ڪافي 68
بدنام نه ٿي منهنجي وفا، يار جي خاطر
دشمن سان به ملي، اچج ذرا يار جي خاطر
وقت نزع آ هاڻي ڪيئن، تعظيم ڪيان مان
آئي آ قضا مون کي وٺڻ، يار جي خاطر
آلله ڪري هي نه هجي سچ جو، چوي ٿو ناصح
افسوس جو هي ڪمبخت مئو، يار جي خاطر
ڪافر ڀي بڻيم مان، مسلمان ڀي بڻيم مان
جو ڪجهه ڀي بڻيم، مان بڻيم، يار جي خاطر
اي چرخ تنهنجي ظلم جو شڪوو نه آهي مان کي
هر ظلم آ مان سَٺو هن، يار جي خاطر
کلن ٿا منهنجي حال تي، ڇو ملا ۽ ٻانڀڻ
جوڳي ٿي ڦريم در در مان، يار جي خاطر
حاضر آ منهنجي جان، موجود آ دل ڀي
اي ”ناز“ ٻيو مان ڇا ڏيان، يار جي خاطر
ڪافي 69
چانڊوڪي چنڊ تنهن رائيگان، مان ڇا ڪيان مان ڇا
ڪيان
ڇو شب ماهه تو بي نقاب آ، نه لب جوئي فرش آب آ
نه نگار مست شراب آ، مان ڇا ڪيان مان ڇا ڪيان
نه گڏ ويهي مون سان صنم، نه ڪو هٿ ۾ آ ڪو جام جم
ماري ڇڏيو آ هجر غم، مان ڇا ڪيان مان ڇا ڪيان
ڪهڙو ڪيان پرين جو بيان، ڪڏهن غصي ۾ ڪڏهن مهربان
ڇو هردم رهو ٿا بدگمان، مان ڇا ڪيان مان ڇا ڪيان
معشوق سهڻا بي وفا، گل خار سان گڏ پر جفا
نقصان لک ٿورا نفعا، مان ڇا ڪيان مان ڇا ڪيان
مٺو پردو تنهنجو حجاب آ، نه ظاهر ملڻ نه منجهه
خواب آ
وڃي ٿي جواني شباب آ، مان ڇا ڪيان مان ڇا ڪيان
بي وقت بي جا ”ناز“ سڀ، چوندين چنڊ ڪنهن کي راز سڀ
هاڻي غم جا ساز سڀ، مان ڇا ڪيان مان ڇا ڪيان
ڪافي 70
اچي ٿو پار پرين ڏينهون قاصد، شايد ڪو خط خبر آڻي
انتظاري جي اوکي رات، منهنجي ڪيئن وهاڻي
آهي اميد ٿي قاصد، خبر خوش يار آڻيندو
هجر جي هي ستايل دل، خوشيءَ کئون ڪيئن ٿي مامي
لڳي هي باهه آتش عشق، اندر جو حال تو چئجان
اچي سڙڻ کئون ڪئن رهي، هي ٿي هاڻي وري ڪيئن اجهامي
ڏوراپن جون ستون ٽي چار، پراڻو ۽ ڦاٽل پرزو
انهيءَ وري ڳالهه جو مطلب ٿو، سمجهي ناز ۽ ٿو ڄاڻي
ڏين طعنا ۽ هي تنڪا، رقيبن سان رهو اوهين خوش
ملامت يار دلبر جي، وڌو دل کي آ منجهه گهاڻي
اسان به آسري تنهنجي، ڪاٽيون ٿا ڏينهن قسمت جا
اسان کئون دور ويهي ڇو، مزا سڄڻن سان تون ماڻي
ڏاڍن سان هير نا حجت، نه غريبن جي پڄڻ جي جا
ڪيو تو قيد وڌو منجهه جيل، هليو آ تون خدا نامي
ڏسي پرزو هي پرين جو، ٿيا پرزا ڪيئي دل جا
الائي ڪنهن اجايو ڪيو آ، رنج دلبر کي خدا ڄاڻي
ڪافي 71
ڪيئن وڃي ڪٿي ڪتيان ڪتيان جيڏيون چرخو چورڻ نا اچي
سوين مورک سي پيا سيکارن نا سکي مان سکان اڙي
جيڏيون
ڪوڙ بدوڙ کئون مان واقف ناهيان ڪيئن اوهان سان ٺهي
ٺهان اڙي جيڏيون
ماء پيو ڀينر ڀائي ڪڪ مون ناخوش ڪنهن وٽ رهان اڙي
جيڏيون
زالن زنبن رکي بيزاري نه سور ڪنهن سان سليان اڙي
جيڏيون
دنيا ڊوهي کئون ٿي وئي نفرت ڇو دور ڪنهن جي تي
هاڻي وهان اڙي جيڏيون
”ناز“ اياڻو ڪيئن ٿئي سياڻو ڪهڙو پيريءَ ۾ هاڻي
نچان اڙي جيڏيون
ڪافي 72
ڇا ڪوئي جنس محبت جو خريدار نه هو
ڪير هو اهڙو جو يوسف جو خريدار نه هو
هي حَسِين سڀئي آهن حسن جا شيدائي تنهنجي
ڪير اهڙو هو جو دل کئون خريدار نه هو
ڪنهن جو جلوو هو جو يوسف تي زليخا ٿي فدا
غير هن راز جي ڪوئي ڀي خبردار نه هو
ڪشش وصل کان واقف نه رهي ڪوئي
پرڪشش حسن کئون ڪوئي خبردار نه هو
مبتلا پاڻ مسيحا هو تپ الفت ۾
ڪير اثر چشم نگاهه ڪوئي بيمار نه هو
حق پرستيءَ جي فقط عشق کئون تعليم ملي
