موتيلعل جوتواڻي (1936)
ڪافي هائوس ۾
ميري روشني، اوجل انڌيرو
سگريٽن جي دونهين جا غبار
شفاف شفق رنگ، ڪيارو سڪيورو.
’هيلو، مس مارئي!‘
’هيلو، مسز سسئي!‘
’مومل نه آئي آ ڇا؟‘
’ليلا به اڃا ندارد آ.‘
لڱن لهر نئين، نئون سوجهرو
پئندڙن چڙهيا ڪافي خمار!
جيءُ آيون
سدا آيون!
ڪيارو سڪيورو.
’سسئي، پر ڀرو هوُ ڏس
هن جون اکيون ڪهڙيون نه سهڻيون آهن!
ڪاريون ڪاريون
۽ وڏيون وڏيون!
’مارئي! پرڀرو ڪٿي؟ ڇا ’ڏس‘؟،
اتي جتي
منهنجون اکڙيون اٽڪيون آهن
پريم نگريءَ جو لڳي هوُ نس پس راجا ٿو:
راجا راضي ٿيءُ ته توکي ملي مارئي.‘
’اڄ ايجنڊا تي ڇا آهي؟‘
’ڪافي، ڪٽليٽ
… ۽ ها، هڪ سگريٽ…
تون کلين ٿي!
کل
پر مون کي به کلاءِ
کل ڪيڏي نه مهانگي آهي!
’مان ڇا ڪريان؟ ڪيئن ڪريان؟
توکي خبر آهي،
مان مسٽر امر جي فلئٽ ۾ رهي به
پاڪ رهيس
بيباڪ رهيس
اڻڀا سڻڀا نه ڪيا، سونهن وڃائي سوُر.
پر هاڻي کيتر پال چوي:
سونهن وڃايئه مارئي، ٿيندينءَ ڪيئن قبول؟
باقي رهيهءِ ڦوڳ، سو ڦوڳ سان ئي ملي.
’ڇي ڇي ڇي ڇي ڇي
اڄ ڪلهه اِنساني رشتا ۽ ناتا
تڪڙا تڪڙا
ٽٽي رهيا آهن.‘
’تون پرئڪٽيڪل آهين (وساري سگهين ٿي).‘
’هوُ به اِئين چوندو آهي.‘
’ڀلا مسٽر پي، ڪمار جي يادگيري اچيئي؟‘
’هوُ به اِهو پڇندو آهي.‘
’پوءِ؟‘
’پوءِ ڇا؟ چوندي آهيانس:
دفتر ۾ پڻ گهڻيئي پنهل آهن…
دفتر؟ نوڪري؟
هونءَ به مس مارئي
(تنهنجي ڳالهه ٻي آهي)
مون کان نه ٿي پڄي
ڏينهن نوڪري، رات نوڪري.
تاڻ
من ۾ مونجهه
بدن ۾ سور ويتر.
شايد اسان سمپورڻ نه ٿا جيئون
اڌوگابرو
ڊنل – ڊٺل
اڌ سچ ٿا رهون!
وچ ۾ سچائي ناهي
اُها گرمائي ناهي
آهي هلڪو جهيڻو پردو…‘
’شنڪر آچاريه جي مايا جو پردو؟‘
’نه نه، اُن پردي ۾ پردو –
ڊاڪٽر پاروتيءَ جو ڏنل نروڌ!
تاڻ
من ۾ مونجهه
بدن ۾ سوُر ويتر.
آءِ ٽيل يوُ دئٽ
آءِ ول گو مئڊ…‘
’ڪڏهن پي. ڪمار جي يادگيري نه اچيئي؟‘
’هوُ به ائين پڇندو آهي.‘
’پوءِ؟‘
’پوءِ ڇا؟ پڇندي آهيانس:
کڻي ڇڏيان نوڪري؟
چي: تنهنجي پگهار تي
گهڻو مدار آهي
متان اِئين سوچيو اٿيئي،
او چري!
