غزل کي سياسي، سماجي، عمراني ۽ اخلاقي قدرن جي پس
منظر ۾ به پرکي سگهجي ٿو. ان طرح غزل جا موضوعات
به بحث جي هيٺ اچي سگهن ٿا، ٻيءَ صورت ۾ اهو به ٿي
سگهي ٿو ته غزل جا خط ۽ خال به ماپيا وڃن.
غزل جي خط ۽ خال کان ته هر اديب ۽ شاعر واقف آهي،
هيئت جي اعتبار کان غزل جا مکيه ترڪيبي جزا اهي ٿي
سگهن ٿا. مطلع، رديف، قافيه، مقطع ۽ بحر. انهن جزن
جي ملڻ سان، غزل جو اختصار، ڪيفياتي وحدت، تاثر ۽
موسيقيت کي متعين ڪري سگهجي ٿو. ان کان پوءِ ئي
غزل جو خاص اشاراتي ۽ ايمائي، رمزيه ۽ معنوي انداز
پرکي سگهجي ٿو.
هيئت جي لحاظ سان، بحر ۽ قافيه کي غزل لاءِ مرڪزي
حيثيت حاصل آهي. رديف ان تي مزيد فني بندش آهي.
غزل غير مردف به ٿئي ٿو. پر ان جو رواج گهٽ آهي.
رديف جا لفظ، فعل به ٿين ٿا ۽ اسم به ٿين ٿا. رديف
گويا رقاصه جي پيرن ۾ گهنگهروءَ جي حيثيت وانگر
غزل سان وابسته رهي ٿو، هڪ طرف بيان ۾ زور پيدا
ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف ترنم پيدا ڪري، سامعين لاءِ
خوشگوار رنگ به پيدا ڪري ٿو. نه فقط رديف غزل جي
موسيقيت ۽ موزونيت ۾ سونهن کي وڌائي ٿو، پر ڪڏهن
ڪڏهن سنگلاخ زمينن ۾ چيل غزل لاءِ، غزل جي نازڪ ۽
لطيف جسم لاءِ، گرانباريءَ زنجير جو احساس به پيدا
ڪري ٿو. فني خيال کان رديف جو معنوي ربط، سڀ کان
اول قافيه سان ٻَڌجي ٿو. جو رديف قافيه سان پوريءَ
طرح جَڙيل ناهي، ان جو استعمال معيوب آهي، پر وڏن
وڏن قادرالڪلام استادن کان به ان قسم جو نباهه ٿي
نه سگهيو آهي ۽ مبّدي ته ٺهيو، وڏا شاعر به قافين
۽ رديفن کي معنوي ربط ۾ آڻڻ کان قاصر رهجي وڃن ٿا.
ان مشڪلات کي رفع ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا استاد، رديف ۽
قافيه کي تخليقي عمل ۽ خيال سان وابسته ڪري،
سامعين جي حافظي جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺن ٿا. پر
ائين ڪندي، رڳو قافيه پيمائي ڪرڻ مقصود ناهي –
ائين ڪندي، مواد ۽ ان جي انتخاب تي سندن پوري فني
قوت صرف ٿئي ٿي، ان کان پوءِ ئي، رديف ۽ قافيه جي
بي ربطيءَ جو عيب لڪائي سگهن ٿا.
رديف غزل جي ايجاز ۽ اختصار تي پڻ اثر انداز ٿئي
ٿو. مثال طور فرض ڪجي ته هڪ خاص بحر ۾ ويهارو کن
هم وزن قافيا ملي سگهيا آهن، جي رديف سان معنوي
ربط پيدا ڪري سگهن ٿا، ته پوءِ شاعر لاءِ لازم آهي
ته فقط انهن تي ئي اڪتفا ڪري ۽ ان فني چيز کي
قافين جي اجائي ڀرمار سان خراب نه ڪري، ۽ نه ڪو
اجايو رديفن جو اضافو ڪري غزل ۾ عيب پيدا ڪري.
