محقق ناقدن، غزل جي هيئت متعلق نهايت رمز ۽ ڪنايي
سان ٻڌايو آهي ته اصل ۾ تخيل اهو اسپ تازي آهي، جو
جذبي جو بار کڻي نٿو سگهي ۽ ان ڳوري گاڏيءَ کي
رفتار سان هم آهنگ ڪري، سبڪ بار ۽ لطيف بنائي ٿو
ڇڏي، يا هيئن چئجي ته تخيل اهو موئي قلم آهي، جو
زندگيءَ جي خاڪي ۾ رنگ آميزي ٿو ڪري ۽ علامات ۽
اشارات، رمز ۽ ڪنايي جي مدد سان، خارجي زندگيءَ
سان مربوط ٿو ڪري. اهوئي ڪارڻ آهي جو غزل جي پس
منظر ۾ ان حقيقت جو دوامي نقش موجود آهي. غزل ان
پس منظر تي گلڪاري ڪري، نوان نوان نقش ٿو پيش ڪري،
ليڪن ان عمل ۾ بيباڪي ۽ انفراديت جو اهو طريقو نٿو
استعمال ڪري جو نظم لاءِ طرهء امتياز آهي. غزل جي
اشاره بازي، ايمائيت ۽ معنوي رمزيت کي غور سان
جاچبو ته ان ۾ هڪ قسم جي معصوميت آهي، جنهن جو
ڪلام زياده تر مختصر ۽ باحيا آهي. غزل ۾ ڄڻ ته هڪ
شرم واريءَ ڪنوار واري رازداري ۽ ڪم گوئي آهي. غزل
۾ هڪ قسم جو ضبط آهي، احتياط آهي ۽ اختصار آهي.
اهوئي سبب آهي جو غزل جي هر شعر ۾ جا ڳالهه آهي،
اها اشاري ۽ ڪنايي کان اڳتي نٿي وڌي سگهي، منجهس
تخيل ۽ تجزيي جي طول بيانيءَ وارو اهو عمل مفقود
آهي، جو نظم لا ءِ مخصوص آهي. غزل جو اختصار ۽
ايجاز غزل جو نقص ناهي پر ان جي هيئت ۽ مزاج هڪ
بنيادي ڪيفيت آهي ۽ ان ۾ ئي غزل جو حسن پوشِيده
آهي. ايمائيت ۽ رمزيت جو اهو عمل پاڻ کي هزارها
رابطن ۽ واسطن، تشبيهن ۽ استعارن ۾ ظاهر ڪري ٿو.
تشبيہ ۽ استعارو، بجاءِ خود اهڙو عمل آهي جو تجربي
۽ تخيل جي ضرورت کي باقي رهڻ ئي نٿو ڏئي ۽ محض هڪ
باهمي ربط کي ظاهر ڪري غور ۽ فڪر جي مفهوم ۽ رُخ
کي واضح ڪري ڇڏي ٿو.
جڏهن ته ’غزل“ هڪ شرم واري صنف آهي، ان ڪري پنهنجي
اظهار ۽ ابلاغ لاءِ تشبيہ ۽ استعاري جا اهڙا عجيب
و غريب، نازڪ ۽ نفيس استعمال ٿو ڪري، جن ۾ سندس
شرم و حيا واري ڪيفيت سموهجي ٿي سگهي.
غزل جي ان مزاج جي ان ڪيفيت کي جڏهن غور سان
جاچينداسون، تڏهن ٻه ڳالهيون فوراً ذهن نشين
ٿينديون: پهرين هيءَ ته غزل ۾ خارجي زندگيءَ ڏانهن
هڪ قسم جي ڇلانگ وجود ۾ اچي ٿي؛ جڏهن ته گيت جي
فضا، جذبي جي فضا هئي، ان جو مرڪز اهو محبوب هو،
جنهن کي عورت دل ۾ لڪائي ڇڏيو هو. اهوئي ڪارڻ آهي
جو گيت ۾ خارجي حقيقتن جو شعور صاف طرح سان اڀريل
نٿو نظر اچي.