بت پرستيءَ کئون سوا ڪوئي به خبردار نه هو
بخت سُتل نه جڳايو آ کڻي وصل جي رات
دلبر آيو هو ملڻ ”ناز“ ڇو بيدار نه هو
ڪافي 73
ڇا ڏسيان مان عشق توکي، عشق مَئون پاتو هي ڇا
جي حسين مان کي مليا ها، سڀ بي وفا ها بي وفا
سادگي ۾ حسن جي، عجب ڏٺي آفت بلا
هن جي محبت ۾ نه پائي، ڪوئي مطلب مدعا
دل کي پنهنجي پهلو ۾ مان، دوست سمجهي ٿي رکيو
وڃي عشق ۾ هو ڀي آ ڦاٿو، ڏيئي درد غم جور و جفا
درد گر يارب ڏنئي ڏئين، اثر ڀي ها مون کي
اڄ تائين هي آهه فرقت، جو نالو آ نارسا
ويا ڇڏي هڪ پل ۾ پنهنجا، بيگانه سڀ مون کي
تنهنجي محبت ۾ هي سڀ، آيا ”ناز“ کي ڪهڙا مزا
ڪافي 74
هو امتحان رات ڏسان، ڪير خواب ۾
پُڄن ڪهڙا ٿا مان وٽ، پرين پاڻ خواب ۾
سمهڻ جي وقت عملِ، خواب مان پڙهي سُتس
ڪِ پهريون ڏسان ڪير، اچي اڳي خواب ۾
محبت جنهن جي هوندي، پُچندو اهو اڳي
منهنجا ته ٻئي هن دلبر، اچن ٻئي خواب ۾
ستايل جدائي هجر کي، ڪيئن ننڊ ٿي اچي
هيڙم مريض عشق نه، ننڊ آئي خواب ۾
پاسا اٿلائي آخر، پوئين رات اک لڳي
استاد کئون اڳي حڪيم منهنجو آيو خواب ۾
گڏجي اچي هي ويٺا، بي تڪلف ٿي ٽيڪ ڏئي
ظاهر ٿيا هي ايترا نا، اڳي ها جو خواب ۾
معشوق منهنجا ڪيئي ها، مگر رهيا سڀ جدا
آخر خدا ڏياريو کڻي، دلبر جو خواب ۾
هڪ ”ناز“ ٻيو نواز تي، ڪيئن ستم ٿو ٺهي
جي ظاهر ها غصي ۾ هو، پرتا جو خواب ۾
ڪافي 75
ماکئون اڳي بيتاب ٿي، هو پڳا خواب ۾
سر ساهه صدقو ڪيڙئون، اچي، پردهء حجاب ۾
هٿ ۾ سفيد ڪپڙو هو، ڪجهه روپيا ها ٻَڌا
گهوري هي صدقو ناز سان، ڪيئاون حسن جي هي تاب ۾
سفيد هئي پوشاڪ، نور حسن و جمال هو
گهٽيا خوشگوار در ڏسي، هي پنهنجي آب ۾
شرم و حيا سان ويٺا اچي، مانکئون ڪجهه هو دور
يا روئي ڪيم ڳالهه، پاتائون ڀاڪر جواب ۾
منهن سان منهن پوءِ ملائي، گردن ۾ هٿ وجهي
مخمور پوءِ ٻئي ٿياسي، ڪهڙي شراب ۾
هٿ ۾ آيا هي اوچتا، هي ثمر بهشت جا
وٺي داخل ٿياسي، اسان ڀي ثواب ۾
لب لب سان گفتگو ڪئي، زبان سان زبان ڪئي ڳالهه
ڪهڙي ڪهڙي سزا ڏيان، توکي پنهنجي حساب ۾
ڏکڙا جدائي جا لٿا، هڪ پل ۾ رات جو
اهڙو خواب ۾ مزو هو، نه آيو شباب ۾
دردن ڏکن جدائي جون هاڻي، ڳالهيون ڪيون بند
گذري وڃي نه رات هي، پنهنجي عتاب ۾
پهريئون روئي ڏنائون، پوءِ مون سان ڪَيَئون هي
ڳالهه
ڏکي ڏاڍي مان هُيڙس، هجر جي عذاب ۾
”ناز“ وصل يار جو ٿيو، اڄ هي پهريئون خواب ۾
شايد ڪڏهن هاڻي ٿئي کڻي، ظاهر جي باب ۾
ڪافي 76
ڪتو توڙي ڇتو ٿئي، مالڪ پنهنجو سڃاڻي
پر حيف آهي ماڻهن کي، ڄاڻي مالڪ کي نه ڄاڻي
بُک ڏک ڏيو هزار، ڪتو در نا ڇڏي
در تي هي دم ڪتو ڏئي، مالڪ ڄاڻي يا نه ڄاڻي
هڪ هي بک ۾ سو هي، ڏک ڏين هي بيوفا ماڻهو
هرگز ڌڻي نه ڄاڻن هي، بي زر ۽ بي ناڻي
اصحاب ڪهف سان به ڪتو، سنگتي هو منجهه غار
هن جي وفا جو ذڪر، قرآن ڀي ٿو ڄاڻي
انسان ۽ سَگ حرام ٻئي، خدا جي ڪتاب ۾
هڪ حرام کي شناس، ٻيو حرامي هي نه ڄاڻي
”ناز“ ماڻهو نه چئو توهان مان کي، هن نانء کئون
مان کي نفرت
سگ هان درِ موليٰ جو، پاڻ الله ئي ٿو ڄاڻي
ڪافي 77
جيئن ٻين ڪئي آ مون سان، توهان به ائين ڪندئو
رهي خوف دل ۾ هردم، ڇا الائي توهان ڪندئو
هڪڙن جي عشق ڪيو، خانو خراب دل
باقي حشر الائي، برپا اوهان ڪندئو
نازرڪ ڏاڍا ڏسڻ جا، مگر پٿر کئون سخت دل
