ڪافي هائوس ۾ اچي
مان پاڻ کي ڪافي مهان سمجهندو آهيان
دنيا جي
ڪنهن به وشيه تي
بحث ڪرڻ جي قوت پيدا
ٿيندي آهي
ڪنهن جي ماءُ ڀيڻ کي
… … … …
هونءَ جو مان پڇندو آهيان –
ڪارڻ ٻڌايو آشاوادي ٿيڻ جو؟
ليڪن هت
سچ پچ
آشاوادي ٿي اُٿندوآهيان
اِندرا گانڌي
زنده باد.
هاسارام ”پيئا“ (1935 – 1983)
دوها – سورٺا – بيت
1- سواسن ۾ سرهاڻ تون، تون ئي جيون پراڻ
توکي پائي موج مان، ڇلڪي من – مهراڻ!
2- سرءُ نه رهندي دائمي، ايندو نيٺ بسنت،
ڀر ۾ ويهي جهوُمندو، ڀنئر ڪليءَ جو ڪنت!
3- مکڙي نکري ڦول ٿي، ڀاڳ ڀرايس ڀال،
پاتيس ڀونئر ڳراٽڙي، لڄ کان ٿي ويئي لال!
4- تنهنجي در تي ڇانئبس، بادل بڻجي ميت،
جيءُ ڀري توکي ڏسي، برسائيندس پريت!
5- ٿينديون ڪين نموريون، هن موسم ۾ موُر،
ڇڻي چڪو آ واءَ ۾، نم جو سارو ٻوُر!
6- تات نه ٿيندي مات، او، تات نه ٿيندي مات،
ڳالهيون بڻجي ڳائبي، رلندي بڻجي رات!
7- ڇوڙ نه پايل راڌڪا، ايندو شيام ضرور،
ٿو انڌ ياريءَ اوٽ مان، چمڪي نرمل نور!
8- ڳاءِ، ڳاءِ، او ڳائڻا، مڌر مڌر سر ڳاءِ،
زهر گهلي پيو واءَ ۾، امرت تون ڇلڪاءِ.
9- ڇو نه ڇلي جذبات، او، ڇو نه ڇلي جذبات،
چانڊوڪيءَ جي نهر ۾، تڙڳي پيئي رات!
10- ڳوڙها ڳوڙها ڳالهڙيون، سڏڪا سڏڪا سار،
گلشن گلشن آرزو، ڀاو ڀاو هٻڪار!
11- جمنا ڪنٺي چنڊ ٿي، کڙي راڌڪا – رات،
چانڊوڪيءَ جي ٿي پئي، چوڌاري برسات!
12- پنبڻين جي پالوٽ کان، هريو هانؤ جو کيت،
هرپل اُپجي پيار جو، گيت، غزل ۽ بيت!
13- سچ جي ٻولي ٻولبي، وڌندو ويندو وير،
هن دغا جي دؤر ۾، سچ سهي ٿو ڪير!
14- کنڀ رڱائي مور ٿي، ويٺو آهي ڪانءُ،
ڳالهه ڪريان جي سچ جي، ڪوڙو سڏجان آنءُ!
…
16- گذري ويئي ويل، موٽي ايندي ڪينڪي،
کيڏي کيڏي کيل، ويندي جيوت شانت ٿي!
17- ڪر خوشامد خوب، ڪم ڪڍڻ چاهين اگر،
مرڪي چؤ ’محبوب‘، موذي ۽ مروان کي!
…
18- مند مٺي ميلاپ جي، تڙڦائين ڇالاءِ،
آءُ، کلي ڳل لاءِ، گل ٽڙن ڪي آس جا.
19- ڪرڻا منهنجي آس جا! هرگز ٿج نه اَلوپ،
منهنجو رنگ ۽ روپ، توريءَ رهندو ڪينڪي.
20- ڀوري پئي ڀرمائجي، گونجائيندي گيت،
من ۾ مٺڙو ميت، لڄ اکين ۾ لوڪ جي!