مونکي تو تي وشواس آهي،
ليڪن هڪ ڳالهه ٻڌاءِ
تو وٽ رات ٿي وڃڻ کان اڳ ئي
پي ڪمار کي ڀڄائي ويا هئا نه؟
توتي پورن وشواس آهي
پر هيءَ ڳالهه وري به سڻاءِ
دفتر جا پنهل
پنهنجون راتيون
پنهنجن گهرن ۾ گذارين ٿا نه؟‘
’هي هي هي …پوءِ؟‘
’پوءِ جي نه پڇ
جو وهم کان آهي جهيڻو
اهڙي يقين ۾
(ٻڌائي مانءِ هاڻ اڃا)
ٽٽل تسڪين ۾
ٻڌجي ويندا آهيون…‘
’سچ پچ؟ پوءِ؟‘
’پوءِ ڇا؟ ڀاڪر جي ڀيڙ، چميون ۽…‘
’ڊونٽ ٽيل مي دئٽ
آءِ گيٽ ايڪسائيٽيڊ
آءِ ول گو مئڊ.‘
(2)
’آءِ ول گو مئڊ.‘
’آءِ ول گو مئڊ.‘
’ليلا ۽ مومل! هي ڇا ؟‘
’جي تون ڀانئين، مومل! پري نه ٿئي راجيش،
جهڙو گل گلاب جو، تهڙو ڪر تون ويس،
چوٽو تيل چنبيليو، ها ها، هو. هميش،
پسيو سونهن تنهنجي پو (ءِ) نينهن اچي نيش…‘
’نه نه، راجيش جو ڏوهه ناهي
سچ ته هيئن ناهي
هونءَ ناهي
مان ڪيئن ٻڌايان، ڪيئن آهي؟‘
’مير صاحب…؟‘
’ييس ويٽر، ايسپريسو ڪافي
مٽن ڪٽليٽ
… ۽ هڪ ڪئپسٽن سگريٽ.‘
’ذرا ويجهو اچو
ويجهو ٿي ويهو
هي مرد اسان جون ڳالهيون پيا ٻڌن
مارئي، هوڏانهن ڀلا ڇا آهي؟
سڀ توکي پيا ڏسن.‘
’مومل، تون هم جنس ٿي چوين،
ويجهو اچو، ويجهو ويهو.
جهوُمل سان سمهي، رسايئه راجيش راءُ
پوءِ چوين اَشانت آهين، رهيو نه سواد ساءُ
اِئين ڀلا ڪهڪاءُ، ڪنهنکي ڪنهنتي ڇو اچي؟‘
’مان ڪيئن ٻڌايان، ڪيئن آهي؟
ڇا ٻڌايانءِ؟ اِئين ڇو آهي؟…
مارئي، منهنجي ڳالهه مڃينديءَ
اڄ رات مون سان گڏ سمهندينءَ؟…،
’ميم صاحب، ڪافي ۽ ڪٽليٽ.‘
’۽ منهنجو سگريٽ؟‘
’ميم صاحب، لوس سگريٽ نه ٿو ملي،
پئڪيٽ آڻي سگهان ٿو؟‘
’مئڊم، ايڪسڪيوزمي،
لوس مون وٽ هڪيو تڪيو،
اوهانکي آڇي سگهان ٿو؟
’نو، ٿئنڪ يوُ.‘
’هي مرد اسانجون ڳالهيون پيا سڻن،
اکين سان پيا ٻڌن!
’هيل وٿ يوُ !
اِن ۾ ڇا آهي؟‘
’ليلا، ڇا ناهي؟‘
’ڪجهه به ناهي
منهنجو چندربشور آزاد خيال آهي –
اڄ چيائين:
منهنجو صاحب توسان گڏ ويهي
صرف هڪ پيالو ڪافي پئڻ ٿو چاهي
مون گهڻو ئي نٽايو
شرمايو ۽ ڪيٻايو
پر هوُ ڪٿي ٿو مڃي؟
چي:
ليلا، حيلا ڇڏ
منهنجي ’پروموشن‘ جو سوال آهي
تنهنجو اِن ۾ ڇاٿو وڃي؟
ڇي ڇي ڇي ڇي ڇي
اڄ ڪلهه انساني رشتا ۽ ناتا
رشتا ۽ واسطا
تڪڙا تڪڙا
ٽٽي رهيا آهن.‘
(3)
’آرڊر! آرڊر!
