سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1969ع

مضمون:

صفحو :8

سنڌ ملڪ ۾ قديم الايام کان ماڻهن جي ٻولي سنڌي هئي، جيئن عربي تاريخ نويسن جي ليکن مان پڌرو آهي . . . . بهرحال سن 92هه کان وٺي، جنهن ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي، ويندي 777هه (1375ع) تائين، جنهن سال ۾ ڄام تماچي سمو سنڌ جو حاڪم ٿيو، سنڌي شعر جو پتو ڪونه ٿو پوي – اگرچه يقين سان چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ ساري عرصي ۾ عام ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائيندا هئا.

سنڌي شعر ڪڏهن شروع ٿيو، تنهن جي پوري خبر نٿي پوي. ڇو ته زماني جي خورد برد ڪري اڳين جا دفتر اسان جي هٿ ۾ نه اچي سگهيا آهن، ۽ نڪي غفلت وچان پوين جي ڪارنامن جي سار سنڀار لڌي اٿئون. بهرحال ان جي پرياڻ 8 صدي هجري (14 صدي عيسوي) ۾ پڌرا ٿين ٿا.

ڄام جونا خان جي ڏينهن ۾ شيخ حماد ولد شيخ رشيد الدين جمالي نالي بزرگ ٿي گذريو آهي. شيخ تي هڪ ڀيري هڪ عجيب حالت طاري ٿي، ۽ جولان ۾ اچي درحال هڪ سنڌي بيت وڏي واڪي پڙهيائين. جيڪڏهن اها روايت سچي آهي ته انهيءَ بيت جي تاريخ 777هه (1375ع) ۾ مقرر ڪري سگهجي ٿي. ساڳئي سمي حاڪم جي ڏينهن ۾ ’ساموئي‘ جو قصو مشهور آهي، . . . انهن ستن شهيدن (هفت تن) جون پيشنگويون – جن کي عام طرح ماموئي يا ساموئي جا بيت ڪري سڏيندا آهن. . . . جي ائين آهي ته اهي بيت سڀ کان آڳاٽا آهن. سمي خاندان جي پڄاڻي سن 1523ع ۾ ٿي. شيخ ڀريو (بريه) ويرداس هڪ وجداني مجذوب ٿي گذريو آهي، ان اسحاق اَهنگر (لوهار) جو چيل بيت پڙهيو. هن درويش 902هه (1467ع) ۾ وفات ڪئي. ان طرح رائدن جو درويش راڄو مٺي آواز سان سنڌي بيت پڙهندو هو. سن 1977هه (1569ع) ۾ وفات ڪيائين. مٿين حقيقتن مان پڌرو آهي ته سنڌي شعر جي شروعات 14 صديءَ جي آخر ۾ ۽ 15 صديءَ جي اوائل ۾ ٿي آهي.

]شمس العلماء علامه دائودپوٽه مرحوم، سنڌي شاعري، عرفان لطيف 1949ع[

الياس عشقي

سورٺا ۽ دوها

بيت سنڌي شاعريءَ جي عام مقبول صنف آهي، جيڪا فارسي بيتن، هندي دوهن ۽ سورٺن جي ملاوت مان پيدا ٿي. دوهو هندي شاعريءَ جي مقبول صنف آهي، جيڪو ٻن هم قافيي مصراعن تي ٻڌل هوندو آهي. انهيءَ جي تقطيع ۾ چوويهه ماترائون اهڙيءَ طرح اينديون آهن، جو ٻنهي مصراعن جي پهرين ٻن حصن ۾ يارهن- يارهن ۽ ٻيءَ مصرع ۾ يارهن ۽ تيرهن ماترائون هونديون آهن. اهڙيءَ طرح، دوهي جي هر مصرع چوويهن ماترائن تي ٻڌل هوندي آهي. دوهي جي ترڪيب، اردوءَ جي ڪنهن به بنان رديف شعر سان ملي ايندي آهي. مثال طور، رحيم خان خانان جو هڪ دوهو آهي:

اسي هلاهل مڌيري، سويت شام رتنار،

جيت مرت جهڪ جهڪ پرت، جهي چوت اڪ بار.

