سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات ناز

صفحو :14

(46)

ڪجهه يار جو شڪوو نه رهيو خوب ٿيو

بيهوده دشمن کئون بچئين خوب ٿيو

منّت ڪشِ دهر جي توکي ٿيڻو هو

شڪر ٿيو نه ٿيو سو خوب ٿيو

(47)

ڪڏهن اهل هَوَس کي غم جانان نه مليو

مک کي سوزِ دل پروانه نه مليو

هڪ عمر آ لازم پَئِي وصلِ دلدار

هن دولت تي ”ناز“ جو حبه نه مليو

(48)

تون جانِ جهان مهر وفا ساٿ رهين

آرام فراغت جي ادا ساٿ رهين

ڀُلجانءِ نه ڪڏهن خط و ڪتابت کان مون کي

مان ياد رهان ۽ تون مونسان ساٿ رهين

(49)

بي فڪر خيال يار آ راحت ڪهڙي

آ خواهشِ مال و جاهه و دولت ڪهڙي

بهتر آ سپردِ يار ڪري هو دل و جان

پوءِ يار سوا ٻئي سان رغبت ڪهڙي

(50)

جو دل غمِ يار کئون رهي ٿو شاد

هي ٻنهي جهانن جي رنج غم کئون آزاد

هر سُو آ مگر هي رنگ هڪ معنيٰ

آئينه دل آ ڪهڙي خدائي سان آباد

(51)

دنيا ۾ ڪنهن ڏٺو راحت جمال

سودو اگر سود جو ٿئي هن جو خيال

جنهن طرح اڄ آ تنهنجي اڳيئون

آ پهريئون ڀي ائين پوءِ ڀي اهو آ حال

(52)

جيڪر سڀ دوست منهنجا ٿي ويا دشمن

اهڙي دوستي کئون بس ڀلي منهنجا مَن

ڪثرت کئون جدا ٿي ڪري وحت وٺ

هو مان ٿيس مان هو ٿيو نه رهيو فرق قطعاً

(53)

هر شخص جهان ۾ دوست نانءِ جو آ

مان ڪيئن ۽ ڪنهن کي چوان رفيق جان جو آ

در در پَئِي لقمه ڦِرن ٿا صورتِ سگ

هن دوستي جو رنگ عجب شان جو آ

(54)

ڳول هن کي جو توسان بيوفائي نه ڪري

دل توکئون وڍي ڪوئي بُرائي نه ڪري

پهلو تنهنجو دم ڀر هن کئون نه رهي خالي

هڪ پل به ڪڏهن فڪر جدائي نه ڪر

(55)

جنهن توکي بخشيو هي تاج جهان باني

انهي ئي ڏنو مون کي سامان پريشاني

پارايائين لباس ان کي پُرعيب جنهن کي پاتائين

بي عيب جنهن کي پاتائين بخشي هن کي عُرياني

(56)

مسلح عشق ۾ سچائي فنا ٿيندا هِن

قتل ڪڏهن غر ۽ بدڪا ڀلا ٿيندا هن

تون ڀي گر عاشق صادق آهين مرڻ کئون نه ڊڄ

ذبح مردار ڪڏهن اي ”ناز“ ڀلا ٿيندا هن

(57)

مان منصب عشق ۾ سر افراز ٿيم

دنيا سان غرض ڪهڙو ممتاز ٿيم

هن بزم ۾ شمع گدازي پائي

ايترو جَليِسُ جو محرم راز ٿيم

(58)

هي ماڻهو جو عاشقِ سيم و زر آهن

الله کئون غافل عدو هڪ سر آهن

هرچند آ جدا جدا سڀ جو نصيب

پر بخشش حق ۾ سڀئي ڪينه ور آهن

(59)

ٿي چُڪو بس شِڪوو هاڻ ليل و نهار

ڪم ٻه دنيا ۾ آهن ڪر ڪنهن کي اختيار

يا سراپا بڻ رضائي دلربا

يا جان ڪر پنهنجي محبت ۾ نثار

(60)

ڏسين جو تو ڪنهن جا عيب و هنر

ڪر پنهنجي ذرا عيب و هنر ئي نظر

بهتر هي آ نه انهيءَ کان آ ڪجهه بهتر

ڏس پنهنجي طرف نه ڏس ٻني جا تون عيب هنر

(61)

پنهنجي نه ڦهلاءِ نه وٺ هٿ سان پنهنجو غم

غفلت نه ڪر هن جي ۽ بسر ڪر به ضم

هن عمر گرامي ۾ هَوَس آ بالڪل

ڏي يار کي اختيار تون پنهنجو هردم

(62)

