ڪافي 45
وحشت ڀريو جو زور ته، صحرا ڏي مُنهن ڪيم
اکين ۾ ڀريا جو اشڪ ته، دريا ڏي مُنهن ڪيم
هن دردمند دل کي وڃي، رُلايم جا بجا
بيابان دشت جنگل، صحرا ڏي مُنهن ڪيم
اجڙيل مڪان تي هو اجڙيل هي جانشين
پوءِ اُجڙيل هي دل جي درد، سراپا ڏي مُنهن ڪيم
هڪ ڏينهن اجاڙ ماريندو ٿڦون هو ناگاهه ناز کي
نه ننڊ رات ڀر آئي اُٿي، سويري جو مُنهن ڪيم
ڇاڻيسي آخر خاڪ، صحرا نورد جي
ليليٰ کڻي ويا محمل ۾، مان انڌيري جو مُنهن ڪيم
اسان به انهيءَ اُداسي ڏي، وياسي ڪاهي هلي
مجنون کئون بعد مجنون ٿي، صحرا ڏي مُنهن ڪيم
مجبور ٻن دلين جون، مجبوريون هيون عذاب
نه برداشت هي حسرتون ٿيون، ”ناز“ صحرا ڏي مُنهن
ڪيم
ڪافي 46
جنهن شرط شڪوري جي هئي، روز اسان جي توتي گلا
مجبوري سان نه ٿيندو هيو، ڪو وعدو وفا
پشيمان سخت روز، ۽ لاچار هئين ضرور
عاجز اچي هي شايد، آخر ڪَيَئو دُعا
شايد نه ضبط کنئون ٿيون، پشيمانيون پنهنجون
مجبور ٿي خواب ۾، ڪيئو واعدو وفا
مظلومي بيڪسي اسان به، پئي ڏٺي
محبت جي دل جي بار جي، ڪيئن کڻئون جفا
هن محبت جي معجزي جو، هي اسرار آ يقين
هڪ رات بيقرار ۾، خواب بيقرار ها
ڇا توکي به سخت صدمو، هوندو پنهنجي هجر جو
پڙهه آخري نماز نه ٿي، وقت ڪو قضا
اي ”ناز“ نازنين سان، فلڪ جون عداوتون
هڪ هڪ وفا جي بدلي، لک لک جور ۽ جفا
ڪافي 47
جان دلبر ساڏي ويڙهي آيا، دل پڙهدا رهيا هر هر بسم
الله
آئون سَکِيان سيج بِڇائو، ماهي ميڏا آڻ ملائو
خوش ٿي ماڪِ مئن چا، ڏيوان جم جم آوي بسم الله
شوقَون شراب ساقي پلاوي، پردا حجاب دا ساڏا جاوي
يار سهڻي ڪُون مئن چا پلوان، پڙهه هر هر بسم الله
ڪيون گهڙيالي گهڙيال بجاوي، رَين وصل دي گذر دي
جاوي
محبت نال مئن تيڪون مناوان، پڙهه پڙهه هر هر بسم
الله
داروُ دردان دا ٿي آيا، مرض ميڏا آڻ گَنوايا
پُڙيان گهول شفا ديان پِلايان، پڙهه پڙهه هر هر
بسم الله
ڳوڙهي ٿَم ٿَم تُسان هڻ جائو، اکيان ميڏيان نا
ٿڪائو
رو رو تينون ڳل چا لاوان، پڙهه پڙهه هر هر بسم
الله
”ناز“ نماڻا تي يار نِماڻا، ڏکان سولان ڪيتا ماڻا
جهڳڙي جهيڙي دفع ڪراوان، پڙهه پڙهه هر هر بسم الله
ڪافي 48
ڊنل دل کي ڇو پيا، هر هر ڊيڄاريو
انهيءَ لاءِ توهان سان، ڇا نِينهن لايو
ڪاوڙ ڪَٽڪي واجب ناهي، يار مون سان
سُتل سُور دل جا، ڪيئن ٿا جاڳايو
رنجيده رهڻ تنهنجو آهي موت منهنجو
رُسي يار سهڻا مون کي، نا مارايو
ٺهي نا ظلم هي، ڪا عدالت ڪيو ميان
