”شاعريءَ جي دلپذير اثر جو سڀڪو قائل آهي. انهيءَ
اثر کي محسوس ڪرڻ لاءِ علم جي ضرورت ڪانهي. پڙهيل
توڙي اڻپڙهيل شعر کان متاثر ٿئي ٿو. ان جو جيئرو
جاڳندو مثال، خاص طرح شاهه عبداللطيف جي بيتن جو
عوام توڙي خواص جي دلين تي اثر آهي. انهيءَ دلپذير
اثر جو سبب شعر جي خوبي ۽ سهڻائي آهي، ۽ انهيءَ
لحاظ سان سهڻو ۽ اعليٰ شعر اهو آهي، جنهن جو اثر
دلپذير هجي، پر جي پڇجي ته شعر جون اهي ڪهڙيوپن
خوبيون يا سهڻايون آهن، جن جو لازمي نتيجو دلپذيري
آهي ته جواب لاءِ قدري غور ويچار ڪرڻو پوندو. ڇا،
شعر جي خوبي ۽ سهڻائي شعر واري مضمون ۽ ڳالهه ۾
آهي، يا شعر ۾ سمايل معنيٰ ۽ خيال ۾؟ اها خوبي
لفظن جي بديع، معاني ۽ بلاغت وارين نزاڪتن ۾ آهي،
يا لفظن جي سِٽا، ترنم ۽ موسيقيءَ ۾؟ اها خوبي شعر
جي ٻوليءَ ۽ الفاظ ۾ آهي، يا شعر ۾ سمايل احساسات
۽ جذبات ۾؟“
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
2_ عام سنڌي شاعري
1. عام سنڌي شاعري - ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ
2. سينگار جي شاعري - الياس عشقي
سنڌ جي عام شاعري هڪ اعليٰ ۽ عجيب فن آهي، جنهن کي قابل استادن
سموهي، سينگاري، هڪ مسقل علم يا سائنس جي درجي تي
وڃي پهچايو آهي. هن فن جون گوناگون شاخون آهن:
ترڪيب جي لحاظ سان دوهڙو، بيت ۽ ڪافي ٽي مکيه قسم
آهن، ۽ معنوي لحاظ سان ڏٺ، معما، ڳجهارت، هنر،
ڏور، دراوا، ڏهس نامون ۽ سينگار مڙيئي هن فن جا
محاورا آهن. وري هن فن ۽ هنر کي پکيڙڻ ۽ پڌري ڪرڻ
لاءِ به سمجهه وارن جو هڪ خاص نظام آهي. هڪڙا
شاعر، جي اڻسڻيون، اڻڏٺيون ڳالهيون پنهنجي شعرن
ذريعي نروار ڪن، ٻيا سگهڙ انهن شاعرن جا راوي، جي
شاعرن جي گفتن ۽ بيتن کي ياد ڪري ٻين تائين
پهچائين. سُڻڻ، ٻُڌڻ وارن مان هڪڙا سالڪ جي ڳالهه
جو سُر سَهي ڪن ۽ گفتن جي معنيٰ ۽ مراد ڪن، ٻيا
سَمجهُو جي ٻڌي سمجهي واه واه ڪن، ۽ ٽيان نالي
ماڻهو، جي سڻن، پر سمجهن ڪين. اهڙن جاهلن کي عام
شاعرن جانورن برابر ڪيو آهي ته:
رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا،
تان هو گلي گس نه ڇڏي ۽ جوڙي ڏئي نه جواب.