سسئي، اڄ جي ايجنڊا تي آهي:
اسين سڀ پنهنجا نالا بدلايون.
چاهيندي، نه چاهيندي آهن وابسته
نالن سان
پراڻيون ڳالهيون
قصا ڪهاڻيون
ارٿ، انرٿ
چتر وچتر
ديش وديش
مومل سان ڪاڪ، مارئي سان ملير
ليلا سان ديول ڪوٽ، سسئي سان ڀنڀور…
اسانجي نئين واقفيت آهي
سچ پچ نئين سڃاڻپ آهي،
اسين شاه جون اُهي نايڪائون نه آهيون،
اچو ته پنهنجا نالا بدلايون.‘
’ليڪن ليلا، ٿوري دير ترس
مونکي ٻڌاءِ، نالن ۾ نوان ارٿ نه ٿا ڀرجن؟
ڏياٽن ۾ نوان تيل نه ٿا اوتجن؟
نالن جا نوان نوان ويس
ارٿ سنڪوچ، ارٿ وستار، ارٿ آديش
معنائن ۾ ڦير گهير.
مان به چوان ٿي، اسان جن نالن جي
نئين سڃاڻپ آهي، نئين واقفيت آهي.
ان سنڌي ڀاشا جا ڪلاسڪس مون به پڙهيا آهن.
اسين اُهي سسئي پنهون، ليلا چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ
سهڻي ميهار، عمر مارئي، مومل راڻو، ڄام تماچي نه
آهيون
پوءِ پنهنجا نالا ڇو بدلايون؟
هوُ جو سامهون ڪنڊ ۾ ويٺو آهي
سو نئين يگ جو نئون شاعر آهي
’مِٿ ميڪر‘
۽ اسين – ڪافي هائوس جي زماني جي ’نئين مِٿالاجي.‘
ونڊ پاڇيءَ جي
وقت وڌي پويس
ته هوُ مون وٽ اچي
مون سان گڏ رهي،
مان به هاڻ هن کان
الڳ الڳ رهڻ لڳو آهيان.
وقت نه وقت جي بچت
زندگي نه،
زندگيءَ جي جوٺ
اسين پاڻ ۾ ونڊيندا آهيون.
اِها ونڊ
مول رقم جي نه،
پر
ونڊ پاڇيءَ جي آهي.
واسديو نرمل (1936)
غزل
هجي ها رنج معمولي، رئڻ دشوار ڇو ٿئي ها؟
ڳڙن ها ڇو نه ڳوڙها، ڳورو دل جو بار ڇو ٿئي ها؟
مون ڪنهن سان ڪين اوريو آهه پنهنجو داستان غم جو
بدن منهنجو سڪي نه ته هيئن مثل خار ڇو ٿئي ها؟
ڏسي هڪ موهڻي مورت، وڃائي ويٺي دل سڀ ڪجهه
نه جي مونکي هجن ها نيڻ، ڪنهن سان پيار ڇو ٿئي ها؟
اِنهي ۾ دل يا اک جو ڇا؟ - محبت ٿي ئي ويندي آ
هجي ها زور اُلفت تي، ته ڪو لاچار ڇو ٿئي ها؟
منهنجي تيمارداريءَ جي ٻڌي هئي ساک هن شايد
مونکي ايندو ڏسي، نه ته مکر ۾ بيمار ڇو ٿئي ها؟
ڏسو گردش! اڳي جو يار هو سو هاڻ دشمن آ!
