ڪافي 46
الله دي حوالي ڇڏيا دلبر يار ڪون
غم ڏتڙا قسمت مئن غمخوار ڪون
رنگ روپ رلئي وچ خاڪان
اڳڙا فڪر هجر تيري بيمار ڪون
ڏينهن ڍلدي وڇوڙا ٿيسين
رنگ چرهسين هڻ تيڏي ديدار ڪون
گهولي جدائي سُر تي آئي
لعنت هو وي هجر تيڏي آزار ڪُون
ڪوئي واءُ خزان دي ايسي گهلڙي
بلبل روندي وتي گلزار ڪون
”ناز“ دي نال بي نياز ماهي
ڪرين سچا سهڻا اپڻي اقرار ڪون
تمت بالخير
ڪافي 1
رخ شمع تي پروانه جلدي سڙدي مست ديوانه
جل ڀن ڪي ميان ڍير ٿيوسي ڪوئي ماني يار نه ماني
يار
دل لي ڪي دعا ڪيتوني ڪردي روز بهاني يار
معشوقان دي محبت اوکي خالي سڻدي عشق فساني يار
رانجهن دي خاطر هير نماڻي ساري جڳ دي کاندي طعني
يار
”ناز“ دلبر دا نياز اساڏا توڙي ڄاڻي يا نه ڄاڻي
يار
ڪافي 2
دل محبت نال هر هر ڌڙڪي ڪيون رسدائين مئن نال
لَڙڪي
کِل کِل هَنس هَنس ناز ڪريندا شرم شرما ڪي زير
ڪريندا
ڏيندا باهه برهه ڪون ڀڙڪي
عرض ڪرڻ دي جاءِ نه ڪائي صبر ڪريندي چَين نه آئي
آخر حال ڪيتم سڙ سڙ ڪي
بار بار جدائي آئي گِهن گهن موت مئن ڏي لائي
زنداهه عشق ڪيتا ڦِر مَرڪي
دريا محبت موجان ماري پار ٿيون ڪيوين دردان ماري
ناز چلو عشق سير تر تر ڪي
عمل حُب ڪُون شروع ڪيتوسي راهه خطر وچ آڻ پيوسي
تسبيحان دم دم پڙهه ڪي
”ناز“ ڪنون جنهن گهڙي جدائي دلبر نباهڻ چين نه
ڪائي
رهيا خون جگر رو ڪر ڪي
ڪافي 3
اي حسن جا پرميشر ٿيو سڄي کٻي ساڻي
ڏيو جَهلڪ چمڪ پنهنجي اي حُسن جواني ماڻي
هڪ ديدار آ دلبر جو قصو ٻيو کوڙ ٻيو ڪهاڻي
هن حسن جي فوجن ۾ تون ئي آن يوسف ثاني
پوءِ ويهه تون منهنجي دل ۾ اڄ سهڻا مٺا جاني
ڪو ڪرم ڪجو پنهنجو ”ناز“ آ ڪملي ۽ ديواني
ڪافي 4
پرين ڪيون خواب ۾ چاليون پائي ڀاڪر ڪيون ڳالهيون
سُتي هَم سيج تي هيڪل پرينءَ جا پُور ها پلپلَ
اکين مَئون نير وَهيا جل جل ويٺا ٿا غم اندر
پاليون
ستايل سور وڻ اوچتا وڇوڙي غم جا ها آتا
سڪايل سڪ روئي لاٿا ڪنن ۾ راز جون ڳالهيون
جدائي جو تيار هي سامان وجهي ٿو دل ۾ اندر نئون
طوفان
نه علاج آ هِت نه هُت درمان ڏکيا ڏينهڙا ويٺا
جاليون
گڏ وارن جي ٿي خوش گذري هيڪل جي رات ڪِئن گذري
نه دِليئون دلبر جي ٿي وسري سڙي محبت ”ناز“ ڪئن
ٽاليون
ڪافي 5
ڦٽڙيان پراڻيان ٿي ليڙان رب ميلي دلبر ميڏا دعائين
ٻَيٺي منگان
بيماري دي وچ لٿيان اميدان مئي ڪنون پڇي ماهي
مِلسي ڪَڏان ڪِٿان
جِنيديان نال هر ڪوئي پريت ڪريسي مويان دِيان ڪنهن
خبران لَڌيان
جِنيديان دي وچ نه مويان وچ ميڏي گنتي ”ناز“
تيڏيان سنڀالان ڪنهن لَڌيان
اِٿان ڪُون لهسي ول اِٿان
ڪافي 6
مَئِن وانگُون هَئين ڦٽڙا دلبر
سَهه نه سَگهِسين ڪنهن دي طعني عشق محبت مٺڙا دلبر
ڳالهه ڳالهه تي نِير وَهه جاون درد فراق دا ڪٺڙا
دلبر
چپ چپ وچ محبت چپ نيتي دل دا نه ڪوئي تپڙا دلبر
آڻ پيوسي پَلئي تساڏي سانگا سر تون سَٽڙا دلبر
لکين سانون لوگ پٿر مريندي پر گل دلبر نه سٺڙا
دلبر
ٻن پئي خالي طول وِهاڻي ياد جو پَوندا مٺڙا دلبر
ماءُ پيوُ ڀيڙي لاون هِير نال جهيڙي نه دل رانجهن
ڪنون هٿڙا دلبر
نه رک عشق لانوڻ وچ خوف ڪهين دا ”ناز“ بڻندا
ڦرڪيون ننڍڙا دلبر
ڪافي 7
دل وچ دردان دير لايا ڪٿي ول دلبر وَسدا وي
سانگ تساڏي سانگ بڻايا تَئن تائين نه مَئِن رسدا
وي
مهر محبت نظر ڪريان وي جڳ هُڻ سارا هسدا وي
