ڪافي 24
حسن جواني دنيا فاني
عالم دي مجبوري هي
چپ ڪريندي چَين نه آوي دل نُون اي رنجوري هي
عشق تيڏي ني خوار جو ڪيتا لوڪان وچ مشهوري هي
حسن ش۾ع دامئن پروانا تيڏي پوندي خبر نه پوري هي
ڏي اشارا واقف ٿيوان ناحق آپت وچ دوري هي
”ناز“ دي نال جڏان قسمت هوسي
هڪ ڏينهن ٿيسي ملڻ ضروري هي
ڪافي 25
چپ چپاتي پاتم جهاتي، مئن ڀي سمجهي يار چُپ
لب تي لب سيني تي سينا گفتگو هر بار چپ
مئي ڀي چپ مينا ڀي چپ ساقي ساغر يار چپ
چاندني ڪا چاند چپ اور حسن ڪا بازار چپ
ديد چپ ديدار چپ مئن طالب ديدار چپ
پرواز چپ نياز چپ دل ڪا هر هر ساز چپ
”ناز“ چپ، انداز چپ هر ادا پرواز چپ
ڪافي 26
شوخي شرارت شوق جي مان صحيح سڃاتي
رکي معسوقن ڪنڌ تي ڪهڻ جي ڪاتي
قيس کي مجنون ڪَيئين منصور سولي پاتي
سر ڦٽيو فرهاد جو کل شمس جي لاٿي
”ناز“ به هن قهر لئي سپر ڪئي ڇاتي
ڪافي 27
محبوبن واري شوق جي اها
رمز ڪئيسي صحيح صحيح
حڪم شرع معشوقن اهڙو
رهندو توتي ظلم جهڙو
پوءِ خوف خطر ويا لهي لهي
جفا ڪارڻ تو نه گهٽايو
وفا کئون مُنهن مان نه مٽايو
”ناز“ مرد ايندا ڪهي ڪهي
ڪافي 28
رات خواب دي وچ يار آيا ڪر سئو سئو طرح سينگار آيا
سهڻي صورت سبحان ڏٺم سر پڙهندا ياد قرآن ڏٺم
اتي شام زنجير زندان ڏٺم ٿي قيدي عابد بيمار آيا
قيد زليجا چاهه دا ها ناخوف عزت ساهه دا ها
ساٿ طوق زنجير سپاه دا ها بڻ يوسف مصر بازار آيا
سر سانگ سيّد سردار آئي کُلي وال سڀئي پردي دار
آئي
وچ شمر يزيد دربار آئي اِيوانن قافلا گهن بيمار
آيا
او حُسن يوسف اي نور خدا او دل يعقوب اي عرش عُليٰ
ها راضي رضا تي ميڏا موليٰ ”ناز“ قيدي بَن لاچار
آيا
ڪافي 29
جو ئي عشق دي رمز نه ڄاڻي
نال اُهِين دي ڪم ڪيها
راز اندر دا رک نه ڄاڻي او ڀي هي محرم ڪيها
اکيان جنهن ديان خون روون ول اُهين نون هي غم ڪيها
وحدت والا جام پيتوسي ٻيا عاشقان نون هي جم ڪيها
لڪ ڇپ لڙي ”ناز“ چُراون ٻيا معشوقان دا رم ڪيها
ڪافي 30
مئن رانجهن دي رانجهن ميڏا
سڙدي وتدي کيڙي سئو سئو ڀيري
موليٰ آڻيسي ماهي ميڏي ڪون
اڱڻ اساڏي ديري سئو سئو ڀيري
چشما چوٽ درد رُواون
نِير نيڻان دي نيڙي سئو سئو ڀيري
جَڏان جو لاڪُون ”ناز“ نه مليا
پنڌ پڇايان پيري سئو سئو ڀيري
ڪافي 31
ڇڏ تسبيح ڪُون ڇوڙ مصلـّيٰ
عشق خبر اظهار اها
قاضي ملان دي مسئلي ڪوڙي
آئي غيب ڪَنُون پُڪار اها
جهيڙن جهڻڪن ڪئي دل زخمي
تکي تيغ زبان تلوار اها
خانه نبي برباد ڪري ويا
ڪري مسجد ۾ تڪرار اِها
”ناز“ سان زس نا رانجهن سائين
ڪر پرچڻ جي اقرار اها
ڪافي 32
ڪيو فراقي ٿيا بيراڳي مرد ڇڏي آستانه آستانه