جيئن مٿي چئي آيا آهيون، دوهي جو هڪ خاص وزن هوندو آهي. انهيءَ وزن جو اندازو عروض جي لحاظ سان ”فعلن، فعلن فاعلن، فعلن فعلن فاع“ جي تقطيع مان ڪري سگهجي ٿو. مٿئين دوهي ۾ رتنار ۽ اڪ بار قافيا آهن. جيڪڏهن دوهي جي هر مصرع جي هر حصي کي ڦيرايو وڃي ته پوءِ اهو هندي شاعريءَ جي هڪ ٻي مقبول صنف سورٺي جهڙو ٿي پوندو:

دوها الٽ جان، اور بات دوجي ناهين،

پنگل ڪرت بکان، ڇند سورٺا هوت هين.

اهڙيءَ صورت ۾، جيڪڏهن دوهي جي هر مصرع جو پهريون حصو، آخر ۾ ۽ ٻيو حصو پهرين رکيو ويندو، ته قافيو ٻنهي حصن جي وچ ۾ اچي ويندو.

پلٽ چلي مسڪائي، ’رحيم‘ اَسيائي اتي،

باتي سي سرڪائي، مانو ديني ديپ ڪي.

وزن جي اعتبار کان دوهي ۽ سورٺي ۾ ڪو به فرق ڪونهي. مٿين ٻنهي سورٺن ۾ ’جان، بڪان، مسڪائي ۽ سرڪائي! قافيا وچ ۾ آندا ويا آهن. هر دوهي کي سولائيءَ سان سورٺي ۽ سورٺي کي دوهي ۾ ڦيرائي سگهجي ٿو. پر انهيءَ لاءِ شرط هي آهي ته مصراعن جي حصي جي ترتيب کي ڦيرايو وڃي.

خان خانان جي دوهي کي سورٺي ۾ هيٺينءَ ريت ڦيرائي سگهجي ٿو:

سويت شام رتنار، اسي هلاهل مَڌ ڀري،

جهي چتوت اڪ بار، جيت مرت، جهڪ جهڪ پرت.

اهڙيءَ طرح، هن جي سورٺي کي وري دوهي ۾ هيٺينءَ ريت ڦيرائي سگهجي ٿو:

رحيم، دتي اجيائي اتي، پلٽ چلي مسڪائي،

مالو ديني ديپ ڪي، باتي سي سرڪائي.

سنڌي بيتن ۾ قافيي جي ترتيب ٻنهي طريقن سان رکي ويندي آهي – يعني بيتن ۾ قافيو، دوهي وانگر مصرع جي آخر ۾ رکيو ويندو آهي، ۽ سورٺي وانگر وچ ۾ به – پر فارسي بيتن ۾ قافيو هر مصرع جي آخر ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.

هڪ بيت هجي ته ان کي ’فرد‘ به چوندا آهن. سنڌي بيتن لاءِ نه ڪو وزن ئي مقرر آهي۽ نه وري سٽن جو ڪو تعداد: البت انهن ۾ ضرورت مطابق واڌارو ڪري سگهجي ٿو. شيخ سعديءَ جي گلستان ۾ فارسي زبان جا بهترين فرد يا بيت ملن. سنڌي شاعريءَ ۾ به بيت تفصيل، وضاحت ۽ تمثيل خاطر لکيا ويندا آهن. سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن وزن ۽ قافيو، هندي شاعريءَ جي روايت کان ورتو آهي، ۽ شعرن جو تعداد وري فارسي شاعري کان – يعني، بيتن ۾ مصراعن جو تعداد هندي شاعريءَ مطابق مقرر نه هوندو آهي. پر فارسي شاعريءَ وانگر ان ۾ واڌارو به ڪري سگهجي ٿو. البت هڪڙو فرق هي آهي ته فارسي بيتن ۾ مصراعن جو تعداد ٻَڌي هوندو آهي، پر هندي بيتن ۾ مصرائن جو تعداد اِڪي هوندو آهي.

سنڌي شاعر، جدا جدا بيتن ۾ مصرائن جي تعداد ۾ گهٽ – وڌائي ڪري، ۽ قافيي کي آخر يا وچ ۾ آڻي، پنهنجي ڪلام ۾ جيڪو فني حسن پيدا ڪن ٿا، اهو هنن جو ئي ڪمال آهي. قافين جي اهڙي استعمال ۽ مصراعن جي تعداد کي گهٽائڻ – وڌائڻ سببان، سنڌي بيتن ۾ هڪ عجيب جاذبيت ۽ صوتي تاثر پيدا ٿيو پوي. بيتن جي اهڙي جوڙجڪ مقرر هوندي به گهڻي قدر اها شاعر جي مرضيءَ ۽ پسند جي تابع هوندي آهي. مثال طور، فقط ٻن مصراعن جي بيتن جا ڪي نمونا پيش ڪجن ٿا، جن ۾ دوهي ۽ سورٺي جي ٽيڪنيڪ مطابق قافيا استعمال ڪيا ويا آهن.