ڪهڙو دردمند دل جو، درمان توهان ڪندئو
محبت مٽايو توڙي، محبت نه ماٺ ڪئي
محبت مارايو آخر، هاڻي توهان ڇا ڪندئو
در در رلائي هر ڪنهن، ديوانو پوءِ ڪيو
پاڳل ديواني کي ملي ڪري، ڇا توهان ڪندئو
منهنجي نصيب ۾ هن، سڀ بي وفا لکيا
ڀلي بيوفا کئون بس آ، پوءِ ڇا توهان ڪندئو
دردن سودائي وحشي ڪري، ماريو ناز کي
پوءِ وري ڪهرو علاج، ڇا توهان ڪندئو
متان لسٽ بيوفائن ۾، لکرايو پنهنجو نام،
آهي عشق پلصراط، گذر ڪيئن توهان ڪندئو
نفرت دنيا کي ماکئون، مان ناحق پُٺيئون پوان
شايد ڪڏهن ته ”ناز“ کي، روئي ياد توهان ڪندئو
ناحق ۽ بيگناهه بُتن، ڪئي مون سان دغا
مطلوم تي حَسين، تباهي توهان ڪندئو
ڪافي 78
چون مٺڙا دلبر مٺڙا، اهي عشق محبت مٺڙا دلبر
نيڻين نينهن کڻي لايو جن سان، اهي نظر تنهنجي جا
ڪُٺڙا دلبر
جنهن ڏينهن ويڙهي رانجهن وسندو، سڀ غم غبار پوءِ
لٿڙا دلبر
هجر تنهنجي سان حال آ ابتر، ڏيون ويٺا غمن سورن کي
مٺڙا دلبر
”ناز“ سان دلبر رس نا پيارا، ڏاڍا بار غمن جا سٺڙا
دلبر
ڪافي 79
خيال عشق ڪيا محال، خيال عشق ڪيا محال
هن جي جفا جا خيال، يا پنهنجي وفا جا خيال
پنهنجو مٽائي پاڻ مان، خريديو آ عشق کي
پوءِ ڪيئن اچن هي مون ڏي، ملامت گلا جا خيال
ڏينهن گذريو ياد ۾، شب انتظار خواب
سئو وقت سئو طرح جا، دل تي منهنجي خيال
شريعت شرع ڪيو آ، توڙي مشڪل ملڻ هي ناز
ڪير روڪي خواب ۾، پوءِ محبت مٺي جا خيال
خالي آسرو جيئڻ جو، هو وصل يار ۾
”ناز“ پوءِ هجر ۾ وڌي ويا، هاڻي موت جا خيال
ڪافي 80
ڇا مان هان مان کي، ڪجهه ڀي خبر ناهي
سمجهان اگر مان هن کي، هو ته بشر ناهي
قاتل اگر هتي آ، پوءِ ڪير آ هو ظالم
ڇا بيوفا ناهي ڇا هو فتنه گر ناهي
دريائي ميان قطرا، قدرت تون هن جي ڏس
هر وقت هي آ اسان وٽ، پر اسان کي خبر ناهي
پڄنداسي ڪيئن نه تو وٽ، منزل اگر آ دور
ڇا رهبر اسان جو ڪونهي، يا راهگذر ناهي
سجدي ڪرڻ ۾ توکي، قِبلي جي غرض ڪهڙي
نه ڪوئي طرف خالي، هو بت جِڌَر ناهي
هن درد غم منهنجي ۾، دل کي ڏئي ٿو نه ڪو تسليٰ
فرياد ناله ۾ ”ناز“ ڇاکئون اثر ناهي
ڪافي 81
ڪئن مٽي ڪنهن کئون لکيو، جو آهي تقدير جو
ڇا شڪايت آ فلڪ جي، ڇو گِلو تقدير جو
دل منهنجي آ آئينو، عڪسِ رخ خورشيد جو
سامهکون آ نقشو، هردم يار جي تصوير جو
سنگدل آ سخت دلبر، پسبو مدت کان پوءِ
جي پِيٺو ته ٿيندس قائل، آهه جي تاثير جو
اي ڪمان ابرو چتائي، تون نشانو هڻ هيڏي
هي نشانو دل منهنجي جو، ڪر کڻي پنهنجي تير جو
دشمن سان آ دوستي، ۽ دوستن سان التفات
هٿ ۾ آيو آ منهنجي، هي نسخو کڻي تسخير جو
هن جي ڪن تائين آخر، رسائي ٿي وئي فرياد جي
ڇو نه مان احسان ڀانيان، نالهء شبگير جو
جنهن دل تي ٻري باهه، اها قدر سڙڻ جو ڄاڻي
ٻيو ڇا ڪوئي احوال ڄاڻي، عاشق دلگير جو
هن جي در جي خاڪ ٿي، خود کي ڪر تون پائمال
هي فقيري ۾ مليو، نسخو مان کي اڪسير جو
آهن حواس خمسه منهنجا، سڀ مطيع پنجتن
آهي عقيدو دل منهنجي ۾، شبر و شبير جو
تون خطاوار آن دل جو، توکي ڏجي ڪهڙي سزا
هو چون هي غصي مان، تون مستحق تعذير جو
ڪافي 82
جيءَ جلائڻ سور کائڻ ڪوئي، اچي اسان کئون سکي
پوءِ سر ڏيڻ هر روز اتي، ڪوئي، اچي اسان کئون سکي
لئو لئو لالا کئون گوهر، اسڪ جا ڪجهه ڪم نه آهن
پوءِ هن طرح ڳوڙها وهائڻ ڪوئي، اچي اسان کئون سکي