محبت مچ ميدان اندر وچ مست ڀرن مستانه مستانه
شيشا ساغر يار ڇڏي ويا در بند ڪري مئخانه مئخانه
حسن تجلي بات تنهنجي کان ڪيئي ”ناز“ ڏسين ديوانه
ديوانه
ڪافي 33
تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان
آسان به آ دشوار به آ
تنهنجي وعدي تي اعتبار ڪهڙو
اقرار به آ انڪار به آ
تون دور رهين بي نياز موليٰ سُڻ فريادي جو آواز
موليٰ
هن بيگناهه جي مارڻ لئي تبر تير به آ تلوار به آ
هن بيوفا دنيا ۾ رهڻ آ درد مصيبت غم جو سهڻ
ناهي توکانسواءِ ڪوئي منهنجو خدا آزار به آ دل
بيمار به آ
جتي حسن تجليٰ نور ڏسان هر سرو قمري مخمور ڏسان
هي آ فرياد بلبل جي صدا جتي گل به آ اُتي خار به آ
دولت زر جي پاس نه آهي مِهر وفا جو آهيان غلام
هن ساري جهان ۾ ”ناز“ غريب زردار به آ نادار به آ
ڪافي 34
آيا خواب دي وچ دل جاني بڻ بڻ ڪي صورت لاثاني
نال سڄڻ دي سَير ڪيتوسي درد فراق دا جام پيتوسي
ٿي ظاهر عشق ڪهاڻي
عشق تيڏي دا دل وچ ديرا ڪر ڪوئي پُنهل ڀيرا ڦيرا
ٿيوئي سايه رب رحماني
”ناز“ نزاڪت نخري نرالي روندي وتدي دردان والي
سَئي سئي مست و مست حيراني
ڪافي 35
ڏئي ويا دوست اندر جو هي راز مون کي
ناهي شرع شريعت جو ڪو لحاظ مون کي
ڇو ٿو سور سَهين ويڙهي منهنجي وسين
آيو خواب ۾ پرينءَ جو آواز مون کي
دونهان درد دُکيا لنگهن ڏينهن ڏکيا
مليو هجر فراق جو هي بياض مون کي
رڳ رڳ تار ڏسان تن من يار چوان
ڏنو دل جي آ سوز کڻي هي ساز مون کي
عشق خانه خراب پياريو خوني شراب
ڪيو متوالو پرينءَ جي آ ”ناز“ مون کي
ڪافي 36
هر وقت درد دل ۾ رهي هن کي ڇا چوان
يا بيوفا چوان توکي يا باوفا چوان
ڇا گذري دل هجر ۾ اکڙين چيو هي ڇا
سڻيو هوندو رات جو افسانو ڇا چوان
غم پنهنجو عشق ڏئي ڪري ٻيا غم ڪيا هن دور
هن کي مرض چوان يا مرض جي دوا چوان
هر شيءِ ۾ جلوه گر آ ظاهر ڪٿي نه آ
ڪنهن کي خدا نه سڏجي ڪنهن کي خدا چوان
هن عشق جي ڪُٺل جي آهي حياتي نئين
پوءِ ڇو تنهنجي ادا کي مان هي قضا چوان
مان پاڻ ۾ اي ”ناز“ ڏسان ٿو هزارين عيب
ڪنهن مُنهن سان ٻين کي مان بُرو ڀلو چوان
ڪافي 37
ساقي شراب معرفت جو تون کڻي پيار
مخمور مان رهان تنهنجي محبت ۾ منهنجا يار
بلبل خزان جي وقت گُهري ٿي اها دعا
قائم رهي گلن ۾ هميشه سدا بهار
هن منزل عدم جو ڪوئي رستو ناهي دُور
جنهن وقت ڪُوچ ٿئي ته مسافر به آ تيار
هجر فراق يار ۾ هي رات ڪيئن کٽي
رئندي شمع رهي هِت هُت ”ناز“ اشڪبار
ڪافي 38
عشق وڌو آ ڳل ۾ هار
داغ دلين جا ٿيا گلزار
ڪٿ لاله سوسن کليو ڪٿ نرگس رهي بيمار
باهه برهه جو کورو کامي، تنهن ۾ پوڻ آ لاچار