ناز سئو سئو خَوفن ۾ خوابن جڳايو
ڪهين جرم جا ڏوهي، ملزم ناهيون ميان
گناهه ڏوهه منهنجي سر کڙو ٿا جو لايو
کڻي ٻانهن ماهي ٿو، رنج سان جو جهڙڪي
هتي ڀي قسمت ناهي ڇڏايو
ڏکيل دل جا ڏکڙا، منهنجا ناهن لَهڻان
توڙي نا کِلو ميان، توڙي نا الايو
جُٺن ۽ ڦِٺن لاءِ ڇا، آڻايو هو مون کي
محبت اوهان جي هي، انعام آ ونڊايو
ڌِڪا ۽ ڌُوما تنهنجا هِن، جُفت جورا
اهو ڏاج پيريءَ ۾، تو آ پهرايو
وفا جي بدلي آ، جفا مون قبولي
ڏکيو رنگ سر پنهنجي، تو آهي لايو
ڪافي 49
حسد ڪريندي نينهن نه آوي ڪيون ناحق ساڙي سڙدا وي
مئن رانجهن دي رانجهن ميڏا، ڪيون نظر ڀيڙا نه آندا
وي
ڦِڪي ڳني ڀلي چُوپ ٿَڪِن، رس ڪمندان وچ هوندا وي
ڦري ڦري ڪم دي ڪهڙي دل دل سرنگ اندر ساڏا رستا وي
نه ظاهر ميل ميلاپ دي حاجت وصل اصل ڪنون ٿيندا وي
تيڏيان اکيان ڏيک نه سگهن، ”ناز“ نه آپ ڏکيندا وي
ڪافي 50
رات سوين دفعا منجهه خواب ڪيا هر هر ڦيرا پرن جا
آيا مون وٽ ميان پاڻ هلي ڇڏي صحن گهر سڀ پاڙا پرن
جا
سفر عشق هاڻي اچي طئي ٿيو لڳا اچي دل تي ديرا پرن
جا
منزل محبت تي اچي ويٺا جاڳي جاڳي جي سان ها جهيڙا
پرن جا
سرتيون سهيليون ڇڏي آيون ڇڏي ڇڏي ننڊ ۾ ويڙها پرن
جا
ڳولي ڦولي وڃي پڳا مليا ماروئڙن کي کڻي پيرا پرن
جا
”ناز“ جڳايا ڇو سُتا پيا جنجل سور کڻي جهيڙا پرن
جا
ڪافي 51
نه فرق آيو بت ڪافر اڄ، تنهنجي ڪجهه ڀي حجابن ۾
جا عادت روز تنهنجي هئي، ڏٺيسي ساڳي خوابن ۾
نه حجابن آ توکي ڇڏيو، نه تو ڇڏيو حجابن کي
شرمن شر وجهي دل تي، وڌو ڇو آ عذابن ۾
ماريو بي موت ٿا مون کي، ڇو ٻين جي حجابن کئون
پري ڇو پاڻ کي رکو، فرق ايندو شبابن ۾
حجاب پر حسن تنهنجو، سَهُون ڪيئن اڄ ڏکي دل تي
نه تپش آ آفتابن ۾، ڏٺيسي پنهنجي داغن ۾
ڏسي چشمن کي پوءِ تنهنجي، ٿيا محبت جا متولا
جو مستِ چشم کئون مستي، ملي آ اڄ شرابن ۾
ڪيو رسوا هي آخر عشق، ڇو ساري زماني ۾
خير لکيو اٿن نام هي منهنجو، پنهنجي خانه خرابن ۾
وڃائي رنگ و بُو منهنجو، پوءِ حسرت سان گلستان ۾
رُنو ڇو ٿيون اوهان بلبل، ڏٺو ڇا ٿَوَ حجابن ۾
پنهنجي پِرَ کئون ڪري پاسي، پوءِ آخر خوش ٿي هي
ويٺا
ويهاري شرم کي گڏ ويٺا، ساڙن عذابن ۾
نه ملي ٿي جاءِ مجلس ۾، نه ڪو نزديڪ ويهي ٿو
الاهي هي سزا آئي آ مان کي، ڪهڙي گناهن ۾
جلايو ”ناز“ جو آ دل شايد، هن سنگدل دلبر
سڙڻ جي بُو اچي ڇو ٿي، جگر تنهنجي ڪبابن ۾
ڪافي 52
سڪايل دل جي سڪايل محبت