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
عام سنڌي شاعري
”عام سنڌي شاعريءَ“ مان اسان جي مراد اهو سنڌي شعر
آهي، جو سنڌ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهي. اهو شعر
جو صرف پڙهيلن تائين محدود ڪونهي، بلڪ سنڌ جي
اڻپڙهيل ڳوٺاڻي، ڪُڙمي، خواه ڪاسبي، هاريءَ توڻي
ٻيليءَ جي ذوق جو ورد وظيفو آهي؛ اهو شعر جو سنڌ
جي جهر جهنگ، واهڻ وستين ۽ ڳوٺ ٻنيءَ ۾ جاري آهي؛
اهو شعر جو ٻهراڙيءَ جي عام ٻولي ۽ مضبوط محاورن ۾
چيل آهي ۽ شعر جي بگڙيل ٻولي ۽ ضعيف اصطلاحن کان
پاڪ آهي؛ اهو شعر جنهن جي زبان پڙهيل جي عبارت کان
وڌيڪ پخته ۽ جنهن جي سٽاء ڪتاب خوانن جي ايجاد ڪيل
لفظن ۽ لفظي بناوتن کان وڌيڪ شُسته ۽ بلند آهي.
عام سنڌي شاعر جو خطاب عوام النّاس کي آهي ۽ نه
خاص پڙهيلن کي. انهيءَ ڪري عام سنڌي شعر پيچيدگين
کان آجو آهي. عام شعر جي وزني سٽا لچڪيدار آهي،
انهيءَ ڪري عام شاعري علم عروض جي نپايل موزون
شاعريءَ کان مختلف آهي. موزون شاعري به عام
شاعريءَ جي دائري کان خارج ڪانهي، بشرطيڪ موزون
شاعريءَ جو خطاب عام هجي . . .
خليفي گل محمد موزون شاعريءَ کي عام محاوري ۽
اصطلاح ۾ نباهڻ جي ابتدائي ڪوشش ڪئي، مگر آهستي
آهستي موزون شاعريءَ جا مخاطب خاص علم وارا بنجي
ويا، جنهنڪري موزون شاعري ۽ عام شاعريءَ ۾ هڪ وڏي
گهاري پئجي ويئي. عروضي شاعر به پنهنجي عام خطاب
سان عوام جو شاعر بنجي سگهي ٿو، بشرطيڪ سندس خطاب
عام هجي. انهيءَ معنيٰ ۾ خليفو گل محمد ۽ حافظ
حامد عام جا شاعر هئا؛ حالانڪ سندن شعر اڪثر عروض
جي نپايل موزون شاعريءَ ۾ چيل آهي. انهيءَ معنيٰ ۾
اڄ جي شاعرن مان مولوي ثناءُ الله ثنائي ۽ مولوي
احمد ملاح عام جا شاعر آهن.
عام شاعريءَ جو ٻول مِٺو ۽ سٽا نهايت سادي ۽ فطري
آهي، ڇو ته جهڙي آ عام شاعرن جي زبان تهڙو آ سندن
ڪلام. شعر جي واسطي خاص الفاظبازي يا محاورن جو
جڙتو جوڙجڪ وٽن ڪونهي. سندن لفظي ۽ اصطلاحي گهڙ-
ڀڃ به بلڪل فطري آهي. ٺيڪ عروضي وزن جي کين ضرورت
ڪانهي. سندن ساهميءَ جي تُراريءَ ۾ اَٽل جي ڪافي
گنجائش آهي. رڳو ايترو لحاظ رکڻو آهي ته جيئن ٻيو
تُرارو بلڪل پَٽ سان نه وڃي لڳي. قافيو عام
شاعريءَ ۾ به بلڪل ضروري آهي، مگر عام شاعريءَ جو
قافيو عروضي قافيي جي قيد و بند کان آزاد آهي.
ضروري صرف ايترو آهي ته هو قافيو آواز ۾ لازمي طور
مناسبت رکي. ڪن عام شاعرن پنهنجي آزاد طبع سان
وزني ڍار خواه قافين ۾ نوان نوان رنگ پيدا ڪيا
آهن. مثلاً ڊگهي وزن ۽ اندروني قافيي جي سلسلي کي
شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه ڪمال تي وڃي پهچايو، جيئن
اڳتي بيان ٿيندو.