سنئين نه سيڻان، ناهه ابتي اُن سين،

وَنء سهي ويڻان، تو نه سرندي ان ري.

مٿئين بيت ۾ سورٺي وانگر قافيو وچ ۾ استعمال ڪيل آهي.

مون تان لاهه مَ سپرين، اکين جا آگم،

ڪري ملار مينهن جئن، وسي لاهه وهم.

مٿئين بيت ۾ قافيو دوهي وانگر آخر ۾ آندو ويو آهي، ڪٿي ڪٿي شاعر پهرينءَ مصرع ۾ دوهي جي ۽ ٻيءَ مصرع ۾ سورٺي جي جوڙجڪ مطابق قافيا استعمال ڪن ٿا:

ويو ٻاروچو نڪري، انگن چاڙهي انگ،

روئي ڏنو رنگ، ويچاريءَ وڻن کي.

ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي جو قافيي جي ترتيب ان جي بلڪل ابتڙ هوندي آهي. يعني پهرينءَ مصرع ۾ قافيو، سورٺي جي ترتيب مطابق ايندو آهي ۽ ٻيءَ مصرع ۾ دوهي وانگر:

مون کاهوڙي لکيا، اَين نه آرام،

ڪيئون تن تمام، جہ ڏوٿي، ڏٿ گڏي ويا.

ڪنهن وقت ته پهرينءَ مصرع ۾ سورٺي ۽ دوهي، ٻنهي جي ترتيب مطابق قافيا استعمال ڪيا ويندا آهن، ۽ ٽينءَ مصرع ۾ سورٺي وانگر قافيو آندو وڃي ٿو:

ڪيچان اوري ڪيتريون، معذوريون مُيون،

واٽون ويهه ٿيون، ڪہ ڄاڻان ڪيهيءَ ويا.

مٿيان سڀئي مثال شاهه لطيف جي رسالي مان نقل ڪيا ويا آهن. شاهه صاحب ۽ ٻين سڀني ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن پنهنجن بيتن ۾ قافيي جي اهائي ترتيب رکي آهي. قافيي جو اهو استعمال ٻن کان وڌيڪ مصراعن ۾ ويتر وڌيڪ فني حسن پيدا ڪري ٿو. البت ٻن کان وڌيڪ مصراعن وارن بيتن ۾، سنڌي شاعر گهڻو ڪري، آخري مصراع ۾، سورٺي مطابق، قافيو وچ ۾ ڪونه استعمال ڪن، ۽ نه وري ڪو اهڙي قسم جو مثال ملندو.

]-”روايتي سنڌي موسيقي“، نئين زندگي مئي 67ع.[

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

وائي

’وايا‘ ۽ ’وارتا‘ ٻنهي لفظن جي معنيٰ لڳ ڀڳ ساڳي آهي: يعني رهڻ، ترسڻ، هئڻ، ڪم، پيشو، واپار، پوک، روزگار، اطلاع، رپورٽ، گفتگو، حالات ۽ ماجرا. اطلاع کان وٺي ماجرا لفظ تائين معنائون البت چڱيون آهن.

”ورت“ جون هي به ٻه معنائون آهن: ”روزو“ ۽ ”قافيو“. سنڌيءَ ۾ ”ورت“ جي معنيٰ ٿيندي ”لنگهڻ“، جيئن عام طرح چوندا آهن ته ”اڄوڪو ڏينهن سڄو لنگهڻ تي گذريو“. هندو جيڪو روزو رکندا آهن، انهيءَ کي ”ورت“ سڏيندا آهن.

لغت ۾ لفظ ”وايو“ ۽ وائي“ به ملن ٿا، جن جون معنائون آهن: وايو يعني ”هوا“ ۽ ”پران“ جنهن کي ساهه ٿو سڏجي، ۽ ”وائي“ (هه: تابع فعل) جي معنيٰ آهي ”اهوئي“، جنهن کي اردو زبان ۾ چئبو ”وهي“.