شمس جي لٿڙي کل هڪ واري ”ناز“ تنهنجي لهي هر هر
بار
ڪافي 39
دوا تو درد دل جگر نه ڪئي
اي مسيحا توکي خبر نه پئي
اي طبيبو لکو ڀلي نسخا برش معجون ڪجهه اثر نه ڪئي
شب فرقت هڪ گهڙي مشڪل يا الهٰي ڇو سحر نه ڪئي
درد پنهان وٺي وڃان واپس ”ناز“ جي حال تي نظر نه
ڪئي
ڪافي 40
هٿ سان مون کي جو ماري گل وجهڻ پوءِ ڇو اچو
رنگ ميندي ڀي ڪيو آ پسجي وڃڻ کئون پوءِ ڏسو
هئي اميد منهنجي قبر تي ٻاري رکندا هڪ چراغ
خاڪ پٿر سيني تي هٿ سان رکي سعيو ڪيو
عمر ڀر ۾ هي ٻه صدما ياد دل ۾ هِن مدام
هڪ تنهنجي بيجا رُسڻ جو ٻيو تنهنجي وڃڻ کؤن پوءِ
دل کسڻ لئي ”ناز“ جي اول خوشامد تو ڪئي
مطلب ڪڍيو پنهنجو جڏهن مُنهن ڦيري هڪدم ڇڏيو
ڪافي 41
دل ته دل کي چيو خداحافظ
پر ڪَن نه ڪنهن سُڻيو خداحافظ
شهر خوبان ڇو اڄ خموشان آ
ڪير ويو آ ڪري خداحافظ
الوداع تو سان اي خانهء الفت
رهو آباد اڄ خداحافظ
حُسن يوسف وِڪامي ٿو بازار
چاهه زليخا تنهنجو خدا حافظ
اي تبسم ڏيکاري تو حسرت
پاس دل جي تنهنجو خداحافظ
”ناز“ ويندو رهيو ادا کي ڇڏي
اي خاموشي تنهنجو خداحافظ
ڪافي 42
بڻ صورت رانجهن آئي هي
ويک حُسن دا ڏيک نظارا
عشق جنهان دا راز الاهي ڳولن ڦولن هڪ وي ماهي
ڪيا رمز اُنهان ول پائي هي ڦاڙ جگر ڪر پارا پارا
رمز رموز دا راز هڪوئي جوئي عاشق ڄاڻي سوئي
ٻِيان نون خبر نه ڪائي هي ناحق ڪردي مارا مارا
ڪعبه ڏيک بتخاني آيا پَتا تيڏا مول نه پايا
ڪٿان ول صورت تَئين ڇپائي هي ڪر انالحق دا ڪوئي
اشارا
”ناز“ نظر وچ سهڻا آيا آڳيا وَل دل نون رايا
لاعشق دي ميندي لائي هي هي خون ڪنون رنگ ڳاڙها
ڳاڙها
ڪافي 43
ڪيون حال ميڪون نهين ڏَسندائين
محرم راز ماهي يار دلنواز ماهي يار
ڪٿان فرهاد دا سر ڦڙوايئي ڪٿان يوسف ڪون چاه
گهتوايئي
ڪٿان ول يعقوب دي دل رُوايئي پوءِ زليجا ٿي
هَسدائين
دلنواز ماهي يار محرم راز ماهي يار
ڪٿان شمس دي کل لهوايئي ڪٿان منصور ڪون سولي
چڙهايئي
ڪٿان رانجهن ڪون جوڳي بڻايئي پوءِ هير دي ويڙهي
وسدائين
محرم راز ماهي يار دلنواز ماهي يار
نيچي نظران نال ڏٺوئي محبت والا دام گهتيوئي
ايوين مُرڪي ٻول ڏتوئي ڪيون عاشق ٿي نهين ڪُسدائين
دلنواز ماهي يار محرم راز ماهي يار
ميڪون در در تئين رُلايا ڏکان سُولان دا سبق
پڙهايا
حرف مهر وفا دا مٽايا ڪيون ”ناز“ ڪون مار هُڻ
نسدائين
دلنواز ماهي يار محرم راز ماهي يار
ڪافي 44
اي پردهء ديوار هَٽ منهنجي اڳيان
تان ڏسان دلدار مان پنهنجي اڳيان
اي نقابِ خانه ڪعبه رُو سياهه
دُور ٿي هن سنگدل جي تون اڳيان
آهه زاري بيقراري ياد تنهنجي ۾ رهي
تون حال دل روئي سُڻاءِ يار پنهنجي جي اڳيان
