سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1969ع

مضمون:

صفحو :3

اسان جي ٻاجهاريءَ سنڌ ۾ شاعرن ۽ اديبن جي ڪمي ڪانهي، پر انهن ۾ نوعيت ۽ جدت جي قلت بيشڪ آهي. انهن جي تربيت لاءِ ڪو خاص مڪتب نه آهي. سڀڪو لڪير جو فقير بنجي پنهنجي نموني هلي رهيو آهي. اڪثر فارسي ۽ اردو شعر جي نقاليءَ ۾ محو آهن. انهن جو شعر اهڙو آهي، جو هڪ ٿورو پڙهيل آدمي ته سندن ڪلام سمجهي نه سگهندو؛ بلڪ سنڌي ست درجا پڙهيل يا مئٽرڪ پاس ٿيل به مُنجهي پوندو. صاف سنڌيءَ ۾ زير اضافت آهيئي ڪانه. موجوده اديب ۽ شاعر زير اضافت جو ايتريقدر استعمال ڪن ٿا، جو فارسيدان ئي پڙهي سگهندا. موجوده شاعرن مان مشڪل ڪي ٿورا هوندا، جن شاهه جو رسالو يا سچل جو ڪلام يا اڳين اديبن ۽ شاعرن جي سنڌي پڙهي هوندي. پوءِ انهن کي صاف صاف سنڌي شعر گوئي ۾ ڪئين درڪ حاصل ٿيندو؟ تنهنڪري طبعاً کين اردو شاعريءَ جي تقليد ڪرڻي پوي ٿي. انهيءَ سببان سندن ڪتابت ۽ ڪلام اصلي سنڌي صورت ڇڏي هڪ عجيب شڪل اختيار ڪري رهيا آهن. ڪانءَ وانگي مورن جي اَهل ڪندي، کانئن پنهنجي اصلوڪي رفتار ۽ گفتار وسري ويئي آهي ۽ ديده دانسته مشڪل پسندي اختيار ڪئي اٿن.

اڳين اديبن ۽ شاعرن جي نثر ۽ نظم ۾ ڏسبو ته زير اضافت ورلي ڪم آندي اٿن. حتيٰ ڪ خليفه گل محمد جهڙي شاعر به پنهنجي ڪلام ۾ زير اضافت جو خير ڪو استعمال ڪيو آهي. باقي آخوند محمد قاسم جو شعر، سو فارسي ترڪيبن سان ڀريو پيو آهي. گل خندان جو مؤلف آخوند لطف الله ته انهيءَ ڳالهه ۾ اعتدال جو ليڪو لنگهي ويو آهي. نثر ۾ اگرچ اضافت جو ايترو استعمال نه آهي، پر شعر ۾ هاڻي ڪري ڇڏي اٿس. مثال طور:

عاشقن کي ٿي ازل کان هيءَ پريشاني نصيب

لوڪِ خارِ دشتِ محنت پاي عرياني نصيب

 

ڪمال ذوقِ سخن جي ۽ مغز معنيٰ لاءِ،

نه هوم فخرِ رسا ۽ هيم نه طبعِ روان؛

مگر بخاطرِ اسباب و نزهتِ دلها،

لکيم هي قصّهء مصبوع بادلِ شادان.

مان ادب سان پڇان ٿو ته هي ڪيڙ بڪيڙو ڪهڙو سنڌي سمجهندو. مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو نثر به زير اضافت کان عاري آهي، اگرچ شعر ۾ جسته جسته انهيءَ مرض جو مشاهدو ٿئي ٿو. موجوده اديبن ۽ شاعرن جو نثر ۽ نظم ته زير اضافت ۽ ٻين فارسي ترڪيبن سان ٽمٽار آهي ۽ پنهنجي بار ۾ پيو ڇڄي.

منجهائنس سنڌيت جي بوءِ اصل نڪري ويئي آهي. خصوصاً غزل سرائي ۽ محمس ۽ مسدس ۽ مستزاد ۾ سو سنڌيءَ جي مٽي پليت ڪئي ويئي آهي. طرحي شعر ته بنهه سنڌي ڪلام تي هڪ بدنما داغ آهي. مثال طور وٺو هالا ڪانفرنس يا جيڪب آباد ڪانفرنس جي طرحي مصرع. عزيزو! اوهين ايمان جي سلامتيءَ سان ٻڌايو ته ڪهڙو ديهاتي ماڻهو انهيءَ جو مطلب پروڙي سگهندو. سنڌ جي موجود ۽ هتي حاضر شاعرن کي ڇڏي مان ليکراج ’عزيز‘ جي شعر مان هڪ ٽڪرو پيش ڪريان ٿو:

اي زمينِ سنڌ جنت آشيان،

سيلِ انجم ٿي سنديءِ ريگِ روان.

هو جهان ۾ شاعرن جو بادشاهه،

آسمانِ علم جو تابنده ماه.

ڳولي جنهن کي ساري عالَم جي نگاهه،

آه! دنيا ۾ نه اڄ سو شاهه آهه.

شوخيء خونِ شفق مضمون آ،

مطلعِ چرخِ برين پر خون آ.