اهوئي سبب آهي جو قصيدا، جي خاصا طول طويل ٿين ٿا،
اڪثر وقتن تي غير مردف لکجن ٿا.
جڏهن ته غنائي شاعريءَ ۾ جذبو شديد ۽ مختصر ٿئي
ٿو، ان ڪري هو رديف جي ربط ۽ آرائش کي سولائيءَ
سان قبول ڪري سگهي ٿو.
بهرحال رديف ۽ قافيي جو اتصال ۽ اتحاد، غزل لاءِ
نازڪ ۽ لطيف مقام جي حيثيت رکي ٿو. ڪن وقتن تي
فصاحت ۽ بلاغت جي نازڪ ترين مرحلن مان گذرڻو پوي
ٿو. محاورات جي لطيف ترين مثالن جو استعمال ڪرڻو
پوي ٿو. قافيو اگر اسم آهي ته پوءِ اضافت ۽ ترڪيب
جون اعليٰ ترين شڪليون پيدا ڪجن ٿيون. قافيو اگر
فعل آهي ته پوءِ ان کي رديف سان نباهيندي، ڪيفيت،
زبان ۽ محاوري جون سڀ نزاڪتون جمع ڪرڻيون پون
ٿيون. ان طرح قافيه ۽ رديف کي نباهيندي، ٻئي درجي
جا شاعر اڪثر ڪري ناڪامياب رهن ٿا، پر هن مسئلي ۾
غالب جهڙو قادر الڪلام ۽ نابغه روزگار به شڪايت
ڪندي نظر اچي ٿو.
غزل ۾ رديف جي اهميت جو اندازو ان مان به لڳائي ٿو
سگهجي ته باوجود ناپسنديدگيءَ جي به جديد شاعريءَ
۾ تمام ٿورا غزل ملي سگهن ٿا، جي غير مردف آهن ۽
ان سان گڏ فني اعتبار کان ڪامياب به آهن.
نون قافين سان گڏ، نون رديفن جو پيدا ڪرڻ به غزل
گو شاعرن لاءِ هڪ قسم جو فني فريضو آهي، ڇو ته غزل
اگر هڪ لساني عمل ۽ فن آهي ته پوءِ ان کي نباهيندي
مٿس اجتهاد ۽ اختراع جو فرض به عائد ٿئي ٿو. پر ان
طرح اختراع ۽ اجتهاد ڪندي، ٻن قسمن جون فني
مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون. عام طرح سان روان دوان ۽
مترنم رديف، فعل جي صورت ۾ ملن ٿا. ان ڪري فعل تي
حسين ۽ ڪامياب اضافو ڪرڻ به مشڪل امر ٿئي ٿو.
لهٰذا غزل گو کي ان سلسلي ۾ مرڪب ۽ امدادي فعلن جو
سهارو وٺڻو پوي ٿو. ٻيو ته غزل کي ’اسم‘ وارن
رديفن سان نباهڻ به تمام مشڪل مسئلو آهي، ان
مشڪلات کي صاحب ديوان شاعر پنهنجي استادانه لفظي
الٽ ڦير سان گهڻي حد تائين منهن ڏيئي سگهيا آهن.
تاهم ڪاميابي تمام ٿورن خوشقسمت غزل گو شاعرن جي
نصيب ۾ آئي آهي، ٻين رڳو لفظن جي راند ڪئي آهي.
ان جو سبب لساني آهي، ڇو ته ’فعل‘ انسان جي بيشمار
عملن سان وابسته آهي، پر ان جي مقابلي ۾ اسم جا
رابطا ۽ واسطا مخصوص ۽ محدود ٿين ٿا. ان سلسلي ۾
ديوانن جا ديوان اٿلائي وڃي مٿي چڙهنداسون ته به
اهڙا ڪامياب رديف تمام ٿورا ملي سگهندا، اگر ڪجهه
ملندا به ته اهي ٻُسا، ڪجسا، غير مترنم ۽ بي اثر
هوندا.
