سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات ناز

صفحو :10

ڪافي 111

اي اکيون ڪيو عيد پنهنجي ويٺو آ دلبر سامهڻي ويٺو آ دلبر سامهڻي

ڪيئي عشق جي آڙاهه ۾، ڪيئي گم ٿيا هن راهه ۾

ڪيئي وڇي پڳا دل هن ساهه ۾، ويٺو آ دلبر سامهڻي

ڇوڙي نانگ ڪاريهر ڇڏي، ويٺو دام گيسو هي اڏي

ڪئن طائر دل جو ٿو بچي، صياد ساحر سامهڻي

دلبر سندي دربار آ، ويٺي عشق جي سرڪار آ

جي قتل منهنجو درڪار آ، ويٺو قلندر سامهڻي

درد پردا دور ڪيا، ڏوهه ٿيا هاڻي ثواب

عشق ٿو ڪلمو پڙهائي، ويٺو آ حيدر سامهڻي

ڪافي 112

هڻ پنجئي نقطي هڪ ٿي ڪر، الف الله سڏايا هي

مئن ويکان يا تون ويکين، ديد ديدار ڪرايا هي

هر صورت وچ هي موليٰ وسدا، پر هڪو صورت تي رايا هي

صورت پئي صورت نال لڙدي، ڪيوين جنگ جدال ڪرايا هي

غلط سڻيجي غلط ڪَهيجي، اهو غلط خيال سمايا هي

ساري ساري عمران تئين نه سڃاتا، توڙي لکين دفعي آزمايا هي

اسان تيڏي رائي رهه ويسون، اڳون جو رب سائين دا رايا هي

”ناز“ ڪون ٻوٽي ٻوٽي ڪر ڪي، ڪنهن کايا ڪنهن نه کايا هي

ڪافي 113

مرڻ تي پاڻ راضي هيم، رضا جي هٿ ڇا آيو

جلائي عشق پوءِ ماريو، قضا جي هٿ ڇا آيو

ڏنو حسن خوبن کي، ته قدري رحم ڀي ڏئي ها

بڻائي سنگدل دلبر، خدا کي هٿ ڇا آيو

اڏاري خاڪ منهنجي کي، ڪڍيائين يار جي گهر کئون

مون تي هي ظلم ٿيو ڪهڙو، هوا کي هٿ ڇا آيو

پنهنجي مزگان جي خنجر سان، ڪڍيو دل چيري ڇو ٻاهر

تڙڦائي ”ناز“ جي دل، دلربا کي هٿ ڇا آيو

ڪافي 114

ڇو سڏي توکي جنون، پاڻ کي پريشان ڪيم

خاڪ ڇاڻڻ جي ڪاڻ توکي وقف بيابان ڪيم

قابل ديد هئي عشاق جي جرات والله

در قاتل تي وڃي، موت جو سامان ڪيم

دل ئي دل ۾ منهنجو، ناسور هردم پئي وڌيو

هڪ نئون مرض لڳو، درد کي جو پنهان ڪيم

هن جي وعدن تي يقين، ڪير ڪري ٿو اي ”ناز“

ڳالهه ۾ ماکئون پڇڻ، ڪهڙو احسان ڪيم

ڪافي 115

قصو بيان درد ٿئي، دلبر جي سامهون

جيڪر اچي هو، عاشق مضطر جي سامهون

ڪجهه پاسِ عاشقي به آ، اي مرغِ دل توکي

ڪم بخت تڙڦين ڇو ٿو، تون خنجر جي سامهون

مجرم آهيون اسان عشق جا ملي ٿي هي سزا

سرخم ڪيل جو آهيون، ستمگر جي سامهون

خنجر چلائي حلق تي، هئين ناز کي چَيئون

بسمل ذرا ته تڙڦ، انهيءَ در جي سامهون

مايوس ”ناز“ آهي، ۽ حسرت آ نوحه گر

ارمان هي رئن ٿا، مقدر جي سامهون

ڪافي 116

قصو درد تون ڪوئي، اسان کي نا سُڻا

هن جلي دل کي نه، تون هاڻي جلا

تيغ الفت کئون نه، پنهنجو سر ڪٽا

