سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات ناز

صفحو :6

ڪافي 4

سر پنهنجو ڏين ٿا عاشق شب، دلبر جي شان ۾

هڪ راز مخفي پنهنجو، دل جي آهي ڌيان ۾

مطلب اچي جو سمجهن، جي هُجن ايمان ۾

سُڌ ساري ڏئي ويا مون کي، هڪڙي نشان ۾

ڇو غمزن سان دل لُٽي وئين، هڪڙي ئي آن ۾

سوين دلبر ته دل ڏئي ويا، هڪڙي ئي تان ۾

آيا نيڻن جا نيزا قهري، ڪَشي ڪانه ڪمان ۾

اڄ ”نازن“ سان دل لٽي وئين، دل جي ئي ديوان ۾

ڪافي 5

ڇو دلبر تي ويهاري، دل جو دلبر نه آيو

ڪهڙو دل تي دلبر جي، ميان دل تي آيو رايو

هن صورت سان سنسار سڀوئي، ڇو سهڻي مُنهن آ لڪايو

ٿيون ديد نظر سان ديدون روشن، جڏهن دلبر درس ڪرايو

دلبر حال اندر جو ڪنهن کي چئجي، ڏک ڏک آ دل کي ڏکايو

”ناز“ سان دلبر دلبر تي، آ دلبر محب ملايو

ڪافي 6

دلبر جي اڳيان روئي ڪري، وڃي ڪيو هي پُڪارا

دل ميرود ز دستم، صاحب دلان خدارا

لاهي حجاب آخر، اڄ دلبر ڪيا اشارا

مونجهو نه ٿي تون مونس، ڏک جا نه ڪر پڪارا

هردم هوندس مان توسان، گهٻراءِ نه منهنجا دلبر

انگشت الف سمجهو، دلبر جا هي ڏيکارا

محبت هي مچ مچايا، دل ۾ دونهان دُکايا

ٻاهر نه ٻاڦ نڪتي، جگر جا جليا اڱارا

اکڙين آ اڄ جُهڙ لاتو، رسوا ڪنديون هي آخر

دردا که راز پنهان، خواهد شد آشڪارا

پرديس ”ناز“ تنهنجا، انداز سڀ وڃايا

دلبر اچي دوبارا، نيڻن ڏنا نظارا

ڪافي 7

اسان کئون ڪيا جو دلبر، پرين پنهنجا ڇو پيارا

پنهنجي خوشي کان ٻاهر هرگز، نه ٿيا سي جدا خدارا

حاڪمي جو جرم مون تي، دلبر ناحق رکن ٿا

ڪهڙو قصور آ منهنجو، آهن تقدير جا ڏيکارا

دلبر بڻائي پنهنجو، ٻاهر وطن کان نڪتس

دل ۾ آ درد مون سان، ٻئي کي خبر نه چارا

وعدن جي وقت اسان تي، تقدير پئي کِلي

قسمت جڏهن ملايو، ملندا تڏهن ويچارا

رنگ راڳ جي نشي ۾، غرق آب اوهان ٿا سمجهو

پوءِ عيش جي خاطر اسان، ڪيئن ڪيا ويسارا

بالڪل غلط آ بهتان، انصاف جي ڪيو ٿا

دلبر جي ياد ۾ ٿا ڪيون، شب روز هي پڪارا

عيدن جا طعنا دلبر، بي خبري جا هن نقشا

هر رنگ کي ڇڏي اسان، ڪيا جهنگ ۾ گذارا

محبت جي جوش ۾ ڏيو ٿا، الزام هي سراسر

شڪوا شڪايتن جا، هِن ”ناز“ ڏي اشارا

ڪافي 8

دلبر جي ديدار بنا آهي، رات ڏينهان بي خوابي بيتابي

پار پرينءَ ڏنهون قاصد آيو، ڏي پيغام شتابي، بيتابي

جان جگر دل سِيخ تي چاڙهي، ڪئي ساڙي عشق ڪبابي بيتابي

ڪر دير نه دلبر، دلبر تي، لاهي پردو شرم حجابي بيتابي

تن تنبور سوز درد جو، آ رڳ رڳ تار ربابي بيتابي