پيرن کي ميندي هي لاهي، چون قاصد کي منهنجي
عذر ڪرڻ جو بهانو ڪوئي، اچي اسان کئون سکي
هُت ذرا ابرو هلي، مان ٿي ويس بِسمل هتي
خاڪ تي تڙڦڻ ۽ ڦٿڪڻ ڪوئي، اچي اسان کئون سکي
ڏئي ڇڏي بي سوچ دل هي، ساڻ سڀ هوش و حواس
خانئه دل کي لٽائڻ ڪوئي، اچي اسان کئون سکي
گڏ ويهي دشمن جي پهلو ۾، چون ٿا هي مون کي
دل جلائڻ بي لحاظي ڪوئي، اچي اسان کئون سکي
هت اگر ابرو هلي هت، سر جهڪايم قتل ڪاڻ
دل تاڙڻ تنهنجي ڳالهه جو ڪوئي، اچي اسان کئون سکي
ڏئي دل کي پنهنجي ”ناز“ تون، هن جي دل ۾ گهر ڪيو
يار جي دل ۾ سمائڻ ڪوئي اچي اسان کئون سکي
ڪافي 83
شب فراق جو صدمو، سهي نٿو سگهجي
بغير وصل صنم جي، رهي نٿو سگهجي
اگر هي دل تو وٽ، رکي نٿو سگهجي
ته پوءِ هي غير کي به هرگز، ڏئي نٿو سگهجي
بتن جي عشق کڻي، ڪافر بڻايو آ مون کي
هاڻي هي سچ آ ته مسلمان، به ٿي نٿو سگهجي
منهنجي ته دل کي سمجهه گهر، ۽ خوشي ساڻ رهه
ته هي مڪان آ اهڙو جو، ٻئي کي رکي نٿو سگهجي
ڪٿئون هي گردش سيار، آئي قسمت ۾
ته هڪ ئي جاءِ تي تنهنجي ۾، رهي نٿو سگهجي
آهيان مان پير پر، عشق جوان آ منهنجو
بغير نالهء و فرياد جي، رهي نٿو سگهجي
نشيلي اک جو جڏهن پور، پوي ٿو دل تي
اکين کان آب اندر مئون، رهي نٿو سگهجي
چوي هي خلق مون کي ”ناز“ ڇو نه سودائي
جو درد دل کان پنهنجو راز، رهي نٿو سگهجي
نظرن کئون يار جي صورت، لهي نٿي سگهجي
سواءِ مدعا چوڻ جي دل، رهي نٿو سگهجي
تون آهين حسن جي سرڪار، طالب هڪڙو غريب
ڪِه بادشاهه جي اڳتئون عرض، فقير ٿي نٿو سگهجي
هزار تنهنجون جفائون، هزارين ٿين بيداد
هي رنگ عشق جو اي ”ناز“، لهي نٿو سگهجي
ڪافي 84
شايد عضا پرينءَ جا لٿڙا آهن، خواب ۾ گڏ ٻه راتيون
ڏٺڙا آهن
گڏ کائڻ پيئڻ ميان راتين، جو هو ڏينهن جو ڪاڏي
ويڙا آهن
نيڪ فال سمجهو خوابن جو تعبير، شايد غم غبار
اڳيئون ٺهريا آهن
ٻن خوابن جو مضمون هِڪو، خدا ڪندو هو سچڙا آهن
”ناز“ معشوقن جا سهندس سر تي، مون ڪاڻ پرين ننڍڙا
آهن
ڪافي 85
تون وٺ دل وٺ مان کي ڏي وٺ وٺ، سودو ساهه سر جو
ڪري وٺ ڏي وٺ
لائي عشق ميدان ۾ آيو سر جي بازي، نه ڏرج نفعي
نقصان نه هار نه کٽ
محبت هجي مهانگي سهانگي نه ڇڏ دل ديواني جو قدم
پٺٽي نه هٽ
”ناز“ مارو ملڻ لاءِ آهن ڏاڍا اٻاڻا، وڃي در دوستن
جي هاڻي پڄ جهٽ پٽ
ڪافي 86
مان عشق نه ڄاڻا ڪا ذري، دل محبت ۾ ٿي آهي چري
رنگ روپ محبت جو ڪونهي، نه شڪل شباهت آ وري
اچڻ وڃڻ جي سڌ نه جنهن جي، جان جگر سان پئي آ جڙي
اتيئي شادي اتيئي ماتم، ڪل ڪانه پوي ميان ڪائي
گهڙي
ملهه سان ملڻ جنهن جو مشڪل، ڪڏهن ريءَ چوڻ ري ملهه
حاضر کڙي
ڪيئي مجنون وانگر بيٺا بر ۾، ڪيئي منصور سوليءَ تي
ڪيا سير چڙهي
دل ۾ پيهي اکين ۾ ويهي، پوءِ ديدن سان وڇي ديد لڙي
ڪٿي سڪل ٻوٽا ساوا ڪري ٿي، ڪٿي ساوا سڪا به ويندا
سڙي
ڇا ”ناز“ نوان نوان محبت تنهنجا، ناهن ختم ٿيڻا
ساري عمر وئي
راز تنهنجي کئون ڪوئي واقف ناهي، تون حور حسن جي
يا ديو پري
ڪٿي فرهاد ٿي ڏونگر ڏاري، ڪڏهن ڳالهه ٻڌڻ سان پوي
مري
مام محبت جڏهن دلبر پڇندو، کڻي آئينو ڏي تون هن کي
وري
ڪافي 87
پنهنجي وفا جو شڪوه نه پنهنجي جفا لکو
پر ناز هن غريب جي هردم خطا لکو
چون ٿا سنگدل ۽ آ بيوفا هي ناز
هن بي اثر ۽ ڊيٺ کي نه خط ۾ دعا لکو