قرب هن نماڻا نماڻي ڇا صحبت
لڪائي ڇپائي پاليئون شوق کي
ڪهين رنگ ڍنگ سان وڌائي جو رغبت
ڪري سانگ سانگي مون وٽ اڄ جو آيا
جنهن جي سانگي ڀي اسان جي آ سنگت
مارو ماڳ پنهنجي وري ڪين ويندا
انهن جي دلين ۾ پئي ڪهڙي نفرت
ڪئي تو نوازش نئين ”ناز“ تي
محبت جي مهر ۽ نظر جي آ شفقت
ڪافي 53
رات جتي ها پنهنجا پاڻ، صبح سانگا ڏٺڙا ڀاڻ
هيڏي هوڏي نا ٿيا، اڄ منهنجي سورن ڪاڻ
خالي نشانيون مارن منهنجون، اندر دل جي داغ نشان
قرب ڪيئون اڄ مُئي کي، وڌئون ساهه اندر منهنجي جان
ڌيان محبت نه ڪري نه غرض ڪڍي ڪا، مان ويجهو توسان
هردم ساڻ
جوش اوٻر واهه شوق تنهنجي جو، ”ناز“ مليا محب مارو
مون ساڻ
ڪافي 54
دريا ڀر وهي ٿو، پياسا ڀي ٿا مرن
جيڪر پين ٻڏن ٿا، جي نا پين مرن
پاڻيءَ جي هوندي تيمم ڪيئن ٿئي هاڻي روا
ڪيئي انتظار ڪن ڪِه نماز ڪئن ٿا پڙهن
هڪ روح جسم ٻه، دل سان آ دل گڏ
گڏجي رس ڪري پوءِ، ڪيئن ٿا جدا ٿين
غيرت جا پردا لاهي، ٻئي جسم روح هڪ ٿيا
باقي حجاب ڪهڙو، ڇا جو هي شرم ڪن
محبت جا معجزه، هن دنيا جي سامهون
نه عرض ڌيان ڪنهن جو، اڄ ”ناز“ سان لکن
ڪافي 55
دل دلبر هر هر پوڪاري آر، آري آري آري
نيڻن نظر ديان بڙڇيان ڀالي تيز زهر دي هر هر ماري
ابرو شمشير ننگي تلواران جنگ وچ جنگ تفنگ چلائي
ماري
شڪر فوجان طبل نقاري هن حسن دي فوجان دي ڪڙڪاري
ميدان محبت عشق کڙوتاماري نينهن انالحق دي نعري
بي پرواهه دي نال محبت ”ناز“ ڪردا سئو سئو چاري
رنگ هڪو وچ سئو رنگ سهڻا ڪيئي پيلي ملي سرخ سبز
اناري
عشق سمندر دل دريا وچ ”ناز“ لک لک ٻوڙي ڪو ڪو تاري
ڪافي 56
اڄ چنڊ آ زمين تي، سج آسمان تي
ٻئي آسمان زمين هي گڏيا، هڪڙي جهان تي
بستر شب هي وڇائي، مايوس چنڊ ستو
سج ڀي ڏسي جدائي، مٿئون تپڻ لڳو
آسمان زمين گڏيا وڃي، هي لامڪان تي
هي ڪل ستارگان ٿا ڏيارن، داغ جا ياد
رئندو رهيو هي آسمان، منهنجي بيان تي
ٻه ٻه قدم هلي پويئون، رات ٿي ڏسي
ڀُلجان نه راهه عشق، هلجان نشان تي
ڪافي 57
عشق جي هن باهه آخر، جلايو گهر منهنجو
خيمهء دل ڀي جليو ۽ جلايو، در منهنجو
يا الاهي فرش محبت ڇو نه، اڄ منهنجو بچيو
خير دل جلائي جو هي نِڪتو، سرمو ٿيو اثر منهنجو
کيل ادنيٰ عشق تنهنجي، دل جلائڻ ناز جو
دل جلائي پوءِ وري آ، جلايو جگر منهنجو
ڪوئلا بڻجي ٿيا ڪيري، هر سامانِ دل
پو ڪيري بڻجي هي پڳا، وڃي ڏِٺئون گهر در تنهنجو
هي سڙي سامان دل، در تنهنجي تي ڪيئن پڳو