جنهن دي خاطر خواري چاتي اِهو ول ڪيون رُسدا وي
هڪ سر تي هئي قربان ٿيوسي سهڻا مزا نه ڪنهن ٻئي
چکداوي
اکيان رو رو نير وهاون مِينهن سانوڻ دا وسدا وي
قتل ڪراڪي کلڙي لهوائي ويک عاشق اينوين ڪُسدا وي
”ناز“ ڪون ڏيک آواره ڦردا دلبر دلڙي کسدا وي
ڪافي 8
لڌاسي ڪيئي خواب حسن جا، دل تي جهلياسي ڪيئي
تابحسن جا
نيون نيون چاليون نيون نيون ڳالهيون کولياسي ڪيئي
ڪتاب حسن جا
باهه عشق جي مان ڪئن وسايان دُور رهياسي آب حسن جا
رنگ پيري ۾ مان تنهنجو لاتو نوان وري آيا شباب حسن
جا
علم عقل جُون ڦاڙي ڪتابون عشق پڙهايا هي باب حسن
جا
مُلا قاضي ڇا ڄاڻن مسئلو ”ناز“ هي ڄاڻي ثواب حسن
جا
منتون ڪندي عمر گذاري ڏئي نه سگهياسي حساب حسن جا
بند نگاهن وڌا بند دل ۾ نيچي نظرن ڪيا دل تي تاب
حسن جا
رئندي رئندي عمر گذاري جڏهن ياد اچن هي عذاب حسن
جا
شرع و حيا ۾ ڀي ”ناز“ نزاڪت مارن تنهنجا حجاب حسن
جا
ڪافي 9
جڏان صورت وچ سبحان آيا، دل ڪافر وچ ايمان آيا
محمد ﷺ پيدا رب سائين وسدا تُسان ڏسو ول هي قرآن
آيا
ليليٰ پڇدي عشق گواهي، جنون دا گواهه بڻ بيابان
آيا
قسمت بيڪس ڪيتا ها اسان نون پر دلبر دردان دا گهن
درمان آيا
هر خواب دي وچ ها خواب دلبر دا هر هر حسن سينگار
دا بڻ سامان آيا
راڳ روپ هي سڀ تيڏي تائين پڇي تيڏي نه سورٺ سهڻي
دا ڌيان آيا
گل ڦل دي وچ هي رنگ ماهي داهڪ بلبل دي ڪيتي بڻ
گلستان آيا
يوسف زليخا دا پيش هي مقدمه شاهدي دي ڪيتي چاڪ
گريبان آيا
ڪيون ڇوڙڳئي سڀ ناز ڪون اڪيلا نه ڪنهن دي دل وچ
ڪوئي ارمان آيا
ڪافي 10
تون آڻ حَسِين توکي حسينن سان پيار آ
خوراڪ حسن تنهنجي ۽ تون طالبِ ديدار آ
ڄاڻڻ تنهنجو آ مشڪل سمجهڻ تنهنجو محال
هر ناز هر ادا ۾ پوشيده يار آ
فرقت جي هر گهڙي مايوس ٿي ڪري
اي ضبط دل هي توکي رهڻو لاچار آ
ٻيون ڪُل بيماريون دُور ٿيون دلبر ڏني شفا
پر پنهنجي ئي تون عشق ۾ هردم بيمار آ
ابرو ڪمانيون کينچي هَنيئون تير ناز کي
ڇا تير هي لڳو جو جگر جي هي پار آ
پنهنجي نصيب جي ڪجي توسان ڇا گلا
ظالم پنهنجي تون دل جو پاڻهئي مختار آ
معشوق بيوفا کئون مشڪل بچڻ آ ”ناز“
هڪ نازنين حَسين ۽ ٻيو تون عيار آ
هن سامري اکين ڪيو ڪئن جادو آ مون تي
تن من منهنجي اندر وِڌي محبت جي تار آ
ڪافي 11
هوڏانهن دُزديده نگاهون، هيڏانهن قربان نگاهون
نِڪتيون دل عاشق مئون، اڄ درد جون دانهون
تون آن حسن جو پرميشر، آ پُوجھا تنهنجي واجب
هر وقت ۽ هر ڳالهه ۾، ويٺا حُسن ٿا ڳايون
سڀ سانگا پنهنجا ٽوڙي، رکيو آ آسرو توتي
من توتي اثر ڪن هي، مظلوم جُون آهون
تون سينگار آن مجلس جو، ۽ محفل ٿي ٺهي توسان
خالي سڀ اکين اڳتئون، آهِن توکئون سوا جايون
ڏس ”ناز“ تون پنهنجي کي، هن درد جو ڪو نسخو
هن عشق جي مرض ۾، ڪيئن هاڻي شفا پايون
ڪافي 12
اي حسن وارئو نه پوشيده ڪيو پنهنجي راز کي
هر ادا پوشيده ۾ هر ڌوڪو آهي ناز کي
مان اسيري کي قبوليو اوهان ڪاٽيا بال و پر
پوءِ ياس سان رخصت ڪيم پنهنجي پر پرواز کي
حال دل ماکئون پڇيائون مان درد پنهنجي کي سڏيو
اڄ ماجرا هي روبرو تون آڻ سوز و ساز کي
جي يار هئا اغيار ٿيا ڏئي دل من هو آزار ويا
اي حَسِينو حصي مَئون رڳوغم هي بخشو ”ناز“ کي
ڪافي 13
مِهڻي ماڻهو ڏيون سانُون تيڏي دلبر نال صفائي نه
