ربائي نمبر21
سوانيست جي ناهي هستي عالم ڪا شئي
نقصان آهي هر شئي کي زوال پئي دم پئي
هي ڄاڻ جو ڪجهه آهي سو دنيا ۾ نه آهي
هي مڃ جو ڏسي تون نه سگهين سواء
ربائي نمبر22
صحرا ۾ جتي لالئه رنگين آ کليو
سلطان جو هي خون آهه يا ڪنهن قيصر جو
هر پتو بنفشه جو زمين مَئون نڪري
هي تر آهي جو چنڊ رخسار تي ڏٺو
ربائي نمبر23
اول ته توکي ناهي اڄ ڪلهه جو پتو
ديوانو آهين جو فڪر ڪرين ٿو ڪَل جو
هي ساهه جو موجود آهي نه ضايع ڪر
هي عمر جو باقي آهي ناهي مُلهه ان جو
ربائي نمبر24
هي ظلم ستم چرخ تنهنجو ڪِينو آ
بيداد گري آ عادت ديرينه آ
اي خاڪ تنهنجو جيڪر قلب چاڪ ڪجي
ڀرپور جواهر سان تنهنجو سِينو آ
ربائي نمبر25
جنهن وقت ڪِ غم صدمو تنهنجي دل کي ڏئي
جڏهن ڪم ۾ توکي سخت مشڪل ڪا هجي
ان وقت ڪنهن ٻئي جي مصيبت جو سُڻي حال
پوءِ خوشدلي تمام توکي حاصل ٿئي
ربائي نمبر26
عاقل جي نظر ۾ بُرو يا ڀلو هجي
عاشق جي ڪاڻ بهشت ٿئي يا دوزخ هجي
بيدلين کي ٽاٽ هجي يا اطلس هجي
عاشق جي سراڻي سر هجي يا تڪيو هجي
ربائي نمبر27
دنيا ۾ مُلڪ ۽ دشت سڀ ڇاڻيا
مصيبتن مشڪلن جا رستا ماپيا
مان نه سُڻيو جو ڪوئي پوءِ پَلٽيو
هن راهه تي ويا جي وري نه آيا
ربائي نمبر28
سَبزو جو جهان ۾ ڪناري دريا بيٺو
گويا معشوقن جي چپن جي خو بيٺو
ذلت سان نه رک سَبزي تي قدم
هي سبزو آ خاڪ لاله رُو جي بيٺو
ربائي نمبر29
بهتر آهي جهان ۾ گهٽ دوست ڳول
دنيا ۾ دک دور جيملت هنس ٻول
تون جنهن کي سمجهين ٿو پنهنجو جگري دوست
اهو آهي تنهنجو دشمن ذرو اک ته کول
ربائي نمبر30
جنهن روز کان هي آسمان ڦٽيو
جنهن وقت هوندو ستارن ۾ دونهون
مان دامن وٺي تنهنجي پڇندس ته اي دوست
ڪنهن جرم ۾ مون کي سرڪار قتل ڪيو
ربائي نمبر31
مرڻو هڪ واري آهي سئو واري ڇا
مري پئو مردار هي لاچاري ڇا
هي خون نجاست جي هڪ مُٺ رڳ پوست
هر شئي تنهنجي بيڪار آهي غمخواري ڇا
ربائي نمبر32
خيام جو خيمو حڪمت ٿي سِيتو
غم کاڌو انهيءَ کي ۽ ناگاهه سڙيو
ڪينچي جو اجل جي سڀ طنابُون ڪاٽيون
دلال قضا هن کي پوءِ مفت وِڪيو
ربائي نمبر33
ناڪرده گناهه دنيا ۾ ڪهڙو ٿيو
جنهن پاپ نه ڪيو سو ڪهڙو ٿيو
مان کان ٿئي بَدي ۽ تون ڏيئن بدلو بُرو
پوءِ مون ۾ تو ۾ فرق ڪهڙو ٿيو
ربائي نمبر34
ڪجهه خون دل زخمي کان وهي ويندو آ
ڪجهه ديده خوني کان وهي ويندو آ
پلڪن کان جو ٽپڪي پوي پوءِ ڪهڙو عجب
ڪانٽن ۾ ته گل کُلي ويندو آ
ربائي نمبر35
اي دل نه بڻاءِ غير کي محرم پنهنجو
هر زخم پنهنجي تي رک هي مرهم پنهنجو
تنهائي ۾ پاڻ پنهنجي ڏک کي کاءِ
پاڻ کي پاڻ بڻاءِ پاڻ لئي همدم پنهنجو
ربائي نمبر36
ساقي ساغر سان ٺهي خدا جو ڪم
رحمان آ بنده نوازي هن جو ڪرم