عام شاعري لغت جي اڻکٽ کاڻ آهي. عام جو شاعر
سرزمين سنڌ جي هر خطي ۽ ماحول جو نيپاج آهي. هو
عام فهم زبان ۽ ان جي اصطلاحن جي علاوه پنهنجي تر
۽ جُوءِ جي خاص لفظن ۽ محاورن جو به ماهر آهي، جن
کي هو پنهنجي شعر ۾ فطري طور ان جي اصلي ۽ حقيقي
خواه اصطلاحي معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح
ماحول ۽ هر ڀاڱي جي شاعر پنهنجي ٻوليءَ کي شعر جي
ماٽيءَ ۾ ولوڙيو آهي ۽ ڪيترن ئي نون ۽ انوکن لفظن
کي مکڻ جي ڦٽين مثل پنهنجي کٽي – مِٺي جهڻ گاڏئون،
پارکن جي آڏو پيش ڪيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي هر ونهين
ولوڙيندڙ شاعر وٽان انهيءَ مهيءَ ۽ جهڻ جي ورڇ
وٺجي ته هوند لفظن ۽ لغت جي گيهه مکڻ جا ڍڳ لڳي
وڃن ۽ اسان جي سنڌي زبان سائي، سُرهي ۽ سڻڀي ٿي
پوي. مگر ويچارا نازڪ مزاج پڙهيل شهري، بدقسمتيءَ
سان اڄ اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا وارث بنجي ويٺا! جن
جو ذائقو رڳو چپن جي چس تائين محدود آهي، سي ڪٿي
ٿا هُنن ڀاڳوند ڀاڳين ۽ ونهين ولوڙيندڙن جو قدر
سڃاڻن؛ هي ويچارا گاڏڙ کير پيئندڙ ڪٿي ٿا پلر پِي
سگهن؛ هي ڏيک ۽ صفائيءَ جا ستايل ڪٿي ٿا پَٽ تي
ويهي جهڻ جهڳي سگهن. هيءَ ته انهيءَ سڻڀي جهڻ کي
کٽي لسي سمجهي، ان کي ويجهو ئي ڪين ويا آهن!
ويچارن اٻوجهن کي اها ڪل ئي ڪانه آهي، ته ڪو مکڻ
انهيءَ جهڻ جهڳڻ مان هٿ ايندو؛ هنن رڳو بيڪار
هيستائين پئي پاڻي ولوڙيو آهي.
عام جا شاعر اصلي نج سنڌي ٻوليءَ جا ابا آهن. هنن
جي اردگرد روزمره جي گفتگو ۾ لفظن جي وڍ – ٽُڪ ۽
اصطلاحن جي فطري ڀڄ – گهڙ لڳي پئي آهي. نوان نوان
محاورا ۽ الفاظ برجسته زبانن مان نڪري عام ڪچهرين
۾ پچي پختا ٿي پيا رواج ۾ اچن. ٻوليءَ جو اصلي
لفظن جو قديم ذخيرو به نج ٻهراڙين ۾، جن کي شهري
هوا اڃا گندو نه ڪيو آهي، محفوظ ۽ سلامت آهي ۽
وڏڙن جي صدري دفتر ۾ سمايل آهي ۽ پشت بپشت موروثي
طور هلندو اچي. هرڪنهن فن ۽ ڌنڌي جي اطوارن،
اوزارن، محاورن ۽ معنائن جا نج سنڌي نالا، اصلي
سنڌي ڪاريگرن وٽ محفوظ ۽ مروج آهن. لوهارن، واڍن،
ڪورين، ڪنڀارن ۽ ملاحن وٽ انهن فني نالن جون
فهرستون موجود آهن. درحقيقت سنڌ ۾ لوهارن، واڍن،
ڪورين ۽ ڪنڀارن جا دکاڻ مارڪن ۽ ڪچهرين جا اڏا ٿي
رهيا آهن؛ جتي هميشه محفل ۽ مجلس، رس ۽ رهاڻ جا
رات ڏينهن رنگ لڳل هئا ۽ گفتي جي ملوڪت ۽ گهڙ – ڀڃ
جا منڊل متل هئا. اڃا تائين به انهن ماڳن مڪانن
تي، هُرلن ۽ نارن تي يا ڀاڳين جي ڀاڻن تي انهيءَ
جهونيءَ وندر ۽ ورونهن جا اهڃاڻ نظر ايندا. عام
سنڌي سگهڙ ۽ شاعر لاءِ وکر وٺڻ توڙي پنهنجي وکر
ونڊڻ جون جايون اهيئي ڀاڻ دکاڻ ۽ ماڳ مڪان رهيا
آهن، جنهنڪري عام شاعريءَ جو سرمايو نهايت عجيب
لفظن ۽ انوکن محاورن سان مالامال آهي. بلڪ عام
شاعري هڪ بي بها بني بيٺي آهي، جنهن جي ذريعي نوان
لفظ محاورا زبان زد عام ٿي پچي راس ٿين ۽ رائج
ٿين.