منهنجي خيال موجب مٿين لفظن جو اسان جي ”وائي“‎ سان ڪو به واسطو ڪونه آهي. ڪن جو وري هي به خيال آهي ته لفظ ”واءِ“ مان ”وائي“ ٿيو آهي. ”واءِ“ عربي زبان ۾ افسوس جو ڪلمو آهي. جيئن ته ”وائيءَ“ ۾ فراق، هجر ۽ غم جو بيان ٿئي ٿو، تنهنڪري سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ صنف تي ’وائي‘ نالو رکيو ويو. اگرچ اهو خيال به چڱو پيو لڳي، تڏهن به آءٌ اينهين چوندس ته ”وائي“ سان ان ”واءِ“ جو ڪو تعلق نه آهي، ڇو ته اهڙيون وايون به آهن، جن ۾ فقط هجر ۽ غم ڪو ذڪر ڪونه آهي.

خدا نٿو ڀلائي ته لفظ ”واڻي“ مان ”وائي“ (پرا= واڻي: سن = واڻي) جي معنيٰ آهي ٻول ۽ سخن. گرو نانڪ جون ٻاٽيون (وايون) ڪنهن کان ڳجهيون ڪين آهن. مثلاً:

جگت بکهاري پهرت هي، سب کو دانا رام،

کهه نانڪ من سمرنهه، پورن هوئي کام.

وائي کي ڏسجي ٿو ته ان جو گهاڙيٽو به ٻاڻين وارو ئي آهي. فرق فقط هيترو آهي ته وائيءَ جو ٿل به اڌ ٿئي ٿو، يعني پهرئين اڌ ۾ قافيو ۽ ٻيو اڌ بنا قافيي جي هوندو آهي، ۽ وائيءَ ۾ ٻن مصرعن جي بدران ٽي – چار يا وڌيڪ مصرعون به ٿين ٿيون. شاهه يا شاهه کان اڳين شاعرن جا بيت، جيڪي ٻه سٽا آهن، انهن جو گهاڙيٽو به ٻاڻيءَ جهڙو آهي. مثلاً:

ڪنز، قدوري، قافيه، ڪي ڪين پڙهيوم

سو پاڙو ئي ٻيو، جيان پرين لڌوم

ڀانئجي ٿو ته ”وائيءَ“ جو ”ڻ“، ”الف“ (ء) ۾ بدلجي لفظ وائي ٿي ويو آهي، يا وري هزهائينس مير عبدالحسين ‎”سانگي“ مرحوم جي تصنيف ”لطائف لطيفي“ موجب شاهه ڀٽائيءَ وٽ جيڪي به هندوستان گوّيا ”چنچل ۽ اٽل“ نالي آيا ۽ شاهه جي ڪلام کي ترتيب ڏيئي، سرن ۽ داستانن ۾ ورهايائون، انهن ئي ”واڻي“ نالو رکيو هجي ته عجب نه آهي، جو پوءِ ڦري ”وائي“ ٿي ويو هجي.

قياس چوي ٿو ته ”وائي“، بيت، مداح يا سنڌي قصيدن، مثلاً ابوالحسن جي سنڌيءَ مان ٺهي آهي. ڇو ته انهن ٽنهي صنفن جو گهاڙيٽو ساڳيو آهي. جيڪڏهن اهو بيت، جنهن جي پهرين سٽ اڌواڌ ٿئي ٿي ۽ باقي منجهس ٻن سٽن کان گهڻيون سٽون آهن، ان جي پڇاڙيءَ واري سِٽ جو پويون اڌ پهرين ۽ پهريون اڌ پوءِ کڻي ڪجي ته ”وائي“ واري شڪل ٿي پونديس. مثلاً:

اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي . . .

هاڻي هيٺ وائي به ٿا لکون، جنهن جي مطالعي ڪرڻ مان پتو پوندو ته بيت مان وائي بنايل آهي ۽ وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ ڪو به فرق نه آهي.

ٿل: سهسين شڪرانا، ڪوڙين ڀال ڪريم جا،

حمد چئج حڪيم جو، جور هڻي جانا . . .

انهيءَ وائيءَ ۾ سورهن مصرعون آهن، جيڪڏهن انهيءَ وائيءَ جي پڇاڙيءَ واريءَ سٽ جو پويون اڌ پهرين، ۽ پهريون اڌ پوءِ ڪبو ته بيت ٿي پوندو.