عنبر بُو زلفِ يار آندي نسيم
اي صبا وڃي تون پُڄاءِ هن جي اڳيان
حسن وارن جا هميشه ناز تو سر تي کنيا
ڏک کي ڏي صدا تون يار پنهنجي جي اڳيان
آبلن مجنون جي رک تون لاڄ اي دست جنون
محملِ ليليٰ کي جلدي تون رَسا هن جي اڳيان
ڪافي 45
اي بُت خاموش ڏس ڇا چُپ به هڪڙي ياد آ
درد فرقت ۾ هميشه منهنجي دل ناشاد آ
اي بهار چند روزه نالهء بلبل تون سُڻ
بند پڃري ۾ خزان ۾ مرضي ڇا صياد آ
اي گردش تقديرما ڇا پيش پيشاني ۾ آ
آباد آ برباد آ دل شاد آ ناشاد آ
ڌوڪا مان هن کي سيکاريا هن مون کي ڌوڪا ڏنا
ڪم سَني کئون روز اولّ هو منهنجو استاد آ
يا الهٰي خير تون مقتل ۾ اڄ پاڻهي ڪجان
شاهه خوبان تيغ ابرو نازنين جلاد آ
”ناز“ هي فرقت بجا غم درد دل پنهنجو سڻا
جيستائين خانه دل ۾ عشق هي آباد آ
ڪافي 46
هن بيوفا جي خاطر ڇوڙيوسي سڀ زمانو
در در رُلائي مون کي آخر ڪيو ديوانو
وقت بهار ۾ به خزان مان ڏٺي عجيب
هر وقت هن زبان تي غم جو رهيو فسانو
بچپن ته راند ۾ وئي لڳو جواني ۾ عشق روڳ
پيري ۾ اي فلڪ تو ڪِينو ڪڍيو پراڻو
ناحق جيئڻ آ منهنجو لطف ڪجهه زيست ۾ ناهي
هڪ دل ڏکي جي اندر سئو سُور آ سماڻو
پرديس ۾ رُلائي ڏين طعنه جهڻڪون مان کي
اُن دم روئي ڪيان ٿو مان وطن ياد اباڻو
روز عندليب بُستان فرياد هي ڪري ٿي
قائم رک تون موليٰ ڪمزور آشيانو
بند قفس ۾ بلبل صياد رکي آ دلگير
”ناز“ هوندو گلن تي جڏهن ڪو آستانو
ڪافي 47
ڪيا جاني هم ڪوئي ري بابا
ڪيا جاني هم ڪوئي ري بابا
دل دي اندر جو ئي ٻولي
يار همارا سوئي ري بابا
سُپني اندر ساجن مليا
رات ڀر ۾ روئي ري بابا
آنک کلي تو نظر نه آيا
ڍونڍيم شهر سڀوئي ري بابا
درد فراقان وچ ڪُر لاوان
سُڻندا حال نه ڪوئي ري بابا
ڏکان سُولان ني ”ناز“ گنوائي
ڪيون نه هُڻ مئن موئي ري بابا
ڪافي 48
هر تارِ نفس منهنجو پابند وفا ٿيندو
توهان ظلم گهڻا ڪيڙا پر دل نه جدا ٿيندو
سُڃي هن قسمت ۾ ڇا هن کئون سوا ٿيندو
هن قبر پراڻي تي هڪ ڌنڌلو ڏيو هوندو
مان سڀ کئون الڳ ٿي ڪري پڇندس ڪنهن جاءِ تي
رَسڻو پنهنجي منزل جو دنيا کئون جدا ٿيندو
چند روز جي هستي آ هر اَوج جي پستي آ
آغاز بقا منهنجو انجام فنا ٿيندو
هستي ڪائي هستي آ ويران هي بستي آ
هڪ ڏينهن جو رهيو هن ۾ مدت جو جدا ٿيندو
غربت تنهنجي روئي ٿي الله هي ناچاري
ناچار ئي غربت ۾ ساٿي نه ڪوئي ٿيندو
اي ”ناز“ تون حاسد کي چئي ڏي سرِ محفل
جنهن منهنجو بُرو چاهيو ان جو نه ڀلو ٿيندو
”خلوتِ عشق“ جو ضميمو
ڪتاب ”خلوت عشق“ جي ٻئي ڇاپي ۾ ضميمي واريون ڏهه
ڪافيون به ڏنيون ويون آهن. ڪافين جي ترتيب بلڪل
بدليل آهي.