پر ان جي مقابلي ۾ ’غزل‘ جذبي کان ڌار ٿيڻ کان
سواءِ ئي ٻاهر ٿو اچي ۽ ان ۾ ڪائنات جو شعور
پهريون ڀيرو اجاگر ٿو ٿئي. اهوئي سبب آهي جو وسعت
خيال جي ڪيفيت، غزل جي امتيازي وصف چئي ويئي آهي.
اتي اچي ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته غزل ساڳئي وقت تي
آزاد به آهي ۽ پا به زنجير به آهي. سندس پاڙون،
زمين ۽ طبعي رجحان جي پاتال تائين پکڙيل آهن. ليڪن
مزو اهو آهي ته ’غزل‘ پنهنجي ذات مان نڪرڻ جي ڪوشش
به ڪري ٿو، ان ڪري، ان حقيقت کي بلڪل يقيني انداز
۾ ظاهر ڪري سگهجي ٿو ته غزل انسان جي ذهني ۽
احساسي ارتقا ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ۽
خارجي حقيقت جي ادراڪ جي گويا پهرين ۽ اهم ڪوشش
آهي غزل.
اتي اچي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي جواب ۾
ناقد حيران ۽ پريشان آهن ته غزل ۾ مخاطب عورت آهي،
جڏهن ته گيت ۾ مخاطب مرد هو. ناقدن جواب ڏيندي
گهڻو ڪري ائين ئي چيو آهي ته غزل آهي ’عورت يا
عورت جي باري ۾ گفتگو ڪرڻ جو عمل‘. پر ائين تشريح
ڪندڙ اهو وساري ويا ته اگر غزل ۾ مخاطب عورت آهي
ته پوءِ ’فعل مذڪر‘ جي استعمال جو وجہ جواز ڪهڙو
ٿيندو؟ ان جي جواب ۾ هڪ گروهه جي تحقيق اها آهي ته
جڏهن ته مشرقي آداب ۾ اهو گوارا نٿو ڪري سگهجي ته
’محبوب‘ جي نسوانيت کي ائين ظاهر ظهور ۽ برملا
بيان ڪجي، ان ڪري غزل ۾ تخاطب ۾ ابهام جي ڪيفيت
باقي رکي ويئي آهي. ٻين جو چوڻ آهي ته ’غزل‘ ايران
مان نڪري هتي جي هندي ۽ سنسڪرت شاعريءَ مان به اخذ
و اڪتساب ڪيو آهي، جنهن ۾ فعل مذڪر هتي جي هندي ۽
سنسڪرت شعاريءَ مان اخذ و اڪتساب ڪيو آهي، جنهن ۾
فعل مذڪر عام طرح استعمال ڪيل آهي، ان ڪري قدرتي
طرح سان تخاطب جو اهو انداز ’غزل‘ لاءِ مناسب
سمجهي قبول ڪيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ هڪ ٽيون نظريو هي به آهي ته ايران ۾
جڏهن غزل کي صوفيانه شاعريءَ جو ترجمان بنايو ويو
۽ عشق حقيقي جي اظهار لاءِ کيس استعمال ڪيو ويو،
تڏهن مخاطب جي لاءِ فعل مذڪر جو استعمال محض ان
ڪري ڪيو ويو، جيئن عورت سان جنسي وابستگيءَ وارو
تصور خالق ڪائنات جي حقيقي عشق ۽ تصورات کي ملوث
نه ڪري سگهي. اڳتي هلي، اهو انداز جڏهن عوام جي
سطح تي پهتو، تڏهن ان ۾ خرابي پيدا ٿي ۽ هوس
پرستيءَ وارا رڪيڪ مضمون پيدا ڪيا ويا، جن جي ڪري
نيٺ غزل تي امرد پرستيءَ جو الزام ڌريو ويو.
غزل جي فعل مذڪر جي استعمال ۽ خطاب جي سلسلي ۾
معذرت خواهيءَ ۽ قياس آرائيءَ جو مٿيون سارو انداز
غزل جي مزاج ۽ فن کان ناآشنائيءَ جو نتيجو آهي.