شوق محبت ”ناز“ تنهنجي کان، ڪيو نيڻن مست شرابي بيتابي

ڪافي 9

ڇڏي جو دلبر کي وياسين، دل کي ٿي رنجوري آ مجبوري

نير وهايم دل پرچايم، پر آس نه ٿي ڪائي، پوري آ مجبوري

ناد نفيلون نسنگ وڄائي، ٿيو انالحق منصوري آ مجبوري

در دلبر تئون هليا وياسين، ڇو قسمت وڌي آ دوري آ مجبوري

جدائي جا ڏينهڙا جالڻ اهنجا، ڪڏهن خوشي اسان جي ٿيندي، پوري آ مجبوري

ياد دلبر کي تنهنجي آ هردم تون ڀي ڪر ميان ملڻ ضروري آ مجبوري

ڪافي 10

هن نينهن جا نيزا لڳا، دل تي نوان نوان

حال دل پنهنجو ڏسي، مان حال دل دلبر چوان

رات ڏينهن روئڻ بنا، ٻي ڪسرت منهنجي ڪانه ڪا

مينهن جا بادل ڀري ٿيا، خون جا ڳوڙها روان

پوءِ اُداسي تنهنجي صورت ڏي، ڏسي ٿيس مان اُداس

هن جدائي جو ٻڌي، دل ۾ ٿيا ڌڙڪا دوان

داغ هجرت ”ناز“ تنهنجا، سڀ ڪيا هن پورهيا ڪُٽ

ڏک اندر جا ڪير کولي، ڪنهن کي هاڻي مان چوان

ڪافي 11

جنهن ڏينهن جو هو ڊڄ مون کي اهو ڏينهن جدائي جو ڏٺو

ڳالهه فرقت جي نه سمجهي، ناز سان دلبر رُٺو

آخري وقت هلڻ جي، مانکئون نڪتي هي صدا

دل ۾ نه ڪر منهنجا پرين، آهين ته تون دل کئون مِٺو

پير ۾ ٻيڙي جو منهنجي، عشق جي هٿ سان وِڌَئي

نيڻ جا ڀالا هڻي، ڪيئن تو عاشق کي ڪُٺو

الله ٻيلي منهنجا دلبر، الله جي هوندئي امانَ

بار هو فرقت جو باري، ”ناز“ ڪيئن سر تي سَٺو

ڪافي 12

اڄ بي وقت ڪُتن جون، اُداسي ڀونڪُون هون

ياد دلبر ۾ لڳيون دل تي، نيزن جون نَوڪُون هون

پوءِ رات انڌيري ۾، اُداسي جو عجب عالم هو

پوءِ غمگين انڌي دل ۾، دلبر کي عجب روڪُون هون

ياد دلبر جي دل تي، جڏهن ايندي هئي

نير اشڪ فراقي اکڙين مئون، وهي وينديون هون

ساري سنگت کي ڏسي مونجهو، دل ”ناز“ ٿيندو هو اداس

ياد دلبر ۾ هردم خواب ۾، اينديون مونکي چوڪُون هون

ڪافي 13

سوا دلبر جي اڄ يارو، جدا جالڻ مون کي مشڪل

فراقي ٿي ڦِران ايئن پيو، جيئن باغن بنا بلبل

چڙهيون فوجون جو دلبر جون، شڪار عاشقان دل تي

کليو هي جهنگ جهر سارو، ڏسي هر رنگ جا گل گل

هوڏانهن ساغر صراحي سان، ڏسي ساقي کي آب خود

پياريو جام الفت جو ته، اچي آواز هي قلقل

ڪندين پوءِ ”ناز“ دلبر کئون، رکي دل اڄ کئون پوءِ ڪاڏي

ڪهڙي قيمت آ دلبر سان، ڏئي ڇڏ دل کي تون بي مُل

ڪافي 14

خون جگر گڏائي دل جو، ڪيو مان ڪشتو

دلبر مليو جو رهه ۾، چوري هٿ سان کڻي ڏنو

هٿ سان ملائي هٿڙا، ڪشتو سنڀالي ورتو

خوش ٿيو جو منهنجو دلبر، شڪرانو مون پڙهيو

اڄ پهريئون حجاب لاهي، ڪشتو مون کئون ٿو ورتو