[اقتباس از: حضرت طالب الموليٰ، ”ڪافي“ ص 50-53.[

غلام محمد ”گرامي“

وائي

منهنجي راءِ آهي ته وائيءَ جو تعلق ’واءِ – واءِ‘، بمعنيٰ ‎’هاءِ – هاءِ‘ سان آهي. ”واءِ – واءِ ڪرڻ“ محاورو آهي، يعني دانهون ڪرڻ، پِٽڻ ۽ روئڻ. ”لطيف“ جي درگاهه تي ٿيندڙ راڳ به رڳو ”واءِ – واءِ“ آهي، ان ۾ لفظ ۽ حرف ڄڻ ته آهن ئي ڪين!

سيد حسام الدين راشدي چوي ٿو: ”ڪافيءَ تي نالو لطيف وائيءَ جو رکيو، پر ان جا سبب تحقيق طلب آهن.“

منهنجو عرض آهي ته ڪافي ۽ وائي، موضوع ۽ مواد جي حيثيت سان هڪ چيز آهن، پر فني هيئت ۽ فارم ۾ فرق آهي. وائيءَ جو ٿلهه به اڌ ٿئي ٿو – پهرئين اڌ ۾ قافيو ۽ ٻيو اڌ بنان قافيي ٿئي ٿو؛ پر ڪافيءَ ۾ ائين نه آهي. ٻيو ته ‎”وائي“، ”ڪافيءَ“ جي ابتدائي صورت آهي. وائي هڪ سِٽ ۽ وراڻيءَ تائين محدود آهي، پر ڪافيءَ ۾ وسعت آهي. وائيءَ ۾ مٿان فقط هڪ سٽ ٿئي ٿي، جا ٻن رڪنن تي مشتمل ٿئي ٿي، ۽ ٻي سٽ فقط هڪ رڪن تي مشتمل ٿئي ٿي – يعني وائيءَ جي ٻنهي سٽن کي اگر ڏيڍي چئجي ته بجا آهي. وائيءَ جو پويون اڌ ته ڄڻ وراڻو آهي، پر اهو وراڻو هيٺينءَ هڪ سٽ جو هر حيثيت سان حصو ۽ جوڙ آهي، بلڪ ان پوئين رڪن کي روح سڏجي ته صحيح آهي. وائيءَ جو پويون رڪن روان ۽ شسته ٿئي ٿو، رس ڀريو ۽ رتل ٿئي ٿو. وائيءَ جو وراڻو هر حال ۾ ساڳيو رهي ٿو، پر ڪافيءَ جو بدلجي ٿو. هر وائيءَ جو وراڻو گويا تضمينن طور ڦري ٿو. وائيءَ لاءِ اول ڪنهن هڪ رڪن کي جهونگارجي ٿو، پوءِ ان کي ٻيڻو ڪجي ٿو؛ ان مان ان جي مصرع اُوليٰ بڻائجي ٿي. وائي ۽ ڪافي، عروضي پابندين سان نه، پر راڳ، سُر، ترنم ۽ نغمي جي مناسبت سان چئجن ٿيون ۽ لکجن ٿيون. وراڻي کان اڳ آيل سِٽ جي وچ ۾ به قافيو ٿئي ٿو – ۽ پهرئين رڪن جي آخر ۾ به، پر ڪڏهين ٻئي جي آخر ۾ به اچي ٿو – ۽ ٻيءَ سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ به قافيو اچي ٿو؛ ان کان پوءِ فوراً وراڻو اچي ٿو، پر ڪڏهين ته ٻي سٽ ٿئي ئي ڪانه ٿي.