ڪيا دلبر دي ڀي دل وچ هي ميڏي دلبر نال سچائي نه
دلبر دا دلبر اوکا ٿيوڻ ڪيون دلبر دل آزمائي نه
گهوٽيا پيٺا ٻهون هي تيڪون ڪيون رنگ ميندي تيڪون
آئي نه
واري واري ٻهون دل ڪيتي پر دلبر دلڙي رلائي نه
اميدان رک دلبر تي آيوسي نه دل وچ خيال جدائي نه
منتان دل ديان دل وچ رَهيان ساڏي پير مراد پڄائيي
نه
ول ڀي ملزم ”ناز“ تساڏا ٿيوي منصف ڪيون نه خدائي
نه
ڪافي 14
دل تاب حسن سان جلي جلي نه ڪنهن دي چوڻ تي چلي
نه ڪوئي جهلڻ تون جهلي جهلي
هڪ ناز ته سوين معشوقن کيڙا ڀاڱا پيا ڪنهن دي پلي
پلي
ڪيئي مشرق ڪيئي هن مغرب ڪنهان دا جنوب شمال ديرا
نازنينان رلاڪي ماريا ”ناز“ هڻ ڪٿان وڃ ڪنهن ڪون
ملي ملي
روح دي قدر روح ڪريندا بي روحان ڪونه گهتدي مٽي
پلي پلي
مدر ڪَنون هي تلاشي ڦردا جڏان روح وچ روح ول رلي
رلي
”ناز“ دي اندر درد گهڻيري ڪيون سُڻ سگهسي دلبر
ڪلهي ڪلهي
ڪافي 15
قاصد آيا دل ڌڙڪايا هويا شوقون رايا تياري دا
ٻهڻ ڪيتي هي دلڙي ماندي پر وڃڻ ٿيا لاچاري دا
نه رهڻ وچ مقصد نه وڃڻ وچ مطلب ڪيها ڪم هي هڻ
دردان ماري دا
لوڪان اڄ ڏينهن تائين نهين سڃاتا ڪيها حال ڏَسون
اسراري دا
ڪنهن ڪنون ”ناز“ هڻ ڊڄي نادانا نه ڀئو گلا غيبت
خواري دا
ڪافي 16
عشق تو مان کي ڪيو اسير ڇا
زلف جانان ڪئن بڻيا زنجير پا
جو اسير هو محبت هن کي ٻيا زنجير ڇا
پر وس اوهان جو ڪون آهي هي لکيو تقدير ما
هن مصحف رخ جا نگهبان نانگ ٻئي
تشنه لب پهچڻ جي ڏسيو تدبير ڪا
درد دل ڪنهن کي هاڻي ڏسيان نه ڪنهن جي دل ۾ درد آ
شاد باش هر حال ۾ اي دل دلگير ما
اي نگاهه ڪافري ڪجهه رحم دل زخميءَ تي ڪر
هي دل زخمي ڪُجا، ۽ سخت تنهنجا تير ڇا
”ناز“ سان آ نازنين بي ناز آ ڪهڙو جئڻ
آ ازل کئون عشق جي هي ملي تحرير آ
ڪافي 17
بس بس سڻ بس ڪي دل بيوس
بس ڪيوين بس ڪيوين هُڻ آندي هي
رس رس خاطر رس رس اپڻي
بي رس رس رس جان ڪٿان هي اچني
رس رس هي رانجهن دي رس رس نال بنا
رانجهن رس رس ڪيوين ڀاندي هي
ڪيون ڪس ڪس رهندي ناحق بيڪس تي
هڪ مُٺ وچ ڪس نه ڪائي هي
ڪس ڪس کاندي ڪس ڪس والي جان
بيڪس دي ڪس وچ جاندي هي
چس چس چس ڪي چاهه ڪيتوسي ڪيوين
چس دلبر دي وچ بي چس ٿيوسي
اهين چس دي خاطر چاهه پيوسي
دل چس چس ڪيتي ماندي هي
گس پس ”ناز“ نياز جو ڪيتا ڦر
نياز ڪون گس مس همراز نه ڪيتا
نه دلبر ڏس ڏس راز دمساز ڪيتا
مفت گس گس جان ڏکان وچ گس جاندي هي
ڪافي 18
عشق اول کئون بدنام جڳ ملامت صبح ۽ شام
رمز رموز دا راز هڪوئي مشڪل معشوقن جي مام
راهه حقيقت جو تون رهبر حسن کي سمجهه امام
بازي محبت نه کيڏي ڄاڻي عقل جنهن جو خام
گلا غيبت سر تي آئي ڀلي طعنا ڏين خاص عام
نه ڪو قاصد نه ڪو خاطي ڪئن پهچي هي پيغام
دلبر شوق شراب پياريو ڀري نينهن سان ڏيو محبت جام
”ناز“ جو مذهب دلبر ڄاڻي توڙي ڪفر چئو يا اسلام
ڪافي 19
ڏسڻ پاڪ نگاهن سان نه قرآن ڪو گناهه
اِيئن پاڪ نگاهن سان ڏسڻ نه حسن ڪو گناهه
اعمال ۾ نيات جو رک فيصلو دل تي
دل صاف ۽ سچائي سان نه هر ڳالهه ڪو گناهه
نه ڏرج گلا غيبت کئون رهه عشق ۾ سچو
جهلڻ طعنا ۽ تنڪا نه عيب ڪو نه ڪو گناهه
هن عشق جي دريا ۾ آهن خوف سراسر
ڇا سير محبت ۾ ترڻ آهي ڪو گناهه
رک ”ناز“ تون دلبر تي جي دلبر ڪئي ڪا ياري