عام شاعري پنهنجي آزاد ٻوليءَ ۽ آزاد خياليءَ سبب
نهايت پختي ۽ زوردار آهي. اسان چيو ته جا عام
شاعرن جي زبان سو سندن ڪلام. جڙتو ٺاهه ٺوهه کان
عام شاعر جو ڪلام آجو آهي. کيس جيڪي زبان تي چڙهي
آيو سو چئي ڏنائين. هُنن سنئين سڌي ڳالهه ڪري
پنهنجو حال اوريو آهي ۽ پنهنجي صاف ساديءَ زبان ۾
پنهنجي اندر جو احوال ۽ بيان پيش ڪيو آهي، جنهنڪري
جو لاهو – چاڙهو سندس زبان ۾ آهي سو ئي سندس ڪلام
۽ بيان ۾ آهي. عام شاعر پنهنجي ٻئي عام غير شاعر
ڀاءُ وانگر ٿُلهو کائيندڙ، ٿُلهو هنڊائيندڙ ۽
ٿُلهو ڳالهائيندڙ آهي. سندس ٿُلهو ۽ کهرو ڳالهاءُ
سندس ڪلام ۾ ظاهر آهي، مگر خوبي به انهيءَ ٿُلهي ۽
سادي ڪلام جي اصلي صورت ۾ آهي. سندس ڪلام انهيءَ
ڪنوار جي مثل آهي، جنهن جون خاميون توڙي خوبيون
سندس صورت ۾ کليل ۽ پڌريون آهن. مگر هڪ ته پاڪيزگي
۽ سادگيءَ سبب ٻيو وري اٿاهه جوانيءَ جي زور سبب
سندس حسن ٻهڪي پيو. جواني موٽڻ بعد به نج نسل ۽
صاف خون سبب سندس رونق ۽ ڏَيا باقي رهي آهي. ان
عام شاعريءَ جي برعڪس، علمي ۽ عقلي شاعريءَ جي
صورت انهيءَ سالخورده، عيار ۽ نازڪ مزاج عورت جي
مثل آهي، جنهن صابڻ جي صفائي، مساڳ جي لالائي، وڳن
جي سينگار، ڳهن جي جنسار سان پنهنجي حسن کي ٻهڪايو
آهي ۽ آواز جي لطافت سان پاڻ وڻايو آهي. مگر حقيقت
۾ سندس اها سوڀيا رڳو انهن جڙتو ٽيڪن تي بيٺل آهي
۽ سندس رنگ ۽ لالائي رڳو پائوڊر جي مهٽ سهٽ ۽ مِسي
مساڳ جي آهي ۽ نه جوانيءَ ۽ جوڀن جي. اهڙيءَ طرح
علمي ۽ عقلي شاعريءَ جو چٽڪو ۽ چسڪو رڳو وقتي آهي.
