(15)
قيامت مين ڪوئي ڪسي ڪا نهين هي
ڇپوگي ڪهان اب يه دنيا نهين هي
ڪوئي وقت پر ڪام آتا نهين هي
مجهي موت ڪا ڀي ڀروسا نهين هي
لگاتي هو آنکون سي تم خط عدو ڪا
نوشته مقدر ڪا مٽتا نهين هي
محبت مين هي حال ڀي غير اپنا
يه سچ هي ڪ ڪوئي ڪسي ڪا نهين هي
سنڀالي هوئي اڪ ذرا موج هستي
يه ذرهّ هم آغوش صحرا نهين هي
خدا جاني ڪس پر نظر جا پڙي ٿي
ڪِ اب تڪ مجهي هوش آيا نهين هي
اشاري سي دشمن ڪي ڪيون قتل هون مئن
خدا حافظ اب مجهڪو مرنا نهين هي
تمنائي ترڪِ تمنا هي باقي
يه ڪيون ڪر ڪهون ڪچهه تمنا نهين هي
مئي حبِّ حيدرعه په هي ”ناز“ مجهڪو
مجهي خواهش جامِ صهبا نهين هي
(16)
طبيعت جو شوخي سي گهبرا گئي
خفا هوتي هوتي هنسي آ گئي
جفا ڪِيجئي يا وفا ڪيجئي
طبيعت تو اب آپ پر آگئي
جواني چلي ديکتي ديکتي
ڪهين ڪس سي هم، اسڪو لينا، گئي
زماني سي اب هم ڪو مطلب ڀي ڪيا
همين تو تمهاري ادا ڀا گئي
رقيبون مين جب تڪ ٿي جاگا ڪِئي
مري پاس آتي هي نيند آگئي
نه ميري بغل مين نه تم لي گئي
تو ڦِر ڪيا هُوا دل زمين کاگئي
ڪچهه ان ڪا ڀي صحبت سي جي ڀَر گيا
ڪچهه اپني طبيعت ڀي اُڪتا گئي
غضب ڪي نشيلي هي ساقي ڪي آنک
يه جس سي ملي اسڪو بَهڪا گئي
ڇپي ”ناز“ ڪيا ان ڪي بوسون ڪي ياد
جب آئي مري هُونٽ ڦڙڪا گئي
(سلام)
اپني بخشش ڪا سبب رونا رلانا هوگيا
بخشوايا شهه ني اشڪون ڪا بهانا هوگيا
ڪربلا جب سي خريدي حضرتِ شبير (عليه) ني
مومنون ڪي مرني جيني ڪا ٺِڪانا هوگيا
ڪل خدائي مين خدا ڪا ايڪ گهر مشهور ٿا
اس ڪا مالڪ ڀي پيغمبر صلعم ڪا گهرانا هوگيا
بت شڪن ڪو ديک ڪر حيرت سي ڪهتي ٿي مَلڪ
لو خدا ڪي شان بنده ڀي يگانا هوگيا
خضر سي ڪهه دي يه ڪوئي اپني گهر ڪي راهه لو
دل تو بي رهبر نجف ڪو اب روانه هوگيا
قابل عبرت هي اي دنيا يه تيرا انقلاب
ايڪ بيڪس ڪا عدو سارا زمانه هوگيا
تيسري ڪو اُٺ گئي دريا سي حضرت ڪي خيام
ساتوين تاريخ سي بند آب و دانه هوگيا
اشتياق مر مين ٿي ڪب سي عباس علي
پر رضا ليني ڪو پاني ڪا بهانا هوگيا
اشتياق مرگ مين ٿي ڪب سي عباس علي
پر رضا ليني ڪو پاني ڪا بهانا هوگيا
پهلوئي شهه مين ندا ديتي ٿي فوج بيڪس
بادشه تو رهه گيا لشڪر روانه هوگيا
ابروئي اصغر ڪو ماهِ نو سي ڪيا تشبيهه دون
”ناز“ يه مضمون تو اب بالڪل پُرانا هوگيا
(11) خطبئه صدارت:
هي هڪ رسالو آهي، جنهن ۾ آل انڊيا شيعه ڪانفرنس
ڪلڪتي جي 1928ع واري اجلاس ۾ مير صاحب جو پڙهيل
اردو زبان ۾ خطبو ڏنو ويو آهي. هي برقي پريس دهلي
مان شايع ٿيو هو.