پوءِ عشق ڀي سلامت نه ڪو توتي ڪو گناهه
ڪافي 20
جنهن ڏينهن لکيو هوندو ٿيندو پاڻهئي ميلاپ
تدبير سان نه ڪنهن جي ٿيندو ڪوئي ميلاپ
دلبر تون حوصلو رک دشمن رهن گهڻا
تقدير جي لکئي جو نه رکندو پاڻهئي ميلاپ
ڇو پيا ڪيو وهم پنهنجي ناز تي اوهان
رخنو ٿا دل وجهن وڃائين ٿا هي ميلاپ
اکڙين کئون دور ٿا رهو پر دل کئون ناهيو دور
جيئرا آهيون جيستائين توهان سان ٿيندو ميلاپ
هٿ ۾ مزو رهيو ثمر بهشت جو تمام رات
هي فال نيڪ ٿيندي شايد ٿيندو ميلاپ
بيجا اوهان جي چِڙ ۽ خفگي نه ٿي
چڙ ۽ غصي ۾ سهڻا ڪئن ٿيڻو آ ميلاپ
خواب ۾ آ تمام رات ديدار يار جو
ڏسجي ظاهر توهان جو ڪڏهن ٿيندو سي ميلاپ
ڀروسو رک ”ناز“ تي توڙي وڃي شام روم
آهي غلام تنهنجو دل سان اٿس ميلاپ
ڪافي 21
دل داغ جدائي جهلي جهلي، پيا آهيون تنهنجي پلي پلي
ڏس بيپرواهيون دلبر جون، نه ڪوئي سور توسان سلي
سلي
بي نظري آ بي مهر ناحق، قسمت ڀئڙي ڪئن ٽلي ٽلي
اڻ موڪلايا رات هليا ويا، ڇو سانگا دل ٿي پلي پلي
ڏک کئون بُک پئي آ وسري، نه ڪنهن جو چوڻ هت هلي
هلي
ڪافي 22
توکي دل ڪڍي قاصد ٿو ڏيان دلبر اڳيئون جي تون رکين
کڻي خط وڃي ڏي روبرو قاصد ادا شل تون جِئين
حقيقت حال جي هو جي پڇن مون وانگيان روئج تئين
وعدو ڪر ڪو وصل جو رت عاشقن جي ڇو پئين
ڇو ديد دوناليون کڻي ابرو خنجر تير مزگان هڻين
تنهنجا هٿ پير رڱيا خونِ جگر پوءِ ڪوڙ ميندي ڇو
ڪرين
ڏک خون گوڙيون ڪري بادل بار غم سر تي کڻين
آيا داغ فرقت جا ڪڪر دل جلي جئين
”ناز“ جو بيتاب تڙڦڻ بي آب آ مڇلي جئين
ڪافي 23
خالي ڏينهن ٻه پنهنجي يار سان گڏجي گذاري ڪا گهڙي
جان ڏينهن جدائي جو ٿيو رئندي مان ڇڏي ويڙم چڙهي
آخر راهه وٺي راهي ٿيم مَڙهيون ماڳ مارن جون خالي
ڇڏيم
ڪهڙي پاسي پوءِ دلبر ويم نه ڪا پئي خبر ڪنهن جي
وري
هردم توکي پيو ساريان ڳوڙها روز راتيان ڳاڙيان
ڪئن سهڻا توکي وساريان جند جان سورن ۾ سڙي
مان روز روئان شام و سحر قاصد ڏي ادا سهڻي خبر
لڳا درد فراق جا سور سحر وئڙا ويل عصر ڇڏي ڪهڙي
گهڙي
ڏسي ٿاڻا پراڻا يار
جا ڳوليان پير پتا پرينءَ جي پار جا
ڪهڙا حال چوان بيمار جا سينو ساهه اندر ويڙو ڳري
”ناز“ ويا دل ۾ رکي ڪا اهڙي مندي ڏسيون ڳالهه ڇو
نه سورن سنديا
جاڳي رات گذاريان هان ڪوڪان ڪندي نه ڪا عاشق ۾ ڪَل
ڪا مُئي کي پئي
ڪافي 24
لَکها حسين رهن ٿا، جنهن جي خيال ۾
بي مثل آ زمان ۾، هو پنهنجي مثال ۾
محراب چهري يار ۾، آ سجده گاهه خال
آ سجده گاهه عاشقن جو، منهنجي خيال ۾
2. ملندا هئا سي روز ٻئي نه، ڪڏهن هو ڪوئي خيال
نه منهنجو خيال هن ۾، نه مان هن جي خيال ۾
ڪيئي ورهه ٻنهي جا گذريا هڪڙي ئي ملڪ ۾
اچانڪ فرق ڪهڙو پيو ٻِنهي جي حال ۾
محفل ۾ ويهندا ها سي ڪندا هئا سي نظرن سان گفتگو
مطلب اشارن ۾ هئا حسرت جي چال ۾
آخر وڌي وڌي هي خيال ٿي ويو محال
نه ضبط راز ٿي سگهيو ڪنهن جي مجال ۾
هر وقت خوف جدائي اسان کي پوندو هو
شل اوچتي اَچين نه هجر تون وصال ۾
جڏهن ٿي ويو محال خيال ٿي ويو جُنون
سر تي چڙهيو جنون نه ٿيو قيل قال ۾
مجنون پوءِ ماڻهو چوڻ لڳا مون کي هر طرف
ليليٰ ڪِٿئون هي آئي اڄ تنهنجي خيال ۾
هڪ رات هٿ ۾ ڏئي ڪري چيائون مون کي اي ”ناز“
دل پنهنجي ڏي ڪڍي ۽ ٻَڌي ڏي رومال ۾
مشڪل هئي گفتگو هو هٿ لائڻ ته در ڪنار
