رباعيءَ جا اصول:
اُستاذهء عجم جڏهن رباعي ٺاهي يا رباعيءَ جو وزن
اتفاق سان معلوم ٿيو ته ان جا ڪي اصول مقرر
ڪيائون. مثلاً رباعيءَ جو صدر ۽ ابتدا (رباعيءَ جي
پهرئين بيت جي پهرئين مصرع جي پهرئين رڪن کي صدر
چئبو آهي ۽ ٻئي بيت جي پهرئين رڪن کي ابتدا چئبو
آهي) رڳو ٻن مزاحف رڪنن سان ٿيندو؛ مفعول جو اخرب
ٿو سڏجي ۽ مفعولن جنهن کي اخرم چون ٿا.
رباعيءَ جي عروض ۽ ضرب (رباعيءَ جي پهرين بيت جي
پهرئين مصرع جي آخري رڪن کي عروض ٿا چون ۽ ٻئي
مصرع جي آخري رڪن کي ضرب ٿو چئجي) جي لاءِ چار
زحاف مخصوص ٿا ٿين، يعني رباعيءَ جو پهريون مصرع
هجي يا ٻيو، هميشه انهن چئن مزاحف رڪنن مان ڪنهن
هڪ رڪن تي ختم ٿيندو. مثلاً مفعول اهتم؛ فعل محبوب
به فتحتين؛ فاع زلل ۽ فع ابتر. اهي چار زحاف جي
عروض ۽ ضرب سان واسطو رکن ٿا، سي صدر، ابتدا ۽ حشؤ
(رباعيءَ جي مصرعن جي پهرئين ۽ آخري رڪن کان سواءِ
باقي رڪنن کي حشؤ چئبو آهي.) ۾ نه ايندا. مٿين ڇهن
زحافن (يعني مفعول، مفعولن، فعول، فعل، فاع ۽ فع)
کان سواءِ ٽي زحاف ۽ چوٿون رڪن سالم حشؤ ۾ واقع
ٿين ٿا، يعني قبض، ڪف، شتر ۽ مفاعيلن سالم.
رباعيءَ جا ٻه شجرا ٿين ٿا: هڪڙو اخرم الصدر
والابتدا، جنهن جو پهريون رڪن هميشه مفعولن سان
شروع ٿئي ٿو. ٻيو اخرب الصدر والابتدا، جنهن جو
پهريون رڪن هميشه مفعول سان شروع ٿئي ٿو. انهن
ٻنهي شجرن جي زحافن کي ملائي استعمال ڪرڻ جائز آهي
يا جدا جدا آڻڻ به جائز آهي. ساڳيءَ طرح رباعيءَ
جي چئني مصرعن ۾ جيڪڏهن عروض ۽ ضرب جا زحاف مختلف
آهن، ته رباعي ناموزون نه ٿيندي. رباعيءَ جو هڪ
اصول هي به آهي جو رباعيءَ جي رڪنن جي ترڪيب لاءِ
ڏاڍو ڪارائتو آهي. انهيءَ لاءِ هي مصرع ياد رکڻ
گهرجي، ’سبب پئسي سبب است و وتد پئسي و تد است‘
يعني رباعيءَ جي رڪنن جي نشست اهڙيءَ طرح هئڻ
گهرجي جو جنهن رڪن جي پڇاڙيءَ ۾ سبب آهي ته ان کان
پوءِ جي رڪن جي شروعات ۾ به سبب ئي اچڻ گهرجي، ۽
جيڪڏهن ڪنهن رڪن جي پڇاڙيءَ ۾ وتد واقع ٿيو آهي ته
ان کان پوءِ جي رڪن جي شروعات ۾ وتد ئي اچڻ گهرجي.
مثلاً جيڪڏهن منڍ ۾ مفعول آهي ته ان کان پوءِ جو
رڪن مفاعلن يا مفاعيل يا مفاعيلن ٿيندو. اهو شرط
رباعيءَ جي هڪ مصرع تي عائد ٿو ٿئي، انهيءَ عروضي
پابنديءَ يا شرط کي اساتذه جائز رکيو آهي. حميد
عظيم آبادي پنهنجي ڪتاب جامع العروض ۾ رڪنن جي
انهيءَ ترتيب تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي.
رباعيءَ جي هيترن سارن وزنن پيدا ٿيڻ جو وڏو سبب
هي آهي، ته عروض ۽ ضرب جي لاءِ چار رڪن آهن، حشؤ
جي لاءِ ڇهه رڪن آهن ۽ صدر و ابتدا جي لاءِ ٻه
آهن. انهن جون مختلف صورتون پاڻ ۾ گڏي ڏيکاريون
وڃن ته ڪيتريون ٻيون صورتون پيدا ٿي پونديون. ان
کان سواءِ تسڪين اوسط جي زحاف آڻڻ جي ڪري ٻيون
ڪيتريون ڦيريون گهيرون واقع ٿينديون.