شب وصل کئون زياده، مبارڪ هي رات سمجهو

”ناز“ دل کي ڏئي تسلي، آ مهربان توتي دلبر

چاڙهي عشق جي ۾ دلبر تو پهريون قدم جو ورتو

ڪافي 15

حيف آ حبيبن کي، ڇڏي ڇو هلياسين

ڇا دل ۾ هو چوندا، ته ڪنهن سان رلياسين

چوڻ ڪين ورتئون ڇو، دلبر ڇڏي ويا

رهيا ڪين مون وٽ توڙي، جو جهلياسين

روئنداسين راتيون ڏينهان، يار تولئي

قسمت ۾ قادر قلم، ڏک لکياسين

پشيمان هي ”ناز“ آ، ڪيو معاف دلبر

شرم کان مرون ٿا، جو گناهه هي ڪياسين

ڪافي 16

پسيني جا موتي ٿا ويٺا، وسايون

اٿم غم جو دل ۾، ڪيئن توسان ڳالهايون

جنهن عشق عشاق، بيتا ڪيڙا

رمز راز دل جي ٿا، ويٺا چلايون

حسينن جي رخ تي، جو شبنم ڏٺيسين

ڏسي پياس دل جي، ٿا ويٺا ٻُجهايون

ڪندا ياد مون کي، مونکان پوءِ هي ساري

شايد روز راتيون، ڳوڙها خون ڳاڙيون

ننڍي لا جدائي جي، ڏني ماءُ لولي

انهيءَ لئي وطن کئون، الڳ ”ناز“ ٿياهون

ڪافي 17

هڪ ادائي يار تئون، قربان مان جند جان ڪئي

مصحف رخ جي تنهنجي، تفسير هي قرآن ڪئي

ڪجهه اياڻي شڪل هن، تاثِر آ دل تي وڌو

عشق جي تسبيح پڙهي، مشڪل اها آسان ڪئي

توڙي آبله مجنون کي ها، ڦرندو وتيو هن دشت ۾

محمل ليليٰ وڃائي، راهه گم هي بيابان ڪئي

اي زليجان چاڪ دامن، اڄ تون يوسف جو نه ڪر

ڪلهه شهادت توتي هي، روئي ڪري گريبان ڪئي

”ناز“ دلبر جا اشارا، صاف توکي ٿا ڏسن

ڇڏ نه دلبر کي پنهنجي، مون ڳالهه هي ايمان ڪئي

ڪافي 18

الوداع اي يار همدم، الوداع اي دوست ما

جلد ميليندو توسان، مونکي خدا اي دلربا

جنهن ڪيو آ يار منهنجو، ماکئون جدا اي دلربا

نا ڪندو هن جو ڀلو، هرگز خدا اي دلربا

ڏينهن ڪهڙا ها خوشي جا، ڇو ويا جلدي لنگهي

سڪ دلبر آهي دل ۾، تنهن وڌي هردم صدا

امتحان يار ۾، مقتل ۾ آهيان سرخرو

دل ڏنم دلبر کي پنهنجو، سر ڪيم توتان فدا

”ناز“ دلبر جا نرالا، ناز سان هن ناز ۾

حور و پري جن ملڪ کئون، آهي نڪتي هي صدا

ڪافي 19

اديون هاڻي ڏسيو اوهين، ڪيئن محبوبن سان ملجي

سور اندر جو سهڻي سان، ڪيئن ماڻهن ۾ سلجي

دل ته دلبر دوست کڻي ويا، هاڻي ڪٿي وري روح رلجي

مارو ماڳ تي ويڙا ڪاهي، ڪيئن مارن سان ملجي

سسئي کيڙا باند ڪري ويا، دل پنهنجي ڪيئن پلجي

”ناز“ نماڻن جا ڪهڙا ٿيندا، پوءِ هيڻي حال سان وري هلجي

ڪافي 20

محبت مٺي ڪر ماٺ، نه دلبر خوار ڪر

دل کي گهڙي بيزار گهڙي، تون بيمار نه ڪر

جي آتش عشق جي توکئون، وسامي نٿي سگهي

ته شعلا هي سوز آهه جا، ويٺو شمار ڪر

هن سمنڊ غم پنهنجي ۾، تون هڻ ويٺو ٽٻيون