دل عشق ۾ خاڪ ٿيو آخرڪار

هن عمر ابد ۾ ترڪ آ دشوار

جي چاهين ميسر رهي بوس و ڪنار

هڪ لحظه نه ڇڏ خيالِ دلدار

(63)

ڇڏين ڇو ٿو بتن کي تون زنهار

ڪهڙو لطف ٿيندو جڏهن نه ٿيندو بوس و ڪنار

آهن سيمبرانِ خلق زر جا بندا

ڏي نقد پر نه دل و جان ڪر تون نثار

(64)

پنهنجي هر چارهء تدبير کي جڏهن ڇڏيو مان آ

نورحق جلوه فگن ٿيو آ زير بالا

تون جي چاهين ڇڏي ڏي انداز خودي

پوءِ ٿي ويندين مظهرِ حق سر تا پا

(65)

ٻن ڏينهن جي حرص و هوا کان باز آ باز آ

هن آڳ ۾ خود نه پاڻ جلاءِ نه مون کي ئي جلاء

اي دل جوان وئي پيري آئي

نه دامن پنهنجي ۾ وساڻل باهه ڀڙڪاء

(66)

هن بُوالهوسي ۾ ڇو گذارين صبح ۽ شام

هن ۾ نه ڪڏهن حاصل ٿيو آ آرام

سئو سال به جان ڏئين ۽ ٿئين بدنام

(67)

دوانگي دل آ منهنجي عقل ڪمال

آشوب محبت جو نا پاتم ڪو خيال

ناممڪن آ ڪُوزي ۾ سمائڻ دريا

هر چند چون ٿا مگر خيال است محال

(68)

حاصل آ زماني ۾ جنهن کي عقل ڪمال

ٿي دائرهء فڪر کئون ٻاهر آ محال

مئخاني وڃي ڏس تماسو غافل

هڪ شمع آهي سيڪڙون آهن فانوس خيال

(69)

افسوس نه ويو دل کئون دنيا جو خيال

غفلت ۾ ساري عمر ٿي وئي پامال

از فڪر مآل ڪار بي فڪر ٿيم

جو فڪر ڪيم ٿي هو خيال است محال

(70)

سلطان آهيان منتِ سلطان ڇا ڪم

ٻين ماڻهن جي ڪاڻ بيڪار آ غم

سگ هي آ منهنجو نفس سگبان مان پاڻ

ڇو ڪُتي ڪاڻ رهان حيران سحر و شام

 

(71)

هن قدر رُنم اشڪن مَئون ڪيئي دريا بڻيا

ڪثرت وحشت کئون ڪيئي جنگل صحرا بڻيا

همدم جا رنگ صحبت ها اڳي هاڻي ڪٿي

مان هاڻي تنها رهيس دوست سڀ عنقا بڻيا

رباعيات

خمدڪدهء

ترجمه

مئڪدهء ناز

سنڌي

تصنيف حڪيم السان الغيب سلطان الشعراء

افضل الحڪماء حضرت ناز والي ملڪ

خداداد خيرپور سنڌ.