(12) دعوت الاعتصام بدين الله الاسلام:
هي به اردو زبان ۾ هڪ ننڍڙو رسالو آهي، جنهن ۾
اڪبر جي ”دين الاهي“ وانگر ”دين الله“ جي دعوت ڏني
وئي آهي. هن ۾ مسلم اتحاد جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
هي رسالو ليٿو پريس ڪراچي مان 1343هه مطابق 1924ع
۾ ڇپيو آهي.
(13) گاڊس رلِيجن:
هي ڪتابڙو مٿئين رسالي ”دعوت الاعتصام“ جو انگريزي
۾ ترجمو آهي.
مير صاحب متعلق معاصرن جا رايا
اڳ ۾ ڪجهه شاعرن جي مير صاحب متعلق چيل قصيدن ۽
مرثين مان هڪ هڪ شعر پيش ڪجي ٿو:
هئه هئه ويو زماني مَئون بانڪو بلند جاهه
حاڪم حضور شرم رعايا جو خير خواهه
(نواب مير گل محمّد خان زيب جهل مگسي وارو)
اوهان جي عهد سعيد جهڙو نه آيوآهي نه اڳتي ايندو
ڪڏهن رياست نه ماڻيو اهڙو خليق صاحب ڪمال هوندو.
(ميان قادر بخش حقير ٺُل وارو)
نيڪ سيرت نيڪ صورت صاف طبع و صاف دل.
صاحب فهم و ذڪا ۽ صاحب حلم و خيال
(ميان غلام سرور فقير قادري لاڙڪاڻي وارو)
منعمان سنده هين دريا دل و مهمان نواز
جس طرح فرمان روائي خيرپور آقائي ناز
(مولانا صفي لکنوي)
بنده نوازيون مين هي يڪتا علي نواز
سلطان وقت اور غلامِ شههِ حجاز
حق ڪا نيازمند زماني سي بي نياز
يه مير ڀي هي نيڪ رعايا ڀي پاڪباز
(مولانا شميم امروهوي)
فيض اس شاهه ڪا جاري هي زماني مين سدا
فيضياب اس ڪي در فيض سي هين خاص و عام
(مرزا قربان علي بيگ ٽنڊي آغا وارو)
يڪسان هي خاص و عام يَهان جس طرح ڪِ يه
عالم هي فيضياب خور و مهه ڪي نور سي
(مرزا مدد علي بيگ ٽنڊي آغا وارو)
هاڻي معاصر اديبن جا نثر ۾ رايا پيش ڪجن ٿا:
مير علي نواز خان ڪمال وارن جو قدردان ۽ راهه
ويندي احسان ڪرڻ وارو سخي مرد هو.
(آغا شاعر قزلباش)
مير صاحب غزل ۾ اهي سموريون خوبيون پيش ڪيون آهن،
جيڪي سڀني پراڻن شاعرن جي ڪلام ۾ آهن.
(علامه آءِ آءِ قاضي)
مير صاحب سنڌي، سرائڪي ۽ اردو جو هڪ وڏو شاعر ٿي
گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ ڪافي سوز ۽ گداز سمايل
آهي.
(پير علي محمّد شاهه راشدي)
حضرت ناز جي ڪلام ۾ پختگي، سوز، ساز ۽ شاعري جون
صنفون موجود آهن. ڪلام قلب کي گرمائي ٿو، ۽ روح کي
وجد ۾ آڻي ٿو.
(ميان رحيمداد مولائي شيدائي)
مير صاحب هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ عشق جي
واردات ۽ درد فراق جو ذڪر گهڻو ملي ٿو.
(ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)
مير صاحب جون سنڌي ڪافيون ۽ غزل پنهنجو مٽ پاڻ
آهن. کيس غزل جو بادشاهه ڪوٺين ٿا. سندس غزل ۾
مٺاڻ، سادگي، دلڪشي ۽ زبان جي رواني وڏي خوبي سان
استعمال ٿيل آهي.
(پروفيسر زيب ڀٽي)
مير علي نواز خان هڪ قادرالڪلام شاعر آهي.
(ميان ڪريم بخش خان خالد)
مير صاحب عاشق مزاج، زنده دل، سخي ۽ ادب نواز شاعر
آهي.
(مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ)
مير صاحب جي تصنيفات مان ”آتش عشق“ ،”خلوت عشق“،
”گلدستهء ناز“ ۽ رباعيات عمر خيام جو ترجمو ذڪر جي
قابل آهن.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
مير صاحب علم ۽ فن جو قدردان آهي ۽ عام فيض رساني
سان سندس خاص شيعو آهي.
(بشارت علي زيدي)
مير صاحب جدا جدا صنفن ۾ شعر چيو آهي، مگر هر صنف
۾ حسن بيان ۽ زور ڪلام هڪ جهڙو آهي، جيڪو سندس
استاد هجڻ جي ثابتي ٿو ڏئي.
(نسيم امروهوي)
مير صاحب کي اردو شاعري ۾ وڏي ڏات حاصل آهي.
(ميان مولا بخش همدم مدير ملت)
مير صاحب جي بيان جي طرز اهڙي سليس ۽ وڻندڙ آهي جو
پڙهندڙ قال جي محفل مان حال جي محفل ۾ پهچي ٿو
وڃي.
(مولانا ناظر جلالي)
مير صاحب سنڌ جي ڪنهن به ڪافي گو شاعر کان گهٽ ڪين
آهي، ۽ ڪافي ذريعي پنهنجي قلب جي واردات جي پوري
پوري ترجماني ٿو ڪري.
(ميان حاجي محمّد حداد)
ناز جي ڪلام ۾ اهي مڙيئي خوبيون ملن ٿيون، جيڪي هڪ
اعليٰ درجي جي شاعر جي ڪلام ۾ هئڻ گهرجن.
(ميان محمّد علي حداد)
ڪلام جو فڪري ۽ فني جائزو
مير علي نواز خان حسن ۽ عشق جو شاعر آهي. حسن ۽
عشق جي دنيا ۾ جو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، يا جيڪي معاملا
پيش اچن ٿا، انهن سڀني جو تفصيل سندس ڪلام ۾ موجود
آهي. هو انهي تفصيل ۾ پنهنجا ذاتي تجربا اهڙي طرح
سان پيش ٿو ڪري، جو منجهن دنيا جي تجربن جي جهلڪ
نظر ٿي اچي، ٻين لفظن ۾ هو پنهنجي حال کي جڳ جو
حال بڻائي پيش ٿو ڪري.
مير صاحب جو ڪجهه محسوس ڪيو آهي، ۽ جو ڪجهه سندس
دل تي گذريو آهي، يا جيڪي ڪيفيتون مٿس طاري ٿيون
آهن، انهن سڀني کي هن پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي.
سندس ڪلام سندس شخصيت جو آئينو آهي، جنهن ۾ سندس
خيالن ۽ عقيدت جو عڪس ظاهر ٿئي ٿو. هو پنهنجي ڪلام
۾ گهمندو، ڦرندو ۽ ڳالهائيندو نظر اچي ٿو.
مير صاحب جي شاعري حُسن جي خار جي ڳالهين تائين
محدود ناهي. هن داخلي ڳالهين ڏانهن به توجهه ڏنو
آهي. سندس ڪلام ۾ حسن سان گڏ محبوب ۽ محبوب سان گڏ
حسن جو خيال پيدا ٿئي ٿو. مطلب ته هو حسن ۾ گم ٿي
ويو آهي ۽ حسن کي پاڻ ۾ اهڙي طرح گم ڪيو اٿس جو هڪ
ٻئي کان جدا ٿي نٿا سگهن.