مغرور بندگي تي نه ٿي ڪر شغل بهار
مخلوق جي طاعت سان خدا جو ڪهڙو ڪم
ربائي نمبر37
محبت جي ملامت ۾ ڪوئي ننگ ناهي
اڻ ڄاڻ سان هن ڳالهه ۾ ڪائي جنگ ناهي
هي شربت عشق آهي فقط مَردن ڪاڻ
نامرد کي شراب ۾ ڪوئي رنگ ناهي
ربائي نمبر38
الله ساڻ سواءِ صبر رضا جي نه هلي
بندن سان سواءِ فريب وريا جي نه هلي
هر عقل جا حيلا ۽ ڪياسي لک جتن
سڀ ڳالهيون ڳڻيونسي پر قضا سان نه هلي
ربائي نمبر39
نيڪي ۽ بدي طينت انسان آهي ضرور
شادي ۽ غمي قضا و قدر جو دستور
الزام نه ڏي چرخ کي اي دشمن عقل
هو توکان آهي سئو درجا زياده مجبور
ربائي نمبر40
خيام گناهن جي ڪاڻ هي ماتم ڇا
بيفائده آهي غمِ بيش و ڪم ڇا
بي جرم ڪوئي هجي ته بخشش ڪهڙي
بخشش آهي گناهن ڪاڻ پوءِ غم ڇا
ربائي نمبر41
هُوشيار زمانو آهي شورانگيز
بي فڪر نه ٿي تيغ دوران آهي تيز
جي حَلوي جو لقمو زمانو ڏئي مُنهن ۾
ڳِيهه هرگز نه ان کي جو آهي زهر آميز
ربائي نمبر42
جنهن ڏينهن کان بُرا ڀلا سُڃاتاسي
جنهن ڏينهن زماني جي ڄار ۾ هت ڦاٿاسي
افسوس انهي ڏينهن جا حساب ڏينداسي ضرور
جو عمر بي معشوق هي ڏينهن ڪاٽياسي
ربائي نمبر43
بي عقلي ساڻ بڻجي نٿو هر فن موليٰ
هر نيڪ و بد ساڻ ملي رهڻو آ
تقدير جو ڍارو آ فلڪ جي چَئوسر
جو رنگ اچي سامهون سو هلڻو آ
ربائي نمبر44
پيدا ڪيو جنهن مان کي سو ڄاڻي يار
مان آهيان بهشتي يا دوزخي يار
پر ڳائڻ، سبزو، شراب، معشوق
مان کي ڏنائين نقد ۽ توسان اقرار
ربائي نمبر45
هر دشمن دوست ساڻ آهي نيڪي زيبا
نيڪي جي عادت وارو بدي ڪندو ڇا
ڪر دوست ساڻ دشمني ته دشمن ٿئي دوست
دشمن ساڻ جو نيڪي ٿئي ته دوست هي آ
ربائي نمبر46
پِيان نٿو عيش جي خاطر مان شراب
هي ترڪ ادب آهي نڪو ديني غراب
بيخوديءَ ۾ نفس جي آڻڻ ڪاڻ ضرور
غافل رهان مان مست هي آ منشا شراب
ربائي نمبر47
هجي موسمِ گل ۽ بت حورو پري
ڀر ڀر ڏيئ جام شراب پيار هي پري
پوءِ قاضي ملا جي نصيحت گهرجي
ڪُتي کان بدتر آ جو وٺي بهشت جو نالو وري
ربائي نمبر48
گر عشق بلا آهي ته خدا جي ڏنل شئي آ
پوءِ حڪم خدا جي کان خلق کي ڇو چِڙ آ
سڀ نيڪ بَد خلق جو آهي تقدير جي هٿ
بندي تي خواري پوءِ ڪهڙي در پئي آ
ربائي نمبر49
رهي فصلِ بهار ڪناري دريا سَبزو
حسينن جيبه مجلس هجي ته آهي مزو
ان وقت هلي دور ڪَيف ۾ هُجن رِند
مسجد جو نه ڊِڄُ نه ڪنهن مندر جو
ربائي نمبر50
بُٺي آ آباد شراب پيئڻ سان منهنجي
خون ٻن هزارن جي توبهه آ سر تي منهنجي
ٻي جُرم رهان مان ته رحمت آ بيڪار
رحمت جي ته زينت آ گناهن سان منهنجي
Bibliography
سنڌي ڪتاب:
(1)
حسن علي خان، ميز: ”سنڌ جو شاهنامو“، سنڌ مسلم
ادبي سوسائٽي حيدرآباد
(2)
عبدالرزاق ميمڻ، رفعت: ”گلزار نظم“، خيرپور 1932ع.