[”سوکڙي“ – سنڌي شعبي جي مخزن 1963ع.[

”هن کان پوءِ وائيءَ جي ساخت تي غور ڪرڻو آهي: هر هڪ ٻول، انتري (مصرع) کان سواءِ بيڪار آهي. انتري لاءِ هئن نه چوڻ گهرجي ته اهو لفظ ’ڀراءُ‘ آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ ’حشو‘ ٿو سڏجي. اگرچ چنا صاحب انتري کي ’حشو زائد‘ ڪري ڪونه لکيو آهي، تڏهن به مطلب اهوئي ڪڍيو ويندو ته ڪا خالي جاءِ مڙئي ڀرڻي آهي. ٺمري هجي يا خيال، ڌُرپَد هجي يا ترانو، غزل هجي يا گيت، ڪافي هجي يا بيت، سڀ انتري (مصرع) کان سواءِ بيڪار آهن. جيڪڏهن شعرجي ڪنهن به صنف مان انترو ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ ان جي ڪا به حقيقت ۽ وقعت ڪانه رهندي. ڀراءُ وارا اهي لفظ آهن، جيڪي ٻولن کان سواءِ ڪم آڻبا آهن. مثلاً. ’الو ميان‘، ’ڀلو مارو مير‘، ’وو سائين‘، ’جيڏيون‘، ’ڀينر‘ وغيره وغيره. حقيقت ۾ اهي لفظ به ٺلهو ڀراءُ ڪونه آهن، انهن جي اُچارڻ ۽ آلاپڻ سان پاڻ هڪ قسم جو رس ۽ معنيٰ مطلب ۾ اضافو ٿيندو آهي. ڪو به ڳائڻو انهيءَ قسم جا لفظ نه اُچاريندو ته اهو لطف هرگز نه ٿيندو، جيڪو ٿيڻ کپي . . . سنڌ کان سواءِ ٻين ملڪن جي موسيقيءَ ۾ ان طرح بامعنيٰ لفظ اُچاريائي ڪونه ويندا آهن. البت قوال، سي به ڪن ورلي ٻولن جي مناسبت سان ڪي لفظ وٺندا آهن. پڪي گاني وارا ته انهيءَ سلسلي ۾ رڳو جهنگ جهڙيندا آهن. سُر ڏيکارڻ ۽ مينڍ وغيره آلاپڻ لاءِ بي معنيٰ لفظ وٺندا آهن. مثلاً ”تَنومَ تَنومَ“، ”هِي“، ”هُون“، ۽ ”نُون“ وغيره. پر انهيءَ راز کي فقط موسيقيءَ جا ڄاڻو ئي ڄاڻن ٿا. اڄڪلهه ته رسالن ۽ اخبارن، توڙي ڪتابن ۾ ڪافين سان گڏ اهي ڀراءُ وارا لفظ به ڇپيا پيا وڃن. اها ڪيڏي نه عظيم غلطي آهي! انهيءَ نموني ۾ ڇپيل ڪافيون، اڻڄاڻ ۽ نوان ننڍا شاعر پڙهي دوکو کائين ٿا. ها، جيڪڏهن ڪافي ڳائڻ جو طريقو به سمجهايو وڃي ته پوءِ اهي ڀَراءَ وارا لفظ به سمجهاڻي سان گڏ ڀلي ڇپڻ گهرجن.

– مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

(”ڪافي“ مان اقتباس.)

4 – ڪافي ۽ اُن جو فن

1. ڪافي ۽ اُن جو فن - مخدوم محمّد زمان ”طالب الموليٰ“

2. ڪافي              - غلام محمّد ”گرامي“

”مطالعہ جي افلاسي، تحقيق جي ڪوتاهي ڪارڻ ۽ نياز منديءَ جي وهڪري ۾ وهي، اسان هر ادبي ايجاد کي، هن وقت تائين شاهه صاحب ڏانهن منسوب ڪندا رهيا آهيون، چنانچه آءٌ جئن مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪافيءَ جي صنف جي ايجاد به شاهه جي دامن سان ڳنڍيون ٿا، حالانڪ اهو شاهه صاحب تي سراسر الزام ۽ بهتان آهي: جئن ته منهنجي تحقيق آهي ته ڪافي سنڌ ۾ شاهه جي پيدا ٿيڻ کان تقريباً ڏيڍ سؤ ورهيه کن اڳ نه فقط ايجاد ٿيل هئي، بلڪ مقبول ۽ عام هئي. انهيءَ صنف تي ”ڪافي“ جو نالو به انهيءَ ئي زماني ۾ هو. شاهه صاحب جو توالد 1106هه ۾ ٿيو ۽ سندس وفات 1165هه ۾ ٿي. سندس زماني کان تقريباً ڏيڍ صدي اڳ پاٽ جي ويٺل هڪ صوفي بزرگ، شيخ لادجيو سنڌيءَ جو پتو پوي ٿو جيڪو ڪافيون ڳائيندو هو.