جو ڪجهه ٿيو ميسر نه هو خواب خيال ۾
محبت وڌي هيڏنهن هوڏنهن عشق پئي وڌيو
رسوا سودائي ٻئي بڻياسي پنهنجي ڪمال ۾
دلبر حَسينن تي آ دعوا رقيب جي
”ناز“ ڪجهه ته حصو مليو توکي محبت جي مال ۾
ڪافي 25
ڳالهه ڳالهه ۾ توهان جو ڏٺوسي ڏاڍو سهاپ
ملڻ کئون پوءِ اوهان جو ڪندوڪئن هي سهاپ
اي شاهه حسن توکي لازم رحم رهي
عاشقن جي دل آ زخمي سهي سگهندي ڪيئن سهاپ
چون ٿا بس ڀلي آ ڏاڍن سان اي غريب
بيجا چوڻ آ ڳالهه ٺهي ٿو نه هي سهاپ
ڪافي 26
پرين روئجو نه سامهون منهنجي متان دل اوچتو تڙڦي
اڱڻ اسان جي شل ايندا وري اچي ناز سان ملندا
سوين ڳالهيون ڏسي ڏيندا ڏکي دل کئون پوءِ ڪيئن
منهنجي
ڏکايل ڏک کئون ڳوڙها ڳاڙيا لکن ٿا ڪيئي لکڻ وارا
ڪيا هن نينهن نروارا ڇپائڻ سان نه ڪنهن جي ڇپجي
”ناز“ اوچتا لڳڙا ڪئن تير هرهڪ تير ۾ آ سئو سئو
تير
هاڻي بيوس اکين کئون وهي پيا نير ڪري مُنهن پاسي
ڪئن ڳوڙهن اُگهجي
ڪافي 27
پوءِ ظاهر بعد رخصت جي ڳجها ڦٽڙا ڪري ڇڏبا
پوءِ رَت روئي محفل ۾ هي گل ٻوٽا دَڱي ڇڏبا
ڏيکاري ڏيندا سي پنهنجو هي رنگ وفا سڀ کي
جو پنهنجي زندگاني ۽ ساهه سر قربان ڪري ڇڏبا
نه پوندو ترس دلبر کي اسان جي حالي هيڻي تي
روئي پوءِ روز فرقت ۾ ڳوڙها پنهنجا اُگهي ڇڏبا
اشارن سان اَلايو شرم لاهي بعد سالن جي نه گهٻراءِ
”ناز“ تون دل ۾ مطلب دل ڏسي ڇڏبا
ڪافي 28
هن مونجهه مونجهاري وڌو نه ڪو آ علاج درد دل
معجون وصل يار جي خالي علاج درد دل
هڪ مريض لادوا ٻيو حڪيم بي دوا
پوءِ يا الاهي هٿ ۾ تنهنجي آ علاج درد دل
اسپتالِ عشق ۾ هڪ مرض جا بيمار ٻئي
اي مسيحا ڪر تلاش نو علاج درد دل
هجر جي بيمار کي ديدار جي گهرجي دوا
ٻي دوا بيڪار سڀ نه ڪو آ علاج درد دل
بيمار الفت جي اڳيئون ويٺا ناحق نادان طبيب
”ناز“ وصل جانان کئون سوا نه ٻيو ڪو علاج درد دل
ڪئن ڏسي مونجها سگهن اي درد ماريا ”ناز“ جا
سر ڏين قدمن ۾ تنهنجي آ علاجِ درد دل
ڪافي 29
وچ دريا دي پير بڻايم خضر ڏتا سانون آسرا
آسان منتان سڀئي پڇسي جڏان دلون ڦيرڙا پاتڙا
سبز رنگي وچ سبز ٿيوسي جڏان رنگ مهبت لاتڙا
نام اساڏا کاتي تسا ڏي ڪِيُون دِليون دلبر لاٿڙا
”ناز“ دلبر دي ناز ئي ڄاڻي جنهن بار نازان دا
چاتڙا
ڪافي 30
ماري مون کي آ ڇڏيو ڏس بي نيازي يار جي
دوست مان دشمن بڻيا ڏس بي نوازي يار جي
ڇا چوان ڪنهن جي اڳيئون حاجت ناهي اظهار جي
ڳالهه سڻندي پوندا روئي باهه برهه جي بار جي
عشق مئون ڄاڻن هي ڇا؟ نه ڪا ڪا خبردار جي
چڙهه سوليءَ تي منصور ٿي رک سڌ انهي سنسار جي
ڪيئي محبت جي ڪُٺل ابرو تيغ تڪي تلوار جي
ڪُل شيءِ هُوَ هُوَ الله ڪر تلاشي يار جي
دل ته توسان دل ۾ هر دم غرض ٿَئي ديدار جي
رڳ رڳ ۾ درد غم آ سوز ساز تار جي
عاشقن کي گهرج ڪانهي تسبيح ۽ زنار جي
”ناز“ غلامي آ قبولي حيدر ڪرار جي
ڪافي 31
دلبر دليان لاڪي ڪيون نه درس ڪراندا
سئو سئو ڪاٽيان راتيان سو ڪر نه ول خوابان دي وچ
آندا
ڪَتي تاري هردم ڏيکن تَئن نون ڪُيون غائب مئن ڪنون
هو جاندا
اٿان لاٽان مار کڙن هر هر تاري اُٿان شايد دلبر
باهه برهه ڀڙڪاندا
پريت دا پياسي هان الله راسي ڪيون ظالم دکڙي دلڙي
دکاندا
نياز نواز نه ڪم دا رهيا نه ”ناز“ رهيا ڪجهه نازان
دا
ڪافي 32
توهان نه ڪيو دلبر مُونجُهون، پائي پاند ڳچي ڳل