(3)
علي محمّد شاهه، پير: ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1966ع.
(4)
علي نواز خان مير: ”خلوت عشق“، علمي پريس، لاهور
(5)
ايضاً: ”طوفان عشق“، ڪوهنور پرنٽنگ ورڪس، ڪراچي،
1931ع
(6)
ايضاً: ”آتش عشق“، لٿو پريس، جيل روڊ، ڪراچي،
1933ع.
(7)
ايضاً: ”مئڪده ناز“، فيض پريس خيرپور، 1930ع.
(8)
ايضاً: ”گنجينئه خِرَد“، ايجوڪيشنل پريس، ڪراچي.
(9)
غلام مرتضيٰ شاهه، سيد: ”يوسف زليجا“، مطبع جليل،
ڪراچي، 1892ع.
(10)قليچ
بيگ، مرزا: ”رياست خيرپور“، فيض پريس، خيرپور،
1922ع.
(11)محمد
زمان، مخدوم: ”يادرفتگان“، الزمان پريس، هالا،
1953ع.
اردو ڪتاب:
(1)
آغا شاعر، قزلباش: ”خمڪده خيام“، رفاهه عام پريس
لاهور، 1932ع.
(2)
بشارت علي زيدي: ”دارالسرور خيرپور“، نيراعظم مراد
آباد، 1915ع.
(3)
خوشتر گرامي: ”بڙي آدميون ڪا عشق“، پريم شاستر بوڪ
ڊپو، لاهور، 1937ع.
(4)
ديوان سنگهه مفتون: ”ناقابل فراموش“، اردو بازار
لاهور، 1957ع.
(5)
صفي لکنوي، مولانا: ”ضميمه لخت جگر“، لائوش روڊ
لکنو.
(6)
علي نواز خان، مير: ”داستان ليليٰ مجنون“، انڊين
لٽريچر پبلشنگ ڪمپني، لاهور.
(7)
ايضاً: ”خطبئه صدارت“، جيد برقي پريس، دهلي،
1928ع.
(8)
ايضاً: ”دعوت الاعتصام“، لٿو پرنٽنگ ورڪس، ڪراچي،
1343هجري.
(9)
نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌ مين اردو شاعري“، سنڌ
پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1970ع.
(10) محمد
حنيف مهر: ”تاريخ مانڪاني ٽالپور“، زاهد پريس،
حيدرآباد، 1968ع.
(11)نسيم
امروهوي: ”تاريخ خيرپور“، مراد پريس خيرپور،
1958ع.
(12)
ايضاً: ”ڪليات ناز“، مراد پريس، خيرپور.
انگريزي ڪتاب:
(1)
علي نواز خان، مير: ”گاڊس رليجن“، تاريخ ۽ سال جو
پنو غائب
(2)
گئلووي ڪيل: ”پوئٽري رويُو“، لٽري ڊائجسٽ، لنڊن،
1924ع.
(3)
هائوسٽن: ”بمبئي پريزيڊنسي جا نمائندا“، گورنمينٽ
پريس بمبئي، 1897ع.
(4)
آءِ. آءِ. قاضي، علامه: ”سوفيا تي نظرون“، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1967ع.
(5)
جيمس مئڪمرڊو: ”ڪلهوڙن جي تاريخ“، ٽائيپ ٿيل مسودو
مملوڪه سنڌالاجي، حيدرآباد ڄامشورو.
(6)
خدا بخش خان مري: ”سرچ لائيٽ آن بلوچستان“، رايل
بؤڪ ڪمپني، ڪراچي، 1974ع.
(7)
محمد سردار خان: ”بلوچ خاندان ۽ بلوچستان جي
تاريخ“، پاڪستان پروسيس ڪراچي، 1958ع.
فارسي ڪتاب:
(1)
عطا محمد، مرزا، منشي: ”تاريخ تازه نوائي معارڪ“،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1959ع.