مير صاحب پنهنجي محبوب ۽ سندس عشق ٻنهي سان پيار
ٿو ڪري. هو رڳو ميلاپ جي مزي تي قربان نٿو ٿئي، پر
جدائي جي غم ۽ محبوب جي نه ملڻ واري ملال کي به
پيارو ٿو سمجهي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان سندس نِينهن
جو ناتو پڪو ۽ پُختو ٿو ٿئي. ٿو عشق جي رنگيني کي
حسن جي دلفريبي کان گهٽ نٿو سمجهي.
مير صاحب جي ڪلام ۾ احساس تمام گهڻو ۽ فڪر تمام
گهٽ آهي. هو ذهني ڪوششن جي بدران دلي ڪيفيتن جي
ترجماني ٿو ڪري. هن وٽ عم ۽ غم جو احساس ڪافي آهي،
مگر اهو ايترو ناهي جو زندگي کان بيزار ڪري ڇڏي.
سندس غم جي احساس مان زندگي گذارڻ جي خيال ۾ اضافو
ٿو اچي.
مير صاحب سونهن ۽ سوڀيا جو وڏو خالق ۽ اعليٰ درجي
جو فنڪار آهي. سندس ڪلام جو خاص جوهر عاشقانه جذبن
جي عڪاسي آهي. هو حسن ۽ عشق جي معاملن جون بهترين
تصويرون پيش ٿو ڪري. سندس ڪلام ۾ زبان جي سادگي،
بيان جي رنگيني ۽ سُرتار جي لَئي آهي ۽ انهن ٽنهي
شين جو ميلاپ ڪلام کي حسن ۽ جمال جو شاهڪار بڻائي
ٿو ڇڏي. هن سڌي سنئين انداز ۾ عام ٻولي استعمال
ڪئي آهي، جنهن ۾ سونهن ۽ سوڀيا جا سمورا سامان
پيدا ٿي ويا آهن.
مير صاحب هڪ بادشاهه ماڻهو هو. جو ڪجهه محسوس ڪندو
هو، سو چئي ڏيندو هو. هو اکرن ۾ اڙجڻ وارو نه هو.
مطلب ۽ معنيٰ تي گهڻو ڌيان ڏيندو هو. انهن ڳالهين
جي ڪري هن کان ڪجهه فني لغزشون به ٿي ويون آهن:
مثلا: عروض جي لحاظ کان لفظن جو گهٽ وڌ ٿيڻ، يا
رديف ۽ قافيي جي پابندي نه ڪرڻ. انهن ڳالهين جي
باوجود جيستائين مير صاحب کي سمجهڻ ۽ سندس شخصيت
کي سڃاڻڻ جو سوال آهي، ته سندس ڪلام جي اهميت گهٽ
نه ٿيندي. هونئن به جيڪڏهن علم ادب جي جديد
تقاضائن ڏانهن ڏسو ته معلوم ٿيندو ته اهڙيون لفظي
پابنديون ۽ علمي بندشون ڪلام جي مطلب ۽ معنيٰ جو
مزو وڃائي ٿيون ڇڏن. ان لحاظ کان دعويٰ سان چئي
سگهبو ته مير صاحب سنڌي زبان جو پهريون شاعر آهي،
جنهن سنڌ ۾ آزاد شاعري جو رواج وڌو، ۽ نهايت
ڪاميابي سان وڌو.