نه منزل عشق هئي دور، نه دور هو هڪ گهر تنهنجو
ڇا هاڻي به يقين نه ڪندو، هن عشق تي
ورهن جي هئي باهه اندر ۾، نڪتو هي شعلو منهنجو
جا جلندي شيءِ اها، سبز به ٿيندي ضرور
بيقراري کئون جلي دل، اڪسير ٿي هي زر ڪيو
”ناز“ جيترو جلڻو سڙڻو هو توکي سڙي چُڪين
اڪسير بڻجي هي سرمو ٿيو، هي چشم تر جو منهنجو
ڪافي 58
دنيا ڇڏي هي وڃو، بر پٽ ڪوهسار اڄ
حيرت جي ديد ٿي ڦري، در و ديواتر اڄ
محرم مونس ڪونه آهي، نه پرسان حال آ
ڪنهن جاءِ تي حالت ڪجي، دل اظهار اڄ
هاڻي بيمار محبت جو، دگرگون ٿيو هي حال
مسيح تون کڻي ڏي، شربتِ ديدار اڄ
لک نظرون کڻي کسيو، دل ناز جي اوهان
هاڻيي قسمت لٽي وڌو، توکي سربازار اڄ
سچ ڏَسجان ”ناز“ تون، ڪنهن ليليٰ تي ٿو مرين
مجنون وانگر ڏسجن ٿا، تو ۾ آثار اڄ
ڪافي 59
نماڻي صورت جون، نگاهون نماڻيون
ڏکيل ڦٽيل دل جون هردم، هي آهون نماڻيون
بيوس جي بارش، ٻَئي طرف بَرسي
ڀڄائن پَليو پاند، ڪيئن ٿيون نماڻيون
پَتا پار پِرينءَ جا، مان ويٺي پُڇايان
پَون ڇو ٿيون منهنجيون، اڄ ڦارون نماڻيون
ملڻ محبت جا رستا، ڪنهن ڪيا هِن بند
ڇو ڪلهه کئون ٿيون ڏسجن، هي راهون نماڻيون
شايد ڪو ٿو جهڻڪي ۽ ساڙي ساهه کي
راتوڪر اچن ٿيون، هي خوابون نماڻيون
ناحق وير ويري، وڃائن وقت ٿا
رهي دل اندر ويون، مرايون نماڻيون
انهيءَ کئون آهيان چُپ، ڪڇڻ جي ناهي جا
ڪيان ڪئن مان توسان، هي ڳالهيون نماڻيون
وڏو چالباز هئين تون، صدقو عشق جو
”ناز“ ڇا کئون ٿيون، تنهنجون چاليون نماڻيون
ملڻ جي صورت تو نه، ڪئي ڪا جو پيدا
رئن ٿيون هجر ۾ هي، راتيون نماڻيون
ڇو تنهنجي در تي آ، مايوس هر ڪو
رهن ڪيئن اندر ۾، اميدون نماڻيون
ڪافي 60
رات شبِ فراق نه آئي تمام رات
پاسو هو يا هو درد جدائي تمام رات
ڇو خواب ۾ نه آيو هي يار رات ڀر
اي تون ڀي اَجل نه آئين، هيڏي تمام رات
مان وصل جو چيو، هن شرمايو ناز ساڻ
تا صبح نه اک ملائي دم ڀر تمام رات
حقيقت توکي مان پنهنجي، اي مسيحا ڇا ڏسيان
دل ۾ رهيو آ درد، جدائي تمام رات
آفت ۾ جان شمع وڌي شام وصل ۾
مان هر هر وسائي پئي، هن جلائي تمام رات
هڪڙا اسان هون جو، جاڳئون ٿا شام تا سحر
سمهي ٿي ورنه ساري، خدائي تمام رات
هٿ ۾ آئي هي غيب کئون، دولت تمام رات
”ناز“ مليندو رهيس مان، پير حِنائي تمام رات
ڪافي 21
مالها مان جَپيان تنهنجي، دل سان پڙهان مان ڪلمو
اي حسن جا پرميشر مون تي به ديا گهرجي