پوجون
ديس ڇڏي پرديس جون ويڙيون، ڪُرلائن ڇو پيون ڪونجون
درد اندر جي دانهن جو نڪري، ڳالهيون ياد پون جڏهن
تنهنجون
سورن سندو سج نه گذري، راتيون روئي گذارڻ اهنجون
”ناز“ جا ناز درد وڃايا، پوءِ سور سهڻ نه سهجون
ڪافي 33
تيڏي قصور نال قصور ڀليا قصور ڪيتوسي
ڦٽ ڦٽ سڏيا يار جو تُوني اسان جِي جي حضور ڪيتوسي
دردان نال دُوئي ڪڍ دل ڪَنُون دور ڪيتوسي
دي دِئي غم دل ”ناز“ ڪُون اسان مشڪور ڪيتوسي
دل دي دي اپنا دلبر ڪُون اسان مجبور ڪيتوسي
داغ جدائي دلبر لاچاري ڪنون اسان منظور ڪيتوسي
ان الحق اَلواڪي سُولي چڙهواڪي اسان منصور ڪيتوسي
دل ”ناز“ دا ناز دل دا، ايوين مشهور ڪيتوسي
ڪافي 34
مَسين مَسين خواب ۾، دلبر گهڙي هڪ آيو
ڏکن سورن کئون داغ جدائي، مون سان جهيڙو لايو
ملڻ ويل محبت پر جي کي، اچي ٿڏو هڻي جاڳايو
ڦالون پايان راهون پڇايان، ڇو دلبر دير ٿا لايو
روئي روئي راتين جو، رت ڳوڙها ٿا ڳاڙيو
محبت حسرت سان پئي نهاريئون، پر غُصي ۾ نه الايو
”ناز“ سان ايڏن سالن کئون پوءِ ملڻ جو ڪيائون رايو
ڪافي 35
ڪڏهن ڪڏهن خوابن ۾ ٿيو دلبر جو ديدار
جنهن ۾ ڏسجن راز نوان ۽ نوان نوان اسرار
محبت ڦاسائي مون کي آندو غمن سورن ڪيڙم ماندو
روئي عشق ڪيو اظهار جيڏيون
جي دور رهن سي دور ناهن، جي مجبور هجن مجبور ناهن
ڪئن ڦاٿئو منجهه تڪرار جيڏيون
جي ظاهر اچڻ ۽ ملڻ آ مشڪل، خواب ۾ راتيون اچي هو
هيڪل
توڙي پَهرا ڏيو ته هزار جيڏيون
هر هر اٺين اٺين رات خواب اچي، درد غمن جو حال ڏسي
ڏنو قسمت هجر آزار جيڏيون
چوي ظاهر هر ڪوئي ملڻ نه ڏئي، پر خواب ۾ هيڪل اچڻ
نه ڏئي
ڪيان ڪيئن مان توسان پيار جيڏيون
رات جڏهن هڪ خواب ۾ آيا، ماکئون پڇيائون تو ڏينهن
ڇو لايا
ڇو نه هڪ جاءِ تي اچي ٿو قرار جيڏيون
پوءِ روئي روئي گڏ مون سان ستا، پر ڪنهن جي جاڳائي
ڪين جاڳيا
نا ڪنهن کئون ٿيا ته بيدار جيڏيون
توڙي مٽن مائٽن ڏاڍا وارا ڪيا، جدا ڪرڻ جا چارا
ڪيا
پر دل دل کئون ڪئين ٿئي ڌار جيڏيون
ڀلي ظاهر ظلم سان ملڻ نه ڏيو، پر خواب ۾ مون کان
ڪئن ٿا جهليو
ڇا هتي به طاقت آ اختيار جيڏيون
نا وقت ڏيو ڪو هيڪل جو، نا ترس ڪيو ڪنهن بيڪل جو
پوءِ پويَئون پوڻ بيڪار جيڏيو
نه دلبر دل کئون جدا آ ٿيڻو، ڪيو ڀلي جيڪي اَٿو
زور جو ڪرڻو
نا تير جهلي نا تلوار جيڏيون
سامهون محفل مجلس جي، سڀ راز اندر ۾ آ مس جي
آ سحر جادو اسرار جيڏيون
اسان ته سر
ڪيو جان فدا، ”ناز“ ڪئي آ تنهنجي ڪهڙي خطا
ڇو رنج رهو سرڪار جيڏيون
ڪافي 36
مون ناز عاشق زار کي حسرتن مٽايو ڪيئن
بي رحم باغبان کڻي دامن گل ڇڏايو ڪيئن
ڪنهن جي خرامِ ناز کڻي قبر ۾ دل جلايو ڪيئن
چين سان ستو جو هوم ته وري ڪنهن جڳايون ڪيئن
جور فلڪ جي ياس آ قسمت ناسپاس آ
عاشق نامراد تي خنجرِ غم چلايو ڪيئن
هاڻي خوش رهو منهنجي جان رهي خدا جي توتي امان
جي جيئرا هونداسي ته ملنداسي قسمت کڻي ملايو ڪيئن
خوب ڪيو اٿو پاڻ کڻي عرس شهيد ناز جو
ٽٽل پراڻي قبر تي اچي ڏِئو جلايو ڪيئن
ڊڄو ٿا اوهان غير کئون ڪيو ٿا منهنجي دل طلب
توهان کي دل جي ڇا غرض توهان ته دل جلايو ڪيئن
پڇو نه جيئري جيڪڏهن، درد جگر جي ماجرا
پوءِ آيو منهنجي قبر تي مان کي وري مٽايو ڪيئن
ڪافي 37
ماري يار وڌو آ تنهنجي شرم، اهو سور اندر ۾ آ سوز