تون ڪشتي شڪسته عشق جي، ڏکڻي جلدي پار ڪر

شعلا ها نور جا يا، حسنين جي حسن جا

غش کاءِ نه موسيٰ وانگر، ڪجهه سمجهه يار ڪر

خاطي خبر نه خط، نه پيغام يار جو

”ناز“ دلبر کي ڏي تسلي، تون دل جي تار ڪر

ڪافي 21

دلبر ملسين ڪيهي وار، رانجهن ملسين ڪيهي وار

جٿان هوسين اُٿان ويسان، هردم تيڪون ياد ڪريسان

لڳي تن اندر وچ تار

ڏردي ڏردي عرض ڪريسان، رو رو اپڻا حال وِڃَيسان

هي سخت تيڏي سرڪار

عيدان والي عيد ڪريسين، دلبر والي ديد ڪريسن

جڏان ”ناز“ ٿيسين نروار

ڏون باهيان وچ ”ناز“ هي جلدا، نه اوڏي ڄلدانه ايڏي ولدا

ڪهڙيان باهيان وڄون لنگهي پار

ڪافي 22

دريا جي موج دريا، دريا ئي خوب ڄاڻي

ڇا ڳالهه هي سڻايون، دلبر ڏکن جي هاڻي

ڪشتي ۾ ڪڏهن دلبر، محبت جي لهر ۾ هو

روئي ڏنو جو اکڙين، دلبر کي ياد آڻي

دريا کي ڏسي دريا ٿيو، موجزن غمن ۾

دريا جي موج دريا، دريا ئي خوب ڄاڻي

ڪشتي دريا ۾ ڊالي، ڪئيسين تلاش دلبر

نه دلبر نظر هي آيو، نه دل ناز جي ٽڪاڻي

ڏسي اٿلائي پٿلائي دل کي، بيڪار سمجهي اڇليو

ناز پوءِ ڪهڙو قدر دل جو، جڏهن تو ڇڏيو وڪاڻي

ڦٽڙا پراڻا ڦولي، نئون سور آ جاڳايو

مون کي نه مار دلبر، نئين جواني شال ماڻي

ڪافي 23

دل ڇڏيان دلبر ڇڏيان، يا حال دل جو چئي ڇڏيان

هن مونجهه مونجهاري وڌو، مان هي ڇڏيان يا هو ڇڏيان

هڪ آفتاب آ حسن جو، ٻيو ماهتاب آ سونهن جو

يا ڪار بار روز بند، يا شب ماهه جي محفل ڇڏيان

ٻئي طرف آهن موچڙا، هن عشق جي سر تي کُتا

پوءِ ڀلي مون کي لڳن، نڪي هي ڇڏيان نڪي هو ڇڏيان

”ناز“ ڳايو پنهنجو سهرو، اصل کئون آ گلا جو

خوش هجو اوهين گلا وارؤ، پوءِ ڳالهه نه گلا جي ڇڏيان

ڪافي 24

دل ته مومن هو تنهنجو، اڄ ڇو ڦري ڪافر ٿيو

دل رکيم جنهن شوق سان، سو اڄ ڦري هي زهر ٿيو

هي سودائي محبت آ، ۽ وئي بيمار آ لنگهي

دل جو جو تعويذ هو، سو اڄ خوني خنجر ٿيو

ڪل قدرت جي آ ڪهڙي، صورت ۾ هئين تون بي مثال

نور جي شعلي کي ڦيري، قسمت کڻي اخگر ڪيو

ڪيئن چوان تصوير تنهنجي کي ڏسي مان بيوفا

ڇا حسينن کئون ڪڏهن، دنيا کي آ ضرر لڳو

رات ڏينهن هر هر سودا جا، مون کي پوندا ها خيال

”ناز“ دلبر ويو ڪاڏي، ڪاڏي تنهنجو اثر ويو

ڪافي 25

ڪنار دريا هجي ڪنار دلبر، ڪنار ساغر شراب ڀري آ

نه اڄ بغل ۾ آ مئي جي بوتل، نه اڄ بغل ۾ پنهنجي پري آ

شفق جو آندي هي سرخي پنهنجي، لب دلبر جي ملڻ لئي

کڻي سونهري طشت ۾ آڻي سورج، اڳيان جو دلبر ڌري آ

بڻبو جو دريا آئينو، غبار دريا کئون نڪتو ٻاهر