حقيقت اها آهي ته ’غزل‘ ۾ جنهن محبوب سان خطاب ڪيو
وڃي ٿو، اهو تذڪير ۽ ثاليث جي مسئلن کان گهڻو پري
به آهي ۽ مٿانهون به آهي. ان جي فني حيثيت عمومي ۽
اجتماعي آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته غزل ۾ شاعر جو
هر جذبو پنهنجي انفرادي حيثيت تان دستبردار ٿي،
عمومي صفت جو حامل بڻجي ٿو، ۽ پنهنجي تهذيبي،
عمومي ۽ تجريدي رنگ کي واضح ڪري ٿو. ان طرح شاعر
جو محبوب جڏهن غزل ۾ اڀري ٿو، تڏهن پنهنجي انفرادي
صفات کان دستڪش ٿي، عمومي صفات جو حامل بنجي ٿو، ۽
تذڪير ۽ ثاليث کان ماورا ٿي وڃي ٿو.
ان جو هڪ ثبوت اهو آهي ته غزل ۾ جتي به فعل مذڪر ۽
فعل مونث جو استعمال ان نموني ۾ ڪيو وڃي ٿو، جنهن
سان تجريد کان تجسيم ڏانهن واضح رجحان اڀري اڍچي
ته پوءِ ائين ڪرڻ سان غزل جو مخصوص مزاج مجروح ٿيڻ
کان بچي نٿو سگهي. ٻئي طرف اهڙا لفظ استعمال ڪيا
وڃن، جي تذڪير ۽ تانيث جي امتياز جي نفي ڪن. جيئن
خانه خراب، بت طناز، دلدار، شوخ، دلبر، نازنين،
بيوفا، قاتل، شهزور، مہ جبين، رشڪ قمر وغيره
وغيره، ته پوءِ ان صورت ۾ غزل جو صحيح مزاج قائم
ٿو رهي، ان مان خطاب سان تذڪير ۽ تانيث جو ڪو به
امتياز قائم نٿو رهي سگهي.
ان طرح شاعر مرد هجي يا عورت هجي، ٻنهي جو مخاطب
فعل مذڪر جي حالت ۾ موزون ۽ مناسب ٿو رهي. ان طرح
سان عشق مجازي ۽ عشق حقيقي ٻنهي جا مخاطب فني طور
سان نباهي سگهجن ٿا. ’محبوب‘ ڀلي ته مجازي هجي، يا
حق تعاليٰ، رسول ڪريم يا مرشد ڪامل هجي، انهن سان
خطاب ڪندي هر حال ۾ فعل مذڪر ئي مناسب آهي. ان
سنئين سڌي ڳالهه کي ور وڪڙ ڏيئي امرد پرستي تائين
پهچائڻ بعض ناقدن جي اُرهه زورائي چئبي.
غزل جي پيدائش
غزل جي پيدائش ۽ تخليق متعلق اگر غور ڪبو ته پوءِ
ان جي تحقيق ۽ بنيادي عناصر ۾ ملڪ جي ماحول ۽
جغرافيه پس منظر جو وڏو دخل نظر ايندو.
هونءَ به شعر جي ڪا به صنف انساني ذهن جي تفريحي
ارتقا کي پيش نٿي ڪري. چنانچ ڪن ملڪن ۾ نظم اول
پيدا ٿيو، گيت ۽ غزل پوءِ پيدا ٿيا. ڪٿي گيت ۽ غزل
سان ئي شاعريءَ جو آغاز ٿيو آهي. چوڻ جو مطلب فقط
هي آهي ته گيت، غزل ۽ نظم انساني ذهن جي تدريجي
ارتقا جا ٽي اهم نشان آهن ۽ پنهنجي پنهنجي دائره
عمل جا عڪاس آهن، تاهم هن ڳالهه کي خيال ۾ رکڻ
ضروري آهي ته ڪنهن خاص ملڪ ۾، ڪنهن خاص صنف جي
ترقي، ان ملڪ جي ماحول ۽ جغرافيه حالات ۽ ثقافتي
بنيادن جي رهين منت آهي. ان جي جائزي وٺڻ ڌاران ان
صنف جي مزاج جو تعين ڪرڻ مشڪل معاملو آهي.
مثال طور غزل صرف مشرق جي پيداوار آهي. مغرب جي
ادبيات ۾ ان جو ڪو به وجود موجود ناهي. غزل ان خطي
جي پيداوار آهي، جتي سر بفلڪ پهاڙ حد نظر تائين
ڦهليل، بيابان ۽ زرخيز ميدان آهن، جتي جديد دؤر
کان اڳ پيداوار جي فراواني هئي، حسين ۽ دلڪش نظارا
هئا، ماڻهن جي جذبات ۾ لطافت ۽ نفاست هئي، خود
زبان به لطيف ۽ نفيس تشبيهن ۽ استعارن تي مشتمل
هئي، اهوئي سبب آهي جو سڀ کان اول غزل ايران جي
زرخيز ۽ حسين ملڪ ۾ جنم ورتو.