غم
نه ڪا دعواداري ٿي توتي هلي، ناحق ترسي ترسي دل ٿي
جلي
ڪئن روح پرين کئون پاڻ پلي، ڪڏهن دلبر ڪندو پنهنجو
ڪري
غير هي ڄاڻي غير هي سمجهي، مشڪل وڌڙو ٿا درد الم
غرض ڪڍو پيا ناحق ڪنهن جي، ڇو وڌايو ٿا درد الم
عشق محبت جيڪي ڦٽيا طب طبيبت جا ورق سڀ مٽيا
سر ڏيڻ کئون سي نه هٽيا کوڙي عشق اندر ۾ آيو علم
کيڙن ڀيڙن لاتا جهيڙا، ناحق ڦٽائن ٿا پنهنجا ويڙها
آهن هير رانجهن جا الستي ميڙا، جيستائين جيءَ اندر
۾ آهي دم
ڪوڙي دعواداري ڀلي ڪو ڪري، انصاف دلين جو ڪير ڪري
ڏسئون توسان وفا پوءِ ڪير ٿو ڪري ڏئي سر وينداسي
ناهي ڪو غم
نه ڪو دڙڪو هت اوهان هن کي ڪيو پر الٽو پاڻ وري ٿا
يار وڙهو
واهه انصاف عدل ٿا منهنجو ڪيو ”ناز“ نه ڪو دارو
ڏيو نه ڪو ملم
ڪافي 38
لکين شڪوا شڪايتون پنهنجون زبان تي جو تيار هجن
اچي هو سامهون جو منهنجي وسري سڀ يار وڃن
جادو آ سحر تو ۾ يا توکي منڊ زبان جو ياد
فرياد ناله تي منهنجي ڇو ٿا مهر يار ڪن
دل ۾ منهنجي آ يار، يار جي دل ۾ مان
رقيب روسيه ڏسي ڇو ٿا خار خار ڪن
پويئون پئو اوهان پنهنجي ڇو ٻئي کي ڪيو خوار
ناحق کڻن ٿا گلا ۽ پاڻ کي ٿا خوار ڪن
روز ازل کئون منهنجو هي عشق آ لکيو
نادان نا سَهُو نا حق ٿا عار ڪن
آبرو رک تون يار جي متان طعنو ڪو هڻي
گردن جهڪا تون پنهنجي ڀلي سر تي وار ڪن
باقي رهيو آ دامن گريبان ڳچيءَ ۾ ناز
ڀلي ڪن شوق پورو هن کي تار تار ڪن
پوءِ چٿڙا ڦٽيا پراڻا حسرت سان ڪندا هي ڳالهه
پرزا وڍي دامن مئون پوءِ يار يار ڪن
ڪافي 39
ناز ڀي ٿيندو رهي ٿيندو رهي بيداد ڀي
سڀ گوارا سر تي هِن جيڪر سڻو فرياد ڀي
سچ توهين سمجهو بُري مظلوم جي فرياد ڀي
رکي جنهن بلبل تي ڇُري ڦڙڪي مُئو صياد ڀي
واقعو ڇا چوان پنهنجو دل ناشاد جو
ذڪر حق ۾ ڀي نا ڇڏي ٿو بُتن جي ياد ڀي
اڄ ملي توسان ڪري هي راز دل منهنجو کليو
ڀولي ڀالي شڪل وارا ٿيندا آهن جلاد ڀي.
سادگي ۽ عاجزي معشوق جي ناهي چڱي
مهرباني ۾ جهلڪ ڏيندا رهيا بيداد ڀي
واهه ڇا حسرت زده مظلوم دل آ تنهنجي ”ناز“
ٻن ڏينهن ۾ ٿي ويو آباد ڀي. برباد ڀي
ڪافي 40
جي ڀري ڪيو ظلم مون سا، ارمان رهجي نا وڃي
دل ۾ تنهنجي ڪا تمنا، جان رهجي نا وڃي
وڃڻ کئون پوءِ ڦيرو ڪجو، هن جاءِ تي اوهان ضرور
اي ماهرو منزل اِها، سنسان رهجي نا وڃي
موقعو مون کي مليو اظهار عشق ڪندس ضرور
منهنجي محبت ۾ پوءِ هو، اڻڄاڻ رهجي نا وڃي
يا رب ٿيندو واعدو پورو، اڄ شام وصل ۾
دل ۾ دردن ۽ سُورن جو، ارمان رهجي نا وڃي
ٿيو نه جلدي ايترو اڄ رخصت اوهان
درد جگر ۽ دل جو درمان رهجي نا وڃي
جلوه ڏيکاريو اڄ پنهنجو ڪيان مان سر کي فدا
باقي هي سر تي منهنجي احسان رهجي نا وڃي
وقت آخر ڀي اکيون ڇو هيٺ ڪيو منجهان شرم
ديدون کني مون ڏي نهاريو، ارمان رهجي نا وڃي
ڪافي 41
داغن پنهنجن کي ڏسان يا ڳوڙهن تنهنجن کي مان
ٻئي داغ منهنجي دل تي هِن ڪيان ڪاڏي غمن کي مان
سمهي پئو مُنهن لڪائي، ڇو ڳوڙها ڳاڙجن
آزاد يار کي پوءِ ڇو مجبور مان چوان
مرڻ ڀي آهي مسڪل جيئرو رهڻ ڀي آ محال
آيم جنهن خوشيءَ سان، وڃان ڪيئن مان ناگهان
نه جاءِ آ رهڻ جي نه ڪاڏي وڃڻ جي ”ناز“
انهيءَ سوچ ۾ هان هردم ڪنهن کي مان ڇا چوان
هڪ ٻئي جي آ جدائي جو ڏک هڪ ٻئي کي بيشمار
روئندو ڏسين تون مون کي يا، روئندو توکي مان ڏسان