سندس دلچسپ نزاڪت ۽ دلچسپ رنگت، زبان جي لهس لپيٽ،
لوڏ ڌوڏ ۽ اُٿل پٿل بعد جهُڪي جهمي ٿي وڃي. مگر ان
جي برعڪس عام شاعري فطري ۽ پائيدار آهي جيئن ڳاءِ
تيئن مِٺي، جيئن مهٽ تيئن سرهي.
عام شاعر ڳوٺ ۽ ٻهراڙيءَ جو پليل ۽ جهنگ جهر جو
نپايل آهي. صاف پاڻي، صاف هوا، سادي کاڌي، سادي
ڪپڙي ۽ سادي رهڻيءَ ۽ ڪهڻيءَ سبب سندس طبع ۾ به
سادگي ۽ صفائي سمايل آهي. انهيءَ سادگيءَ سبب
جيترو سندس جسم پهلوان آهي، اوترو سندس ذهن جوان
آهي. سندس طبع جي صفائي ۽ ذهن جي قوّت سندس ڪلام ۾
به زور پيدا ڪن ٿا. جڏهن هو شعر چوي ٿو، تڏهن
پنهنجي طبع جي زور جون موڪون لائي ڇڏي ٿو. نه آهي
وٽس الفاظن جي ڪمي، نه بيان جي گهٽتائي، نه محاورن
جي کوٽ ۽ نه معنائن جي ڪوتاهي. جڏهن زبان چوري ٿو
ته پلٽجي پوي ٿو، جڏهن ٻولي ٿو ته ڄڻ ٻوڙي ٿو.
انهيءَ زور ۽ برجستگيءَ سبب، انهيءَ اچانڪ ٻول ۽
ٺهه پهه گفتي سبب، عام شاعر جو ڪلام کَهرو مگر
کَرو آهي.
عام شاعر عام وکر جو وهائو آهي، انهيءَ ڪري سندس
سٽاءُ ۾ لوهه توڙي سون ٻيئي نظر ايندا؛ ڪوڏ ۽ سپون
توڙي موتي ۽ ماڻڪ ٻيئي ملندا؛ سڪا کڙا توڙي ساوا
سلا ٻيئي گڏوگڏ نظر ايندا. هن پنهنجي پارس زبان
سان لوهه مان سون پيدا ڪيو آهي، مگهر پنهنجي لوهه
واري سامان کي لڄ وچان لڪايو ڪونه آهي. هن لوهه
وارو سرمايو ۽ ان مان پيدا ڪيل سون جا داڻا گڏي
پيش ڪيا آهن. هن ٽٻيون هڻي ڪوڏ ۽ سپون ڪٺا ڪري ان
مان موتي ۽ ماڻڪ ڪڍيا آهن، مگر ڪوڏن ۽ سپن جا
کرکڻا لڪايا ڪين آهن، بلڪ انهن کي به موتين ماڻڪن
سان لڳولڳ پيش ڪيو آهي. هن سُڪي زمين کي پاڻي
ڏيئي، ٻج ڇٽي سلا اُپايا آهن، مگر انهن ساون سلن
کي فطري طور کيڙيءَ ۾ بيٺل ڏيکاريو اٿس. اها عام
شعر جي سادگي ۽ ايمانداريءَ جي حد ڪمال آهي، جو
مخاطب کي ٻيئي جنسون گڏوگڏ پيش ڪري، ذهن نشين
ڪرايو اٿس ته هي لوهه، ڪوڏ، سپون ۽ سکا کڙا بي ڪما
نه آهن، بلڪ هي سون، موتي، ماڻڪ پيدا ڪندڙ ۽ ساوا
سلا اُپائيندڙ آهن. انهيءَ طور وکر ونڊڻ تي سندس
لياقت ۾ ڪمي نٿي اچي، بلڪ سندس مرتبو، سندس
ايمانداري، اخلاص ۽ سندس هنر اڳئين کان اڳرو نظر
اچي ٿو. ڇو ته هر ڪو سالڪ ۽ پارکو سمجهندو ته شاعر
پارس آهي، جنهن اونهي عميق مان ڪوڏ ۽ سپون ڪڍي
موتي ۽ ماڻڪ پڌرا ڪيا؛ بلڪ استاد هاري آهي، جنهن
سڪي زمين کي سرسبز ۽ سائو بنايو مطلب ته عام شاعر
جهڻ مکڻ گڏي پيش ڪيا آهن. ممڪن آهي ته اڻڄاڻ جهڻ
ڏسي منهن موڙي، مگر عاقل خوب سمجهي سگهي ٿو ته مکڻ
جهڻ مان ئي ملندو. عام شاعري اهو هار آهي، جنهن ۾
لعلون، مرجان ۽ پٿريون توڙي موتي، ماڻڪ ۽ کرکڻا گڏ
پوتل آهن. مگر جنسون ٻيئي حقيقي ۽ اصلي آهن ۽ نه
بناوتي. نقلي مڻين ۽ موتين خواه ڪوڙي ڪچ ۽ ڪائي جو
عام شاعريءَ ۾ نالو ڪونهي.
