سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات ناز

صفحو :1

ڪليات ناز

مير علي نواز خان ناز

پيش لفظ

مئي 1978ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان، مير علي نواز ”ناز“ جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ڪَٺو ڪري، اُن کي تربيت ڏيڻ جو ڪم، منهنجي حوالي ڪيو ويو. مون پي ايڇ ڊي جي مقالي لکڻ وقت، خيرپور جي ميرن متعلق گهڻو ئي مواد هٿ ڪيو هو؛ تنهن ڪري سمجهيم ٿي ته اهو ڪم تمام آسان ٿيندو، مگر جڏهن ڪم شروع ڪيم، تڏهن ڪلام هٿ ڪرڻ جو مسئلو ڏاڍو ڏکيو لڳو. لڳاتار ڪوشش ڪرڻ جي باوجود، ڪافي وقت تائين سمورو ڪلام ملي نه سگهيو. خيرپور جي پبلڪ لئبريري مان صرف ٽي ڪتاب ”آتش عشق“، ”ڪليات نازاردو“ ۽ ”مئڪده ناز“ مِليا. دوستن جا در کڙڪايم، مير صاحبن وٽ ويس ۽ سِرائين کان پڇا ڳاڇا ڪيم، مگر ڪو کڙتيل نه نڪتو. البت سرائي غلام شبير خان سُهاڳ مير صاحب جي ڪافين جو هڪ خوشخط قلمي بياض ڏنو. پنهنجي مهربان دوست پروفيسر طاهر حسين صاحب نقوي وٽان ڪراچي مان مير صاحب جي توشا خاني جو هڪ ڪافين جو وڏو بياض هٿ آيو، جنهن ۾ مختلف شاعرن کان سواءِ مير صاحب جون ڪافيون به ڪافي انداز ۾ هيون. ڪتاب ”خلوت عشق“ جو هڪ ڇاپو ڊاڪٽر تنوير عباسي عطا ڪيو، ۽ اردو غزلن جو مجموعو ”گلدستهء ناز“ پنهنجي دلبر دوست پروفيسر سليم الحق عباسي کان ورتم. بنگلي شهر ۾ مير امام بخش خان وٽان ”خلوت عشق“ ۽ ”طوفان عشق“ جا پراڻا نسخا مليا. حيدرآباد مان محترم دوستن مرزا عباس علي بيگ ۽ مرزا سلطان حيدر بيگ وٽان مير صاحب جي طبعزاد رباعين جو ڪتابڙو ”گنجينهء خِرد“، ”خطبهء صدارت“ ۽ مير صاحب متعلق چيل مختلف شاعرن جي قصيدن جا نقل مليا. ڪوٽ ڏيجيءَ مان سرائي مظفر حسين خان اُنڙ ”داستان ليليٰ مجنون“ ۽ ”گاڊس رليجن“ جا نسخا عطا ڪيا. ڪراچيءَ جي قومي ميوزم مان هزهائينس جونيئر بيبي بالي جي قلمي بياض جو نسخو محترمي پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي خان بلوچ جي معرفت فوٽو اسٽيٽ ڪرايو ويو. ڊاڪٽر صاحب مهرباني ڪري نواب گل محمّد خان زيب جو چيل مرثيو، فقير هدايت علي تارڪ جي لکيل قطع، تاريخ ۽ ميان قادر بخش حقير ٺُل واري جي لکيل قصيدي جا نقل به عطا ڪيا. لاڙڪاڻي مان پنهنجي هر دلعزيز دوست پروفيسر اياز حسين قادري وٽان سندس والد بزرگوار فقير غلام سرور قادري جو چيل قصيدو ۽ لنڊن مان شايع ٿيل ”پوئٽري رِوِيو“ جي هڪ رسالي جو اصلي نسخو هٿ ڪيم. گهوٽڪيءَ مان پنهنجي پراڻي ڪرم فرما سيد اظهر گيلاني وٽان مير صاحب جي ڪتاب ”گنجينهء خرد“ جو فقير هدايت علي تارڪ جو ڪيل فارسي ۾ منظوم ترجمو ”آئينهء قصد“ هٿ ڪيم. انهن کان سواءِ محترم دوستن ماستر قربان علي خان، محمد علي خان ۽ ڪريم بخش خان بگٽي جن وٽان مختلف شاعرن جي ڪلام جا بياض وٺي، انهن مان مير صاحب جون ڪافيون ڪڍيم ۽ ڇاپيل ڪافين سان ڀيٽي ڏٺم. مٿي ذڪر ڪيل سڀني دوستن جو دل جي خلوص سان ٿورائتو آهيان. هي ڪتاب سندس مهربانين جي نتيجي ۾ ئي لکي سگهيو آهيان. پنهنجن شخصي مسودن، دوستن جي ڪتابن ۽ مختلف لئبريرين مان مواد حاصل ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو اٿم. اميد ته منهنجي يارهن مهينن جي لڳاتار محنت صاب پوندي ۽ پڙهندڙ منهنجي ادبي اوڻائين کي درگذر ڪري پنهنجي زنده دلي جو ثبوت ڏيندا. آمين