پنهنجو ته هي شيوو آ، قدمن تي سر رکڻ
ڪم هي آ اوهان جو، سر تن کئون جدا گهرجي
هن وصل جي گهڙيءَ ۾، افسوس حجاب تنهنجو
ڪنهن شرع ۾ آ جائز، نه خلوت حيا گهرجي
دل توکي مفت ڏيندا، عهدِ وفا جي بدلي
توکي جور و جفا جي بدلي، مهرو وفا ٿو گهرجي
لاش منهنجي کي کڻي، وجهن ٿا مٽي مٿئون
پوءِ ماتم ڇو ڪرڻ ۽، روئڻ ڀلا ٿو گهرجي
چپن جي آلائڻ جي، هي عطا ٿي گهرجي
جئڻ جي نا دوا ۽، مرڻ جي ”ناز“ دعا گهرجي
ڪافي 62
وٺي پير پرين جا دل تي رکان مان
ورهن جا ڏکڙا پل ۾ ڪڍان مان
ڀري پير دلبر اڱڻ منهنجي ايندو
کڻي پير سهڻا اکين تي چُمان مان
برهه باهه ڀڙڪي سا مان ڪيئن وسايان
ڪئن هاڻي هي دردن جا دونهان لڪايان
هٿن ۾ هٿن جو هي سڀ حال ظاهر
هي قسمت جا ليڪا ڪنهن کي ڏيکاريان
ڏئي هٿ هٿن ۾ وٺو ٿا هي ضامن
رهي قائم هميشه هي نالي مولا سان
پيدا گڏ آ دنيا هي گڏجي جو رهندي
خوشيون درد دل ۾ هي گڏجي گذاريان
ٻانهن سان ٻانهون ڇو ٻڌو چور جون
هن قيد مصيبت کئون ڪاڏي ڀڄان مان
ڏُهاڳي جو دل ۾ اڳي آ ڏهاڳي
ڇو سينگار سرتيون تهوان سان ڪيان مان
ڇا ”ناز“ آ نماڻو نماڻي صورت جو
نماڻن سان نينهڙو نماڻو هي لايان
ڪافي 63
ليليٰ کي دل ڏئي مجنون ضرور ٿيو
پنهنجي عمر ۾ ماکئون هڪڙو قصور ٿيو
قيامت ۾ هو ڏسن ٿا ملندو مان کي هو ضرور
هاڻي انتظار قيامت جو ڪرڻو ضرور ٿيو
ملي لذتِ ايذا محبت ۾ اڄ مون کي
جڏهن ياد آيو ڪو صدمو دک تي سرور ٿيو
جيڪر اوهان جي خاطر مان چپ ڪري رهان
پر ”ناز“ تنهنجي جدائي جو صدمو ضرور ٿيو
ڪافي 64
پنهنجي پرائي جي توکي پڇاڻ به ناهي
ننڍڙو منهنجو يار نادان ڀي ناهي
ڏيان ٿو پنهنجي مان دل ڪيو سوچ سان سودو
جي نفعو نه آهي ته نقصان ڀي ناهي
هن جي خوشي اچي نه اچي منهنجي قبر تي
هن بي وفا جو ڪوئي ارمان ڀي ناهي
اُلٽو شڪايتون ۽ ڏوراپا آهن سر منهنجي
پنهنجي جفائن کئون هو پشيمان ڀي ناهي
ڇو رات کئون چُڀي ٿي تمنا وصال جي
قسمت جي ڪاڻ تو وٽ پيڪان ڀي ناهي
هيڏي کڻي نظر تون تڙڦڻ ته دل جو ڏس
اهڙو سياهه زلف پريشان ڀي ناهي
دانش عقل سان گھرجي هن يار سان رهڻ
”ناز“ مشڪل ناهي عشق ته آسان ڀي ناهي
ڪافي 65
ڇو ستين ننڊ ۾ ناز تون ايڏو هي بي خبر
ويٺو انتظار هو تنهنجي سر تي هي منتظر
هي خواب هو خيال هو تصور هو يا تصوير
ڇا محو نازنين هو سر بالين متفڪر
نازڪ ڪلائي تي هي مورڇل به بار هو
هي بار گران بار نه هو يار جي خاطر
آرام ۾ آرام منهنجي جو آين ڪو