پوشاڪ سبز وٺي جو سبزي، براءِ دلبر اڄ ڪيڙي آ

ڪافي 26

ڇو دلبر جا نه آيا، ڪي سلام مون ڏي

سلام مون ڏي، پيغام مون ڏي

ڏينهن ڏکن جا ڪيئي لنگهي ويا

پوءِ ماڻهن ڏني ته ملام مون ڏي

اشارن سان وعدا ڪيا هَرَ

نه پاڙيو ڪو ته انجام هيڏي

حال اندر جو مان ڪيئن پڄايان

ڪير آڻي ته ڪلام تو ڏي

بيوس آهيون ڪيئن ڳالهايون

”ناز“ دلين جا وڌا ڇو دام هوڏي

کولي ڦولي خطڙا ڏسون ٿا

”ناز“ نه نڪتو تنهنجو ڪو خام هوڏي

ڪافي 27

دلبر لڌڙي نه منهنجي، سنڀال يار يار

دل بيتابي کئون آ، بي حال يار يار

ويٺي نهاريان راهن ڏي، پايان ويٺي فال يار يار

زنگي ڪافر رخ دلبر تي، عاشق ماريا هڪ خال يار يار

ياد پون ٿيون چاليون تنهنجون، دل تي چلڙيون چال يار يار

هن حياتيءَ جي دم جيئرا ”ناز“ رهندا دلبر نال يار يار

هن ڪارا منهن تنهنجا دشمن، هردم ويندا وهم خيال يار يار

ڪافي 28

ساڏا رنگ رتڙا دلبر يار ڪولهون

کلي خوشبو عطر دي عطار ڪولهون

سينگيان سرتيان نال سدائين

خوش ڏٺڙم دلبر ديان جو ادائين

عشق تيڏي وچ ڪريسان گدائين

مئن لنگهه ويسان دريا محبت پار ڪولهون

اڄ خواب دي وچ يار دلبر آيا

رو رو آب هي مئنون رلايا

چا ڏس دلبر دل دا رايا

مئن پڇسان تعبير دوچار ڪولهون

نه لڳڙي عشق خبر عطار ڪنون

نه شمس الحق جيهي يار ڪنون

جا عشق خبر آئي بيمار ڪنون

مئن پڇ گهنسان زنجير دي ڇڻڪار ڪولهون

اکڙيان ڪنون غائب دلبر ميڏا

سوان ڪوهان تي ديرا جنهن دا

نه ڪوئي خطڙا نه سيهڙا آندا

”ناز“ ڪڍ سر دي تار دل دي تار ڪولهون

ڪافي 29

ناز ڪرديان دلبر واليان، مئن راتيان اڪيليان جاليان

پهلي ڪيتوئي پيار وي، هڻ ڪيون ڪريندائين تڪرار وي

آ مل ماهي منٺار وي، هُڻ کِلديان ويڙهي واليان

2. خواب دي وچ نه دلبر آيا، ڏکان سولان برهه ني شور مچايا

ڪم نه آيا اپڻا پرايا، راتيان برهه ديان ڪاليان

نه باغ باغيچا بهار رهيا، نه گل گلزار ديدار رهيا

هڻ دشٽ صحرا سينگا رهيا، نه گلان ڦلان ديان ڏاليان

موليٰ لهيسي جهڳڙي جهيڙي، دلبر آسين تڏان جو ويڙهي

طعني ڏيون کيڙي ڀيڙي، مئن رو رو هَنجوئان هاريان

چار طرف چوڌار ڦريم، دلبر دوست نظر نه آيم

کاوڻ هُڻ سڀ جايان آيم، جڏان ڏٺڙم کتڙيان خاليان

سمجهه سمجهه ڪر ”ناز“ تون چلڻا، سر ڏيوڻ ڪنون مول نه ٽلڻان

رنگ اِهين وچ رلڻا ملڻا، هن سخت معشوقان ديان چاليان

ڪافي 30

عشق تاڏا چَٽي وي لوڪو

علم عقل دي حاجت ناهين

تدبيران ڪرڪر هٽي وي لوڪو

آپ هي دل آپ هي ڌوڪا دل

لوڪان ڪيهي چٽي وي لوڪو