خيرپورميرس                                نيازمند

21، مارچ، 1979ع                 عطا محمد حامي

خانداني احوال

هوت قبيلو: ٽالپر بلوچن جي مشهور قبيلي هوت سان تعلق رکن ٿا. سندن مورث اعليٰ اسماعيل خان ملتان جي گورنر سلطان شاهه حسين لانگاهه جو گهاٽو دوست هو، جنهن کيس دعوت ڏيئي مڪران مان پاڻ وٽ گهرايو. سلطان شاهه حسين کيس پنهنجي سرحد ۾ ڪجهه علائقو سرداريءَ ۾ ڏنو[1]. اسماعيل خان 1488ع ۾ پنجاب جي شهر ديري اسماعيل خان جو بنياد رکيو[2].

بجير بن بيزن:

مير اسماعيل خان جو پوٽو بجير بن بيزن سن هڪ هزار هجري مطابق 1592ع ۾ لڏي ڀاڳناڙي ۾ ويٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ هو ديري غازي خان جي حدن ۾ آيو ۽ چوٽي بالا جو ڳوٺ ٻڌي ويٺو[3].

ٽالپر لقب:

هن قبيلي تي ٽالپر لقب به چوٽي بالا ۾ پيو. هن ڳوٺ ۾ هڪ ٽاريءَ جو وڻ هو، جنهن جي هيٺان بجير بن بيزن ۽ سندس قبيلي وارا ويهي ڪچهري ڪندا هئا. ان ڪچهري ۾ ويهڻ وارن جو نالو ٽالهي پور يعني ٽالهيءَ جا پُٽ هڪ ال طور پئجي ويو. سرائڪي زبان ۾ ٽاريءَ کي ٽالهي سڏيندا آهن. اهو لفظ ٽالهي پور مان ڦري ٽالپر بڻجي ويو. ان کان پوءِ هن خاندان ۾ زنگي بن بجار کي هڪ پُٽ به ان ٽاريءَ جي وڻ هيٺان ڄائو، جنهن جو نالو ئي ٽالهو رکيائون. اهو ٽالهو سنڌ وارن ميرن جي وڏي مير سليمان عرف ڪڪي خان جي پيءَ شاهو خان جو چاچو هو. مير ڪڪي خان جي رهائش به چوٽي بالا ۾ هئي، جتي سندس پُٽن ۽ پوٽن جي نالي تي واهه، قلعا ۽ انهن جا ويرا اڄ به موجود آهن[4].

ڊگهه بالا جو ڳوٺ:

مير ڪڪي خان جو سهرو حاجي خان مري پنهنجي راڄ سميت مري علائقي ڪاهان مان نڪري، سنڌ جي علائقي ڪاڇي ۾ اچي رهيو هو. ان جي استدعا تي مير ڪڪي خان جو هڪ پٽ مير ماڻڪ خان ۽ ڪجهه ٻيا ٽالپر چوٽي بالا مان نڪري اُتي آيا ۽ ڊگهه بالا جو ڳوٺ ٻڌي ويٺا. سنڌ ۾ ٽالپرن جي اها بيٺڪ هئي[5]. ڪلهوڙن ٽالپرن کي اُتان گهرايو هو[6].