شرمايائون نسيم صبح کي هن بيمار جي خاطر
پُڄائي مون کي هي ڪير در يار تڪ ڀلا
قاصد نه پيامبر نه رهبر نه رهگذر
خاموش جي آ يار تون ماٺ بڻجي وڃ
سکا دردن کي ناز ضبط سورن کي هي صبر
ديدار تنهنجو درد آ هر درد ۾ آ قهر
جي مهربان چپ آ ته نوازش به آ قهر
ٻئي جي ڀاڱي سڀ ڪجهه تنهنجي ڀاڱي چپ
ڇا حصو کڻي آيو آهي نامبر
ساڙن ٿا دل کي ساڙ ڏئي تنهنجي چُپ جا اثر
پوندو الائي ڪنهن تي تنهنجي آهه جو ضرر
جي عاشق هجين ها چپ کئون رهين ها ڪوهين دور
پر پٿرن کي ڪوهه طور وانگون ڏئي عشق ٿو جنبش
هو ڀي سڙي پچن ٿا ٿي سوخته جگر
چپ ڪاڻ گهڻو آ وقت رهندا عمر ساري چپ
بي وقت چپ آ نادان نه توکي ڪا خبر
آيو جو رات خواب رَهيؤ هن ۾ توهان چُپ
چُپ چُپ سڙيو اندر هي روئي ٿي وئي سحر
ماڻهن جو ڇا هي خوف ڇا ماڻهو آهن خدا
جيئرن تي ڪيئن وجهن ٿا ڀلا چُپ جو قهر
جي گفتگو آ ڏرج ڏسڻ آهي هي گناهه
بهتر ملڻ کئون دور رهون شام ۽ سحر
بيڪار آ ديدار ڏسڻ دور کئون هي چپ
هن چپ کئون ڏيو کڻي ته کائي وڃون زهر
جي جي سڙن ٿا مون سان اوهان ڀي انهن سان خوش
ڇا مان هي اوپرو هان اوهان ۾ اڄ دربدر
ڪافي 66
ليليٰ جي در پڳاسي مجنون ٿيڻ کئون پوءِ
زندهه وري ٿيا سي پنهنجي مرڻ کئون پوءِ
محبت جي گهر آ شادي ڪاندو عشق اڄ ڏنو
ميندي مَليسون سئوڻ جي دردن غمن کئون پوءِ
هر قدم تي نثار هر ساهه تي هن صدقو
قربان ڪيئون سئو جان منهنجي ڏسڻ کئون پوءِ
کڻي آرزو اکيون آيون دل حسرتن جي دعوت
شايد شربت اميد پيارن پنهنجي ملڻ کئون پوءِ
مالڪ بڻيا هي منهنجا پنهنجي مالڪي هي ڏئي
ٿيا فيصلا دلين جا منهنجي اچڻ کئون پوءِ
مهمان جي رسائي جا فڪر آهن بيشمار
خاطر الائي ڪهڙي ڪندا دل جي پڇڻ کئون پوءِ
ظاهر ٿيون چشم ڪن لڪيل دل جا سڀ هي راز
اڄ اوچتو ڏسن ٿيون سالن سون کئون پوءِ
اي نو بهار حسن تنهنجي سبزي ۾ سرخ رنگ
رهندو هميشه ناز سان نازڪ گلن کئون پوءِ
محبت جي جوش کئون نه طبيعت ۾ آ قرار
اڄ مليا ”ناز“ سان هن ڪيترن ڏينهن کئون پوءِ
نئين دل ۽ نئين گهر ۾ نئون عشق هي لڳو
هو ”ناز“ ٿي نياز پڳو دردن غمن کئون پوءِ
ڪافي 67
پيرن جي پاڻ ۾ وٽي رس، عشق جا تندا
مضبوط هن رسي کي، محبت جي ڏور ڪندا
ملزم اوهان جو مان، الزام ڏيو لکين
منهنجي هر هڪ گناهه تي، ذرا پاڻ غور ڪندا
چورائي دل کي پاڻ، ڀلي ڏيو تهمتون کلي
چوري لڪائي پاڻ پوءِ چور چور ڪندا
هي سادا ٿي ويهي گڏ آيا، دل کڻڻ منهنجي
الفت جا دام وجهي پوءِ، زور ڪندا |