غزل جي آغاز جي باري ۾ هڪ عام خيال اهو به آهي ته
’غزل‘ عربي قصيدي جي ان ابتدائي حصي مان پيدا ٿيو
آهي، جنهن کي تشيب يا نسيب يا قول (غزل) چيو ويو
آهي. ان متعلق سڀ کان اول ستين صدي هجريءَ ۾ شمس
الدين محمد بن قيس، تشيب، نسيب ۽ غزل جي مفهوم کي
واضح ڪندي چيو آهي ته ”تشيب ۾ شاعر آپ بيتيءَ جو
انداز ٿو اختيار ڪري ۽ جڏهن ته نسيب ۾ جڳ بيتيءَ
جي روش اختيار ڪندي شاعر فرضي ۽ روايتي محبت کي
پنهنجو موضوع ٿو بنائي.“ غزل جي باري ۾ چيو اٿس:
”حديث زنان و صفت عشقبازي با ايشان“ ان اصطلاحي
توضيح مان اهو عام خيال پيدا ٿيو ته غزل عورتن سان
ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي هڪ صورت آهي. افسوس اهو آهي جو
اهو خيال علمي دنيا ۾ اڄ تائين موجود آهي، حالانڪ
غزل ان قسم جي محدود ۽ مخصوص تعريف جي دائره عمل
کان گهڻو بلند ۽ ماورا آهي. غزل ته انسان جي
جذبات، واردات، ڪيفيات ۽ حسيات جو جامع ۽ ترجمان
آهي، ان کي رڳو عورتن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ ۽ انهن سان
محبت آميز همڪلامي ڪرڻ تائين محدود رکڻ فني طور
غزل تي هڪ قسم جو ظلم آهي. اصل ۾ حقيقت هيءَ آهي
ته تشيب، نسيب يا قول کي نظم جي هڪ صورت سمجهڻ
گهرجي، ۽ کين غزل کان مزاج جي حيثيت سان مختلف
تصوّر ڪرڻ گهرجي. قصيدي جي منڍ واري حصي ۾ شاعر،
هڪ محبت آفرين حڪايت کي پيش ٿو ڪري، ۽ ان کي بيان
ڪندي هڪ خاص قسم جي حسن آفرين فضا ٿو هموار ڪري.
سفر ڪندي کيس واٽ تي ڪي کنڊرات نظر ٿا اچن، انهن
کي ڏسندي کيس پنهنجي ايام جوانيءَ جا واقعا ياد ٿا
اچن. انهن کي ڏسندي سندس محبوب جي سراپا سندس ذهني
افق تي طلوع ٿي ٿئي، ۽ اتي وصال ۽ فراق جون
ڳالهيون شروع ٿو ڪري. بيشڪ قصيدي جي ان ابتدائي
حصي ۽ پوءِ پيدا ٿيل فارسي غزل ۾ هيئت جي اعتبار
کان ڪافي مماثلت موجود آهي، تاهم مزاج جي اعتبار
کان ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. اهو فرق رڳو نظم ۽ غزل جو
فرق ناهي، پر عرب ۽ ايران جو فرق آهي. عرب جو
باشندو صحرا نشين آهي ۽ مسلسل مسافري ۽ آواره
خرابي سندس مشغلو آهي. ان حالت ۾ هر روز هو ڪنهن
نه ڪنهن نئين صورتحال جو شڪار ٿو ٿئي، گويا عرب
بنيادي طرح سان سياح هو ۽ حقائق جي تجزيه جي مدد
سان تجربات مان گذرندي، ڪنهن نتيجي تي پهچي ٿي
سگهيو؛ ان ڪري، سندس خاص مزاج جي تحت، عربي
شاعريءَ ۾ قصيدي جهڙي صنف رائج ٿي؛ ٻئي طرف ايران
قديم دؤر کان ئي هڪ منضبط ۽ مستحڪم معاشري جو
علمبردار هو. ايران جو هر فرد مجموعي سماج جو هڪ
ڪُلَ هو، ان ڪري هو اجتماعي تجربات مان ئي اخذ و
اڪتساب ڏانهن مائل هو. ان ڪري وٽس غزل جهڙي صنف
پيدا ٿي، جنهن ۾ فرد ۽ اجتماعيت جي ڪشمڪش ۽ ربط
باهم موجود آهن.
جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته غزل جو بنياد جذبي تي
آهي. ان سان گڏ جذبي سان تعلق کي قائم رکندي، غزل،
تخيّل جي عارضي جنت جو سير به ڪرائي ٿو. جذبي جي
سينگار سنوار جو اهو عمل غزل جي ٽن ٿنڀن تي بيٺل
آهي: پهريون آزادگي پسند رجحان، ٻيو تصور ۽ ٽيون
عشق.
غزل جي آزادي پسند روش، جنهن کي نقاد آواره روئي
به چون ٿا، ان کي جاچڻ گهرجي. غزل ۾ گهڻو ڪري
زاهد، محتسب ۽ ملا، شيخ ۽ برهمڻ کي طنز جو نشانو
بڻايو وڃي ٿو، ۽ کين قواعد و ضوابط جي زنجيرن ۽
بندشن جي علامت قرار ڏيئي، مٿن ملامت ڪئي وڃي ٿي.
ان متعلق عام خيال اهو آهي ته ايرانين، عربن جي
تسلط کي ڪڏهن به ذهني طرح سان قبول نه ڪيو آهي. ان
صورت ۾، جڏهن ته عام طرح سان کلئي نموني ۾ بغاوت
ڪرڻ کان عاجز رهيا، تڏهن غزل جو سهارو وٺي،
استعاري ۽ ڪنايه جي آڙ ۾ مٿن چٽون ڪرڻ شروع
ڪيائون. ظاهر ۾ ته اهو تعبير قرين قياس پيو معلوم
ٿئي، پر گهَري نگاهه سان ڏسبو ته غزل جي اها روش
رڳو عربن سان بغاوت تائين محدود نظر نه ايندي؛ ڇو
ته غزل قاعدي ۽ نظام جي خلاف نه پر رياڪاري، فريب،
فساد، تصنّع ۽ تڪلف جي خلاف احتجاج آهي، جن جو
علمبردار کيس ملا ۽ زاهد، شيخ ۽ برهمڻ نظر آيو.
غزل جو ٻيو اهم موضوع آهي تصوف: تصوف جي فڪري
تاريخ ۽ ارتقا کي نظرانداز ڪندي، ان جي فلسفيانه
توجيہ تي غور ڪجي ته پوءِ تصوف جي ساري تاريخ ۽
ارتقا ان احتجاج کي منظر عام تي آڻي ٿي، جو خدا
کان بندي جي فراق سان وجود ۾ آيو. هت ان حقيقت کي
مدنظر رکڻ گهرجي ته خدا جي بنيادي صفت ان جي ’وحدت
۽ يگانگت‘ آهي، ۽ بندي جي امتيازي صفت ان جي ’جز‘
جي آهي. ان طرح سان ڪُل ۽ جز جي فراق جي نوعيت
واضح ٿي رهي. ان طرح تصوف ۾ منصور حلاج پنهنجي
نظريه کي واضح ڪندي چيو آهي ته: ”خدا پنهنجي
انفراديت جي حالت ۾، محبت جي روشنيءَ سان منور هو.
ان روشنيءَ مان، ان جي صفات جو هڪ سيلاب وهي هليو
۽ ڪائنات جو تنوّع وجود ۾ اچي ويو.“ چنانچه ان
علحدگيءَ ۾ ’ڪُل کان جز‘ جي فراق کي مولانا روميءَ
–
بشنو از نئي چون حڪايت مي ڪند
و ز جدائيها شڪايت مي ڪند
چئي بيان ڪيوآهي، ۽ لطيف
وڍيل ٿي وايون ڪري، ٿي ڪُٺل ڪوڪاري!