تسڪين اوسط جو زحاف هڪ عام زحاف آهي، جو هر هنڌ
اچي سگهي ٿو. هن جو قاعدو آهي ته جيڪڏهن هڪ ٻئي
پٺيان ٽي حرف متحرڪ اچن ته وچ واري حرف کي ساڪن
ڪري ڇڏبو آهي، انهيءَ ڪري ئي هن زحاف کي تسڪين
اوسط جو زحاف چئبو آهي. فرض ڪريو ته هڪ رباعيءَ جو
مصرعو آهي، جنهن جو وزن آهي مفعول، مفاعلن،
مفاعيل، فعول. ان کي جاچبو ته ان جي پهرئين ۽ ٻئي
رڪن ۾ مفعول جو لازم متحرڪ آهي ۽ ٻئي رڪن جي
مفاعلن ۾ ميم ۽ في ٻيئي متحرڪ آهن، ته چئبو ته
انهن ٻنهي رڪنن ۾ لام، ميم ۽ في ٽي حرف هڪٻئي
پٺيان متحرڪ آهن، تنهنڪري وچ واري حرف ميم کي ساڪن
ڪبو ته وزن ٿيندو مفعولن، فاعلن، مفاعيل، فعول.
غير مانوس لفظ مفعولن کي مانوس لفظ مفعولن سان
مٽائبو ته مصرعو ٿيندو مفعولن، فاعلن، مفاعيل،
فعول. هي وزن رباعيءَ ۾ اخرم شجري جو آهي. انهيءَ
ساڳئي مصرع جا پويان ٻه رڪن جاچبا يعني مفاعيل ۽
فعول ته ان ۾ مفاعيل جو لام ۽ فعول جا في ۽ عين هڪ
ٻئي پٺيان ٽيئي متحرڪ آهن، تنهنڪري جيڪڏهن وچواري
في ساڪن ڪبي ته مصرعو ٿيندو مفعولن، فاعلن،
مفاعيلن ۽ عول. ان ۾ غير مانوس لفظ مفعولن کي
مفاعيلن سان ۽ عول کي فاع سان بدلائبو ته نئون وزن
ٿيندو مفعولن، فاعلن، مفاعيلن، فاع، جو شجري اخرم
جو هڪ وزن آهي. ليڪن صاحبِ معيار الاشعار انهن کي
اخرب ئي سمجهي ٿو ۽ نه اخرم. ڇاڪاڻ ته هن جو چوڻ
آهي ته اخرب جي ڪن رڪنن ۾ تڪسين اوسط جو زحاف آڻڻ
سان اخرب جي شڪل مٽجيو وڃي، جنهن ڪري مفعول مفعولن
ٿيو پوي نه ته اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي. اهو آهي
رباعيءَ جي زحافات ۽ انهن جي مقامات جو مختصر
بيان.
رباعيءَ جا وزن:
مؤلف ’غياث‘ جو قول آهي ته رباعيءَ جو هڪ خاص
مشهور وزن آهي، جو نهايت عام آهي ”لاحول ولا قوة
الاّ باالله“. هن جو وزن آهي مفعول، مفاعيلن،
مفاعيلن، فاع. هي قول ايترو درست نه آهي، بلڪ
رباعيءَ جي چوويهن وزنن مان هڪ وزن آهي، جو دائره
اخرب جي هڪ وزن مطابق آهي – تنهنڪري اهو وزن
رباعيءَ جي باقي ٽيويهن وزنن تي منطبق ٿي نٿو
سگهي. ايترو ضرور آهي ته ان جو تعلق رباعيءَ جي
بحر سان آهي پر انهيءَ پيماني سان رباعيءَ جي سڀني
مصرعن کي ماپي نٿو سگهجي.
رباعيءَ جي وزن لاءِ جيئن مٿي بيان ڪري چڪا آهيون
ٻه خاص شجرا آهن، پر حقيقت ۾ اهي ٻيئي شجرا مبتدين
جي سمجهائڻ لاءِ آهن، ورنه رباعيءَ جو هڪڙو مصرعو
اخرم الصدر ۽ ٻيو مصرعو اخرب الصدر هجي تڏهن به
رباعي ناموزون نٿي ٿئي. رباعيءَ جي ٻنهي شجرن ۾
ٻارهن – ٻارهن وزن آهن، جنهن جي ڪري اهو ڌوڪو ٿو
ٿئي ته رباعيءَ جا ڪل چوويهه وزن آهن، مگر اهو
صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته رباعيءَ جا هزارين وزن بيان
ڪيا ويا آهن.