ڪليات ناز
ڪافي 1
ڪيها ڪم ڪِيتا ناداني دا جڏان عشق دي گهر انسان جو
آيا
1. عشق اسان نُون ڪفر پڙهايا رنگ وسر ڳيا رحماني
دا
پا جَڻيا صُنعان جو آيا
2. علم عقل دي حاجت ناهِين هوش گم هو يا لقماني دا
محبت دي ميدان جو آيا
3. ”ناز“ اِسيري هي دلگيري رايا چا ڇوڙ سلطاني دا
عشقئون گهن زندان جو آيا
ڪافي 2
گل ڦل داغ دلان وچ اُگڙي بوند برهه دي اُٺي وي
لوڪو
1. او ڪِي ڄاڻن حال دلان دي
مئن درد فراقان دي مُٺي وي لوڪو
2. پڙهه بسم الله سهڻي تڪبير وهائي
مئن عشق تيڏي وچ ڪُٺي وي لوڪو
3. محبت من وچ تانگهان تن وچ
ماڻي ڪرڪر رُٺي وي لوڪو
ڪافي 3
لوڪان وسدي رسدي جهوڪ لڏائي
ڦيري قسمت دي خبر نه ڪائي
تخت هزارا ڇوڙڪي رانجها
جوڳي بن بن بِين بجائي
ڪيا لِکيا ليکا مقدر ني
درد رورو ڏيندا دُهائي
ظلم ڪريندي ظالم شرم نه ڪيتا
ميڏي ڏکان سُولان تي ترس نه آئي
”ناز“ نماڻيان دي ڪنهن نون ڀاندي
مئن ويسان داغ اي دل تي چائي
ڪافي 4
دل سان دلبر جي اڳيان هي حال دل جو چئي ڏجو
برهه جي بازر ۾ بيهي سر جو سودو مون ڪيو
قدر منهنجو ڪونه ٿيو افسوس آ هن ڳالهه جو
سر ڏئي پڌرا پيا سي رحم توکي نا پيو
هي نه لڌڙي مون خبر جو تون به ٿيندين بيوفا
عقل کئون مان ڇا پڇان تقدير مون کي نا ڏسيو
داغ دل ٿيا روز روشن مهلقا منهنجا پرين
جان مئون جئن روح نڪري دل ته دلبر کي ڏجو
بيوفا سان نينهن لائي سر ڪيم پنهنجو فدا
”ناز“ چُپ هاڻي رهو پنهنجو نه ڪنهن مون کي ڪيو
ڪافي 5
مان ڳالهه ڪندي چپ ٿيم سو حال دل سمجهي ويا
راز جي واقف ٿيڻ لاءِ بيتاب ٿي پڇڻ لڳا
اي ادا قاصد تون پڇ ڇو ڳالهه ڪندي چُپ ڪَيَئون
محبت نه منهنجي ماٺ ڪئي تون راز دل جلدي ڏسا
مان پڇان خلوت جو تنهنجي تون پڇين مون راز دل
ٻئي طرف بيتابي سمجهون ٿئي ڪنهن جي اول التجا
حسن يوسف هڪ طرف مون سُونهن خاموشي نه پڇ
ابرو خنجر تيغ مزگان ديد جا ڀالا لڳا
”ناز“ الفت جي نظر ڪيئن عاشقن کئون ٿي لڪي
بيوسي جي چُپ ۾ ڀي تون راز خاموشي سُڻاءِ
ڪافي 6
گِريو ڏسي محبوب جو جيءَ منهنجو رئندو رهيو
اکڙين کئون هي آب هاري خون دل وهندو رهيو
بعد مُردن ڀي جدائي جو گهٽيو نا درد غم
قبر ۾ ڀي سوز غم ماتم سدا ٿيندو رهيو
هر گهڙي بي چَين آ غم خواب ڀي آ مدام
اشڪ جا بادل ڀري چشم انتظار وسندو رهيو
وقت رخصت آئيني سان ڇا چيائين روئي ڪري
داغ دل کي ڏئي ڪري ڇو دلربا ويندو رهيو