عشقبازي ۾ نه، پنهنجي جان گنوا

نام جيئري عشق، الفت جو نه وٺ

زهر جو هي جام، منهن تي نا لڳا

رسوا ڪرن بيدرد، ظالم ٿا مون کي

چون حسينن سان تون، نه اک کي ملا

ياد هِن سڀ قصا، فقرا سڀ تنهنجا

تنڪا هڻي تون، دل منهنجي کي نا ڏکا

جان وڃي ته بسم الله هي وڃڻ ڏي

”ناز“ کي قاتل جي، در تئون نا هٽا

ڪافي 117

ڪري قدرت موليٰ تنهنجي جو، دم دم شمار ڪير

بيمار يار ڪير آ، اڄ تيمادار ڪير

اڪيلي شب فراق جي، انڌيري جو رات ۾

دردن غمن سورن جو، ڪري شمار ڪير

دل بيتاب بيقرار جو، تڙڦڻ هو عجيب

منهنجو نه يار مون وٽ، ڏسي آزار ڪير

اچي اوچتو ڦاٿين ڪئن، منحوس صورتن ۾

ڏسيو ”ناز“ زندگي کئون، آهي بيزار ڪير

ڪڏهن ته مهلقا ڪيئي، پرسان حال ها

ڇا اڄ ڀوت يا چوڙيل جو، ڏسي اسرار ڪير

تبرڪات

دل ته بدنام ٿي تون شاد ٿي، عبث تنهنجي گلا چوندي اچي ٿي حيا

هي اميدون هي تمنا جن کي ورهه پاتم، دل ۾ ڪڏهن ٿينديون پنهنجون ڀلا

اي حسن تنهنجي مغروري بيوفائي، ڪينه وري دلبري عشوه گري

ڪير غش کائي سر راهه ڪريو، ڪير مئو اکيون ڦيري پٺ تي ڏس ته ذرا

بيشڪ ماريو اکين جنهن ڏي ڦيري ڪئي نگاهه، نه ملي دل کي پناهه

يار جو قهر ڏس تنهنجو جادو يا سحر لک دفعا روڪيم دل کي نه رڪي بَخدا

اِت ڦري ساري سڙي وٺي جگر کي مل، جليا غنچا ڦول ۽ ڦل اجڙي ناز

نه ڦليا نه ڦليا رهيا سڪا ۽ سڙيا جي دل

ڪاريون ڪاريون گهٽائون، ڪارا ڪارا بادل، پپيهن جي پڪار ڌيمي

ڦوهار هي سال ساوڻ اسان جو، مفت روئڻ ۾ ويو، ڇا چئون هن کئون

ملڻ يا جو منهنجي خاڪ کي، ارمان نه کڻي تاب توان

اي صنم بهر خدا ڪجهه ته پنهنجي دامن کي جُهڪا

رس ڀري محبت واريون اکيون تنهنجون ڪاريون سوا پيئڻ جي متواليون

گندمي رنگ نمڪين نقشا ڏين ٿا، جفا اُف ڪٿي ۽ ڪاڏي ڌيان ويا

ڏسڻ تنهنجو هڪ آ تکي بڙڇي، نوڪ جنهن جي دل نه سٺي

دل کي ڪيو اٿس ڇلني ڦري ڏس ته ذرا

اکيون رنل آواز رنل ڳالهيون، گهٻرايل هن ڳالهه کئون ته ملن

ٿا پتا ناز تون قسم نه کا

ڪافي 119

دل جي تسڪين جو پيدا، ڪوئي عنوان ڪري ڏي

اي نَههَ وارئو ڪڏهن ته ڀلي هان به ڪري ڏي

ڇا هي ممڪن ناهي توسان چمن آرائي جمال

هان ڪڏهن ته گل مقصود بدامان ڪري ڏي

تشنه ڪامي اڃ مرڻ منهنجو آهي هڪ ادنيٰ کيل

ڪڏهن ته پياس ٻجهائڻ جو دل ۾ سامان ڪري ڏي

هوش وارن کي هَوَس آ تنهنجي نظاري جي

پنهنجي زلفن کي ڪڏهن رخ تي پريشان ڪري ڏي

احتياط ايترو به چڱو ناهي اي قائل ضبط

هٿ کي پنهنجي ڪڏهن ته وقف گريبان ڪري ڏي

