوڙها گهٽ گهير! پهتم نياپا ڍير.
هوليءَ اَڌ گوليءَ جون راتيون تڙڦائن ٿيون جيءُ
هڪ ڏڪڻيءَ جو ملڻ مسافر!، ٻيو ڏاٽن جو سيءُ،
ماٽيل چارن جي چڪ ۾ ٿي
پوندم پڌرا پير! پهتم نياپا ڍير.
هڪ گهر جي لوڙهي جو گهيرو، هيناءَ ۾ پيو ٻيو
گهيرو!
ماندو من ٿيو مئيءَ جو ڏاڍو، ڏنگڻ آيم ڏيرو،
لونءَ لونءَ چغلي مارڻ ويٺي
اکڙين پاريم وير! پهتم نياپا ڍير.
ايڏا غم کاڌا ٿم جو اڄ ملڻ مهانگا ٿي پيا،
سوُرن ڌاران جيئنديس ڪئن جي درد ڇڏي پاسو ويا!
دک آهن مون وٽ تون آهين
نه ته نه دکايل ڪير؟ پهتم نياپا ڍير.
پرهه جون باکون
سک سان گذري رات،
صبح نيون باکون ڪڍيون
پرهه ڦٽيءَ پرڀات.
سورج اُڀريو ڄاڻ، جڳ پڻ سارو جاڳندو
پورهئي ڳارئي ڪاڻ.
هلندو ڪاروبار،
ڪڙت ڪندا ڪي ڪوُڙجي
ڪي صاحب سچيار.
غرض جي وس اِنسان،
سڀ ڪجهه ٿا ڀلجي وڃن
بڻجن ٿا حيوان.
دل نه رکن ٿا صاف،
ٻيائيءَ جي ٻوليءَ ٻڌا
موُر نه ڪن انصاف.
مطلب جو ڪن پيار،
لالچ لوڪ انڌا ڪيا
دين ڌرم کان ڌار.
پرمارٿ کان دور،
ڪوُڙا ڪرپڻ ڪرتگهن
سوارٿ ۾ سي چوُر.
ديس ڌرم ۽ ڪال،
ويچاريندا ڪينڪي
ڪهڙو تن جو حال!
سچ ڪري اڳواڻ،
شال دکايل بي ثمر
پرجهي پنهنجو پاڻ.
مسافر هلي آءُ
مسافر! ويڙهو ڪين وسار
ڪڏهن ڀلي ڀيڙو ٿي مئيءَ سان
ڪا ته گهڙي اچ گهار – مسافر! ويڙهو ڪين وسار.
سنگ پڪل مڪئيءَ داڻا، اَڀن جي آچار
دل جا داڻا جهيڻيءَ ڪر تي ڪيم سجهائي تيار،
ڍولڻ! اچ منهنڙو ڏيکار،
تنهنجي آهيان تنهنجي رهنديس
ٻن وجهي ٻين جي پچار- مسافر! ويڙهو ڪين وسار.
سوُر سوادي ٿيا، رنج راحت، تون جي آهين ساڻ
گهر جا ڏوئا ڏک سک سمجهان، پيار ته ڪهڙو پاڻ؟
ڍولڻ! گهوريو گذارڻ ڌار
ويڻ وڻن ٿا تو هوندي، پر
توريءَ ڪن بيزار – مسافر! ويڙهو ڪين وسار.
تانگهي تانگهي ٿي دل ماندي، پوُرا پيا نه دليل
کوڙ مندون آيون ۽ وييون، آئين پر نه اصيل!
ڍولڻ! ڪيئه ڪڏهن ويچار؟
هڪ جيڏيون ڇا چونڊيون دکايل!
چوندو ڇا سنسار؟- مسافر! ويڙهو ڪين وسار.
گونگيون ٻوليون
گوُنگن جون ٻڌ ٻوليون، يار!
گونگن جون ٻڌ ٻوليون.
کولي منهن چوندا نه، ڪندا پر
پيدا من ۾ ڇوليون، يار! گونگن جون……
لوڪن کان سي لڪندا وتندا
سانڍي سڪ سي سڪندا وتندا
چاهه پرينءَ جي چڪندا وتندا
چاڪ ڪري ڪل چوليون، يار!
گونگن جون……
نانگن جون ڪهڙيون پوشاڪون؟
جوڳين جون ڪهڙيون خوراڪون؟
سچ پٽيءَ تن جون اوطاقون!
سوُرن جون سنگ ٽوليون، يار! گونگن جون……
اهڙڻ سان ڳنڍي جن ياري
حاصل رمز ڪئي تن ساري
ڄاڻ دکايل! مت موچاري
ويساهين ڳل جهوليون، يار! گونگن جون…… |