”تذڪرة الابرار“ جو مصنف غوثي لکي ٿو ته، ”شيخ لادجيو حسن صورت ۽ حسن سيرت سان گڏ خوش گلوئيءَ جي نعمت عظميٰ سان مالامال هو، نغمه سنجي ۽ نغمه نوازي سندس رات ڏينهن جو شعار هو، سنڌي ڪافيون اهڙي درد ۽ سوز سان آلاپيندو هو جو نه فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو بلڪ ٻڌندڙ به محو ۽ مسحور ٿي ويندا هئا.“

[اقتباس: ’شاهه ڀٽائي ڪافيءَ جو موجد ناهي!‘

از: پير حسام الدين راشدي، ”نئين زندگي“، مارچ 1953ع.[

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

ڪافي ۽ اُن جو فن

ڪافيءَ جي ساراهه:

        ”انسان ۾ هڪ روح آهي، جنهن جو واسطو دل سان آهي؛ ۽ ٻيو نفس آهي، جنهن جو تعلق جسماني ۽ دماغي لذتن سان آهي. روح کي حقيقت وڻندي آهي ته دل کي فرحت بخشي ٿو. نفس کي مبالغو ۽ ڪوڙ وڻي ٿو، جنهن مان جسم ۽ دماغ کي آرام رسي ٿو.“ ڪافيءَ ۾ حقيقت، واقعيت ۽ حال بيان ٿيندو آهي. غزل ۾ اڪثر مصنوعيت، اجنبيت ۽ مبالغو هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪافي ڳائڻ وقت سڪوت پيدا ٿيندو آهي ۽ ماٺ طاري ٿي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي، جو روحاني فعل آهي، ۽ غزل ٻڌڻ وقت ’واه واه‘ جا نعرا بلند ٿيندا آهن، اهو دماغي ڪم آهي. هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته غزل ۾ به حقيقت ۽ واقعيت بيان ٿيندي اهي، مگر ڪڏهن ڪڏهن، ۽ اهڙا شاعر بلڪل ٿورا هوندا آهن، جن جي غزل ۾ اهي شيون هجن. ”ديوان عطا“ جي ديباچي ۾ غزل بابت هڪ هنڌ لکيل آهي ته:

”غزل حسين ڇوڪرن سان عشق ڪرڻ جي مضمونن، وصل ۽ ميلاپ بابت، بوس و ڪنار جي اگهاڙن جذبن واري کليل بيانن جي ڪري بدنام ٿيل آهي. ايتريقدر جو فارسي زبان جا پڪا ۽ مڃيل شاعر به انهيءَ اگهاڙپ کان پاڻ بچائي نه سگهيا آهن.“ (1)

”نفس جي علم هي ثابت ڪيو آهي ته انسان جي دماغ ۾ اهڙا بردا آهن، جن تي آواز قائم ٿي ويندو آهي. عمر جي لحاظ سان انسان کڻي هڪ ڏينهن جو ڇو نه هجي!“ اهو ئي سبب آهي جو ڪافيءَ جا پاڪ مضمون ننڍي هوندي کان ٻڌندي اسان جا سنڌي شاعر پاڪ دل، نيڪ نيت ۽ سهڻي فڪر وارا ٿيا. هونءَ به اڳئين زماني ۾ هر هنڌ ٻارن ۽ ڇوڪرن، توڙي ڇوڪرين جي آڏو سندن مائٽ ۽ ٻيا ماڻهو گٿا لفظ ۽ واهيات ڳالهيون ڪونه ڪندا هئا. نه فقط ايترو پر سنڱن بندن جون ڳالهيون به ايتريقدر ته مخفي ڪندا هئا، جو آخري فيصلي کانپوءِ ئي ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي سندن شادي ٿيڻ جي حقيقت معلوم ٿيندي هئي. اهو ئي سبب هو جو اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ بالغ ٿيل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي رانديون ڪندا هئا، تڏهن به منجهن نفساني جذبا پيدا نه ٿيندا هئا، وغيره وغيره. مگر هن زماني ۾ ٻارن جا ماءُ ۽ پيءُ سندن منهن تي ئي آل جال پيار ۽ هڪ ٻئي سان گستاخيون ڪن ٿا. اهو انهن گستاخين جو ئي نتيجو آهي، جو موجوده دؤر ۾ جرم ۽ سياه ڪاريون حد کان گهڻو وڌي ويل آهن. اهڙيءَ حالت ۾ شاعري به اهوئي ته رنگ ته وٺندي! اڄڪلهه جي اسڪولن ۽ مدرسن ۾ ڇا ڇا ٿي رهيوآهي، اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. اخلاق جو رڳو نالو آهي. ظاهر ۾ هڪ رسمي پابندي آهي، مگر باطن ۾ ان جي برخلاف ٿي رهيو آهي! ڇا انهن حالتن جو اثر ادب تي ڪونه پوندو؟ اسان جي درويشن، فقيرن ۽ الله وارن اخلاقي سماع جون محفلون رچائي، انهن ۾ انهيءَ رنگ ڍنگ جو ڪلام ڳارائي، ننڍن توڙي وڏن کي الله جي طرف موڙيو.