(2)
عظيم الدين ٺٽوي مير: ”فتحنامه سنده“، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد
(3)
هدايت علي تارڪ، فقير: ”آئينه قصد ترجمه گنجينئه
خرد.
قلمي ڪتاب:
(1)
امداد علي خان سهاڳ: ”سهاڳن جو احوال“، 1935ع.
(2)
امير علي شاهه، سيد: ”خيرپور رياست جي تاريخ.“
(3)
حاجي محمد حداد: ”خيرپور جي ادبي تاريخ“، ايم.اي
جو مونو گراف 1962ع.
(4)
ايضاً: ”مير علي نواز خان جي اردو شاعري“، ايم.اي
جو مونوگراف، 1968ع.
(5)
حبيب الله، مولانا: وزيٽرس بوڪ مدرسئه دارالهدي
ٺيڙهي.
(6)
ايضاً: ”سپاسنامو“، 30 ذوالحج، 1353هجري
(7)
عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر: ”ريڊيو تقرير“ 19 مارچ
1975ع.
(8)
علي نواز خان، مير: ”بياض ناز“، براعه هزهائينس
جونيئر.
(9)
غلام سرور، فقير، قادري: ڪليات فقير، مملوڪه
پروفيسر اياز حسين قادري.
(10)قادر
بخش حقير: ”ڪليات حقير“، مملوڪه ڊاڪٽر نواز علي
خان بلوچ
(11)گل
محمّد خان زيب، سردار: ”ديوان زيب“، مملوڪه ڊاڪٽر
نواز علي خان بلوچ.
(12)محمّد
بخش خان، حاجي، مير: ”ماڻڪاڻي ميرن جي تاريخ“،
1976ع.
(13)محمد
علي حداد: ”مضمون ناز جي شاعري“، 1977ع.
(14)
هدايت علي فقير، تارڪ: ”برهه جي بندي“، مملوڪه سيد
اظهر گيلاني.
اخبارون ۽ رسالا:
(1)
ائڊمنسٽريشن رپورٽ رياست خيرپور، 1922ع انگريزي.
(2)
ايضاً: 1923ع.
(3)
الوحيد، آزاد نمبر، ڪراچي، 1936ع.
(4)
”صراط المستقيم“ حيدرآباد، 1925ع.
(5)
عبرت روزانه، 4 اپريل، 1961ع.
(6)
ايضاً: 25 ڊسمبر، 1968ع.
(7)
”خيرپور نيوز“، انفارميشن آفيس، خيرپور، جنوري،
1958ع.
پبلڪ لئبرري خيرپور ۾ پيل مير علي نواز خان ”ناز“
جي شخصي رَف چوپڙي عرف تير غم ۾ لکيل ڪافين مان ٽي
غير مطبوعه ڪافيون.
ناز مرحوم جي چَوپڙي (قلمي) تان ورتل غير
مطبوعه ڪافيون
(1)
رنن زالن ڪهڙيون عيدون
قيامت جي ڏينهن ڳالهيون ٿينديون
دور ٿيو دلدار آ منهنجو
هار سينگار بيڪار آ منهنجو
غم الم سان پيار آ منهنجو
روئڻ بنا اکيون ڪئين رهنديون
ديرا درد آباد ڪري ويا
بَر ۾ هتي برباد ڪري ويا
مفسد هي فساد وجهي ويا
مصيبتون ”ناز“ ڪڏهن لهنديون
(2)
نه ڪنهن اک جو مان نور هان،
نه ڪنهن جي دل جو قرار هان
جو ڪهين جي ڪم نه اچي سگهي،
مان مُٺ مٽيءَ جو غبار هان
تنهنجو يار مونکئون وڇڙي ويو،
منهنجو رنگ منهن جو بگڙي ويو
جو خزان کئون باغ اُجڙي ويو،
مان انهيءَ جو فصلِ بهار هان
ڪوئي فاتحه پڙهڻ مون تي ڇو اچي،
ڪوئي شمع ٻارڻ مون تي ڇو اچي
ڪوئي گل وجهڻ مون تي ڇو اچي،
مان هڪ بيڪسيءَ جو مزار هان
(3)
مان بي سمجهن سان ڇو دل لاتي
نه بڻيو ڪوئي سنگتي نه ساٿي
ڏک ڏولاوا ڏاڏا ڏٺاسي،
پيرين پيادا پنڌ ڪياسي
پل پل پِيڙا پرت هي پاتي
خاطي خط جي
خبر تون ڏي ڪا،
مُحبت ملڻ جي مرضي ڏس ڪا
ڪيڏي قاصد دير تو لاتي
ناز رانجهن سان رَس وس سهڻا،
درد دوئي ڪڍ دل مئون سهڻا
دک درد ڪنبائي ڇاتي
مُلا نور محمد عرف نورل فقير حجاني
ساڪن ڳوٺ مِٺڙي تعلقي ڪوٽ ڏيجي ضلعي خيرپور جي
بياض تان ورتل
مير علي نواز خان ”ناز“ جون ٽي غير
مطبوعه ڪافيون ۽ چار دوهڙا.