خاطر تنهنجي جي سانگي ٿيان لک بار مان تباهه
پوءِ ڀي خوش رهان جي خوش مهربان ڏسان
جي جيئرا هوندا سي هڪ ڏينهن ملنداسي ڪڏهن ضرور
ڪابل ۾ رهان يا قنڌار مان هجان
مطلومه ۽ خاموش جي هٿ ۾ آ هڪڙي ڳالهه
پنهنجو نه وس لڳو ته ٿيا ڳوڙها اڄ روان
مان پنهنجي ڪاڻ ڪيان نه ڪائي ڪنهن سان ضد
جو شريڪ درد نه آهي ڪيئن مهربان چوان
نه ڪنهن جي جان و دل آ نه ڪنهن جو آ ساهه دم
روز ازل کئون هيڙم نا پير نا جوان
ڇو ايترو به دل کي ڪيو نادان اوهين تباهه
پنهنجو هي پاڻ تي توکي نا مهربان ڏسان
هي عقل جا انڌا ۽ سياهه دل جا ”ناز“
بدگمان حاسدن کي مان نا مهربان چوان
ناڪام ڪوشش ۾ ڪيئي پشيمان رهجي ويا
جي محبت آ سلامت ته پرواهه ڇا ڪيان
دشمن اگر آ سخت تون دل پنهنجي به سخت ڪر
هر مشڪل کي وري آسان مان چوان
ظاهر آ دوستي ۽ دل ۾ دشمني
ڪُوڙو اجايو ڪنهن جو احسان ڇو کڻان
رک عشق تون، سچو محبت کي رک تون صاف
دل کي دکائي ڏس وٺ امتحان چوان
ڪافي 42
ڇا ”ناز“ جي قسمت چوان، جنهن ناز دل جو نا سٺو
اي ناصح تون نا سَهُو، ڇو راز دل جو نا سٺو
ڪنهن واعدي تي آئين تون واهه اهو پورو ٿيو
نه سج ئي اڀريو هن صبح جو نه شام جو هو چنڊ ڏٺو
درد غم آئين کڻي توکي مصيبت ڪيئن مُٺو
تون ڪُٺل هُئين عشق جو توکي وري آ ڪنهن ڪُٺو
رُسي رُسي ايڏو ٿئين پرتين نه تون ڪنهن کئون پرين
درد غم کئون هو رٺو يا جور و جفا کئون هي رُٺو
گردش ايام جي آ ڇا شڪايت فلڪ سان
جو رَمل هو مان ڏٺو پيو اهو هردم ڦِٽو
پهرئين ئي بابِ عشق ۾ هر سبق ٿيو ورق ورق
ڪونه نُڪتو ڪار جو ڪوئي دل تي اوهان جي اڄ ويٺو
”ناز“ دلبر جي شڪايت، توکي ڪرڻي نا روا
بيهوش ٿي نه ايترو هي قهر توتي ٻيو اُٺو
ڪافي 43
منجهيان کٽيان ڪيون پُڇديان، يار دا پتڙا وي
روز ٻهندي هي ٻهڻ والي ڪيون نه اڄ ڪوئي اسان تي
ستڙا وي
اسان چپ وچ چپ فرش بڻيوسي ڇڪتاڻ وچ آڻ پيوسي
چوران وانگون سرون ٻرها مٿڙا وي
هڪ هڪ جاءِ تي اسان پَيڙيان، رهيو سي خالي
آندي ويندي ڪون ٿيوسي سوالي چاتي وڃو ساڏا ڀي خطڙا
وي
جڏان قسمت اساڏي چڱي هائي صبح شام ٻهدا ها دلبر
ماهي
جي جيڪر چڙهه ٻيٺا ها تان نا لٿڙا وي
تانگهه تنگ ڇنيندي مَنجِيان خالي رهه رهه هڻ مئن
رَنجِيان
بستر صبر مدت ڪنون هڻ وڇڙيا وي
خالي کٽيان دي ”ناز“ هن ڪهڙي بنا ماهي ڪيوين وسن
ويڙهي
اهو داغ جدائي ڪيوين سٺڙا وي
ڪافي 44
سور سختيون سر عاشقن جي آ بيوسي وڏو بنبال
ٿي نماڻو يار نهاري هجر جو سر تنهنجي جنجال
يار خاطر سَهه تون صدما توڙي هجن هي لک هزار
ڇو بي حوصلو ٿي ٿو ڪرين، هن جي شڪايت قيل قال
درد پنهنجا جي ڏَسندين ڏيندين دلبر کي درد نئون
درد دوستن کي ڏيڻ دل عاشقن کي آهي محال
صبر سُور ۽ داغ دل تون پنهنجي تي هي سَهه
صبر جي تون ديڳ ۾ سڙ ٻاڦ ٻاهر نه اُف جو ٿئي ڪو
سوال
پوءِ ڪرامت پنهنجي ڏس ڪئن ٿو توسان دلبر ملي
غير کي ڀي رحم ايندو جڏهن ڏسندو تنهنجو حال
پوءِ حسد حاسد شرم ۾ پاڻي پنهنجي ٿي ويندا
نه ڪو پهرو توتي ڪندو نه ڪا روڪڻ جي اٿن مجال
پنهنجو ڏک آسان آ، جي صبر دل سان تون سَهين
پر ڏکيرو يار جو دل ڏسڻ ۽ نااميدي نا مجال
”ناز“ هاڻي بار ٻَئي تون سر پنهنجي تي پاڻ کڻ
هڪ سور محبت صبر پنهنجو، ٻي يار جي مايوس حسرتن جا
تير کائي ٿو نهال |