رديف جي اهڙين فني مشڪلاتن سان گڏ، خود قافيه جي
تنگ داماني متعلق به ناقد حيران ۽ پريشان آهن.
حالانڪ قافيه متعلق ٻين صنفن جي نقطه نظر سان اها
شڪايت بجائي چئجي، پر غزل لاءِ شڪايت ڪرڻ بيمحل
ٿيندي، ڇو ته قافيي کان سواءِ غزل جو ڪو تصور ئي
نٿو ڪري سگهجي. بيشڪ شاعري بي قافيي به ٿي سگهي
ٿي، پر بنان قافيه غزل پنهنجي مخصوص اسلوب ۽ آهنگ
کي برقرار رکي ئي نٿو سگهي. لهٰذا قافيي جي
موجودگي غنائي شاعريءَ لاءِ عام طرح سان، ۽ غزل جي
لاءِ خاص طرح سان ان ڪري ضروري آهي، جو قافيي جي
مترنم ۽ سريلي انداز سان، جذبي جي شدت ۽ تخيّل جي
رنگينيءَ ۾ ڪافي تاثر ۽ اضافو پيدا ٿئي ٿو. ان ڪري
اها بندش ڪڏهن به بي معنيٰ چئي نٿي سگهجي. ڇو ته
ادب ۽ فن جي دائري ۾، حسن ۽ جمال، پختگي ۽ ڪمال،
آزاديءَ سان نه پر آداب فن ۽ ادبي بندش سان ئي
پيدا ڪري سگهجن ٿا. پر هروڀرو ائين نه سمجهڻ گهرجي
ته معنوي حسن ۽ افاديت کي نظرانداز ڪري رڳو قافيي
پيمائي ۽ رديفن جي تڪرار سان ئي شاعري ڪري سگهجي
ٿي. اسان وٽ جديد نظم جا ڪيئي اهڙا سهڻا ۽ فڪر
انگيز مثال موجود آهن، جي قافيي ۽ رديف جي فني
تڪلفات کان پالها آهن، ۽ پنهنجي جاءِ تي خوب نه پر
خوبتر آهن.
چوڻ جي ڳالهه اها آهي ته فن جي اڪتساب ڪندي،
نوآموز شاعر کي جيستائين فني بندشن جو خيال نه
رهندو، تيستائين نه سندس ذهن جي تربيت ٿيندي ۽ نڪو
زبان ۽ محاورات جي صحت ۽ استعمال جي کيس ڄاڻ پيدا
ٿيندي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڪثر طور تي ناپخته
ڪار جي هٿن ۾ روايت، قدامت پرستيءَ ۽ فن جا آداب
محض لفظي تڪلفات بنجي ٿا وڃن.
قافيي جي فني حيثيت کي ڪامياب ڪرڻ جي سلسلي ۾
’حسين انتخاب‘ جو سليقو پڻ گهرجي. غزل جي مختصر
هيئت ۾، تمام ٿورا قافيا چونڊي به ڪم ٽپائي سگهجي
ٿو، پر قصيدي جي زمين تي، قصيده گو جيستائين قافين
جي قطار کي آڻي پنهنجي خالقانيت جو ثبوت نٿو ڏئي
تيستائين سندس قصيدو ئي نٿو بنجي. ڪن وقتن تي ته
عجيب ۽ غريب مضحڪه خيز صورتون پيدا ٿين ٿيون، ۽
”وهي نه وهي وٺ رينگٽ“ جو مصداق ٿيڻو پوي ٿو.