ڪافي جي ڀڃ – گهڙ

4 – نومبر، 1944، ميرپورخاص ۾ مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي طرفان هڪ ادبي محفل ٿي هئي، جنهن جي صدارت سيّد ميران محمد شاهه ڪئي. پاڻ صدارتي تقرير ۾ چيائين ته:

”اسان هتي هن لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته ڪافي، ڪي چئون، ڪي ٻڌون. مگر خاص انهيءَ خيال سان ته ان ڪافيءَ کي، سنڌي زبان جي ان ذخيري کي، ائين ڪرڻ سان زنده رکون“ (2)

انهيءَ محفل ۾ مسٽر غلام حسين سومري چيو ته:

”اسان مسلمانن وٽ دعاي ڪاف آهي، جنهن ۾ ڪاف جا لفظ تمام گهڻا ڪم آندل آهن – ڪافي شايد اتان ورتل هجي.“

تنهن تي پروفيسر سدا رنگاڻيءَ چيو ته:

”عام طرح چوڻ ۾ ايندو آهي ته هيءَ ڳالهه ڪافي، يعني قناعت پذير آهي. اوائل ۾ ممڪن آهي ته قناعت جي مدنظر ’ڪافي‘ لفظ استعمال ٿيو هجي.“

ڪجهه وقت گذرڻ بعد، سيّد عطا حسين شاهه موسويءَ پنهنجي ڪتاب ”ڪچ ڪوڏيون“ ۾ ”ڪافي“ جي عنوان سان لکيو ته:

”هر ڪنهن ملڪ جي زبان ۽ تمدن تي فاتح ملڪن ۽ حڪمران قومن جو گهرو اثر پوي ٿو. عربن جي اچڻ ڪري عربي رسم الخط جاري ٿيو، ۽ عربي لفظ گهڻيءَ قدر جاري ٿيا. عربيءَ ۾ ”ڪفة“ جي معنيٰ آهي دڦ جي ڪاٺي، جنهن ۾ گهنگهرو پيل هجن. ”استڪفوا“ (3) جي معنيٰ آهي ته خيرات وٺڻ يا خيرات گهُرڻ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ، ۽ فقير جو هٿ جي تِريءَ تي پئسا وٺڻ.“

آخوند ربڏنو، مجاور درگاهه شريف حضرت غوث الحق مخدوم نوح، ان ”ڪافي“ جي لفظ بابت لغت جو هي رايو ڏنو ته:

”لفظ ’ڪافي‘، ’ڪَفِي‘ مان نڪتل آهي، جنهن جون ٻه معنائون آهن: هڪ ته ساهميءَ جي ٻنهي پُڙن جو برابر هئڻ، ۽ ٻيو ته شعر جي قافين ۾ ڪو نه ڪو اختلاف هجڻ. اهو اختلاف لفظي هجي يا معنوي، عرفي هجي يا اصطلاحي يا اعرابي. اختلاف جي برخلاف اتحاد هجي ته ان حالت ۾ قافيو نه بلڪ ان کي رديف چئبو. امڪان آهي ته شعر جي ٻنهي مصرعن جي هموزن ۽ توري تڪي تُڪُنِ ٺاهڻ کي ‎’ڪفي‘ مان ’ڪافي‘ ٿي ويو هجي.

”لفظ ’ڪافيءَ‘ جي مادي جو اشتقاق آهي ’ڪُفوا‘، جنهن جي معنيٰ به ٿيندي ساهميءَ جا ٻئي پُڙ برابر. تنهنڪري اصطلاح ۾ انهيءَ معنيٰ جي لحاظ سان ڪنهن خاص نظم جو نالو ’ڪافي‘ رکيو ويو آهي، ڇو ته هر هڪ مصرع جون حرڪات، سڪنات ۽ وزن هڪجيترا ۽ هموزن آهن. انهيءَ ڪري اصطلاح ۾ لفظ ’ڪافي‘ صحيح ۽ فصيح آهي (4)“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com