مير شهداد خان:

مير ڪڪي خان جو پوٽي مير شهداد خان ولد مير هوتڪ خان ٽالپر پنهنجي فوجي اهليت سبب ٻروچن جي جدا جدا گروهن کي پاڻ ۾ ملائي پنهنجو ڪيو هو ۽ مقامي بغاوتن بند ڪرڻ سبب سندس بهادري مشهور ٿي وئي هئي، تنهن ڪري دهليءَ جي دربار مان کيس پٽ باران جو علائقو (شهدادپور ۽ ان جي آس پاس وارو علائقو) جاگير ۾ مليو هو. ڪلهوڙن به ڪوشش وٺي کيس پنهنجو بڻايو ۽ پنهنجي لشڪر جو سالار مقرر ڪيو[7]. مير شهداد خان 2، رجب 1174هجري مطابق 1734ع تي وفات ڪئي ۽ سندس وڏو پٽ مير ڄام نِندو ڪلهوڙن جو سپهه سالار ٿيو[8]. جڏهن نادر شاهه افشار 1739ع ۾ سنڌ تي حملو ڪري، ميان نور محمد ڪلهوڙي جا پٽ يرغمال طور وٺي ويو هو، تڏهن مير ڄام نِندو به انهن سان گڏ ايران ويو هو ۽ وفات به مشهد ۾ ڪئي هئائين[9].

مير بهرام خان:

مير ڄام نندي جي ايران وڃڻ بعد ڪلهوڙن جي لشڪر جو سالار مير شهداد خان جو ٽيون نمبر پٽ مير بهرام خان ٿيو[10]. هن کي ميان سرفراز خان ڪلهوڙي سندس پٽ مير صوبدار خان سميت شهيد ڪرائي ڇڏيو[11]. مير بهرام خان جي پٽ مير بجار خان کي وري ميان عبدالنبي خان جوڌپور جي راجا جي مدد سان ٻه راجپوت گهرائي دغا سان قتل ڪرايو[12]. ان کان پوءِ ميان عبدالنبي خان مير عبدالله خان ولد مير بجار خان ۽ مير فتح خان ماڻڪاڻي کي پاڻ وٽ دغا سان گهرائي مارائي ڇڏيو[13]. مطلب ته ڪلهوڙن جي آخري حڪمرانن، مير شهداد خان جي اولاد سان نه رهايو. سندن لڳاتار ظلم زبردستي ۽ بيوفائي سبب سڀني ميرن گڏجي ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. هنن مير بهرام خان جي پوٽي مير فتح علي خان ولد مير صوبدار خان جي سرڪردگي ۾ ساڻن هالاڻي جي ميدان تي جنگ جوٽي. هن جنگ ڪلهوڙن جي حڪومت جوخاتمو آندو ۽ سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي[14].

ٽالپرن حڪومتون:

ٽالپر ڪجهه وقت مير فتح علي خان جي سراهي ۾ متحد رهيا ۽ سنڌ جي مرڪزي حيثيت قائم رهي، پر جلد ئي منجهن اڻبڻت پيدا ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد ۾ مير فتح علي خان، ميرپورخاص ۾ مير ٺارو خان ماڻڪاڻي ۽ خيرپور ۾ مير سهراب خان پنهنجون ڌار ڌار حڪومتون قائم ڪيون[15].

مير سهراب خان:

هي مير شهداد خان جي ٻئي نمبر فرزند مير چاڪر خان جو وڏو پُٽ هو. هالاڻي جي جنگ فتح ڪرڻ ۾ سندس فوجي صلاحيتن کي وڏي اهميت هئي. هو هڪ وڏو دانا ۽ دورانديش حاڪم ٿي گذريو آهي[16]. ستاويهه سال شان ۽ شوڪت سان حڪومت هلائي 1811ع ۾ گوشه نشين ٿي ويٺو ۽ پنهنجي پڳ پنهنجي وڏي پٽ مير رستم خان جي حوالي ڪيائين.