قافيو جڏهن ته غزل جو محور آهي، ان ڪري ان کي هڪ
طرف بار بار دهرائجي ٿو ته ٻئي طرف رديف سان به
سندس معنوي ربط کي نباهجي ٿو. ان کان علاوه مٿس
شعر جي ’خيال‘ جو بار به وجهجي ٿو. ان ڪري ڪنهن حد
تائين قافيي جي تنگ دامانيءَ جي شڪايت بجا آهي. ان
ڪري قافين جي حسن انتخاب تي زياده توجهه ڏيڻو پوي
ٿو، قافين جو غلط انتخاب يا ته غزل کي هزليات
بنائي ٿو ڇڏي، يا پورو غزل بي معنيٰ بنجي ٿو وڃي.
مشرقي شاعريءَ ۾ غنائي شاعريءَ لاءِ قافيي جو هجڻ
اهم شرط سمجهيو ويو آهي. ۽ ظاهر آهي ته مشرقي
زبانن ۾ قافين جي اڻاٺ ڪانهي، هڪ ئي زمين تي سوين
نه پر هزارين قافيا گڏ ڪري سگهجن ٿا، پر
قادرالڪلام شاعر انهن مان بهترين ۽ بامعنيٰ،
وزندار ۽ غنائي قافيا ئي چونڊي ٿو. پوءِ سندس غزل
ڪيترو به مختصر ڇو نه بيهي. هروڀرو شعرن کي وڌائي،
غزل جي حسن کي خراب نٿو ڪري. امرءالقيس پنهنجي
تخليقي عمل متعلق چيو آهي:
”مان قطار در قطار ايندڙ قافين کي ائين هٽائيندو
آهيان، جيئن ڪو شرير ٻار، مَڪڙن جي وَلرن کي ماري
ڀڄائيندو آهي.“
وڏن شاعرن وٽ قافيا لشڪرن جي صورت ۾ اچن ٿا، انڪري تخليقي عمل
جي ابتدائي مدارج ۾ قافين جي حسن انتخاب کي وڏو
دخل رهي ٿو.
غنائي شاعريءَ جو موسيقيءَ سان وڏو تعلق رهي ٿو.
ان ڪري ان کي مدنظر رکندي ڏٺو ويو آهي ته غزل ۾
قافيو ان جڳهه تي اچي ٿو، جتي وڄت ۾ گُر وٺجي ٿو.
اتي اچي غزل جو ڳائڻ ۽ وڄت جو اثر انتها تي پهچي
ٿا وڃن.
رديف ۽ قافيي جي هم آهنگي، بحر جي موج وانگر اڀرن
ٿا. جيئن ’بحر‘، وزن جي زمان ۾ زنده ٿو رهي، تيئن
قافيو ۽ رديف ٻئي بحر جا تابع رهن ٿا. گويا قافيو
۽ رديف، بحر جي موزونيت کي افزون تر ڪن ٿا.
اهو به هڪ فني مسئلو آهي ته بحر جو انتخاب، غزل گو
شاعر شعوري طور نٿو ڪري. بحر جو انتخاب جذبي ۽
ڪيفيت جي شدت ۽ افزائش کان پوءِ خود بخود جنم ٿو
وٺي. مصرع – طرح تي غزل چوڻ ان خيال کان مستثنيٰ
سمجهڻ گهرجي. باقي ڪو به استاد ۽ قادرالڪلام
تخليقي شاهڪار کي نباهيندي، قافين جي قطار نٿو
بنائي. غزل جي پهرئين شعر لاءِ اهو لازم نه آهي ته
اهو هروڀرو مطلع ئي هجي، ڇو ته جذبي ۽ ڪيفيت سان
گڏ ذهن ۾ جهونگاريندي ئي پيدا ٿو ٿئي. ائين ٿيڻ
سان گويا ظاهر ٿو ٿئي ته ’بحر‘ جو تعين ٿي چڪو آهي
۽ قافيو به ميدان ۾ اچي چڪو آهي، اگر رديف به اچي
ويو ته پوءِ ان جو به امڪان رهي ٿو. اتي پهچي غزل
گو شاعر، گويا ’غزل‘ جي هيئت کي بنائي چڪو. ان کان
پوءِ، سندس فن جو ڪمال اهو آهي ته هو هن محدود،
مخصوص ۽ مختصر زمين تي پنهنجي طبع جي جولانيءَ جا
جوهر ڏيکاري ڪوزي ۾ درياءَ بند ڪري، چانور تي قل
هوالله لکي، قطري ۾ دهلي کي سمائي ۽ اک جي تِرَ ۾
آسمان کي سهيڙي ڏيکاري!