هيئن سامهون رقيب جي چون غير ٿا مون کي
پنهنجو نه ٿيندو خير هن جو شڪوه ڇا لکو
آهي بيوفا ستمگر ڪندو ڪنهن سان هي وفا؟
جورو جفا جي هن جي هي به ادا لکو
غيبت منهنجي جي غيب کئون هاتف ڏني صدا
انصاف گر هجي ته اوهان بي خطا لکو
هي چڙ غصو خفگي آ محبت جي جوش کئون
گر مان بڻيو آهيان غير ته منهنجي سزا لکو
پنهنجي پيشنگوئي جو ڪريون ڇو پاڻ فيصلو
پنهنجي مريض عشق جي نه دوا دعا لکو
خط لکڻ آ جرم نام وٺڻ منهنجو گناهه
”ناز“ جو ڦيرائي نالو هاڻي بيوفا لکو
ڪافي 88
چنڊ چنڊ ماڻهو چون مان ڪاڏنهن ڳوليان يار کي
ڪلهه سويري عيد ٿيندي مان ڪيئن لهان دلدار کي
وطن وارن جون خوشيون ڏسي ساز سامان عيدا جا
اي عيد شب ڏنئي تازو غم ڇو هجر جي بيمار کي
ڪنهن ماهه ۾ ها چنڊ ٻه اکين پنهنجن سان ڏٺا
چنڊ رمضان هڪ ڏٺو ٻيو ويو ڪهڙي هاڻي پار کي
ڏيو مبارڪ روزي وارن کي هن رمضان عيد جي
دلبرا توکئون سوا ڪهڙي خوشي غمخوار کي
نه خواب ۾ آيو نظر ڇو عيد يا چنڊ رات ۾
ناز دل کي ڏي تون ڪا ڇڪي هاڻي عشق جي هن تار کي
گڏ رقيبن جو رهڻ مايوس دل کي ٿو ڪري
برگ برگ هر گل ٿيو ڏسي پاڻ سان گڏ خار کي
غم انهيءَ ۾ عمر هر گل جي هميشه گهٽ رهي
چند روزه رنگ و بو ڏئي ويو هليو گلزار کي
بلبل نالان نه ٿيو وقت خزان گذري ويندو
جلد پوءِ ڏسندئو وڃي پنهنجي گل و گلزار کي
درد مون آيو مزو دل کئون خوشيون ويڙيون هليون
”ناز“ عيش عشرت جي امانت ڏيو کڻي آزار کي
ڪافي 89
ديد دلبر جي ڏسڻ لاءِ تون نظر پيدا ڪر
عشق منظور آ اگر ته سوز جگر پيدا ڪر
تنهنجي فرياد ٻڌي ڪير فقط سردردي
پنهنجي دل ۾ ته ذرو پهريئون اثر پيدا ڪر
عشق چون ٿا جنهن کي کيڏ نه آهي ٻارن جي
دل جلائي ڪري پوءِ سوز جگر پيدا ڪر
شمع حسن حقيقت جي هي دشواري ڏس
وڃي پرواني کئون تون سوز جگر پيدا ڪر
گهر مٽا پنهنجو ۽ جان مٽا تون پنهنجي
ٺهي سگهي جيئن دلِ محبوب ۾ گهر پيدا ڪر
نه سهي ڪعبه نه بتخانه وڃ اي ”ناز“
ڪاڻ سجدي جي آخر ڪوئي ته در پيدا ڪر
ڪافي 90
ڇا ڏسيان مان عشق آهي ڪهڙي بلا
دام ۾ ڦاسي چيو قولِ بليٰ
حسن دلبر جي سئو تعريف آ
پنهنجي زبان سان ڪيئن چوان مان بيوفا
عشق خود آ مرض پر سئو مرض جي هڪڙي دوا
ڪهڙي هن جي ابتدا ۽ ڪهڙي هن جي انتها
يا الاهي ڪنهن کي تون درد محبت جو نه ڏي
رات ڏينهن دل کئون پنهنجي نڪري ٿي دعا
هي اجارو نه آهي ڪنهن جو محبت ۾ تون اي ”ناز“ ڏس
دل ته بيوس آ پنهنجي نه ڪنهن جي هٿ ۾ آ ذرا
ڪافي 91
عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جان جو جانان نه رهيو
بزم خلوت نه رهي عيش جو سامان نه رهيو
وڃي ڪعبي ۾ ڪجي پوڄا هاڻي ڪنهن جي يارب
ڪوئي مومن نه رهيو ڪوئي مسلمان نه رهيو
سڀ جي خواهش آ ملي مال عزت دولت جاهه
ڪوئي دنيا ۾ تنهنجو ناز دل سان خواهان نه رهيو
انتظاريءَ ۾ اکيون منهنجون رهن ٿيون هردم
هاڻي هڪ ڏينهن به هو دلبر ڪڏهن مهمان نه رهيو
ڪيترا سال محبت کي لڪايم سڀ کئون
آخر هو عشق سچو جو مون کان پنهان نه رهيو
ڪنهن ۾ بوئي وفا ڪير فدائي تنهنجو
ڇو ستائي ڪري هو ”ناز“ پشيمان نه رهيو
آئين آزاد ازل کئون ٿئين پابند بلا
ڦاٿين پوءِ ايترو جنهن ۾ تنهنجو افسانه رهيو
ڪافي 92
جڏان مهلان ملڻ ديان هونديان ني
تيڏيان يادان دل تي پونديان ني
ياد ويل ملڻ دلبر دي جان آندي
هر هر رورو اکيان پونديان ني