هجي ها جي نه ڪوئي يار، ڪو اغيار ڇو ٿئي ها؟
اي نرمل غم کي ڏي شاباس جنهن توکي ڏنو ه مدرد
نه جي غمگين هجين ها تون، ته ڪو غمخوار ڇو ٿئي ها؟
هيُ به زمانو آيو
مکڙين جي منهن تي تالا ۽ قيد گلن جو واس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
ڀلجي ويا گجگوڙ شينهن ۽ گدڙن کي پيو قياس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
ڪوئل جي گيتن کان وڻندڙ ڪانءَ جي ٿي بڪواس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
’گانڌي‘، ’لمبا‘ جي رت ۾ ڏس، ٻڏي ويو اِتهاس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
لٽين ٿا بم ڀوُنءِ جي عصمت، ته به آ چپ آڪاس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
دين ڌرم جي اوٽ ۾ وَهسي وحشاني راڪاس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
ڇني پٽي پيو ڪئن هڪ ماڻهو، ٻئي ماڻهوءَ جو ماس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
هڪڙو ٻئي جي ناس ٿيڻ لءِ، باسي پيو ٿو باس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
تنهنجي منهنجي، هر دل تي اڄ، حاوي آهه هراس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
جن سنڌين لءِ دنيا گهر، اڄ ڳولن نئون نواس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
نرمل ڪهڙي دل آ، جنهن ۾ لڇي نه ٿي ڪا آس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
نيتر دان
مرڻ کان اڳ
مان
وصيت ڪندس
ته
دنيا مان جڏهين
مان ساسين سکالو ٿيان
تڏهن منهنجون اکڙيون ڪڍي
ڪنهن به نابينا کي
ڪجو دان،
جئن
منهنجين اکڙين ذريعي
ڏسي هيءُ جهان
هن جهان جا
هي رنگين نظارا
هي ساگر جون لهرون
هي لهرن جون ڇيڄوُن
هي مڇلين جون جهمروُن
هي رنگين پرندا
هي معصوم پوپٽ
هي ڦولن جي رنگت
هي شبنم جا موتي
هي تارن جي جهرمر
هي چانڊوڪي امرت
هي برساتي بادل
هي حسين انڊلٺ
آبشارن جو ناچ
۽ ٻيا حسن جا معجزا.
۽ هوُ به جڏهن
هن جهان مان هلي،
منهنجون اکڙيون
ٻئي نابينا کي ڏيئي وڃي.
۽ اِهو سلسلو
قائم رهي
جئن منهنجون اکيون
ڏسنديون رهن
اِيئن منهنجو شوق نظارا
جڳن تائين قائم رهي
اِيئن ڪاش
مان امر ٿي وڃان.
سوڪ ستايل
بس اِسٽاپ تي بيٺو هئس.
سوڪ ستايل، هڪڙي مائيءَ
جهوُر ٻڍيءَ، -
جنهنجي منهن ۾ گهنج هزارين
اِيئن بکيا پئي
ڦاٽ پيا هئا ڄڻ ڪنهن ٺوٺ زمين جي اندر، -
پنهنجو ڏڪندڙ هٿ ڦهلائي
بيک مڱي پئي
ٽئڪسيءَ جي اوسيئڙي ۾ بيٺل
چٽيل ڏکيل
هڪ عورت کان، -
جنهنجي
چهري تي
ميڪ اَپ
اَيئن جرڪي رهيو هو
گويا چمڪي رهي هئي پالش
نئين نڪوري بوٽ مٿان!
پر، اُن عورت
اُن ٻڍڙيءَ کي بيک ڏيڻ لاءِ
هرگز پنهنجو پرس نه کويلو
پنهنجو منهن ئي ڦيري ڇڏيائين
نراس ٿي
ٻڍڙي مائي
وڌي آئي ڪجهه مون ڏانهن
ازخود منهنجو هٿ
منهنجي کيسي جي اندر گهسي ويو
پر… پر…
منهنجي کيسي اندر
ريزو ته نه… مليو هڪ سوراخ.