عام شاعري اهل سنڌ جي حيات جو آئينو آهي. عام
شاعري سنڌ جي زمين جو اُپايل ۽ نپايل آهي. هن جي
نظر تيز ۽ ذهن سليم آهي. هو پنهنجي ملڪ جي حال
احوال ۽ ريتن رسمن کان واقف آهي، هو راڄ ۽ ڀاڳ جي
اٿڻ – ويهڻ کان واقف آهي؛ هو مال متاع جي ٻَڌڻ –
ڇوڙڻ کي سمجهي ٿو ۽ جهنگ جهر جي وڻن ٻوٽن کي پروڙي
ٿو؛ هو زمين جي ننڍي وڏي پيچري کي ڄاڻي ٿو ۽ آسمان
جي کٽ نکٽ کي سڃاڻي ٿو. جيتوڻيڪ سندس خيال جو
پرواز هڪ علم واري شهريءَ کان گهٽ آهي. مگر سندس
نظر ۽ حافظو زياده تيز آهن. هن جي عام زندگيءَ جي
جملي شعبن ۽ طرفن تي هڪ گَهري نظر آهي، جا سندس
روزمره جي فطري طبيعت جو نتيجو آهي. سندس ڪلام جو
واسطو به عام زندگيءَ جي عام شعبن ۽ شغلن سان آهي،
جن تي گَهري نظر ۽ ٻوليءَ تي مَلڪي هئڻ سبب کيس
وصف ۽ بيان جي انتها طاقت آهي. جيئن ته رهڻيءَ
ڪهڻيءَ جي جملي اطوارن جو ”جزئياتي تفصيل“ کيس
ازبر آهي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڳالهه ڪندو ته ذري
پرزي بيان ڪندو ۽ انهيءَ بيان ۾ سئيءَ سڳي سوڌا
پار پتا ڏيندو.