عشق ڇا ڪم آ حسن کئون فسون سازي ۾

تو جهڙي ڪافر کي جي چاهي ته مسلمان ڪري ڏي

تابه ڪئي شڪل مجازي ۾ تنهنجي جلوه گري

هن حقيقت پوشيده کي جو چاهي ته عريان ڪري ڏي

ڇا ڪيان منهنجو عشق خرابي مان کي

تنهنجي ظلمن جو شرمندهء احسان ڪري ڏي

عشق ڪامل جي اگر توکي هوس آ اي دل

ديدهء شوق کي محو رخ جانان ڪري ڏي

منهن ڏيکاريان مان ڪهڙو توکي جو شرمائي ٿي وفا

پنهنجي ميار وفا مان کي پشيمان ڪري ڏي

شوق بيتاب آ اظاهرِ تمنا دل ۾

مان کي رسوا پنهنجي دلِ نادان ڪري ڏي

مان کي مشڪل ۾ مزو اچي ٿو مشڪل هي آ

منهنجي مشڪل ئي نه آ مشڪل منهنجي آسان ڪري ڏي

جيستائين ”ناز“ نه تصوير تنهنجي کينچي دل تي

پنهنجي محفل ۾ ته وحشت کي پنهنجي جان ڪري ڏي

ڪافي 120

ڇڙو ملالِ يار ڏسي، دل کي ملال ٿيو

جو تنهنجي دل ۾ خيال هو، مان کي به خيال ٿيو

مشڪل ڪائي ناهي، نه گهٻراء اي ناز

چند روز جي هي ڳالهه آ، جو جدائي جو جال ٿيو

همت نه هارجي، جي دشواري نظر اچي

دل کي قوي ڪجي، جي جواب و سوال ٿيو

هي ٻه دليون ڪافي آهن، لک دلين جي اڳيئون

جي اتفاق هي رهيو، نه هرگز زوال ٿيو

هن عشق ۽ محبت ۾، پوشيده رهڻ خطا

ناحق ڊڄي ڊڄي، اسان جو هي افعال ٿيو

هڪ ڏينهن ته ميدان ۾ ”ناز“ اچڻو آ ضرور

سر جان دل تنهنجي دلبر جو مال ٿيو

ڪافي 121

ڪئن حَسِينن جي نگاهن ۾ وڃي ڦاسائي دل

في الحقيقت زندگاني جا مزا وڃائي دل

اٻوجهه اياڻي شڪل جي، ڦندي ۾ جڏهن ڦاسائي دل

سِيڌي سادي آدمي کي، خون ڀي رُلوائي دل

هجر جي تڪليف جدائي، ۽ تنهائي هن جي ياد

هِڏڪيون اچن دم گُهٽي، ساهه کي گهٻرائي دل

هائي هن بيڪس پريشان، زندگي جون مشڪلون

منهنجي غربت بيوسي ۾، خون ٿي رلوائي دل

اعتبار دوستي هن، دارفاني ۾ غلط

ڪنهن تي توقع ٿئي اسان جي، ڪير سنڀارائي دل

دل جو ڌڙڪڻ ٿيو نصيب، نامهرباني جي ڪري

نا تسليٰ نا ملڻ، نه واعدو ٿو ڏياري دل

شاخ گل تي بلبل، خوشنوا کي اڄ ڏسي

ياد ياران وطن کان، هر گهڙي تڙڦائي دل

ڪئن نگاهه ناز هن، بيدرد سان لڙجي وئي

تاءُ کائي ٿو جگر ۽ ٿي جلي جلوائي دل

باهه الفت اندر اندر خاڪ ساڙي ڍير ڪيو

ڪوئلو ٿي سيني ۾ ٿي سيه پوشي ڪرائي دل

هي حسين ڇو اڇلي ڏين دل کي ڪڍي ٻاهر منهنجي

”ناز“ ملي ٿي ظالمن کي مفت ۾ پرائي دل

ڪافي 122

مَئن مست و مست قلندر هون

مئن بندهء حيدر حيدر هون

ڪيون عشق تيڏي وچ ڪران گدائي

ڪيون منگدا بِيک مئن در در هون

شمع رخ معشوق جلاون

مئن اِڪ پروانا بي پر هون