مير رستم خان:

هي هڪ پاڪباز، نيڪ نيت ۽ هر دلعزيز حاڪم هو. سندس نيڪ نيتي مان ناجائز فائدو وٺي ڪجهه اميرن محلاتي سازشون شروع ڪيون، جن جي نتيجي ۾ ڀائرن ۾ بي اتفاقي پيدا ٿي. هوڏانهن انگريزن به سنڌ ۾ پنهنجو سياسي ڄار وڇائي، بي اتفاقي جي باهه کي هوا ڏني. حيدرآباد ۾ مير صوبدار خان کي ۽ خيرپور ۾ مير علي مراد خان[17] کي پنهنجي خاندان کان جدا ڪري، پنهنجي سازشن ۾ شريڪ ڪري ورتائون. نيٺ 1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻيءَ جي جنگين ۾ ميرن جي حڪومت ختم ٿي ۽ انگريز سڄي سنڌ جا مالڪ بڻجي ويا. مير علي مراد خان منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين انگريزن سان وفادار رهيو. کيس انهيءَ وفاداري جي صلي ۾ خيرپور ضلعي وارو علائقو هڪ ڏيهي رياست جي صورت ۾ مليو. اها رياست 1843ع کان وٺي، 14، آڪٽوبر 1955ع تائين قائم رهي. ان تي مير علي مراد خان ۽ سندس اولاد مان هيٺين پنجن حاڪمن هڪ سئو ٻارهن سال حڪومت ڪئي:

1.      مير فيض محمد خان ولد مير فيض علي مراد خان

2.     مير امام بخش خان ولد مير فيض محمد خان

3.     مير علي نواز خان ولد مير امام بخش خان

4.     مير فيض محمد خان ولد مير علي نواز خان

5.     مير علي مراد خان ثاني ولد مير فيض محمد خان ثاني

زندگي جو احوال

ننڍپڻ:

مير علي نواز خان تاريخ 9، آگسٽ، 1884ع تي ڪوٽ ڏيجي ۾ ڄائو[18]. هو وڏي ناز ۽ نعمت سان پليو. انهيءَ موقعي تي وڏا شادمانا ٿيا. راڳ آواز جون محفلون متيون. غريب غربا کائي خوش ٿيا. سوالين کي دُهرا دان مليا ۽ خزانن جا در کُلي ويا. اهي عيش ۽ خوشيءَ جون تقريبون مهينن تائين قائم رهيو.

تعليم ۽ تربيت:

مير صاحب جي تعليم ۽ تربيت ان وقت جي وڏن تعليمي ماهرن جي حوالي ڪئي وئي. ابتدائي تعليم لاءِ مخدوم الله بخش عباسي عاصي ۽ مولانا شهاب الدين شاهه هالاڻي وارو سندس خاص استاد هئا[19]. اهي ٻئي بزرگ وڏا آزمودگار ۽ اهل دل انسان هئا. ٻنهي مير صاحب جي ذهني ۽ اخلاقي اوسر لاءِ قلبي ڪوششون ورتيون. انگريزي تعليم لاءِ هندوستان جي وڏي تعليمي ماهر خواجه غلام سبطين جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. کيس خواجه صاحب جي رفاقت ۾ چيفس ڪاليج لاهور ۾ داخل ڪيو ويو. اُتي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ کيس امپيريل ڪئڊيٽ ڪور ديرادُون موڪليو ويو. فوجي سکيا وٺڻ بعد هو ڪئپٽن ريڊيءَ جي رفاقت ۾ ولائت ويو ۽ نَوَ مهينا لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ هن سڄي يورپ سان گڏ مصر، عراق ۽ ايران جو به سير ڪيو. ولائت کان موٽڻ بعد هو هندستان جا ڪافي شهر گهمندو خيرپور ۾ آيو[20].

مختلف اعزاز:

مير صاحب پنهنجي سفر دوران يورپ ۽ هندستان جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه ادارن جي سرپرستي ڪئي، تنهن ڪري کيس انهن ادارن طرفان ڪيترائي اعزاز مليا، جن مان هيٺيان مشهور آهن[21].

(الف) ميمبر چئمبر آف پرنسز.

(ب) بمبئي صوبي جي اسڪائوٽس ڪائونسل جو نائب صدر.

(ت) بمبئي نيچرل هسٽري سوسائٽي جو دائمي ميمبر.

(ث) ريڊڪراس سوسائٽي جو سرپرست.