رات تارن ڀريل
رات تارن ڀري، سهڻي ڪيڏي نه آ!
لائي جهرمر اِئين تارا آهن اُڀا
ڄڻ ته اوندهه سندي ڍنڍ ۾
روشنيءَ جا ڪنول پيا کڙي گم ٿين!
رات تارن ڀري، آهه ڪيڏي حسين!
ڄڻ ستارا پيا ڪن اشارا
ته هيڏي اچو
هيءَ دلاويز دنيا اسانجي ڏسو
آهه ڪيڏي حسين، خود چئو
ٿيو خود ئي اَمين!
رات تارن ڀري، آهه ڪيڏي نه ممتا ڀريل!
ڄڻ ته سرمي ڀري پوتي پائي ڪري
رات راڻي حسين تر ٿي وئي آ
ڄڻ ته ڪا کير ڌارا ٿي آنچل سندس مان وَهي
ڪهڙي ٻالڪ کي ٿي کير پياري
ڍڪي کيس تارن ڀري پوتيءَ سان!
رات تارن ڀري، ڪيڏي نوراني آ!
ڄڻ گگن جي پرڻ مان ڇڻي نور پيو
نور جو ڄڻ وَسي مينهن پيو
مينهن، جنهن سان زمين وهنجي پئي!
رات تارن ڀري، ڪيڏي آ جرڪندڙ!
اِئن لڳي ٿو ته ڄڻ کڙکٻيتا هزارين ٿا چمڪن
گگن جي چمن ۾!
رات تارن ڀري، ڪيڏي نه خوش آ!
اِئن لڳي ٿو ته ڄڻ رات راڻي
تارن جا ٻاري ڏيا
آسمان ۾ سجائي
ڏياري پئي ملهائي
ڪنهن ڪنهن وقت
ڪو ڏيو ڪري ٿو پوي
۽ ڏسندي ڏسندي
گم ٿي وڃي!
آهه ڪيڏي غمگين، تارن ڀري رات!
هي ستارا نه آهن، زخم آهن
جي، مون وانگي
غمگين ماڻهن جي آهُن سان آهن ٿيا
عرش جي سيني تي
عرش، جو ڄاڻي سگهي ٿو ٻين جو درد
جو ڏسندو رهيو آ صدين کان ظلم ۽ ستم
جيڪي
اِنسان تي ٿيا ۽ پيا ٿيندا رهن!.
شيام جئسنگهاڻي (1937)
ڪٽرپنٿي
هردوار – گنگا ڪنٺي
پوڄا ويل، هڪ سانجهيءَ
جهانجهه منجيرن تالن وچ۾
منهنجو پيڇو ڪندڙ
هڪ پنڊي جو آواز: بابوُ جي!
چوان ٿو؛ نه، ڪوئي مئو ڪونهي
نه ئي ڪو جنميو مون وٽ
مڪتي مڪتي
پنهنجي نه سهين، ٻئي ڪنهنجي ئي
ڪن کيسن ۾ وجهي
پاڻيءَ ۾ پرواه ٿيندڙ ڏيئا ڏسندي
هڪ ڏيئو مان به ٿو تاريان
ڌيمي هوا ۾ ڦهلجندڙ کڄندڙ سرديءَ جي لهر گڏ
پيڇو ڪندڙ پنڊي جو آواز: بابوجي
وئنڪٺ
ماياوي چوراسي چڪر مان مڪتي
خفي ٿي ڀڻڪان ٿو هڪ منتر
ڪن ڇنڊي کسڪي ٿو پنڊو
اَڇا، تون هندو ناهين!