سر ڏي ڪي مئن سودا ڪيتا

هُڻ بي دل بي جان بي سر هون

بي سر ٻولي بر سر چالي

مئن راهه محبت دا رهبر هون

خاڪي پُتلا خاڪ بڻايا

تڏان جل ڪر خاڪ ۾ خاڪستر هون

هرهڪ سهڻا درد هي ڏيندا

مئن غمان سُولان دا دفتر هون

ڪافي 123

چڱا ڪيتوئي ٽُڪري ڪيئي

دل بيگاني دلبر جاني دلبر جاني

ڦاڙڻ چيرڻ وچ تڪليف ڪريندا

هٿان نازڪ ڪون صدمي ڏيندا

ڇوڙ عادت سست ديواني

ڦاٽل دل پُرزي پُرزي

ميڙ چونڊ رکيان ذرڙي ذرڙي

رهسي تيڏي نشاني دلبر جاني

ڪافي 124

مان پاڻ ڪيئن روزو ڀَڃان، جو روزي ۾ بک اڃ سان مئس

عيد دلبر جيئي خاطر، ڳوڙها رت جا مان رُنس

فڪر ڪنهن کي ڪون پيو، همدردي ڪنهن کي ڪهڙي ٿي

هاڻي ڪهڙي مُنهن سان چئجي، اهڙي ڪُل ميان ڪانه پيس

پنهنجي ميار يار مون تي رکڻ، خوب عادت يار جي

ڏوهي پنهنجو ڏوهه تي، سچو نه هرگز مان ٿيس

ڪهڙيون مَتيون مان کي ڏيو جڏهن مت منهنجي ناهلي

ناز جي دل خوش ڪرڻ لاءِ ڪُوڙا ساز سامان ٿيس

خوش گذاريو خوشيءَ سان، سڄڻن پنهنجن سان سدا

ڇا ڪندو توهان وڃڻ وارن کي، توڙي رهيس نا رهيس

سنڌ کي ڪنهن ڳالهه کئون پنجاب کي ڪنهن ڪاڻ ڇڏيم

پوءِ ڀَوء ڪونهي جو هيڪلو ڪنهن جاءِ وڃي ڪٿي مُئس

هي حال مانکئون نا پڇو، وڃي دوست دلبر کئون پڇو

”ناز“ هن درد غم ۽ سوز جو، واقف هڪ بيوس هُيس

ڪافي 125

نا دلبر ڏتي ڪا دلداري، نا ڪيتي سهڻي ڪا ياري

يا کوٽ تيڏي دل وچ هي رهيا، يا مجبوري لاچاري

سوين ڳالهيان مئن صاف سُڻيان، نه ڪيتا ڪنهن تي عمل ڪوئي جاري

دشمن دي جي مَت تي رَهيُو، وڃ پَئوسي وچ بيڪاري

هڪدم تيڏي ڪيتي دم دم مشڪل، سڀ سهڻي سر آزاري

قياس نه آخر تيڪون آيا، دل جل جل ڏِتئي بيماري

ڪافي 126

هُڻ عشق الله دا ڪر ئي

نا نام ڪنهين دا ڌر ئي

بيوفا معشوقان خون رلايا

ڪيون مُفٽ اُنهان تي مَرئِي

کوٽا ڏٺڙا دل دا دلبر

ڪيها اعتبار اُهين تي ڪَرئِي

ڏک ڏي ڏي عمر گنويندا

ڪيون درد غمان وچ سڙ ئي

حرف وفادي ڄاڻڻ اؤ کي

علم ڪيها هُڻ پڙهئي

دريا غمان دا موجان ماري

چل ناز اٿان جا ٽرئي ٽرئي

بُريان اکيان نال لوگ تڪيندي

اسين ڪيون ڪنهن ڪنون هُڻ ڏرئي

دم اڪيلا ”ناز“ ڳڌي ويسون

پڇي عيد تماشا ڪر ئي

ڪل دوست دشمن جي پڇسي

جڏان ياد آسون ڪون پٺتي اڙئي

الله ٻيلي يار نادان دلبر

تسان معاف اسان ڪُون ڪرئي

دشمن خوش ڏيسن مبارڪ

ڪيون شرم حيا وچ مر ئي

دوست تينون هي زهر کِلائيندا

نه کا اهو نه مر ئي

بياض ”ناز“ قلمي

ڪافي 1