21- گوري تنهنجي گيت جي، آهه گگن ۾ گونج،
هوءَ ڏس، وياڪل ڪونج، رويو ڳائي راڳڻي!
اظهار
نيٺ ته ڪنهن بدڪرم جو، هوندو هيءُ اظهار:
ڪتي سان گڏ ٻار، گندي پاتل ٿو چٽي!
غزل
عجب ٿو لڳي هيءُ به اِنسان آهن
جڏهن ڏس تڏهن خود پريشان آهن!
ڪرڻ ٿا ڏين ڪجهه، نڪي پاڻ ڪن ٿا
هي مردود، ماڻهو يا مروان آهن!
رسڻ چنڊ تي جي ترقي سڏن ٿا
ته ڇو جيوَ ڌرتيءَ تي حيران آهن!
لڪي شرم ڪئن چاڪ دامن ۾ ڪنهن جو
کڙا چوطرف ڀي ته شيطان آهن!
لٻاڙوُن ۽ ڊاڙون ٻڌي ڪن ٻرن ٿا
جلي ويا، پيئا! جيءَ ۾ اَرمان آهن!
اوري آءُ!
ٻول ٻول ڪي مٺڙي ٻول!
نس نس، رڳ رڳ ۾ رس گهول…!
1-
ڪومل هردي جي جذبات،
گونجي بڻجي تنهنجي لات،
سکميه گيتن جا سر کول،
ٻول، ٻول ڪي مٺڙي ٻول…!
2- آهي ڀاوَ – ڀني ايڪانت،
من ۾ گهري گهير سانت،
نرمل من ڀاون کي ڇول،
ٻول، ٻول ڪي مٺڙي ٻول…!
3- اوري، اوري، اوري آءُ،
پاڻ اڳيان ڪي سوري آءُ،
ٿئي جڳ – جيون رنگ رتول،
ٻول، ٻول ڪي مٺڙي ٻول…!
4- پريت ازل کان ڏکڻي ڏات،
ڪير پڇاڻي ذات، صفات،
راز نه کول ۽ پاڻ نه رول،
ٻول، ٻول ڪي مٺڙي ٻول…!
سنڪلپ
جڳ جي سندر محفل ۾ -
ڪو گيت رسيلو ڳائي ويندس،
دل جون ڪومل تارون ڇيڙي،
سور جا سرگونجائي ويندس
1- فاني آ سنسار ته ڇاهي،
اُن جي ريت مطابق هلندي،
ٻارن وانگر کيڏي کيڏي،
خود ئي راند ڦٽائي ويندس.
2- وٺ ڀل پنهنجا گيت، غزل،
بيت ۽ ڪافيون، ڏوهيڙا وٺ،
تنهنجي پيار جي پيڙائن سان ئي
ڪا راس رچائي ويندس.
3- مون کي ياد ڪرين نه ڪرين پر -
توکي ڪو نه ڀلائي سگهندس،
ويندين اکڙين جي آنچل ۾،
تنهنجو روپ سمائي ويندس.
4- جنم جنم کان ڀٽڪيل آهيان –
ناهي ڪوئي ٺور ٺڪاڻو،
منزل تي پهچي ڀي شايد،
منزل آنءُ وڃائي ويندس.
5- دک نگري دنيا ۾ ڪنهن پل –
سک جا سپنا ڏسندي ڏسندي،
ڪن ڀرمن ۾ ڀرجي ويندس،
۽ ڪي ڀرم ڀلائي ويندس.
6- چاهي دنيا ٺڪرائي ٿي –
دنيا ۾ ته به موهه جو آهي،
پرواني جيان پاڻ جلائي،
جڳمڳ جوت جڳائي ويندس.
هريڪانت ڄيٺواڻي (1935)
ترائيل
(1)
آءُ اڄ ساز کڻي، گيت ٻه ٽي ڪي ڇيڙيون،
وقت ۽ وير نه ڪنهن ڪاڻ به ترسيا آهن،
ڀاونائن جون ڪليون آءُ اِئين ئي ٽيڙيون،
آءُ اڄ ساز کڻي، گيت ٻه ٽي ڪي ڇيڙيون.