قصو سمجهي
پرواهه ۾ لڙهندي
ٻڏي وڃي ٿو منهنجو ڏيئو
اَڇا……
مفڪر
ياد ناهي
معنائون پڪڙڻ جي ڪوشش ۾
ڪڏهن کان لڳاتار ڊوڙان پيو
هٿ هئنڊل ۾، ۽ پائيدان گم
اوڙاهه ۾ ڪرڻ جو لڳاتار انديشو آهي
پوءِ به ڊوڙ آهي
جئڻ جو شرط آهي
ڀُلائڻو اٿم ته ڪيئي بار اونده ۾
مئل آتما جا ناجائز ٽڪر
لڪي ڇڀي دفنايا اٿم
سواسن ۾ لفظي لاشن جي بانس کنيون
راجا پريکشت جيان ڪکجڻ جو اڳواٽ اطلاع پائي
منهنجو ڀڄڻ جاري آهي
وقت کي چڪمو ڏيڻ جي ڪوشش ۾
رفتار کي ڪئپسول ۾ بند ڪري ڳيهڻ جو ڪرتب ڪندڙ
مان اِتهاس جو هڪ چچريل پنو آهيان
نه پڇ مون کان نالو نه پڇ
منهنجو نسل – تخم نه ڳولهه
انگ ڇهي منهنجا (گهوڙي جي سودي جيان)
ملهه نه ڪٿ منهنجو
رشتو نه جوڙ
رشتو نه سوچ
ڇو ته مان ڀسمار آهيان
جيسين پاڻکي جلائي خاڪ ڪريان
تيسين تنهنجي پٺيان آهيان.
شهر
ڦهليل سرسبز ميدانن کي
شهر کائي کپائي ڇڏيو آهي
شخص کي احسان طور بخشي اٿس
ٽنگن ڊگهيڙڻ جيتري جڳهه
ٻاهران نالي جون تختيون
اندر درن اندر در، ديوارن اندر ديوارون
آسمان ۽ هوا ٻاهر آهي
کيرا بادل ڪارخاني سياهيءَ ۾ ٻڏل آهن
هوا ۾ زهر ئي زهر آهي
جنهنکي گهڻ ڪندڙ بي انداز نيل – ڪنٺ آهن
نيلا تن، نيلا من، نيلا آتما ۽ نيل ششو
گل ٻوٽا اگر آهن
ته ڪنهن ڊرائنگ روم يا لابيءَ جي ڪنڊ ۾
سڀ سليم مري ويا آهن
اِئين ته شهر به نت نيم سان سمهن ٿا
ليڪن سندن ڇرڪ رکي رکي جاڳن ٿا.
ڪردار
نه، مونکي ڪو به نقاب نه کپي
مان ڪو به نقاب چاڙهي ئي نه سگهندس
ڪنهن به دروپديءَ کي داءَ تي لڳائڻ جي
يڌشٽري همٿ کان مان وانجهيل آهيان
نه ئي مان دشاسن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو
قسم کائي سگهندس
ايڪلويه جو اڱوٺو گهرڻ وارا گهڻيئي آهن
شسترن کڻڻ ۽ ڦٽي ڪرڻ کان يگ دور – مان…
مان ڪابه جنگ نه ٿو لڙان
اکين کي پٽي ٻڌي، جٽجي، رات تائين
رات سان گڏجي بي آراميءَ ۾
ڏينهن رات ڊوڙندو رهان ٿو
مون ڪيترو فاصلو لتاڙيو آهي
اِن بي مطلب حساب جي تحقيقات ممڪن ناهي
اکين تي چڙهيل پٽي دائمي سراپ آهي
مان اِن سراپ ۾ بند آهيان
هڪ ڪردار – هڪ واحد – هڪ عدد – ڪردار.
تارازي
تارازيءَ جو پڙ خالي ڏسي
ٽپ ڏيئي وڃي مان منجهس ويٺس
ليڪن اُهو نه لڏيو نه لميو
نه ئي ٻئي پڙ ۾ ڪا چرپر ٿي
منتظر نگاهن سان مون ڏٺو:
اُن پڙ ۾ هڪ ٺلهو چڻو پيو هو
مونکي اک ڀڃي چيائين –
مان سُتا آهيان
اِئين چئي هوُ گولي بڻجي پيو
۽ مون ڏانهن اُڏاڻو… |