ان طرح هر بحر جو هڪ خاص مزاج ٿئي ٿو. ان جو قومي
موسيقيءَ سان واسطو رهي ٿو. پر ڪٿي ڪٿي غزل ۾ اسان
کي ائين نظر آيو آهي ته ڪي مخصوص بحر، مخصوص قسم
جي جذبات سان ئي ميل رکن ٿا. ان مان ٻه نتيجا نڪري
سگهن ٿا: پهرين ته عروض جو قومي موسيقيءَ ۽ مزاج
سان مضبوط رشتو آهي، ٻيو ته شاعر پنهنجي مخصوص
طبعي افتاد جي ڪري ڪن بحرن کي ٻين بحرن تي ترجيح
ڏئي ٿو.
ان ڪري ڪن محققن جو چوڻ آهي ته غزل ۾ فڪري اعتبار
کان ڪيتري به ريزه ڪاري ۽ ڪاوش ڪئي وڃي، ان ۾ هڪ
اندروني ۽ ڪيفياتي وحدت جو وجود نظر اچي ٿو.
’بحر‘ ان وحدت جي پهرين ڪڙي آهي. طويل، نرم ۽
آهسته رو بحرن ۾ نشاط ۽ سرخوشيءَ جي ڪيفيت جو پيدا
ٿيڻ مشڪل آهي، پر جي آهي ته اهو محض تڪلفات مان
پيدا ٿيل ۽ مصنوعي آهي. ان طرح ڪي ’بحر‘ اهڙا ته
روان ۽ دوان ٿين ٿا، جو ڪنهن فڪر انگيز مضمون کي
کڻي ئي نٿا سگهن. انهن لاءِ هلڪڙا ڦلڪڙا خيال ئي
مناسب رهن ٿا.
رديف، قافيي ۽ بحر جي انهن وصفن کي مطالعہ ڪرڻ کان
پوءِ اهو واضح ٿو ٿئي ته غزل جي اجمال ۽ اختصار جو
مطلب ڇاهي ۽ ان ۾ معنوي تسلسل جو فقدان ڇو ٿو رهي.
ائين چوڻ مان ڪا به غلط فهمي پيدا ٿيڻ نه گهرجي.
اهو خيال ۾ رکڻ گهرجي ته ڪامياب غزلن ۾ معنوي
تسلسل جي فقدان جي هوندي به هڪ جذباتي يا ڪيفياتي
تسلسل لازمي طرح سان رهي ٿو. ممڪن آهي ته ان خيال
سان اڄڪلهه جا نوي سيڪڙو ناقد اتفاق نه ڪن، پر
حقيقت اها آهي ته غزل ۾ معنوي تسلسل جي فقدان جي
تلافي، جذباتي ۽ ڪيفياتي تسلسل سان ئي ٿئي ٿي؛ شرط
اهو آهي ته غزل ڪنهن فڪر انگيز زمين تي هجي يا
ڪنهن صاحب بصيرت فنڪار جي تخليق هجي. هونءَ به هر
’غزل‘ کي ’غزل‘ نه چئبو، نڪو هر غزل گو شاعر کي
تخليق جو صاحب سمجهڻ گهرجي.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ان جذباتي ۽ ڪيفياتي تسلسل جي
قيام ۽ دوام جا فني اسباب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ ان جو
جواب هيٺين تشريح مان ملي سگهي ٿو.