ڇڏ ڇڏ وي سهڻا، ديکي تيڏي ياري

نه ڪيتوئي ڪڏان ڀي غمخواري

پرديسي ٿي پرديس تي جاوان

ڪُونجان وانگون مئن ڪر لاوان

ڏيک ڏيک تئينون هنجيان هاران

بيوس جاندي دردان ماري

رات انڌيري چپ دا ديرا

تڙڦڻ لڳا هي دل ميري

ڏوهه ڪيتوسي ڪهڙا تيرا

سچ وي ڏسين تئنون ڪيهي لاچاري

هجر جدائي سر تي آندي

رات غمان دي ڍلدي جاندي

عجب ڏاڍا نه دل ٿي ماندي

ڪِيون نه لاتا گلي جاوڻ واري

جا وڻ ويل اي رات اويلي

وڇڙيان دليان ڪون آ ميلي

رو رو نير ٿئي هڻ جاري

کيڙيان ڀيڙان ني ڪيا ڪجهه سمجهايا

وڃڻ ويل  ڪيون نه موڪلايان

ڪيون نه شرم  حيا تيڪون آيا

ڪيون محبت ته ٿڦڙ ماري

6.اپڻي پرائي دا ڊڄ ول ڪيهڙا

ڪيون اجاڙيئي دل دا ويڙها

بس بس ڪيها جھگڙا جھيڙا

دلبر دل کوٽي ڪر نه عياري

7.درد غم ميڏي دل تي رهسن

جينديان دي ول ميلي هوسن

هجر تيڏي وچ مرجو ويسن

نه سمجھين عمران ساري

8. گهوليا وڇوڙا درد هي ڏوڙا

ڏيکڻ ڪنون ڀي هي مُنهن موڙيا

سخت دليان ڪنون توبهه زاري نادانا

الله ٻيلي يار نادانا

ڪُجهه آک نه سگهي ”ناز“ نماڻا

ڪنهن دي نال ڪري هڻ دل دا ماڻا

غم ڏي ڪي نه ڪيتئي دلداري

مجبوران نال محبت اجائي

مفت ڪريسن سانُون سودائي

خبر نه پئڙي ناز ڪون ڪائي

ناحق عشق ڏتڙي بيماري

رب دي واسطي مدد ڪريا وي

بيڪس دل تي همدرد ٿيا وي

ميڏي دلبر ڪُون آڻ جهليا وي

سڙ نه وڃي اها سولان ساڙي

ڪافي 2

دل کي ڏک آ ڪنهن جو، جو ڪنهن کي ڏيکاري نه سگهان

باهه هي ڪنهن جي لڳي دل کي، جو وسائي نه سگهان

پهريئون ڇو تير هڻي دل تي، ڪيو پوءِ انڪار

هي ڀي ڇا درد جگر آ، جو ڏيکاري نه سگهان

ظلم سان گڏ محبت ڀي، ڪجهه آهي اهڙي

ياد رکي نه سگهان دل کئون، ڀُلائي نه سگهان

مستقل نشو ڪوئي، اهڙو پياريو دلبر

ڪو ٻيو پي نه سگهان، هوش ۾ اچي نه سگهان

دل جي ٽڪري تي هڻن تير نگاهون ڪيئي

ڪوئي ٽڪرو ڀي هن دل جو، بچائي نه سگهان

منهنجي غربت تي رڳو، رد وارن کي آ صدمو

جيڪر ناحق مان مويس پوءِ وري مان جي نه سگهان

فڪر مون کي آ شب وصل، ۽ ارمان دل کي

هن ادا سان سُتو دلبر ”ناز“، جڳائي نه سگهان

ڪافي 3

ديدون دُناليون دلبر واريون، ٺا ٺا دل تي ڪان لڳن

عشق عاشقن ڪم نه ڪچن جو، ناحق ڇو اڻڄاڻ مرن

ميل ملڻ موڪلائڻ مشڪل، جيڪي جيءَ سان گڏ جند جان رهن

درد جا ٽيئي حرف جُدا هِن، نه نقطو ڪوئي نشان ڏسن

هيٺ مٿي تنهنجا محبت نقطا، ڪيئن ”ناز“ اعتبار توتي انسان ڪرن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org