موقعو آهه مليو آءُ هلي ڪي کيڙيون،
ڪنهنجي مرضيءَ تي ڪڏهن مينهن نه برسيا آهن،
آءُ اڄ ساز کڻي، گيت ٻه ٽي ڪي ڇيڙيون،
وقت ۽ وير نه ڪنهن ڪاڻ به ترسيا آهن.
(2)
حال جي پوُنجي لُٽي ويندو سڀاڻي ماضي،
راحتون اڄ جون، اچو دوستو اڄ ئي ماڻيون،
آهه اڄ جيڪا، سڀاڻي نه سا دنيا هوندي،
حال جي پوُنجي لٽي ويندو سڀاڻي ماضي.
درد اڳ ۾ به هو، هاڻي به آ، هوندو پوءِ ڀي،
ڄاڻ هوندي ڇوڪريون پنهنجون دليون ويڳاڻيون؟
حال جي پُونجي لٽي ويندو سڀاڻي ماضي،
راحتون اڄ جون، اچو دوستو اڄ ئي ماڻيون.
سنديهه
ڏينهون ڏينهن
ننڍو بڻجندو پيو وڃي
اسانجي حصي جو آڪاس
اچو ته
تارن کي ڳڻي ڇڏيون
الائي ڇو
من ۾ اِهو سنديهه گهر ڪندو پيو وڃي
ته هر رات
سندن تعداد
گهٽجندو پيو وڃي
اسانجين خوشين وانگر.
بلبواد
سج انڊر گرائونڊ ٿي ويو آهي –
پاور هائوس
اُنجي گرفتاريءَ جو وارنٽ ڪڍايو هئو.
مٿس تهمت آهي
ته اُن
پاور هائوس جي طاقت کي للڪاريو هئو.
چنڊ ۽ تارا
بڻجي ويا آهن سرڪاري شاهد.
بلبن جو ملهه وڌي ويو آهي.
افواه آهي
ته سج ۽ پاور هائوس جي هن لڙائيءَ ۾
جيڪڏهن پاور هائوس کٽيو
ته هر هنڌ
بلبواد قائم ٿيندو.
خاموش انتظار
-
اکين کي
اونده تي هيرڻو پوندو هاڻي –
روشني
بلئڪ ٿيڻ لڳي آهي.
- سج نظربند آهي
گمنام قيد ۾
اڄاتل ڏوهه هيٺ
اڻڄاڻايل مدي لاءِ.
آڪاس مان افواهه اڇلايو ويو آهي
ته اُنجا ڪارناما
سماج وروڌي بڻجي پيا آهن
حڪومت جي ڏنگين ڪاررواين تي
سڌي روشني وجهي
ننڊاکڙي جنتا جون اکيون کولي
هوُ
سادن سٻاجهن ناگرڪن جي صحت سان
کيڏڻ لڳو آهي.
-
هاڻ
نه ڄاڻ ڪڏهن
مقدمو هلايو ويندو مٿس
۽ سزا ڏني ويندي کيس
اُنهن سڀني ڏوهن لاءِ
جيڪي هن ڪيا آهن شايد
۽ پڻ اُنهن لاءِ
جيڪي هوُ ڪري سگهي ها.
- تيستائين
اسانکي خاموش انتظار ڪرڻو پوندو
۽ اکين کي
اونده تي هيرڻو پوندو.
ايندڙ ماضي
- ڪڏهن ڪڏهن
افواهه جيان لڳندو آهي پنهنجو وجود
آئينو اڳيان هوندي سوچيندو آهيان
۽ سوچيندو آهيان
ڏٺو ضرور اٿم هن چهري کي
ياد ناهي ڪڏهن ۽ ڪٿي!