شامان ويلي رانجهن ها وسدا
ڪيون هڻ بن ماهي شامان آنديان ني
هار سينگار ڪران مئن ڪنهن دي خاطر
نه ڪوئي سونهن سينگار بڻ ڀانديان ني
پير ڪون پير جدائي جو ڪيتا
”ناز“ موت دي نال هڻ ساڏيان رانديان ني
ڪافي 93
رهان دائما دعاگو ٻانهون غلام تنهنجو
ٻي جاءِ سر جهڪي ڪيئن ڪيڙم سلام تنهنجو
ناز وصل جي گهڙي ڇو نزديڪ نا اچي
پورو نه ٿيندو واعدو جو صبح شام تنهنجو
نازڪ خيال يار جا نوان رنگ ڪي ڏسي
هر رنگ روپ ۾ آ هردم هي نام تنهنجو
مان مدح خوان تنهنجو ڪيان وصف و بيان تنهنجو
هر وقت لب زبان تي آهي ڪلام تنهنجو
ڦِٺون جُٺون ٻُڌي ڪري ساري عمر وئي لنگهي
”ناز“ کڻي سڀ ملامتون سر ڪيڙم سلام تنهنجو
ڪافي 94
دل ڪنون لاهه چا خام خيال، مشڪل جنهن دا وصل وصال
باهه برهه وچ ڀڙڪي کا تون، ڪڇ ڪڇ نا تون ڪر دل دا
حال
ٿڪ ٿڪ رهيان اميدان دل ديان، گذرڳئي ڪيئي ماهه و
سال
نير نيڻان دي پر نالي جاري، روندي روندي ڳل ڳئي
ڳال
سنگ ساٿ سنگت سڀ شرم وڃايا، ناز سانگ ڪري ڪهڙي
سانگي نال
آوڻ اوکا ويکڻ مشڪل، ملڻ مهانگا تيڏا محال
چوري چوري خوابان دي وچ، لٽ لٽ ويندا دل دا مال
رنگ ڍنگ دي وچ بي مثلي هي، نهين جڳ دي وچ تيڏا مثل
مثال
نوڪر ٻانها غلام اصل دا ”ناز“ تيڏي جور جفا دي
ناهين مجال
ڪافي 95
منهنجي سورن جا ها، سنگتي رڳا ڪتيون ۽ تارا
راتئين درد فراق ۾، لڳا ڏاڍا هي پيارا
ويا ڳاڻاٽي کان ٽيئي هي نڪري، ڳوڙها داغ اندر ۽
تارا
آين ويل نه هٿ ملڻ جي، چمڪي ٿڪا ويچارا
پرين پرکئون جدا جو ڪيڙو، ڪيم لک جتن لک چارا
دل چورائي دلبر ويو، ڪان راتيون ڏينهان پڪارا
”ناز“ نظر سان نيڻ کڻي ويا، ڏئي ويا نيڻين نظارا
ڪافي 96
جيئري دعويٰ ڪنهن جي ڪنهن تي ڀلي هجي
مئي کئون پوءِ هي دعويٰ اسان تي نٿي ٺهي
پاڻئي ڇڏي هي ويندا ڪري آزاد قبر ۾
پوءِ ڀئو نا هنن جو وصل ۾ گر دير ئي ٿئي
جيڪر هجن ها مائٽ مرڻ کئون پوءِ ڪن ها پيار
گهر کئون ڪڍي ڪري مٽي مٿئون ڪئن ٿي پوي
جنهن کي چون ٿا موت آهي زندگي ابد
عاشق و شهيد کي ڀلا ڪو مئو ڀي ٿو چوي
اسيري هي يا قيد رهي ويندو سڀ هتي
بي ڌڙڪ گڏ ملي کلي پوءِ رهنداسون هتي
ڏسندا اسان کي خواب ۾ نه ڪڇي سگهندا خوف کئون
پوءِ کلي چونداسون ڏسيو هاڻي ڪيئن ڪجي
پوءِ ڪڇي پڇي نه سگهندا ڪنڌ هيٺ هي ڪندا
ناز پوءِ شرم کئون هي چوندا عاشق تي ظلم نا ڪجي
اسان جي هي دوستي تون هتئون جي نه سمجهه
هئاسون ازل کئون وقف هي روح ٿو چوي
تنهنجو هاڻي هتئون جو رشتو ڪچو چند ڏينهن جو
اسان جو تعلق روحي ازل جو پوءِڪيئن ٿو ڇڄي
ڪوڙي دعويٰ ڪري اسان ۾ وجهن خلل
”ناز“ منصفي سان چئو تون پنهنجو ڪهڙو ٿئي
ڪافي 97
هڪ دل جي سچائي صفائي ٿي گهرجي
نه پنهنجي ڪائي نا پرائي ٿي گهرجي
ڪيو عشق ناحق توکي ناز بدنام
محبت سان هاڻي لڙائي ٿي گهرجي
نه عيدن نه ديدن سان تنهنجو غرض ڪو
رک عمر جو ادا سو انڄائي ٿي گهرجي
رهو پاڻ سان خوش ڪهڙو مطلب ڪهين سان
نه نيڪي نه ڪنهن جي برائي ٿي گهرجي
ڪاڏنهن جا اسان غير خير خواهه تنهنجا
نه خوشامد اسان جي اجائي ٿي گهرجي
ويهي وقت پنهنجو وڃايون ٿا ناحق
بيهوده فضول نا ڪمائي ٿي گهرجي
جيها ڏينهن جا اهو وڃو رستو وٺي هي
اهڙي نا اسان کي وفائي ٿي گهرجي
ڇڏيو جند اسان جي ڪيو شادي پنهنجي
”ناز“ رقيبن جي اها حق ادائي ٿي گهرجي
ڪافي 98