عشق جي مشڪل نماز آ عالمن جو ڪم نه آ
سجدو هِت ٿيندو رهيو ۽ شمر هت ڪهندو رهيو
اي فلڪ مون کي ستائي توکي ڏس هٿ ڇا لڳو
”ناز“ گر جيئرو رهيو پر ڪهڙي ڪم جيئندو رهيو
ڪافي 7
ساهه ساري جن کي هردم خواب ۾ آيا نظر
عشق جي آمد سان ڀي ڇو ڪجهه نه آ تو ۾ اثر
ڪم سَني کئون سنگدل شايد منهنجو محبوب آ
ترس کان واقف نه آ الفت کان شايد بي خبر
هن جدائي جي جيئڻ کان آهي دل ۾ هي طلب
جلد اچي سهڻا ملو يا ڏيو کڻي هٿ سان زهر
تون وطن ۾ خوش سدا ۽ مان ڏکيو پرديس ۾
کِل خوشي چرچو سڄڻ وٽ هِت الم چارئي پهر
ڪافي 8
محراب چهرو يار جو سجدو ڪيان تنهن تي ادا
انتظار يار ۾ اڄ وصل جي آئي صدا
بيوسيءَ جو وس نه آ خاموش هي محبوب آ
دل جي دل ۾ آرزو هڪ من ڪري پوري خدا
هي جدائي جو جيئڻ جنجال آ سر تي مدام
درد سان دانهون ڪيان ظالم نه ڪر مون کي جدا
”ناز“ سان مون ڏي ڏسي ڪَيئين غم جي صورت آ شڪار
هو اشارو يار جو هي سر ڪيان توتان فدا
ڪافي 9
ڇا شڪايت مان ڪيان سڀ گردش تقدير ڪئي
ڪَل نه مون کي ڪا پئي هي ڪهڙي مون تقصير ڪئي
نيڪي جي بدلي بُرائي آ نصيبن ۾ منهنجي
ڪاتب قدرت قلم لوحي سان هي تحرير ڪئي
دام گيسو جا وجهي مُرڪي ڏنئون مون ڏي ڏسي
تو ته مون سان ڪانه ڪئي پر زلف جي زنجير ڪئي
بيوفا توکي نه ڄاتو هُم منهنجا سهڻا پرين
”ناز“ دل جي درد کئون مجبور هي تقرير ڪئي.
ڪافي 10
عشق جي ڦاهي ۾ ڦاسڻ جو وڏو ارمان آ
داغ دل ايترا جن جو نه شرح و بيان آ
محبت وڌو دريا اندر وفا ٻَڌي ڪيو غرق
بعد مُردن مَن لکن منهنجو بي هي افسان آ
حسن وارن کي هميشه ظلم جي عادت رهي
مرگ منهنجو عيد هن جي هي فقط هڪ ڌيان آ
ناز جي الفت وفا جو قدر دنيا ۾ نه آ.
چند روزه فخر ناحق فاني سڀئي سامان آ
ڪافي 11
آ منهنجا سهڻا مِٺل تنهنجو ڪُٺل پيو ٿو مري
هن درد جو دارُو اوهان رِي ڪونه ٿو ٻيو ڪو ڪري
درد غم سڀ سور پيا سيني اندر ناسُور ٿيا
زخم سڀ انگور ٿيا هي دل ڏکن ۾ ٿي ڳري
هڪ رمز ڍولڻ سان لڳي ٻي آ جگر کي بيڪلي
سينو اندر ويو آ جلي هڪ دم نه ٿي مون کان پري
اکڙيون ٿيون تو لئي سِڪن برسات بادل جان وسن
هن درد جا دُونهان دکن ڦاٿيون اوچتو عشق جي اَري
هن راز جو واقف نه هُس ڏاڍي دام ۾ ڦاسي پيس
قابو زلف جي زنجير ڪيس هڪ ساعت توريءَ نا سري
”ناز“ چئي عجب هي حال آ هن درد ۾ پامال آ
ٻئي جي ڇا مجال آ ڪُٺا عشق جي هڪڙي ذري
ڪافي 12