(ج) فيلو آف رائل سوسائٽي آرٽس لنڊن.

(د) پوئٽري روُيو سوسائٽي لنڊن جو صدر.

والد جي ناراضگي:

مير علي نواز خان بنيادي طور تي هڪ آزاد فطرت جو ماڻهو هو. ويتر ولائت جي سفر ڪرڻ بعد سندس طبيعت ڇڙواڳي ڏانهن مائل ٿيندي وئي. سندس والد مير امام بخش خان پُراڻين روايتن جو قائل هو. تنهن ڪري پنهنجي وليعهد جي انهيءَ روش کي برداشت ڪري نه سگهيو. هن صاحبزادي جي بگاڙ جو سبب سندس ڪجهه نوڪرن کي سمجهيو ۽ کين موقوف ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مير علي نواز خان حڪم جي تعميل کان انڪار ڪيو ۽ پيءَ کان ناراض ٿي، ساڳين نوڪري کي ساڻ ڪري، جلاوطن ٿي ويو[22] پيءَ ۽ پٽ جهڙا جاني جدا ٿي ويا. اهو 1920ع جو زمانو هو.

راضپو:

مير علي نواز خان گهر ٻار کان پري رهي، هندستان جا مختلف شهر گهمندو رهيو. جلاوطني جو گهڻو عرصو هن حيدرآباد دکن ۽ ڀوپال ۾ گذاريو. نيٺ پوري ورهه جي وڇوڙي کان پوءِ مير امام بخش خان جي دل کي جُهٻو آيو ۽ پنهنجي پياري پٽ کي واپس گهرايائين[23].

تخت نشيني:

مير امام بخش خان تاريخ 8، فيبروري، 1921ع تي وفات ڪئي. پنجن ڏينهن کان پوءِ مير علي نواز خان کي برادري جي پڳ ٻڌرائي وئي. تاريخ 25، جون، 1921ع تي سرڪاري طور تي سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي[24].

حڪومت:

مير صاحب وڏو پڙهيل ڪڙهيل، روشن خيال ۽ هر دلعزيز حاڪم هو. گاديءَ تي ويهڻ شرط رياست ۾ وڏا سڌارا آندائين. رعايا تان ڇيڙ جي پراڻي مصيبت معاف ڪيائين. تعليم تي اڳي کان وڌيڪ توجهه ڏنو ويو. رياست جي سموري زمين جي ماپ ڪرائي، ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا. خيرپور شهر ۾ پاڻي جي نلڪن ۽ بجلي جو بندوبست ڪيو ويو.

سرڪاري نوڪرن لاءِ پينشن جو انتظام ڪري سندن سروس بوڪ رکيا ويا. اڳي عدليه مير صاحب ۽ وزيرن جي هٿ ۾ هوندي هئي، مگر هاڻي علحدو جوڊيشنل کاتو کولي ڊسٽرڪٽ جج، سيشن جج ۽ سب جج مقرر ڪيا ويا[25]. انهن سڌارن سبب ملڪ جي آبادي وڌي ۽ پيدائش ۾ اضافو آيو. مير صاحب جي ڏينهن ۾ رياست خوشحال هئي. هرڪو سُکيو ستابو هو. جتي ڪٿي سُڪر سڻائي هئي، ايتري قدر جو ڪڻڪ ۽ جوئر جو مڻ ٻن روپين ۾ ۽ ڪپهه جو مڻ پنجن روپين ۾ ملندو هو[26].

عشق:

مير صاحب وليعهدي جي زماني کان وٺي دنيوي زندگي جي لاهين چاڙهين کان واقف ٿي چڪو هو. يورپ ۽ هندستان جي مختلف شهرن جو سير ڪري ڪافي تجربو حاصل ڪيو هئائين. سندس دل جوش ۽ جذبي سان ڀريل ۽ سندس دماغ بهترين صلاحيتن سان سينگاريل هو. سندس رڳن ۾ روح ۽ خون ۾ گرمي هئي. سندس ذات ۾ قوم ۽ وطن جي بهتري لاءِ وڏيون اميدون هيون. کيس به پنهنجي رياست کي هڪ مثالي رياست بڻائڻ جو خيال هو، مگر قدرت جو ارادو ڪجهه ٻيءَ طرح هو. مير صاحب اوچتو ئي اوچتو عشق جي اري ۾ اچي ويو ۽ محبت جي تيرن سان زخمي ٿي پيو[27]. لاهور جي هڪ ڳائڻي اقبال بيگم عرف بالي سان اک اڙجي ويس. طالب ۽ مطلوب ملي ملاقاتيون ڪيون. مير صاحب جون اکيون مائي صاحبه ۾ ۽ مائي صاحبه جون مير صاحب جي دولت ۾ کُپي ويون. ٿورن ئي ڏينهن ۾، مائٽن سان ملڻ جو بهانو ڪري، مير صاحب جو اَرڪو ترڪو کڻي لاهور هلي وئي. مير صاحب جي وڏن کان ورثي ۾ مليل اٺن لکن جا هيرا ۽ جواهر هضم ٿي ويا[28].


[1] . مير حاجي بخش خان: ”ماڻڪاڻي ميرن جي تاريخ،“ 1976ع، قلمي ص 8.

[2] . ايضا- ص 592

[3] . غلام مرتضيٰ شاهه سيد: ”سنڌي يوسف زليخا“، مطبع جليل اڪليل ڪراچي، 1892ع، ص11

[4] . غلام مرتضيٰ شاهه سيد: ”سنڌي يوسف زليجا“، حوالو ڏنل آهي، ص 609.

[5] . مير محمد بخش حاجي: ”ماڻڪاڻي ميرن جي تاريخ،“ حوالو ڏنل آهي، ص14.

[6] . ايضا

[7] . خدا بخش خان مري: ”سَرچ لائيٽ آن بلوچستان“، رايل بوڪ ڪمپني ڪراچي 1974ع ص198.

[8] . محمد سردار خان: ”هسٽري آف بلوچ ريس ائنڊ بلوچستان“، پاڪستان پروسيس ڪراچي، 1958ع.

[9] . ڏسو حوالو پهريون، ص 198.

[10] . عظيم الدين ٺٽوي، مير ”فتحنامه سنده،“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص28.

[11] . جيمس مئڪمرڊو: ”ڪلهوڙن جي تاريخ“، ٽائيپ ٿيل مسودو، مملوڪ سنڌالاجي، ص21.

[12] . هائوسٽن: ”بمبئي پريزيڊنسي جا نمائندا“، سرڪاري پريس بمبئي 1897ع ص46.

[13] . غلام رسول مهر: ”تاريخ ڪلهوڙا“ جلد ٻيو، سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1974ع، ص76.

[14] . حسن علي خان مير: ”سنڌ جو شاهنامو“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد ص66.

[15] . جيمس مئڪمردو: ”ڪلهوڙن جي تاريخ“ حوالو ڏنل آهي، ص67.

[16] . عطا محمد منشي، مرزا: ”تاريخ تازه نوائي معارک“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1959ع، ص268.

[17] . مير علي مراد خان مير رستم خان جو ننڍو ڀاءُ هو.

[18] . نسيم امروهوي: ”تاريخ خيرپور“، اردو، مراد پريس خيرپور، 1958ع، ص98.

[19] . زباني روايت صاحبزادو مير حاجي غلام حسين خان ٽالپر ساڪن ڪوٽ ڏيجي

[20] . امير علي شاهه، سيد: خيرپور رياست جي تاريخ،“ قلمي، مملوڪ سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ساڪن کهڙا.

[21] . ايضا:

[22] . زباني روايت صاحبزادو مير حاجي غلام حسين خان.

[23] . ايضا:

[24] . قليچ بيگ، مرزا: ”خيرپور جي تاريخ“، فيض پريس خيرپور، 1922ع ص224.

[25] . ائڊمنسٽريشن رپورٽ خيرپور، 1922ع.

[26] . ساليانه ائڊمنسٽريشن رپورٽ خيرپور، 1923ع.

[27] . ساليانه ائڊمنسٽريشن رپورٽ خيرپور، 1923ع.

[28] . امداد علي خان سرائي: ”سهاڳن جو احوال،“ قلمي، مملوڪه سرائي غلام شبير خان، ساڪن ٽالپر وڏا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org