مطلع:
اڪثر تجربن ۾ قافيي ۽ رديف جو تعين، مطلع سان ٿئي
ٿو ۽ ان سان جذبي جي شدت ۽ ڪيفيت غزل جي آخر تائين
نه، ته به شروعات جي پنجن – ڇهن شعرن تائين قائم
رهي ٿي. ان شدت ۽ ڪيفيت جي قيام سان، شعري وجدان،
قافيي تي حاوي رهي ٿو. ان کان پوءِ ارادي عمل ۽
شعوري تخليقي عمل شروع ٿا ٿين. ان طرح غزل جي
ابتدائي ۽ پرزور شعرن تي مطلع جا اثرات هڪ فني
تحقيق آهي، جنهن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي.
رديف:
جذباتي وحدت جو تعيّن رديف سان ڪري سگهجي ٿو. رديف
جي ڇاپ هر شعر ۽ هر خيال تي رهي ٿي، ۽ ’رديف‘ جو
مفهوم ۽ ان مفهوم جي ڪيفيت، غزل جي هر شعر تي گرفت
رکيون ايندي. اگر رديف جي گرفت ڪنهن شعر تي نظر نه
آئي ته پوءِ اهو شعر لغو ۽ مهمل چئبو.
مثلاً، غالب جي مشهور غزل:
نکته چين هي غمِ دل، اس کو سنائي نه بني،
کي بني باتِ جهان، بات بنائي نه بني.
۾ هر شعر تي رديف ’نه بني‘ جي ڇاپ نظر ايندي. بلڪ شعر جي هر
خيال تي سندس گرفت نظر ايندي. نه فقط گرفت، پر ’نه
بني‘ جو معنوي ربَط به نمايان نظر ايندو. پوءِ ان
جو واسطو ’بات نه بني‘ سان هجي يا ’خط کي چهپاني
سي‘ هجي يا آتشِ عشق جي لڳڻ ۽ اجهامڻ سان هجي. اهو
’نه بني‘ جو التزام، شعر جي ڪيفيت، مجبوري ۽ عجز
جو حامل ئي نظر ايندو. غالب جو پورو غزل جاچبو ته
ان جي هر شعر ۾ اهو رنگ نظر ايندو.
غزل جي ايجاز ۽ اختصار کي به هدف ملامت بنايو وڃي
ٿو، حالانڪ غزل فڪر انگيز صنف آهي، جنهن جي معنوي
۽ اشاراتي دنيا، لامحدود معاني ۽ مطالب تي حاوي
آهي. ان جي هيئت جو غزل جي اسلوب تي جو اثر پوي
ٿو، بعض وقتن تي، غزل جا ناقد، ان کي نظرانداز ڪري
اعتراض ڪن ٿا. غزل جو اسلوب، ايجاز ۽ اختصار، رَمز
۽ ڪنايه، مجاز ۽ تمثيل، استعاره ۽ تشبيہ جي
گوناگون ۽ لامحدود دنيا تائين وسيع آهي، ان ڪري
غزل ۾ اهي سڀ خوبيون ۽ خاميون ملن ٿيون، جي ڪنهن
’مختصر ڪلام‘ لاءِ خصوصيت سان لازم آهن.
غزل ۾ اختصار واري خاميءَ جي هوندي منجهس شدتِ
تاثر، جذبات جي عڪاسي، فصاحت ۽ بلاغت، موسيقيت ۽
ترنم جي وسيع دنيا پيدا ڪئي وڃي ٿي. زندگيءَ جو
معنوي تعبير، بيان جي اعليٰ ترين مرحلن تي، فقط
غزل جي زبان ۾ پهچي سگهي ٿو. گل ۽ بلبل، زلف ۽
ابرو، باده ۽ ساغر جو استعارو هجي، يا لاله و گل
جو پردو هجي. غزل بهرحال معنوي انداز سان هڪ تعبير
۽ تاويل جي دنيا تي حاوي آهي. اصل ۾ اهو اسلوب
واقعاتي، ڊرامائي ۽ بيانيه شاعريءَ لاءِ ڪامياب
نٿو ٿي سگهي. ان جي ڪاميابي فقط غزل تائين آهي.