خالي خلا وچ محل وکايا

نه در دروازا پٽي وي لوڪو

”ناز“ تيڏي ڪيتي مشڪل ڀاري

ڪيون سر اپني تي سَٽي وي لوڪو

ڪافي 31

سهاڳ لاهي ڏهاڳ ڪيو، دلبر ڇو مون لئي سدا

پنهنجي خوشي سان نه ٿيس، هرگز مان توکئون جدا

جا اندر ۾ آڳ تنهنجي، سا اندر ۾ آڳ مون

شعلا مچي دونهان دکيا، دل اندر ڄاڻي خدا

جا خبر آئي ڏکن تنهنجن جي، هت دل ڏک ڪيو

ڏي تسليٰ دل کي دلبر، جلد ميليندو خدا

جي حياتي هي دم منهنجا، ياد دلبر ۾ ڪٽن

”ناز“ محبت ۾ ملامت ۾ تنهنجي، سر ڪيم پنهنجو فدا

ڪافي 32

عنايت تنهنجي جي نه، ڪا حد شمار

ڪيان ياد دلبر مان توکي، لک وار

اشاري سان دلبر جي، ڪئي شاهه عنايت

شفاياب ٿي ويا، لکين هت بيمار

حسينن جي محفل، حسن جي عنايت

ڪيئي دل جا دلبر، بڻيا هت عيار

جي ڪيان راڳ ۾، درد پنهنجو بيالن

ته روئندا وتن، دوست دشمن هزار

عنايت جا ڪيئي، رنگ توتي کليا

مگر ڏئي نه دلبر، توتي ڪا ميار

مقتل ۾ قاتل، قدم اڄ رکيو آ

ڏسو ”ناز“ عاشق، بيٺا آهن تيار

ڪافي 33

ساڏا فخر هي حيدر پير اتي، دشمن شاد رهن شمر شرير اتي

ڪوئي مومن مسافر بيمار هووي، نه ڪوئي دارو دوا تيار هووي

نه ڪوئي عزيزان دا ڀروسا پيار هووي، ٻيٺا کلدا هسدا تقدير اتي

شرير شور ڪنون باز نه آون، گهران وچ فساد خلل گهتاون

مومنان ڪون طرح طرح دي رنج پڄاون، ٻڌيان ڪافران ڪمران بي پير اتي

ڪافي 34

مارن ٿيون مارن جون ته ميارون

رسي جو ويڙا راتين جو، ڪيئن انهن کي پرچايون

پير سُڄي ويا پنڌ ڪري، نه ڪو دارو دوا ڏسيائون

خط ڏوراپا ڏکن جا، ڇو ملامتون لکجي آيون

ڇورن ڇِنن پرديسين کي، مفت تهمتون ڏنائون

”ناز“ پرديسي بيمار تي، جو ترس نه ڪيائون

ڪافي 35

دلبر سڏي ٿو جلدي جلدي تون ناز آ

هلڻو آ يار تو وٽ، وِهڻو آ تنهنجي جاءِ

هڪدم آ يار مشڪل، توکئون سوا پرين

نظرن ۾ منهنجي ڪونهي ڪو، ٻيو توکئون سوا

پنهنجي مريض عشق جي، اڄ نبض هي ڏسي

ايلاچي خرد نسخي جي، اچي ڏنئون دوا

مان هان غلام دل جو، دل يار جي آ هٿ

ناحق ڪري گمان، رهن ٿا مون تي خفا

هي لادوا هو مرض، نڪو ڪو هو ٻيو حڪيم

مسيح تون هئين منهنجو، مسيحا ڏنئي شفا

مضبوط دل کي ڪر تون، محبت قدم وڌاءِ

هن راهه عشق ۾ آهن، نقصان ۽ نفعا

دلبر کي ڏئي وڃ دل ته، رکي پاڻ وٽ هو ناز

جيئرو آهيان جيستائين، ڪندس توسان مان وفا

معشوق دلبرن جون غزال، صحرا سي جنگ

ديدون دوناليون دُورئون، ڏين ٿيون قضا

انگشت پائي هٿ ۾، عمل يار پئي ڪيو

پنهنجي مريض کي هي، وڍي اچ ڪيون دعا

 