چريو هجان ته چئي ڏيو، نه ته ناهي مستن تي ميار
اوهين عشق واريون ناهيو ڙي، ڇو ڪيو منهنجي پچار
تنهنجي چاش لبن جي جن چڱي، سر ڪيو تريءَ تي تن
نثار
هڪ گهڙي جي تون رنبن، رهيم روئيندو ساري عمر يار
ڪافي 99
اي صنم خانه تيرا، آباد ويرانه رهي
وحشتون سي خوش يه دم، مست ديوانه رهي
لي چلا ڪيون اي غم دل، تو بيابان ڪي طرف
اي مري غمگين دل، آباد غم خانه رهي
ڪافي 100
دم دم تانگهان دلبر تيڏيان ڪيوين
دل تون چاوان چاوان مئن
نه اپنا ميڪون يار ڪيتو ئي
هڻِ غيرون غير سڏاوان مئن
انهان لوڪان، مارئي ڏيک نه سگهدي
ڪيوين ڳالهه سڻاوڻ آوان مئن
هڪ سڙ سڙ سڙ پچدي هن
ڪهڙي قصي ڪوڙ سڻاوان مئن
ڪافي 101
مئن رانجهن رانجهن ڪردي وتسان
هير تون ڇوڙ جهنگ سيالان نون
خيال هِڪو وچ رانجهن مِلسين
ڇوڙ ٻِنهان تون خيالان نون
قيد اسيري دي ڪڍ تون ڏوري
ڇوڙ تون ڇِن دوالان نون
کيڙيان نال کپارا ڪهڙا
ٻِن ڏي دل دي ڪاليان نون
سئو سئو چال ڪريندي وتدي
تون سمجهه انهان ديان چالان نون
رانجهو در تي آڻ کڙوتا
هير ڇوڙ جواب سوالان نون
”ناز“ نه ڀانڊا جي دلبر تينئون
چا ڏيوو دردان واليان نون
ڪافي 102
پيرين پئي ملياسي تنهنجا پير ماهرو
پيرين چُمي ڪيوسي روئي حال روبرو
حاضر جواب يار جا طعنا کنياسي سر
الفت جي اڄ لڙائي جو ٿيو لطف روبرو
پنهنجي وارثي جي دعويٰ هرڪو ٿو پيو رکي
منهنجي به ڳڻ ڪنهين کي ڪا آهي ماهروڍ
ڳلي ڳلي ڦرياسي تنهنجي تلاش ۾
رئندا رهياسي تولئي اي ناز ڪوبڪو
هيڏانهن نگاهه مست ۽ ابرو خنجر
هوڏانهن مايوس حسرتن ڀري دل آ روبرو
آوارگي ۾ عمر لنگهي وئي افسوس هيڪلي
سر ڏيئ به ڪين ٿياسي ڪنهن جاءِ تي سرخرو
ڪافي 103
شمشير هي يا تير ڪنهن کي ڏي ڪنهن کي نه ڏي
هڪ جان آ ناتوان ڪنهن کي ڏي ڪنهن کي نه ڏي
مهمان هوڏي هما آ، هوڏي ڃا سگ حبيب
هڪمشت استخوان ڪنهن کي ڏي ڪنهن کي نه ڏي
دربان هزار هن جي هي هڪڙي آ نقد جان
مال هن قدر گران ڪنهن کي ڏي ڪنهن کي نه ڏي
بلبل کي آ گلن جي گل چين کي به طلب
حيران آ باغبان ڪنهن کي ڏي ڪنهن کي نه ڏي
سڀني کي گهرج آ وعدي جي ماکئون وصال جي
هڪڙي آ منهن زبان ڪنهن کي ڏي ڪنهن کي نه ڏي
معشوق زر هي تنهنجا هزارين هن خوستگار
چپ مرشد مغان ڪنهن کي ڏي ڪنهن کي نه ڏي
يارن کي ڀي طلب غيرن کي ڀي طلب
ششدر آحان ”ناز“ ڪنهن کي ڏي ڪنهن کي نه ڏي
ڪافي 104
بوڇڻ رڱيا محبت تيري رنگ دا وي
ڳوٽا لڳا تينون ڪيهي ڍنگ دا وي
بيک بيک ٽڪڙي در در گهندا
هڻ ڏسو ڪنهن ڪنون دل منگدا وي
ڀڳوا ويس هي جوڳيان دي نشاني
سهڻي پتا ڏتا سانون اهين رنگ دا وي
عشق چڙهيا ”ناز“ سر ڏيسان وي
جيوين سر چڙهيا هي چنگ دا وي
هي دورنگي وچ تينون رهڻا
ڪرين خيال زماني دي رنگ دا وي
سانگ تساڏي سانگ بڻايم
دل نه ڪنهن ڪنون سنگدا وي
مست اکيان خوني خنجر
هڻ خيال چڙهيا جنگ دا وي
ڪافي 105
اسان بردي دلبر دي در دي
توڙي واقف ٿيوون لک گهر دي
عشق لکين سانون گهٽيان گهمائيان
پر اسان دلبر دلبر ڪردي وتدي
مثل مثال وچ بي مثل هي
نال رقابت ڪئي وتدي سڙدي
شرم وفا دا قدر نه ڪيتوئي
تيڏي محبت دي وچ وتدي مردي
رنج رسامي ڄاڻڻ سوکي
نه منت پرچاوڻ دي ڪردي
ضد معشوقان پئي سڻيجي
نه واقف ٿيوو ٻئي دردي
سوين نيڪيان نون ڪوئي نه ليکي
بي قصور پئي سولي چڙهدي
ڊوڙ عشق وچ پڇي هي رهندا