ڪافي 1
ڪلمو لکيل ٿو ڏسجي ڪافر جي ڪاڪلن ۾
وَاللّيل جو آ نقشو هي زلف جي شڪن ۾
کليو مصحف منّور جڏهن ريت جي چمن ۾
صلوات جو هو نعرو هر هر زبان ذهن ۾
جڏهن سروِ نازنين هو باغ حسن ۾ پهتو
ڪُو ڪُوءِ قُمرين جي وڌو ولولو گلن ۾
لعل لبن جي لالي بي آب ڪيا جواهر
لعل و عقيق مرجان حيران ٿيل يمن ۾
گفتار تنهنجي شيرين طوطي کي ڏئي شڪر ٿي
هي نيشڪر شهد کان شيرين آ سخن ۾
گريان ٿيو ابر نيسان دندان کي ڏسڻ سان
موتي ٿيا خاڪ چُونو هرهڪ صدف دهن ۾
اي شمع شب ڪافوري ڇو شرم کان ٿي پگهرين
ليل فراق آخر وجهندي توکي رُئڻ ۾
دردن ڏکايو هر هر دُونهان دکن ٿا دل ۾
ڇڏي ”ناز“ ويو وطن کي رئندو رهيو غمن ۾
رخسار صاف تنهنجي ڪيو زرد رُو آ خورشيد
ٽوٽي ڪمر قمر جي جڏهن خجل ٿيو ڌٻن ۾
شاعر پيا شعر لکندا ڪافر پيا ڪافيون چوندا
پر شعر پنهنجي ”نازڻ“ وڌو زلزلو زمن ۾
ڪافي 2
عشق جي مجنون جي ڪاڻ آ هر طرف ٻيڻي بلا
محبت ليليٰ بلا ۽ فرقت ليليٰ بلا
اي منهنجي پوشيده حُب اسرار تنهنجو آ وجود
راحت محبت بلا ۽ ڪلفت هجرت بلا
غم علمبردار منهنجو درد دل منهنجو مڪان
آرزو هڪڙي بلا ۽ نااميدي ٻي بلا
سنگدل بنياد هي تو بيوفائي جو وڌو
هي بي صبري هڪ بلا ۽ غرض مطلب ٻي بلا
ڏنگ ڪاڻ پاليا جو هن تو نانگ ڪاريهر مدام
هي دام گيسُو هڪ بلا زنجير زلفون ٻي بلا
جڏهن انتظاري آ اجل پيش نظر اي مهلقا
”ناز“ آخر در بلا بُودن بِهه از بيم بلا
راز دل محبت ڇپائي ويٺا آهن منهنجي اڳيان
شرم و حيا هڪڙي بلا ۽ بي بسي آ ٻي بلا
ڪافي 3
مست اکڙين جي مون دلبر خود نمائي اڄ ڏٺي
هن غُرور حسن جي مون خود ستائي اڄ ڏٺي
هر نسشت مستانه ۾ هر ادا مستانه هوئي
ڪم سني ۾ شوخ جي مون خود آرائي اڄ ڏٺي
ڪَج نگاهي ڪافري ۽ ڪَج نگاهي دلبري
جان عاشق ۾ نظر سان سنسنائي اڄ ڏٺي
اي شباب دلفريبي سجده گاهي عاشقان
روح جسم و جان قربان ”ناز“ آرائي اڄ ڏٺي
ڪافي 4
شوق آ دل ۾ خودنمائي جو
پوءِ خداحافظ سڀ خدائي جو
اشڪ اکڙين ۾ داغ دل ۾ آ
هي نتيجو آ آشنائي جو
ڪنهن بندي کي درد عشق نه ڏئي
واسطو توکي ڪبريائي جو
شب دلبر تي شب وصل ته ٿي
صدقو هن پنهنجي دلربائي جو
”ناز“ جي اڳتئون کڻ تون آئينه فراق
ڪجهه ته ٿئي لطف ناز آرائي جو
ڪافي 5