غزل جي فني ڇنڊڇاڻ کان پوءِ هن سلسلي ۾ هڪ سوال
اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ’غزل‘ اڳتي هلي زنده
رهندو؟ ڇا اسان جي فڪر انگيز ماحول ۾ جديد تقاضائن
جي هوندي، ’غزل‘ جي ڪا ضرورت محسوس ٿيندي؟ اهو
سوال بيشڪ اهم آهي. پر اهو شبهو رڳو غزل تائين
محدود ڇو رکڻ گهرجي؟ ان جو اطلاق ته عام غنائي
شاعري، ڪافي ۽ وائي تي به ٿيڻ گهرجي.
هن دؤر جا جديد معاشرتي رجحانات ڀلي ڪهڙي به سماج
ڏانهن وڌي رهيا آهن، علم ۽ فڪر جي ڪهڙي به معيار
تي انسان پهچي وڃي، چنڊ ته ڇا، ڀلي زهري ۽ سج تي
وڃي خيما کوڙي؛ جيستائين سندس ’ذوق جماليات‘ قائم
آهي، جيستائين سندس ’احساس‘ موجود آهي، تيستائين
نه فقط شاعري به رهندي، ۽ ان سان گڏ غزل به رهندو،
۽ موسيقي به رهندي. ائين آهي ته ذوقِ جماليات کان
عاري، احساس ۽ شعور کان خالي انسان جڏهن ڍڳن وانگر
رنڀون ڪندو، تڏهن نه کيس حسن، حق ۽ خير جي تلاش
رهندي ۽ نڪو شاعري ۽ موسيقيءَ جي ضرورت ٿيندي،
تڏهن ته لازمي طرح سان ’غزل‘ به مهمل ۽ لغو ٿي
ويندو، نه هجي بانس نه وڄي بانسري! باقي جيستائين
ايندڙ سماج جو تعلق آهي، سو ان لاءِ چئي ٿو سگهجي
ته ان ۾ عوامي موسيقيءَ ۽ غنائي شاعريءَ کي خاص
اهميت حاصل ٿيندي، پو جڏهن ته غزل بنيادي طرح سان
هڪ انفرادي فنڪارانه عمل آهي، پر ان سان گڏ سندس
’جذباتي عموميت‘ به ته تسليم ٿيل آهي، ۽ اها
عموميت سرشتِ انساني جي وحدت ۽ انساني جبلت جي
يڪسانيت تي پڻ مبني آهي، ۽ اها عموميت، ماضي، حال
۽ مستقبل جي ٽنهي زمانن تي حاوي آهي، ته پوءِ
جيڪڏهن شاعري ۽ موسيقي به دائمي قدر آهن ۽ اهي
هوندا ته پوءِ ’غزل‘به هوندو.
]استفاده
– ”غزل ۾ رديف ۽ قافيي جي فني حيثيت.“
از ڊاڪٽر مسعود حسين، ”ادب لطيف“ لاهور، جولاءِ 1954ع.[
ڊاڪٽر وزير آغا
ترجمو: اداره
غزل جي فني حيثيت
غزل جي فني حيثيت کي سمجهڻ لاءِ ايترو چوڻ ڪافي
ٿيندو ته اصناف سخن ۾ گيت جذبي جي تحرڪ سان اظهار
جي صورت وٺي ٿو، ۽ سندس جنم تڏهن ٿو ٿئي جڏهن
’عورت‘ والهانه محبت کي محسوس ٿي ڪري؛ ان جي
مقابلي ۾ ’غزل‘ محبت جي وارفتگيءَ جي بارآور ٿيڻ ۽
هڪ ’نئين پيڪر‘ جي تخليق ڪرڻ جي داستان کي پيش
ڪري ٿو. يعني محبت جي ٻج کي عورت جڏهن قبول ڪري
ٿي، تڏهن گيت تخليق ٿئي ٿو، ۽ غزل ان نومولود
وانگر آهي، جو اڃا ’جز‘ جي حيثيت ۾ آهي؛ ’ڪُلَ‘
جو پيش ڪرڻ نظم جو ڪم آهي.