ڪيون ڏوهه اسان تي ڌردي
تهمت طعنه سر ”ناز“ تيڏي
گِلا ملامت وتدي ڪردي
ڪافي 106
اي جنون آج تيرا چاڪ گريبان مددي
روئي جانان مددي جان تو جانان مددي
گم رهي عشق هوا ڪس واديءَ صحرا ۾
آبله پائي مددي خار مغيلان مددي
ڇوڙتا مجڪو نهين ڪوئي در ليليٰ تڪ
صحن يار مددي در دربان مددي
آج هي تجسي هوئي هم نفس وهم ذاتي
دي ڪي اب دل هون چلا عشق ايمان مددي
”ناز“ اڪ ناز ٿا وه ڀي امانت تيري
ڪرڪي تعويذ رکو ناز نگهبان مددي
خاڪ ۾ دانا ڇپا ڪر ڪيون بيٺا هي صياد
دام گيسو مددي زلف پريشان مددي
فرقت ياد صنم ۾ نه ڪٽي ميري رات
داغ هجران مددي شب نالان مددي
ڪس طرح ڊالون گلي ۾ تجهي معويذ بنا
سورت الفجر مددي سورت قرآن مددي
حورون ڪي عوض بخش مجهي تو يا رب
روئي جانان مددي جلوه حسينان مددي
ڪافي 107
طالب شاهه طلبي تنهنجو ذڪر ڪيان قلبي
حسن تنهنجي ۾ حيراني، تون هندي يا عربي
ڏکڻ اتر ۾ نام هي تنهنجو، تون شرقي يا عربي
سڪ ساروڻي ساهه سڪي، ڪيئن يار کئون دل پلبي
ڪافي 108
خم خم زلفان پيچ مرينديان، صدق صدق سئو جان ٿيوي
ڇڻ ڇڻ ڇڻ ڇڻڪار زنجيران، محبت دي ميدان ٿيوي
سياهه لڇيان ديان دل وچ لهران، ظاهر زلف پريشان
ٿيوي
صورت سهڻي يآس دي آکان، جنهن تي راضي رب رحمان
ٿيوي
هنس هنس اکيان نال الائون، جيوين ماهر هفت زبان
ٿيوي
ڪيا ڪوئي سڻسين ڪيا ڪوئي سمجهي، نه واقف ڪوئي بي
ايمان ٿيوي
سهڻي صورت دا هر ڪوئي طالب، ڪوئي دانا ڪوئي مستان
ٿيوي
دل ته سجدا ڪيتا سر تي هڻ، ڪوئي ڪعبه ڪوئي قرآن
ٿيوي
”ناز“ ڀي ٺهندا نال معشوقان، سر ساهه صدق قربان
ٿيوي
جڏان رمز سهڻي تي يار آيا، هر مشڪل ڦر آسان ٿيوي
”ناز“ قسمت دي هٿ چا واڳ ڏيوو، نه ڪنهن تي ڪوئي
احسان ٿيوي
ڪافي 109
صبر تنهنجو ضبط منهنجو آهن دل جا ٻئي گواهه
حشر ۾ ڏيندا گواهي، تنهنجا منهنجا ٻئي گواهه
نه عدل جي هت ڪا عدالت نه ڪوئي منصف مزاج
ڪنهن جي اڳيئون ڏين ڪا گواهي تنهنجا منهنجا ٻئي
گواهه
چار ديدون حسرتن جون، ٻئي مايوس دل جي سامهون
فرياد عشق ٿئي روبرو، حاضر ٿين پنهنجا گواهه
اظهار ٿئي ڪنهن جو بيان، پيش ٿئي ڪنهن جو گواهه
ڪهڙي شڪايت ڪنهن اڳيئون، ڪن پنهنجا پنهنجا ٻئي
گواهه
گهر جلايو ڪنهن آ دل جو، ڪنهن پاڻي ڪيو محبت جو
بند
ڪلهه فيصلو ٿيندو اهو، ڇا ڇا چون پنهنجا گواهه
تو ڪئي دعويٰ مون تي، ۽ مان ڪئي دعويٰ توتي
ڪنهن کي ملزم ڪلهه بڻائن، پنهنجا پنهنجا ٻئي گواهه
ڪلهه حضرت آ عشق جي هٿ ۾، هي تنهنجي فيصلو
ظاهر قصور ڪنهن جو هي ڪن، پنهنجا پنهنجا ٻئي گواهه
ڪيس ڪيئن کٽندا اهي جو، شرم ماريا ماٺ ڪن
”ناز“ ڪهڙي ڏيندا شاهدي پوءِ پنهنجا پنهنجا ٻئي
گواهه
ڪافي 110
تيڏي صورت وچ سبحان اهو
نظر رحمان اهو ايمان اهو
خمخم زلفان پيچ به پيچان
ڏنگ مار ڪرن مستان اهو
هنس هنس ڪي نيڻ تون چاندا
دل درد مندان درمان اهو
توريت انجيل زبور ڪتابان
ڀيڄان مالڪ سمجهه قرآن اهو
يار دا مُک ايمان اساڏا
وچ نظر زمين آسمان اهو
اڳي هجر بيتابي دل دي هوئي
ڪيوين تاب چاوي چشمان اهو
جڏان يار ڏٺا نه تاب سَٺا
دل حِرت وچ حيران اهو
محبت من وچ ايڏون اوڏون
بيتابي چپ دا سامان اهو
زلفان ڀاڪر ڏيک ڏيک پاون
ڀلي ناز رهي پريشان اهو
يار سڃاتا ”ناز“ نه هوئي
رهندا دل وچ ارمان اهو
”ناز“ نه ٿڪيا مجنون وانگر
آخر ٿڪ پيا هي بيابان اهو |