ڀلي عشق منهنجي گهر آيو
ڪهڙو رنگ هادي کڻي لايو
سبق سورن جو کولي ڪتابون
بسم ڏکن جي پڙهايو
درد اندر جو دارُو ڪونهي
ناحق طبيب پُڙيون پيا پُسايو
مت مرشد جي اها آهي سٺي
راضي رضا سان سر پيا ڪپايو
بيقدرن سان لاتيسي ياري
اسان ناحق وقت وڃايو
ابرو خنجر تِير هِن مزگان
ڪيو ٿا جنگ جو سعيو
حسن وارن جا ”ناز“ نرالا
ڇو ڏاڍن سان نينهن لايو
ڪافي 13
نماڻن نگاهن اشارو ڪيو آ
منهنجي درد جو تو نه چارو ڪيو آ
نهاريان ٿو راهُون ڪيان روز آهون
ڏئي دل کي هٿڙا پُڪارو ڪيو آ
پُنهل پرديس آ جوڳي منهنجو ويس آ
غمن دل منهنجي کي ويچارو ڪيو آ
آهي قسمت جو ڦيرو ڪيان حال ڪهڙو
پرين پاڻ مون کي نِڪارو ڪيو آ
هاڻي وقت دعا آ ڪيو ڪا شفا آ
”ناز“ بيمار دل کي سهارو تنهنجو آ
ڪافي 14
ڏکايل ڏکن جو سبق هي سکيو آ
جو قسمت ۾ قادر قلم هي لکيو آ
ناهي وس ڪنهن جو سُڻي حال منهنجوچ
آهن بيڪار ڳالهيون پيغام هي مُڪو آ
شرم جن کي ناهي چوڻ تن کي ڇا هي
رحم جو ته خانو نه دل ۾ رکيو آ
”ناز“ نعرو انالحق سڻائي ڏجان
پوءِ منصور سولي چڙهائي ڏجان
ڏسي پاڻ مالڪ جو بيٺو لڪو آ
ڪافي 15
سڀاڻي اسان جي سفر جي آ تياري
وڇي هيڪلي ڪيئن ڪري هي ويچاري
توهان وٽ گهڻو وقت خدمت ڪئيسي
اجورو هي خدمت جو ڏاڍو ڏٺوسي
خطائون ٿين معاف توهان جي ستاري
جي جيئرا هونداسين توهان در ايندا سي
ڏکن جو پنهنجو حال سارو ڏيندا سي
جي ڪيو ياد دلبر توهان هڪ واري
مران ڀي ڇڏيان نا ڪڏهن در اوهان جو
لوڌن توڙي ماڻهو ڇا رايو اوهان جو
”ناز“ ڪاڏي وڇان گڏ عمر مان گذاري
ڪافي 16
هلو شهر لاهور ديدار اَٿوَ
جتي يوسف وڪاڻو بازا اَٿوَ
ٿي فراقي يار لئي ٿو مان نهاريان بار بار
مثل بلبل گل جي خاطر دل کي آهي انتظار
رات ڏينهن آهون ڪيان ٿو يار تو لئي مان سدا
هي جدائي اهنجي وائي لاهي مَن مون تئون خدا
خون دل خون جگر جو عشق ۾ پيتو شراب
جسم جان منهنجي کي ساڙي سيخ تي کاڌو ڪباب
صاف صوفي ”ناز“ سان اکڙيون کني هيڪر نهار
تو سِڪي بيمار دلبر ڏي ڪوئي آڌار يار
ڪافي نمبر 17
آيم سور اندر جا باب کڻي
کولي پاڻ پڙهو هي ڪتاب کڻي
تنهنجي صورت تي مان مستانو
لاهيو پاڻ ته پنهنجو حجاب کڻي
پيالو پياري مست ڪيو ٿا
ڏِنُوَ شوق منجهارئون شراب کڻي
”ناز“ تي دلبر خِفگي ناحق
ڪَيوَ سينو جگر ته ڪباب کڻي
عشق جي رمز آ مشڪل سمجهي
ڪيو مفت مُلن ته خراب کڻي
ڪافي 18
آهسته سر هلائڻ رضا جو نشان آ