رباعيءَ جا شجرا:
رباعيءَ جي شجرن جو بيان وزن سان لازم ۽ ملزوم
آهي، تنهنڪري هن جو بيان مٿي اچي چڪو آهي. انهن
شجرن کي جنهن کي ڏسڻو هجي، سو معيار الاشعار،
معيار البلاغت، حدائق البلاغت، عروض سيفي ۽
بحرالفصاحت وغيره ڪتابن کي ڏسي.
تاريخ رباعي ۽ رباعي:
رباعي عجمين جي ايجاد ثابت ڪرڻ کان پوءِ به هن تي
غور ڪرڻ جو ٻيو هڪ پهلو موجود آهي. جڏهن شاعر
ارادي سان ڪو ڪلام موزون ڪري ٿو ته ان کي شعر چيو
وڃي ٿو، تنهنڪري شعر چوڻ لاءِ شاعر جو ارادو شرط
آهي. جيڪڏهن ڳالهائيندي يا تقرير ڪندي ڪنهن شخص جي
ڪلام ۾ ڪي موزون ٽڪرا اچي وڃن ٿا ته انهن کي شعر
نه چيو ويندو، جهڙيءَ طرح قرآن حڪيم ۾ بعض جملا
اهڙا آهن، جي هڪ خاص بحر ۾ تقطيع ڪري سگهجن ٿا، پر
انهن کي شعر يا ڪلام موزون انهيءَ ڪري چئي نٿو
سگهجي جو متڪلم حقيقي اهي موزون جملا شعر چوڻ جي
ارادي سان نه چيا آهن، بلڪ علم عروض ايجاد ٿيڻ کان
پوءِ قرآن جا اهي جملا موزون سمجها ويا، تنهنڪري
انهن کي شعر نٿو چئجي. انهيءَ اصول کي فقهه جو
بنياد مڃي هي مسئلو مستنبط ڪري سگهجي ٿو. فرض ڪريو
ته ڪنهن عربي شاعر جي ڪلام ۾ رباعيءَ جو وزن ملي
ٿو، مگر هن جو ارادو رباعي چوڻ جو نه هو، تنهنڪري
هن جي ڪلام کي باوجود رباعيءَ جي بحر ۾ هئڻ جي
رباعي چئي نٿا سگهون. ڇاڪاڻ ته اصل شرط ارادو آهي،
مگر جنهن حالت ۾ اڃا رباعي ايجاد ئي ڪانه ٿي هئي
ته شاعر جي ارادي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي،
تنهنڪري اهو مونجهارو صاف ٿي وڃي ٿو ۽ هي مسئلو طي
ٿي وڃي ٿو ته رباعي عجمين جي ايجاد آهي، حق ته آهي
ته رباعي بابت جيترو دفتر تيار ٿيو آهي ۽ هن جا
اصول ۽ فروع مقرر ڪيا ويا آهن، سي 265هه کان پوءِ
جا پيداوار آهن.
رباعي بابت هڪ فني ۽ معنوي بحث:
”سنڌي ادبي بورڊ“ سن 1966ع ۾ سنڌ جي مشهور شاعر
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب جي رباعين جو
مجموعو شايع ڪيو، جنهن جي منڍ ۾ تعارف جي عنوان
سان هڪ مضمون سپردِ قلم ڪيو ويو آهي.
اسان ان تعارف جي بعض ڪمزورين تي انهيءَ لاءِ
روشني وڌي ته متان اسان جو موجوده ۽ ايندڙ نسل
غلطيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي. تعارف نگار کي اسان جي اها
ڳالهه نه آئڙي، نيٺ هن ڊاڪٽر فرمان فتحپوريءَ جي
طرف معاملو رجوع ڪيو. ڊاڪٽر موصوف جو ڪو خط يا هن
جو ڪو ڀاڱو ”خادمِ وطن“ اخبار “۾ پنهنجي صفائيءَ
جي لاءِ ڇپائي ڇڏيو. تنهن تي سڄو خط ۽ پنهنجو جواب
ماهنامه ”نگار“ (ڪراچي) ماه جنوري – فيبروري سن
1968ع ۾ ڇاپي ڇڏيو، جيڪي ڪي درج ڪيل آهي، سو اسان
قارئين اڳيان لفظ بلفظ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پيش
ڪريون ٿا. جنهن کي نگار جو اصل مضمون اردو ۾ ڏسڻو
هجي، سو حوالي ڏنل نگار ۾ صفحه 79 کان 84 تائين
ڏسي سگهي ٿو.