اهو بياض مُلا قربان حسين نورل
فقير مرحوم جي پوٽي وٽان مليو.
ڪافيون
(1)
توتي جن مَلڪ انسان ٿيا حيران هزارين مان نه رڳو
تنهنجي اکڙين جا احسان ٿيا جن سورن جا سامان ڏنا
تنهنجي پنبڙين جي پيڪان ڪيا قربان هزارين مان نه
رڳو
تنهنجي زلفن ڏاڍا زور ڪيا چڻ نانگ بشيهر شور ڪيا
جن ڏنگ هڻي في الفور ڪيا بيجان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي حسن جا جلوا ڇا چئجن جيڪي تازو ٿا ايمان ڪن
جن تي دمدم ٿا صلوات پڙهن انسان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي ”ناز“ گهڻا نروار ڪيا جيڪي تنهنجا تابعدار
ٿيا
تنهنجي نِينهن جا نوڪر يار ٿيا سلطان هزارين مان
نه رڳو
(2)
دمدم دلبر يار تو لئي منهنجو ساهه سِڪي ٿو
ذڪر به تنهنجو فڪر به تنهنجو، تنهنجي تات تنوار
تو ريءَ دنيا ڌوڙ سراسر، تو سان باغ بهار
تنهنجي خاطر راهه ۾ رلندي، کاڌم رنج هزار
”ناز“ سڀئي مُنهن مونڏي آهن، تو تي ناهي ميار
(3)
دلبر دلبر ڪردي وتان، بَن ڪر تيڏي بَردي وتان
دوزخ جهڙي گرم اثرديان، ٿڌڙيان آهان ڀردي وتان
وصل هجرديان راهان اندر، جيندي وتان مَردي وتان
تُرها ڳول توڪل والا، بحر بره دا تردي وتان
”ناز“ نياز دي نال هميشه، دمدم دانهان ڪردي وتان
دوهڙا
(1)
تئن بنِ ميڏا هَور نه ڪوئي، تون هين سردا سائين
رڳ رڳ تيڪون ياد ڪريندي، جي وچ تيڏيان جائين
دمدم دلڙي تيڏي ڪيتي، منگدي روز دعائين
ناز دي نال اي نازان والا، ناتا نينهن نڀائين
(2)
درد ونديان دي دل تي دائم، عشق دا کُورا ٻلدا
جان جگر دل هر هڪ عضوا، جوش اِهين وچ جلدا
صبر ڪرڻ دي ٻاجهون ميڏا، ”ناز“ نه چارا چلدا
روز ازل تون ناتا لاتم، عشق نهين اڄ ڪل دا
(3)
نينهن نواب تي حسن دي راڻي، گهر وچ پيرا پايا
شرم حيا تي علم عقل ڪون، آوڻ نال اُڏايا
عيش خوشي دي محفل اندر، دردان ديرا لايا
”ناز“ ڪريندا شڪر خدا دا، هادي رنگ لڳايا
(4)
عقل ي ٻيڙي ٻُڏ ڳئي جنهن دم، عشق دا طوفان آيا
ڪاڻ نه ڪڍ دي هاسي ڪنهن دي، نوڪر نينهن بنايا
لوڪ دي طعني سُهمان سهسون، ڪر سون صبر سوايا
”ناز“ ڪريسون شڪر خدا دا، رنگ محبت لايا
غير مطبوعه ڪافي
مير صاحب جي توشا خاني واري بياض تان ورتل
پنهل ويو ٿم پرديس ڪالهه اديون
جَهِين لاءِ سِڪي ٿو ساهه اديون
روئي روئي راهون نهاريان
ڪيو ٿم اڳهين ڪونه گناهه اديون
جيڏيون سرتيون دعا هي ڪيو
رهجي اچي شل نباهه اديون
”ناز“ سان دلبر خوش رهه پيارا
ٿئي ملڻ جو ڪو چَس چاهه اديون
|