اڄ منهنجي لاءِ ملڻ توهين تصوير ۾ آيا آهيو
ڏک مٽائڻ لاءِ شايد توهين تقدير ۾ آيا آهيو
سيف ابرو يار جا مرگان آهن تير ڪمان
قتل منهنجي ڪاڻ توهين شمشير ۾ آيا آهيو
توڙي ڏک ڏولاوا ڏيهه جا هئا مقدر ۾ لکيل
پر ڪاتب قدرت توهين تحرير ۾ آيا آهيو
حضرت يوسف زليخا جو ذڪر قرآن ۾
ٻارهين سيپاري عشق جي تفسير ۾ آيا آهيو
”ناز“ سان گاهي لطف گاهي شوخي سان ٿا توهان ڏسو
دل کسي ڌوڪي ڏيڻ جي تدبير ۾ آيا آهيو.
ڪافي 6
بتخاني ۾ ڪعبي ۾ تڪرار ڏٺوسي
هر دل جو هر دل ۾ هڪ اسرار ڏٺوسي
دريائي محبت ۾ غرق آب ڪيئي عاشق ٿيا
پر نه معشوق جي ڪنهن دل ۾ آزار ڏٺوسي
اي حسن حَسِينن ڪيو بيمار آ جڳ ۾
هر باغ ۾هر گل ۾ نرگس بيمار ڏٺوسي
اي هجر فراق شب جي ٻولي نه ٻڌاءِ تون
هر تارِ نفس هن جو بيڪار ڏٺوسي
بتخاني رهان مان يا ڪعبي ڏي ڪيان پنڌ
هر جاءِ تي جلوه اظهار ڏٺوسي
بتخاني ڪيم مُنهن ته ٿي جنبش ڪعبي کي
اقرار هِتي ۽ هُتي انڪار ڏٺوسي
ويٺا رشڪ ۾ ڀريا آهن پَري رُو سڀ دلبر جا
ڪنهن ۾ نه وفا جو ذرو اعتبار ڏٺوسي
”ناز“ نيڻن جي نشي ۾ نچندا ڪيئن متوالا
پو آتشڪدهء عشق ۾ گلزار ڏٺوسي
ڪافي 7
سوا محبوب گلشن ۾ مئي گلگون نه گهرجي ٿو
دل پر خون منهنجي کي زياده خون نه گهرجي ٿو
منهنجي ليليٰ به آ ليليٰ مگر پردي محبت ۾
مون کي هر شهر ۾ چرچو مثل مجنون نه گهرجي ٿو
مون کي هڪ پرتو رخسار ساقي مثل آتش آ
سراپا سوختي کي ڪوئي آتشگون نه گهرجي ٿو
هَوَس بتخاني ڪعبي جي ٿا ڄاڻن مومن ۽ ڪافر
مون کي مئخاني کان دل جو قدم بيرون نه گهرجي ٿو
وڄاءِ طبلو اچي پئي اوچتو زاهد نه مجلس ۾
گهڙي ڀي اهڙي احمق سان رهڻ مقرون نه گهرجي ٿو
سکيم پير مغان کئون ڪيترا دستور مستي جا
اهو قانون بس آهي ٻيو قانون نه گهرجي ٿو
ارادي حُور لئي زاهد لمبي ڏاڙهي رکي آهي
پرين خود ”ناز“ اچي پُڇندا مگر افسون نه گهرجي ٿو
ڪافي 8
منع ڪئي محبوبن آ گردن هلائي
وڃو ٿا ڪاڏي پوءِ اسان کي رُلائي
اشاري سان سمجهو اوهان حال دل جو
شرم ۽ لاچاري زبان ڪيئن اَلائي
جدائي اوهان کي جاني جيئن ستايو
اسان جي دل تيئن جدائي جلائي
نيڻن جي ڪشش نينهن نروار ڪيڙو
ضرور عشق وفا ساڻ محبت ملائي
تبسم سان تنهنجي ٿيون مرڪن نگاهون
ڇڪي ابرو ڪمان تير مرگان چلائي
ڪافي 9