باب المراسله (شيخ محمد ابراهيم خليل)
حضرت قبلا ڊاڪٽر فرمان صاحب،
السلام عليڪم – معافي ٿو گهران جو بنا سبب اوهان جي قيمتي وقت ۾
بنان استحقاق مداخلت ڪري رهيو آهيان. روزانه خادمِ
وطن سنڌيءَ جي هڪ اخبار آهي، جا حيدرآباد مان شايع
ٿئي ٿي. تاريخ 18- جولاءِ 1967ع جي اخبارن ۾ اوهان
جو اردو خط شايع ٿيو آهي، جو هي آهي:
”خليل صاحب رباعيءَ جي نزاڪتن کان واقف نه آهي نه
ته هو هرگز ائين نه چوي ها ته پهريون مصرعو چوٿين
سان تعلق نٿو رکي. هرڪو ڄاڻي ٿو ته رباعي مختصر
نظم آهي ۽ نظم جو مطلب آهي ته چارئي مصرع گڏجي
مفهوم پورو ڪن، يعني معنوي حيثِت کان اهي هڪ – ٻئي
سان گهرو ربط رکن ٿا. رباعيءَ جي ٻن شعرن جو الڳ
الڳ مطلب نٿو ٿئي، بلڪ ٻنهي شعرن کا ملائڻ سان
معنيٰ مڪمل ٿئي ٿي. اهوئي حال سڀني نظمن جو آهي.
معنوي ربط نه هوندو ته نظم جو نقص چوڻ ۾ ايندو.
اوهين خود غور ڪريو ته رباعيءَ جا چارئي مصرع هڪ –
ٻئي کان جدا ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ ابراهيم خليل صاحب،
جي ٻه رباعيون نقل ڪيون آهن، سي هن جي دعويٰ کي
ڪوڙو ڪن ٿيون، تنهنڪري نفس مضمون يا معنيٰ جي
اعتبار کان ٻنهي رباعين جو پهريون مصرعو باقي ٽن
مصرعن سان مربوط آهي – پهرئين مصرع کي چوٿين مصرع
کان جدا سمجهڻ شعر فهمي کان بعيد آهي. ابراهيم
خليل صاحب جو بحث بي معنيٰ آهي، اوهين آخر اهڙن
معاملن ۾ ڇو ٿا پئو؟ ڪنهن شخص جو هي چوڻ ته ڪنهن
نظم جو ڪو مصرع يا شعر نظم جي ٻين مصرعن سان مربوط
نٿو ٿئي، اهڙي بدمذاقي جي ڳالهه آهي، جهنهن جو
جواب ٿي نٿو سگهي. منهنجو ڪتاب اردو رباعي اوهان
کي گهرجي ته هيٺئين پتي تي لکو –
والسلام
مون خبر نه آهي ته مستفسر اوهان کان ڇا پڇيو
هوندو، پر عبارت جي سياق مان سمجهان ٿو ته غالباً
ڪا اهڙي ڳالهه پڇي هوندائين جنهن ۾ رباعيءَ جي
پهرئين ۽ چوٿين مصرع جي پاڻ ۾ ربط جو ذڪر هوندو ۽
هن سان ٺهڪندڙ ڪا ڳالهه پڇي هوندائين. اوهان کان
اهو پڇڻ نٿو گهران ته سائل ڪهڙو مسئلو پڇيو هوندو،
پر ڇاڪاڻ ته اسان جي بحث ۾ اوهان جو به نالو آندو
ويو آهي، تنهنڪري جرئت ڪري هڪ مسئلو اوهان کان
دريافت ڪريان ٿو، جيڪو اسان جي وچ ۾ تنازع جو سبب
آهي. ممڪن آهي ته اوهان جي قيمتي راءِ کان ڪنهن
نتيجي تي پهچي سگهون.
حال ئي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ رباعين جو هڪ مجموعو شايع
ٿيو آهي، جنهن ۾ تعارف نگار ٻه مسئلا بيان ڪيا
آهن: هڪ رباعيءَ جي وزن بابت، ۽ هڪ مضمون بابت جن
کي مذڪوره ڪتاب تان اوهان جي آسانيءَ لاءِ اردو ۾
منتقل ڪريان ٿو – (1) عروض جي ماهرن جي اڪثريت جي
راءِ آهي ته رباعيءَ جا چارئي مصرع چار مختلف وزنن
۾ هجڻ ضروري آهن، (2) شاعر جنهن شئي کي روشناس
ڪرائڻ ٿو گهري، پهرئين مصرع ۾ هن جو ذڪر ٿو ڪري ۽
رباعيءَ جي ٻئي ۽ ٽئين مصرعن ۾ هن جي توضيع ڪري،
چوٿين مصرع ۾ هن کي منتها تائين پهچائي ٿو. |