غزل هڪ طرح سان ماءُ ۽ ٻار جي ربط باهم جي بلڪل
مختصر دؤر جي عڪاسي تائين محدود آهي، غزل ڄڻ ته سج
جي اُڀرڻ جو مختصر منظر ٿو پيش ڪري. اهڙو مختصر
منظر، جو اڃا ڌنڌ انڌاري مان ٻاهر نه نڪتو آهي، پر
ان رت جي اونداهيءَ کان يقيناً نجات حاصل ڪئي آهي.
غزل گويا ڏينهن ۽ رات جي ان اضافي ربط جي هڪ علامت
آهي، ان ڪري غزل ۾ جذبي جي زمين تي پهريون ڀيرو
تخيّل جو تحرڪ نمودار ٿئي ٿو. اها عجيب حقيقت آهي
ته غزل ۾ زمين ۽ آسمان، روشني ۽ تاريڪي جي ثنويت
ائين ئي اڀري ٿي، جيئن گيت ۾؛ ليڪن جز ۽ ڪل جي
مرڪزي حيثيت ۾، هڪ فرق ضرور پيدا ٿئي ٿو. ’گيت‘
عورت جي والهانه جذبي جو غنائي اظهار هو ۽ اهو
جذبو، ان ٻج جو رهين منت هو، جو عورت جي محبت آميز
دل قبول ڪيو هو. ليڪن غزل ۾ هڪ نومولد صورت پذير
ٿي عورت جي ڪل کان الڳ ٿي وڃي ٿو، ۽ فقط ماءُ جي
آڱر جهلي هلڻ شروع ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ گيت انساني
زندگيءَ جي ان دؤر جو مظهر آهي جنهن ۾ ’جز‘ اڃا ڪل
۾ اندر هو، ليڪن غزل ان دؤر جو علمبردار آهي، جنهن
۾ ’جز‘- ڪل کان علحده ئي ٻاهر پنهنجي وجود جو
اظهار ڪيو آهي – پر ’ڪل‘ سان سندس وابستگي اڃا
بدستور قائم آهي. غزل جي هيئت، بجاءِ خود، ان ربط
باهم جي غماز آهي.
غزل جو هر شعر هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو، ليڪن باوجود
ان جي غزل جي معنوي ۽ غنائي سلسلي سان منسلڪ به
آهي، بلڪل ائين، جيئن ٻار، ماءُ کان جدا به آهي ۽
اُن سان وابسته به آهي. غزل جي تخليق ۽ هيئت کي ان
طرح سان استعاري ۽ ڪنايي جي زبان ۾ بيان ڪندي ائين
ئي چئي سگهجي ٿو ته غزل انساني ارتقا جي ان خاص
مقام جي نشاندهي ٿو ڪري، جتي ڪُلَ جي ساڪن ۽ منجمد
فضا ۾ هڪ نئين حرڪت ۽ هڪ منفرد ڪيفيت پهريون ڀيرو
جنم ٿي وٺي؛ تاهم اها ڪيفيت، اڃا بجاءِ خود هڪ
نئين ڪُلَ ۾ تبديل نه ٿي آهي ۽ تاحال زنده رهڻ
لاءِ کيس ڪُلَ سان منسلڪ رهڻ جي ضرورت آهي. |