جنهن ڏنو آ درد دل انهيءَ جا خدا ڀلا ڪري
عاشق نامراد کي لازم آ اها دعا ڪري
غيرن تي منهنجي سامهون لطف و ڪرم جي آ نظر
ڏسو غريب ناتوان خون جگر پيا ڪري
الفت تنهنجي ۾ اي صنم کاوان ٿو قبله رُو قسم
ان کي خدا جي مار پئي توسان جا دل دغا ڪري
صدقو ڪيان مون جان دل دل ۾ اچي سو جاني
آئين نه اڄ ڪلهه ملڻ تون ڪيستائين ”ناز“ جِيا ڪري
ڪافي 10
پرين سڌ پاڻ مون سان ڪئي اوهين اڄ خواب ۾ آيا
سلامن جي عوض قاصد لکي شڪوا جواب ۾ آيا
ڪڍي تلوار ابرن جي اڄ جوش شباب ۾ آيا
ڏسي ساغر صراحي سان ٿي شوق شراب ۾ آيا
لاهيو شرم و حيا آخر ڇو بردهء حجاب ۾ آيا
گهڙي جلوه گهڙي غائب نه گناهه ساڻ گم نه ثواب آيا
”ناز“ نيڻن جي نشي ۾ رهه ٿي شراب ناب ۾ آيا
طوفان عشق- سمنڊ غم
من تصنيف لسان الغيب
حضرت ناز
والي خداداد رياست خيرپور سنڌ
سڀ حق ۽ واسطا قائم
ڪوئي به صاحب قصد ڇپائڻ جو نه ڪري
مورخه 1- جولاءِ 1931ع
مطابق 14 ماهه صفرالمظفر 1400 هجري
ڪافي 1
مئن بندا حيدر حيدر هون، مئن صوفي مست قلندر هون
دل دلبر وچ ميڏا ديرا، نه ڪعبي وچ نه مندر هون
عشق تيڏي دا شاهه سڏاوان، نه دارا هُون نه سڪندر
هون
اکڙيان دي وچ دريا وهندي، غم دا مئن ته سمندر هون
دلبر ڪيون هئين لڪدا ڇپدا، ”ناز“ دل دي اندر هون
ڪافي 2
ڪهڙي ڪيم تقصير يار، دلبر دوست نه آيو
سُتڙي پئي هيم خواب ۾، ڪانه ٿي تعبير يار
اَردسون آهون ڪيم، ڪانه ٿي تاثير يار
ياد پون ٿيون چشمون تنهنجون، دل ۾ لڳڙا تير يار
سر ڏين عاشق سدائين، جنهن جا ”ناز“ هِنن بي پير
يار
ڪافي 3
ساڏي ويڙهي دلبر آيا، سو آيا الله ملايا
در خدا جي دي مئن هان باندي منت پا ڪر هڻ مئن آندي
مطلب دل دا مئن هان پاندي، دلبر رنگ چا لايا سو
آيا دلبر آيا
کيڙي ڀيڙي وسدي نيڙي، در در وتدي پاندي ڦيري
دلبر آسي هڪ ڏينهن ويڙهي، سو دلبر محب ملايا سو
آيا دلبر آيا
خواجه دلبر دي مئن هانديواني تيڏا نهين ڪوئي جڳ وچ
ثاني
سايه تنهن تي هي رب رحماني، دلبر آپي آب بنايا سو
آيا دلبر آيا
شب دلبر تي دلبر آيا، غمان سُولان ني شور مچايا
ڪيون در دلبر تي دلبر آيا، وحدت والا جام پلايا سو
آيا دلبر آيا
”ناز“ معشوقان نخري نرالي، در دلبر دي آلي دوالي
عشق حسن دا عجب خيالي، وچ دل دي دلبر آيا سو آيا
دلبر آيا |