ڪافي 36

دلبر دي نال گذارين دو راتيان، اکيان دي نال اکيان لڙيان

دلبر دي نال وسدي رسدي، وسر ڳيان سڀ بَتيان

درد فراق دي رات نه ڌَمدي، رو رو ڪاٽيم رَتيان

ڪانگا خبر نه آندي دلبر، پيا نه ڀيڄين پَتِيان

عشق اسان نون سبق پڙهايا، عقل نه ڏي تون مَتِيان

”ناز“ دي نال ناز ڪريندا، لاوان رلمل ڇَتِيان

ڪافي 37

دل مجبور آ ضرور، پنهنجي مڪان ۾

تصوير ناز ڏسجان، تون دل جي ڌيان ۾

ٻين جي هٿ ۾ جند آ، دل يار ڇا ڪري

بس آ ڀلي شرم جي، هي شان ۾

ماريل جدائي جي کي، ڇو سُور ٿا ڏيو

ڪهڙو هي زهر لاتو، دل جي هي ڪان ۾

سر ساهه صدق آ دلبر، من پنهنجو نثار

وجهندو اکيون هي منهنجون، قدم رکندو ايوان ۾

دلبر هنيا نشان، دل تي هي رات جو

هر ”ناز“ هر ادا جا اثر، ويٺا هن جان ۾

ڪافي 38

دلبر منهنجو آ پاسبان، ناز آ خواب ناز ۾

چشم کولي مون ڏٺو چشم انتظار، هي ڪنهن راز ۾

آ نقش خواب حسن جي، دل تي ڪندو هر ادا

اڄ حسن آ خواب ناز سان، خوابيده هر انداز ۾

محمود ها دنيا ۾ ڪيئي، ۽ اياز ها دنيا ۾ ڪيئي

دلبرا جي اڄ محمود ٿئين، ڏسين فرق هن اياز ۾

شب هجر جون شڪايتون ڪيئي، درد ڀريون حڪايتون

جي منظور ٻڌڻ قسمت ڪيون، ٿيندي وصل شب شبِ دراز ۾

سيني ۾ ڪيئي هاڻي داغ کائي، وڄائي عشق جي مون بنسري

جنهن هير ڪاڻ رانجهن ٿيس، هن دل جي سوز و ساز ۾

”ناز“ رڳ رڳ تنهنجي ۾ سوز و غم، سر سر. تنهنجو هردم ماتم

پوءِ ڪر نه تون ڪا دل لڳي، ڪهڙو فائدو آهي نماز ۾

ڪافي 39

ظالم منهنجي هن ساهه تي، تو ظلم ڇو ڪيو

دل کي نه ڪر تون قيدي رک ظلم ڪو ٻيو

ڦاسايو هي تقدير پکي، دام ۾ تنهنجي

اُڏرڻ ته نا ڏيو ٿا، ڦٿڪڻ به نا ڏيو

مون کي ڏس تون ظالم، خطا تنهنجي ڪهڙي ٿي

تون ڇو غصي ۾ آئين، هن توکي ڇا چيو

تقدير جي اسيري جو، شڪوو فلڪ کي آ

منظور سڀ صبر کي  آ، لک سُور پيا ڏيو

تنهنجو آ زور هلڻو، چند ڏينهن غريب تي

آههِ رَسا به ڏيندي، آخر ڪو رستو ٻيو

ٻن پئي عاشقي جو، ٿئي معشوق کي جفا

اي ضبط عشق ويٺا، خونِ جگر پيئو

دل پارئون ”ناز“ تون، سر تن ڪرين نثار

آخر تنهنجي به آهه، ٿيندو اثر ڪو ٻيو

ڪافي 40

رات رانجهن وچ خواب آيا، هَسدي هسدي جواب آيا

سو سُونهين پوشاڪ گلابي، رخ دلبر مثل گلاب آيا

ڪيئي ڪيئي ڳالهيان محبت واليان، دلبر ڪر بيتاب آيا

ڏور محبت هٿ ڏُنهان دي، يوين ٻيٺي پلنگ تي خواب آيا

نماڻي نيڻ نماڻي صورت، دل بيوس ٿي شتاب آيا

نشي عشق دي هوئي متوالي، برهون بڻ ڪي شراب آيا

ملا قاضي مسئلي بند ڪر، کول عشق ته هڻ ڪتاب آيا

ڏيک حسن دي تون نيرنگي، سهڻي صورت وچ ته حجاب آيا

”ناز“ دي نال دلبر دل لاتي، هُڻ پيري وچ ته شباب آيا

ڪافي 41

ڏيک جُرات معشوقان دي، مئن حيرت وچ حِران رهيم