اسان چيو ته سندس نظر حياتيءَ جي سڀني شعبن، شغلن
۽ شين تي آهي: اُٺ، گهوڙا، ميهون، رڍون، ٻڪريون ۽
ٻيو سڀ مال متاع، جهنگ جهر، گاهه گلزار، ٿر بر، رڻ
رائو اهي سڀ سندس شعر جا اعليٰ عنوان ۽ مِٺا مضمون
آهن. انهيءَ کان سواءِ عزت، غيرت، مردانگي، سيرت،
صورت، سورهيائي، سچائي، سخا ۽ ٻين سڀني سهڻن ڳڻن
کي، جي مرد خواه عورت ۾ سونهن ٿا، تن کي خوب ڳايو
اٿس. وري زندگيءَ جا جذباتي پهلو مثلاً حسن ۽ عشق،
ڏک ۽ درد، جهيڙا ۽ جهڳڙا به پوريءَ طرح بيان ڪيا
اٿس. ازان سواءِ سنڌي زندگيءَ جا تمدني پهلو،
مثلاً نسب ذاتيون، ريتيون ۽ رسمون، ڀَليون خواه
لايون به پنهنجي شعر ۾ شايع ڪيون اٿس. مطلب ته عام
سنڌي شاعر اهل سنڌ جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ راڄ ڀاڳ جي
تمدن ۽ تهذيب کي پنهنجي شعر ۾ پوريءَ طرح محفوظ
ڪيو آهي، ۽ بقول حضرت عمررضہ جيڪڏهن
”عربي شاعر عربن جو عام دفتر آهي“، ته عام سنڌي
شاعر اهل سنڌ جو عام دفتر آهي. انهيءَ عربي
”ديوان“ وانگر سنڌي شعر جو دفتر ۽ ”ديوان“ به
نهايت مڪمل آهي، جنهن ۾ ٻيو ته خير، مگر وڻ ٽڻ،
گاهه ڏٿ ۽ رڍ ٻڪريءَ جو ذڪر به پوريءَ طرح ڏنل
آهي. شايد سواءِ عربن جي، دنيا ۾ ٻيءَ ڪنهن به قوم
جيڪڏهن حياتيءَ جي انهن ننڍڙن شعبن ۽ شغلن، بابن ۽
ڀاڱن کي به ايتريقدر چٽي ۽ گَهريءَ طرح ۽ پوري
”جُزئياتي تفصيل“ سان بيان ڪيو آهي ته اهي سنڌ جا
سگهڙ ۽ شاعر آهن، جن پنهنجي عام سنڌي مقولن ۽ عام
سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي وقت جي چال چلت ۽ حال حقيقت
متعلق ڄڻ سڀڪجهه چئي ڦٽو ڪيو، بمصداق ”جف القلم
وما هو بڪائن“.
[اقتباس: ”ٻيلاين جا ٻول“ تان ورتل.[
الياس عشقي
سينگار جي شاعري ۽ هندي شاعرن جو محبوب
سنڌي شاعريءَ ۾ سينگار هڪ دلچسپ ۽ اهم موضوع آهي.
ڪيترن شاعرن جي ڪلام ۾ سينگار بابت سٺا بيت ملن
ٿا. اسان جي سگهڙن کي به سينگار جا سوين بيت ياد
آهن، ۽ انهن بيتن مان هو محفلن ۽ ڪچهرين ۾ حاضرين
کي محظوظ ڪندا آهن. سينگار جي بيتن ۾ هڪ پاسي
شاعريءَ جو ڪمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته ٻئي پاسي
ڪلاسيڪي روايت سان گَهري تعلق جو ثبوت ملي ٿو.
اسان جي ڪيترن شاعرن سينگار جي شاعريءَ ڏانهن خاص
ڌيان ڏنو آهي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي جو
انهيءَ ڏس ۾ اڃا تائين ڪو خاص تحقيقي ڪم نه ڪيو
ويو آهي. جيستائين روايت جو تعلق آهي، سينگار جي
شاعريءَ جو سلسلو هندي شاعريءَ سان ملي ٿو. پر
اسان جي شاعريءَ جي روايت بلڪل هندي شاعريءَ جو
نقل نه آهي. ڇو ته هندي شاعريءَ جي فني روايت هڪ
جدا ۽ مشڪل فني نظام هيٺ اوج تي رسي آهي، جنهن جي
اسان جي شاعرن کي خبر ئي ڪانهي. هندي شاعريءَ ۾
سينگار ”نون رسن“ مان هڪ رس آهي. ان کان سواءِ