سڀ حق ۽ واسطا قائم

ايڪٽ نمبر 25 سال 1867 موجب رجسٽر ڪرايو ويو

ربائي نمبر1

در کول جو، در کوليندڙ تون آن

هي رستو ڏيکار جو، ڏيکاريندڙ تون آن

مان هٿ ٻئي هٿ تي، هرگز ڪيئن ڏيان

دنيا سڀ فاني هميشه، رهندڙ تون آن

ربائي نمبر2

ڪِوِل جي ذري اک ۾ تنهنجو نُور

مڇر جي ضعيف پير ۾ تنهنجو زور

بيشڪ آ خداوندي جي لائق تنهنجي ذات

جيتريون به بُرايون رهن سڀ تو کان دور

ربائي نمبر3

ڏي پيالو سخي جهان ۾ آ ظلمات

بن رخ تنهنجي ناهي جهان ۾ آب حيات

هي جهانِ جهان جهان جو سڀ ڪجهه

مقصود تون آن ۽ محمّد صلعم تي صلوات

ربائي نمبر4

آئي هي صدا صبح جو مئخاني کان

هن رند شراب خوار ديواني کان

اُٿ جلد ڀريون شراب سان پيالو

ڪم بخت نه ڇلڪي عمر جي پئماني کان

ربائي نمبر5

پرڪار جي صورت ۾ آهيون تون مان

ڏسجڻ ۾ سرا ٻه مگر تن هڪڙو آ

هڪ نقطي تي چڪرايون ٿا ٻئي دائره وار

آخر جو ٻئي رلي ملي ويندا سي هڪ جا

ربائي نمبر6

سڀ من کي چَون دوزخي آهي مستان

دل سان نه لڳي ڳالهه رُڳو آ بهتان

جڏهن مست عشاق دوزخي ٺهريا

هوندو به بهشت ۾ صفا چٽ ميدان

ربائي نمبر7

طعنا نه ڏي مستن کي جو مَئي کان ڪرين عذر

اسان توبهه به ڪنداسي جو مشيّت آ اگر

فخر هن تي جو تون مئخوار نه آهين

سئو عيب ڪرين شراب کان بدتر بدتر

ربائي نمبر8

جي پئين ٿو شراب نه پيءِ داناؤن سان

يا سونهن ڀرين هَئس مک معشوقن سان

زياده نه پيءِ عادي نه ٿي فاش نه پي

ٿورو ۽ ڪڏهن سو به ڇپائڻ سان

ربائي نمبر9

آڻ جام شراب ته ٿئي آواز غلغل

جنهن وقت شروع ڪري چڪو بلبل

جي راڳ بنا شراب هجي ها جائز

سُڻجي نه ڪڏهن شيشي جي مُنهن کان قلقل

ربائي نمبر10

جهيڙو آ نفس سان ڪيان مان ڇا

ڪَئي جو آ صدمو ڪيان مان ڇا

اُميد ته بخشيندين پر آهي مرڻ

جو مان ڪيو تو ڏٺو ڪيان مان ڇا

ربائي نمبر11

بُت چيو برهمڻ کي تون عابد منهنجو

واقف رهي ڇو ٿو ڪرين سجدو منهنجو

پاڻ ڪئي تو جلوي جي تجلّي مون تي

جو توتي آهي ناظر ۽ شاهد منهنجو

ربائي نمبر12

قدرت ڏنو آ حسن مون کي ڪهڙو

مُنهن گل جو قد سرو جو پيارو بخشيو

پر هي نه کُليو راز به خاڪ ڪرڻ ڪاڻ

هو نقاش پوءِ سينگار ڪرايو ڪهڙو

ربائي نمبر13

هن خاڪ سِيهَه کان وڍي تا چرخ زحل

جيتريون هيون مشڪلون سي ڪيونسي حل

هر حيله مڪرجو ٻيو نڪتو علاج

سڀ عُقدا کُليا پر نه کُليو بند اجل

ربائي نمبر14

آ مون تي حمرا ڍڪ پاڻيءَ جو پيئڻ

جيسين تائين نه درد اندوهه جو شراب پيئڻ

هُن وقت تائين پرائي ماني آ زهر

آ جيسين تائين نه پنهنجي جگر کي ڪباب ڪرڻ

ربائي نمبر15

مسجد ۾ خلوص سان مان آيم اهڙو

نه ڪنهن قصد نماز سان آيم اهڙو

مصلّو چورائي ويو هوس ڀڄي

ٿيو هو پراڻو اهو ٻيو کڻڻ آيم اهڙو

ربائي نمبر16

سواءِ شراب ناب جيئڻ آهي حرام

سواءِ شراب کڄي بار تن بدن نه تمام

ٻڌي ساقي جو هي آواز صدقو ٿيان مان

مون ۾ ناهي دم هو. چوي هڪ ٻيو جام

ربائي نمبر17

رمضان ۾ مان غذا جڏهن کاڌي

هرگز نه سمجهيم ته هي غفلت آئي

تڪليف کئون روزي جي ٿيو ڏينهن تاريڪ

مان سمجهيو ته رات جي سحر آئي

ربائي نمبر18

هڪ مڇي بدڪ کي چيو ٿي بيتاب

شايد هي ندي ٿي دوباره پُر آب

بدڪ چيو جڏهن تون اسان ٿيندوسي ڪباب

يڪسان ڳالهه پوءِ دريا هجي يا سراب

ربائي نمبر19

جنهن قصر ۾ بهرام هي رنگ لاتا

هاڻي شيرن غارون هرڻن جا گهورا

بهرام جو ڪندو هو سدا گور شڪار

ڏس گور دنيا ۾ بهادر کاڌا ڪهڙا

ربائي نمبر20

ساقي شراب ناب سرسبز هجي دشت

هي سڀ هجن هتي ته توکي مون کي بهشت

منهنجا پرين نه سُڻ تون بهشت دوزخ جو ذڪر

دوزخ ويو آ ڪير ڪنهن ڏٺو آهي بهشت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org