چئي بيان ڪيو آهي. چنانچه تصور جي ان بنيادي عنصر، ڪُل ۽ جز، جي
احساس جي ترجمانيءَ جو بهترين اظهار غزل ۾ ڪيو ويو
۽ فلسفهء وحدت الوجود جي نازڪ ترين ۽ نڪته آفرين،
توجيہ جهڙي غزل ۾ موجود آهي، تهڙي ٻيءَ ڪنهن به
صنف ۾ نٿي ملي سگهي.
غزل جي ٽين ۽ اهم ڪَڙي آهي عشق!
واضح رهي ته غزل ۾ محبت جي بدران ’عشق‘ جو لفظ
ارادي ۽ شعوري طرح سان استعمال ٿئي ٿو. اهو محض ان
ڪري جو ’عشق‘ غزل جي مخصوص مزاج جو عڪاس آهي ۽
محبت نسبتاً هڪ محدود ڪيفيت آهي، جنهن ۾ هڪ خاص
فرد ۽ هڪ خاص هستيءَ سان برابر پيار ڪيو وڃي ٿو.
ان جي مقابلي ۾ ’عشق‘ هڪ وسيع تر ڪيفيت آهي، جنهن
۾ معشوق شخصي حيثيت جي جاءِ تي، عمومي حيثيت وٺي
اڀري ٿو.
اهوئي سبب آهي جو معشوق جي بيان ۾ غزل وٽ، ڪنهن
گوشت ۽ پوست واري هستيءَ جو ذڪر ئي ناهي، بلڪ
معشوق جي لفظ کي هڪ علامت جي طور تي استعمال ڪيو
ويو آهي. چنانچه غزل ۾ سراپا نگاريءَ جي روايت به
محض اهڙين صفتن جي بيان تي مشتمل آهي.
ٻيو ته غزل جي عشق کي عام طرح سان عشق مجازي ۽ عشق
حقيقي چئي تقسيم ڪيو ويو آهي، پر ڪي ناقد ان تقسيم
کي تسليم نٿا ڪن. انهن جو چوڻ آهي ته اصل جي
اعتبار سان ته عشق جون سڀ منزلون مجازي آهن،
چنانچه حرف عام ۾ جنهن کي حقيقي ٿو چئجي، سو به
عشق مجازيءَ جي هڪ صورت آهي. انهن ناقدن جو چوڻ به
درست آهي، ڇو ته عشق جو بنياد ’جذبات‘ تي آهي، ان
ڪري جذبي جي عناصر ۽ اجزاء جي نفي ڪري نٿي سگهجي.
هونءَ به صوفين وٽ ”المجاز قنطرة الحقيقت“ جو
مقولو به معنيٰ خيز آهي. ان موجب ائين کڻي چئجي ته
عشق مجازيءَ جي تڪميل عشق حقيقيءَ تي ٿئي ٿي، ته
به ان سان دوئيءَ جي نفي ٿئي ٿي. ان اعتماد سان،
غزل جي عشق جي ٻن درجن جي نشاندهي ٿئي ٿي ۽ اها
نشاندهي غزل جي مزاج کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي.
پهريون درجو اهو آهي ته معشوق هڪ بت جي حيثيت ۾،
عاشق کي پنهنجي عشق جو پرتوو ڏيکاري ٿو. ان جي
ردعمل ۾ عاشق نرگسيت جي عمل ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو،
يعني ”خود پرستيءَ“ جي مسلڪ کي اختيار ٿو ڪري. هن
صورت ۾ محبوب جو بت، پاڻيءَ جي هڪ صاف ۽ شفاف چشمي
جي مثال آهي. ٻيو درجو اهو آهي جتي بت شاعر جي
جذبهء عشق کي وسيع ۽ همه گير ٿيڻ ۽ ان جي شعاعن کي
زندگيءَ جي باقي مظاهر تائين پهچائڻ لاءِ هڪ آئيني
جي حيثيت سان اڀري ٿو. ان طرح عشق ۾ عموميت ۽
ماورائيت جو رنگ ٿو پيدا ڪري. محبت پوءِ اها ڀلي
غزل واري هجي، بت پرستيءَ جي هڪ مثالي صورت ضرور
آهي، پر غزل جي هڪ مخصوص عمومي ۽ اجتماعي رجحان جي
تحت بت پرستيءَ جي ان عمل ۾ هڪ انوکي ۽ عجيب و
غريب تبديلي رونما ٿئي ٿي. |