ديدون کڻي نهارڻ قضا جو نشان آ
تيور چڙهائي پنهنجو ڏند چپ تي ڏنو
مان کئون هي نِڪتي آهه ڇا سزا جو نشان آ
خال خط رخ حسن يار جو ڏسي
رخسار هي ڳلن تي قضا جو نشان آ
هن زرد رو عاشق جا هي ”ناز“ سڀَ مٽيا
هر وقت خشڪ زبان تي غم غذا جو نشان آ
ڪافي 19
بلبل خزان ۾ خار خَسي آشيان نه ڳول
اُجڙيل گلن جو تون ڪوئي پتو نشان نه ڳول
هن حسن چند روزه تي ايڏو نه ڪر غرور
رهڻو سدا ناهي جتي پنهنجو مڪان نه ڳول
گردون جي دشمني ڪيو پامال آ مون کي
هاڻي پراڻي ڪِيني کي تون آسمان نه ڳول
خواب عدم ۾ لحد لئون نڪتي آهي صدا
بيتاب بيقرار کي ظلم خوبان نه ڳول
فاني فنا گذر ۾ ڪم ايندي هي وفا
اي ”ناز“ راههِ عشق ۾ سُود و زيان نه ڳول
ڪافي 20
پلپل پُور پَون، مٺڙن مارن جا- پلپل پُور پَون
مارو ماڳ وسن- پلپل پور پون- مٺڙن مارن جا
سانگي سانگ ڇڏي ديرا درد اڏي
جنهن ڏينهن لاڪُون ويا لڏي ايو سُور سهڻ
لِٽُون ڀاڻا ڏسي پوي ٿي دلڙي ڦِسي
وڃان پنهنجي دوست وٽ رسي دونهان درد دکن
قيدي قسمت جو ڪيو قابو پرديسي ٿيو
تخت هزارو ڇڏي مشڪل آ ”ناز“ رهڻ
ڪافي 21
سانگين وانڍڙيون ٺاهي وسايا پنهنجا ڀاڻ مٺڙن مارن
ڪاڻ
دونهان درد اندر جا اچي ڏسو پنهنجا پاڻ
ڦُلايون ڦوڳ ڦَريون چونگارن تنهنجون چَڙيون
ڪٿي اکڙيون اڙيون سهڻن سانگن ساڻ
ڏسي مارو نماڻا کاوان چوڙيلن چاڻا
نَوان سور ساماڻا ويٺي اوريان پنهنجو پاڻ
3. وڻن ڳاڙها پڙا ڇيلن چونگاريا چڙا
”ناز“ گابڙن کڙا سُهڻن کوهن ڪاڻ
ڪافي 22
هن جدائي جو ڏٺو رڄ چوڏهون چنڊ آ
دل ۾ گهڻو ئي درد توڙي پر زبان تي منڊ آ
دربدر بيمار تنهنجو آ پريشان بيقرار
ڪاڏي وڃي ڪاڏي وڃان نا ڪو ٽڪاڻو هنڌ آ
اي فلڪ تو سرنگون ڪيو غير جي هئي ڇا مجال
لَلّوِ پنجوکنئون مارايئي شير طاقت مند آ
تو کنئي اُلٽي ڇري مان پاڻ گردن هيٺ ڪئي
هاءِ تو ڪنهن لئي ڪُٺو هي مفت يوسف سنڌ آ
”ناز“ توتي ها گهڻا غلطي محبت جي ڪري
تو ڏنو ڌوڪو ڪري پنهنجو عجائب ڦند آ
ڪافي 23
ڪوئي پرسان حال ڪونهي سور مان ڪنهن سان سليان
ڇا توکي قسمت ڪيان ڪهڙا دک هاڻي پُڇان
دم گذر ڪرڻا هِن باقي عمر ساري وئي لنگهي
ڪنهن کي منّت ڇو ڪيان ٿئي خوش منهنجو موليٰ ڏسان
ضد منهنجي ڇا هلي منهنجي خوشي منظور ناهه
رب سائين ڏاڍو مالڪ هاڻي هن کي ڇا چوان
”ناز“ ڀي ويندا رهيا انداز ڀي ويندا رهيا
نه ڏک ڪوئي منهنجا پُڇي نه مان هاڻي ڪنهن کي ڏسيان |