چهرو اندر جو
ڪري ڇڏيندو آهي اِنڪار سڃاڻڻ کان
مسڪراهٽن پاتل ٻاهرئين چهري کي
خالي خالي اکين ۾ اوتجڻ لڳنديون آهن ياديون
گذريل مستقبل جون
۽ سپنا
ايندڙ ماضيءَ جا.
- ماضي ۽ مستقبل
جڳهيون مٽائي ڇڏيون آهن هڪ ٻئي سان
لڳي ٿو
جوٽي چڪو آهي
باقي آهي اُنجو ٿيڻ
۽ جو ٿيڻو آهي
ٿي چڪو ڪڏهوڪو
وقت جي منصوبي کان بيخبر
اکيون ڳولهينديون رهيون اُنهن اُجالن کي
هڪ ٻڏندڙ سج چورائي جن کي
وهاري ڇڏيو تارن ۾
ٽمٽائڻ لاءِ
-
اکيون ڍوئي نٿيون سگهن هاڻ ٻوجهه سپنن جو
سپنا
جيڪي رکي پنهنجين اکين ۾
ڏسڻ چاهيان ٿو اُنهن ۾ سمنڊ ۽ پهاڙ
پڄي ڪانه ٿي وڌيڪ ائڪٽنگ جئڻ جي
اکين ۾ سمنڊ ۽ پهاڙ ڍوئڻ
حال کي اورانگهڻ لاءِ جيڪا پل ٺاهي هئي مون
ماضي ۽ مستقبل وچ ۾
سهي ڪانه سگهي ٻوجهه حقيقت جو.
- پل پار ڪندي
لڳو
رڪجي ويو آهيان آءُ
پل هلڻ لڳي آهي
اچانڪ سمهي پيئي آهي ڌارا
۽ هلڻ لڳا آهن ڪنارا اُبتڙ ڏسائن ۾
ٿڌي ريلنگ کي جڪڙيل هٿ
محسوس ڪرڻ لڳا آهن گرمائش
هوريان هوريان سرڪندو
گرفت مان نڪرندو پيو وڃي ڪجهه
پريان رهجي ويو آهي اُهو اِسٿان
اهو وقت
مان هوس جنهن ۾
ڪيڏا سفر طي ٿي ويا آهن
هڪ هنڌ بيٺي بيٺي.
- مان جتي آهيان
شايد پهچڻو ئي هئو مونکي
شروعات چاهي ڪٿان به ٿئي ها
راه ڪابه ختم نه ٿيندي آهي ڪٿي
ختم ٿي ويندا آهن صرف وسيلا
اڳتي وڌڻ جا
ساهه ۽ فاصلو
پڄائڻ لڳن جڏهن شرط هڪ ٻئي سان
ٿاٻڙجڻ سڀاويڪ آهي
سفر جو انت مان نه سڏيندس اُن کي.
- راه جا انيڪ وڻ
سمجهي ويٺا پاڻکي منزل منهنجي
جڏهن به ويٺس سندن هيٺان ساهي پٽڻ
سناٽن ياترا ۾ تڪجي
موهڻ چاهيائون مونکي ڦهلائي ڄار
روشن ڇانو جو
ڏيئي لالچ لشچت سک جي
ڪيئن ٿانءِ ايندو رولاڪ
جنهنکي ملندو هجي سک اَنشچت ڀٽڪاوَ ۾
۽ بي نام راهن جي خاڪ ڇاڻي
بڻجي ويو هجي جو خود ئي هڪ راه اننت.
-
هڪ آهٽ ويچار جي
ڪري رهي آهي پيڇو منهنجو
هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين
هڪ جهان کان ٻئي جهان تائين
ڌيمي ڪري ڇڏيندو آهيان ڪڏهن ڪڏهن
پنهنجي رفتار
جيئن پهچي سگهي اُها مون تائين
ليڪن ختم ٿي ويندو آهي سفر
اُنجي مون تائين پهچڻ کان اڳ ئي
هربار. |