هندي شاعريءَ جي روايت ۾ ”الڪ درپن“ ۽ ’نايڪا ڀيد‘
جي پابندي به ضروري آهي. پر اسان جي سنڌي شاعريءَ
۾ اهڙي ڪا روايت ڪانهي. البت اسان جي شاعري گهڻو
ڪري هندي جي ”الڪ درپن“ واري شاعريءَ سان ملي ٿي
پر غور ڪرڻ سان اُن ۾ تمام وڏو تفاوت ڏسجي ٿو. ڇو
جو هندي ”الڪ درپن“ واري شاعريءَ ۾ محبوب جو سراپا
بيان ڪيو ويو آهي، ۽ شاعر اُن جي وارن کان وٺي پير
جي آڱرين تائين هر هڪ شئي جو بيان ڪندا آهن. ڪڏهن
ڪڏهن اهڙي قسم جي شاعريءَ ۾ سينگار ۽ زيورن جو
بيان به هوندو آهي. ”الڪ درپن“ واري شاعريءَ جي
سونهن، نايڪا ڀيد جي اثر هيٺ نوان نوان رنگ ڏيکاري
ٿي. ڇاڪاڻ ته نايڪاڀيد ۾ عورتن جا تمام گهڻا قسم ۽
هر قسم جي عورت جي سراپا ۾ شاعر انهيءَ عالم ۾
روايت هيٺ نازڪ خيالي ۽ مضمون آفرينيءَ جو ڪمال
ڏيکاريندا آهن ۽ هر قسم جي عورت جي سراپا ۾ ان جي
جسم جي بيهڪ ۽ فطرت مطابق بيان جي طرز ۽ تاثر
بدلجي ويندا آهن. سينگار رس جي شاعري هنديءَ ۾
عشقيه شاعري وانگر ان ۾ به انهيءَ قسم جا عاشقانه
جذبات ۽ احساسات اچي سگهن ٿا ۽ احساس ۽ جذبا سراپا
۽ سينگار بابت به ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري عشقيه
شاعريءَ ۾ به اهڙا مضمون ملن ٿا. جو اسان جي
سينگار واري شاعريءَ ۾ ڏسجن ٿا. انهيءَ سبب اسان
جي سينگار جي شاعريءَ جي روايت هنديءَ شاعري جي
سينگار رس واري شاعريءَ سان ملي ٿي. هنديءَ ۾
سينگار زيبائش ۽ آرائش تائين محدود نه آهي. پر ٻين
مضمونن کان سواءِ ان ۾ سينگار جو بيان به هوندو
آهي. هندي جي سينگار رس يا ان درپن واري شاعري ۽
ٻنهي جو فرق هڪ وڏو موضوع آهي، جيڪو هن مضمون ۾
سمائجي نٿو سگهي. تڏهين به هندي سينگار رس واري
شاعري هيٺ هڪ ننڍڙي موضوع يعني هندي جي شاعريءَ ۾
محبوبه جي تصور بابت ڪي اشارا ڏجن ٿا. انهيءَ کي
آڏو رکندي هنديءَ جي سينگار رس واري شاعري ۽ اسان
جي سينگار جي شاعريءَ جو فرق تمام سولائيءَ سان
معلوم ٿي ويندو. هونئن ته هندي شاعريءَ ۾ محبوب جو
تصور اسان جي شاعريءَ کان زياده مختلف نه آهي. ڇو
جو هندي شاعريءَ ۾ عشق جي اظهار جو نمونو ساڳيو ئي
آهي. پر ٻنهي جي روايت جدا جدا آهي. انهيءَ ۾ ڪو
شڪ نه آهي ته سنڌيءَ ۾ عشق جي اظهار جي اها روايت
هندي شاعري جي سنئن سڌي اثر هيٺ آهي. پر اسان جي
شاعريءَ ۾ انهيءَ جو سبب جدا آهي. ڪافي واري شاعري
جو بنياد لوڪ داستان تي آهي. ۽ تقريباً هر داستان
۾ خاص ڪردار عورت جو ئي هوندو آهي ۽ شاعر انهيءَ
ڪردار جي طرفان جذبات ۽ احساس جو اظهار ڪندا آهن.
سنڌي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ راڌا ۽ ڪرشن جي سلسلي جي
عشقيه شاعريءَ ۾ ساڳيو انداز ملي ٿو. پر عام طرح
سان هندي شاعريءَ جي روايت ان موضوع وانگر ئي آهي. |