ازل ڪنون هي دل ماندي، پر اکيان تي احسان رهيم

روئڻ ڪنون هي دل ماندي، پر اکيان تي احسان رهيم

اٻوجهي اياڻي صورت تي، مئن سمجهڻ وچ نادان رهيم

عشق الاهي دا واقف دلبر، پڙهدا سبق لقمان رهيم

اي محبت والي نشاني آکان، جنهن دا دل تي نشان رهيم

ديس ڪنون پرديس رهيوسين، سُولان دا سامان رهيم

حسن عشق ديان فوجانب چڙهيان، سوين تير چرهئي ته ڪمان رهيم

ملدي ڄلدي حال ڏتوسين، شرم دا نه هُڻ ڌيان رهيم

”ناز“ دي دل هڪ نماڻي اُتي، بار غمان گهمسان رهيم

ڪيئي جايان تي قيد رهيم، هُڻ پنجوين بار زندان رهيم

ڪافي 42

عشق دا ڀر ڀر جام، سهڻي يار پلايا

ٿَيا ٿَيا دي مشق ڪرائي، دل وچ دلبر رمز رلائي

ناچ اهين وچ ناچ نچائي، ڪرڪي مئن نون خوار تماشا يار بڻايا

گهنگهرو ڇيرا ڇم ڇم لائي، ڌاڌا دي طبلي گهت بجائي

سارنگي ني اي ٻول سڻائي، رنگ اهين وچ يار سانون هي رنگ لايا

دل دي اندر سير ڪيتوسي، دلبر اپڻا ڳول لڌوسي

ڀولا هڻ سڀ ڀول لاٿوسي، محبت دي وچ يار اپڻا آپ وکايا

شاهي دي وچ جوڳي ٿيوسي، ڀڳوي رنگ دا ويس ڪيتوسي

”ناز“ گلا ڪنون نا ڏريوسي، سر ڪيتوسي اختيار سجدا يا ڪرايا

ڪافي 43

اڄ ڏسا بيمار ڪُون ڪجهه حال دل بيمار دا

هي علاج ديد دلبر، طالب ديدار دا

اس سيهه پوشي سي، ڪعبا بن گيا هي سجده گاه

راز ليليٰ ڪي سياهي ۾ عجب اسرار دا

يا ميري ليليٰ شب چشم سياهه زلف يار

هي لباس ماتمي اڇا مهر انوار دا

خانته دل ۽ طلمات دي اِڪ راهه هي

راستا هي پر خطر اي خضر تيري يار دا

”ناز“ تون انڌا هين دلبر هي تيرا يه شب چراغ

ڪيا ڏيک سگهدا هين جو تون يه راز اس اسرار دا

ڪافي 44

ڪم سني وچ دلبر آيا هُڻ گرگان وچ پلڻان هي

ناز اي ڪم استادان دا، دلبر بچ ڪي رهڻا هي

اوڙا پاڙا سارا دشمن، اس ۾ تيرا رهڻان هي

کيڙي موقعا ڏيندي نهين تيڪون. هُڻ ڪيا ڪَهڻا هي

داغ جدائي والا دلبر آيا، دل تي سَهڻا هي

باهه برهه دي دي وچ عاشق، ٽپا ڏي هُڻ جلڻان هي

هر ڪوئي زور لا گهڻي، جو ڪسي ني آ جُهلڻان هي

جو هو سي قسمت دي وچ، هڪ ڏينهن تئين نال ملڻا هي

لکيا ليک مقدر دا، نا ڪڏان هُڻ ٽَلڻان هي

”ناز“ آخر هي جڳ فاني، هر ڪوئي اِٿون هَلڻان هي

ڪافي 45

ساڏي نال نه دلبر اليندا هي، سو ٻَهه ٻَهه دُور جيئڙا جليندا هي

ترس جَهين ڪون نا آندي، هُڻ معشوقان چال چليندا هي

عاشق بَڻ ڪر سر ڏيوڻ آيا، سو نعرا نينهن مريندا هي

منصور ڪون پهلي دار چڙهايا، ڦر انالحق اَليندا هي

مجنون ڪون برباد ڪرايس، ڦِر ڪانٽي آپ ڪڍيندا هي

سوان دليان ڪون غمڙي ڏي ڪر، غمان دا ديرا لئيندا هي

صفر وچ سفر دي تياري ٿيڙي، قسمت ڪهڙي ملڪ رُليندا هي

”ناز“ دي ڪيتي مشڪل ڀاري، داغ جدائي رُويندا هي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org