انقلابِ گنبذِ گردون آ،

آسمان زيرِ زمين مدفون آه. (وغيره وغيره)

زمينِ سنڌ، سنڌ مضاف اِليه آهي، جو غلط نموني ۾ ڪم آيل آهي. ”ڌڙ ريڍو سسي باڪري!“ اهڙا مثال اڪيچار آهن. ”هيءَ سٺ هزار جو نمونو آهي.“ صاحبو! منهنجو عرض شخصي تنقيد يا نڪته چيني ناهي، بلڪ منهنجي مراد آهي ته اصلاح ٿئي. منهنجو مقصد آهي ته اسان جا اديب ۽ شاعر اجائي نقالي ڇڏي صحيح ادبي ذوق ڌارين ۽ پنهنجا خيال صاف سنڌيءَ ۾ ادا ڪن، جئن انهن کي عوام وٽ پسندگي ۽ مقبولي حاصل ٿئي.

مان شاعر نه آهيان، پر بعضي بعضي از غيبي توارد ٿيندو اٿم ۽ ڪجهه نه ڪجهه شعر چئي وجهندو آهيان. تازو پنهنجي هڪ پياري دوست ڏي پنهنجو هڪ سادو سودو شعر ڏياري موڪليم. بيشڪ ان ۾ عروضي چُڪون گهڻيون ئي هيون، پر وڏو عيب ان ۾ اهو هو جو اهو تمام سادو ۽ عام فهم هو. منهنجي محترم دوست مون ڏي لکيو ته اهو شعر تمام سادو آهي ۽ هينئر سنڌي شعر ايڏي اوج ۽ ڪمال کي پهتو آهي، جو اهڙي شعر کي شايع ڪرڻ گويا شعر جي بيعزتي ٿيندي. عزيزو! هي آهي موجوده شاعراني ذوق جو هڪ مثال. مون کي معاف ڪندا، جو مان پنهنجي عزيز دوست جي راءِ سان شامل نه آهيان. منهنجي نظر ۾ سنڌي شعر عروج جي بدران تنزل جي واٽ تي وٺي رهيو آهي. ان مان سادگي ۽ سنجيدگي صفا نڪري ويئي آهي، رڳو تڪبندي ۽ نقالي تي ٻڌل آهي. شاعراڻا خيال فطري نموني ۾ ادا نٿا ڪيا وڃن، پر انهن کي ڌاريو لباس پهرائي پنهنجي اصل کان ڌار ڪيو وڃي ٿو. اسان جو شاعراڻو ذوق نسورو اردو شاعريءَ جي نقالي ۽ تلقيد آهي. آيا اسين ايتريقدر عاجز ٿي ويا آهيون جو اسين پنهنجي اندر جا اُمنگ پنهنجي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾ ادا نٿا ڪري سگهون؟ اها ٻولي جااسان جي بزرگن جي گود ۾ پلي ۽ وڌي وڻ ٿي ۽ اهڙا شگوفا ۽ گل ڪڍيائين جو انهن جو واس اڃا به دٻيل دماغن کي دَئي ڏيئي رهيو آهي. بيشڪ ٻوليءَ کي ترقي وٺائجي، ان ۾ نون نون خيالن جو اظهار ڪجي، نون نون سانچن ۾ شعر کي پلٽجي ۽ ان کي تونگر ۽ مالامال بنائجي؛ پر ان جي معنيٰ اها نه آهي ته ان جي صورت نسخ مسخ ڪري ڇڏجي، جو ان جا فرزند به کيس سڃاڻي نه سگهن!

هاڻي سوال آهي ته صحيح ادبي ذوق ۽ سليقو ڪئن پيدا ڪجي؟ ان جي لاءِ ونگڙيون واٽون اختيار ڪرڻ ضروري ناهن. پڌري پٽ شاهراه لڳي پيئي آهي، پر اسين خواه مخواه ورن ۾ وراڪا ڪري رهيا آهيون. سنئون رستو ته هي آهي ته شعر جي ميدان ۾ اسين اڳين جي اڳواڻي قبول ڪريون ۽ نثر جي نيستان ۾ ڪن جيد نثر نويسن جو تتبع ڪريون، جي اضافت جي آزاد کان آزاد آهن. شعر جو ميدان ته نهايت ڪشادو آهي. اڳين اسان لاءِ اڳيئي رستو گهڙي صاف ڪري ڇڏيو آهي. سنڌيءَ کي سنواري، سينگاري اهڙو مسودو بنايو اٿن، جو ان ۾ هر قسم جا پاڪيزا خيال ادا ڪري سگهبا. مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته اسان مان گهڻا آهن جن شاه جو سڄو رسالو پڙهيو هوندو يا سچل سرمست جي ڪلام جو مطالع ڪيو هوندو يا شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ۽ مبين عيسيٰ جي سنڌيءَ جو سواد ورتو هوندو؟ بهتر آهي ته اسان جا جوان، جن جي نازڪ طبع نثر ۽ نظر ڏي مائل آهي، سي پهريائين انهن مالڪن ڏانهن منهن ڪن ۽ انهن جي جلوي ۽ جوت منجهان ڪجهه اُهاءُ وٺن. برٽن صاحب ڪهڙونه خوب چيو آهي ته ”سنڌ جي پرڳڻي جو نظمي ادب، باطراوت، ورجيسن سان ڀريل، طبعزاد، ججهو، لفظن ۽ عبارت ۾ گوناگون ۽ ساڳئي وقت سادو ۽ فطرتي آهي.“

افسوس جو انگريزي تعليم جي سرشتي هيٺ لکندڙ اديب زياده تصنع کي لڳي ويا آهن ۽ ٻين عالماڻين ٻولين جي تقليد ڪرڻ ۽ انهن مان خيال اڌارا وٺڻ لڳا آهن، انهيءَ ڪري شايد سنڌي نثر کي تقويت پهچي، باقي شعر کي سو اهڙي قسم جي اهل ضرور زيان رسائيندي.

صاحبو! منهنجي وس آهي پيغام پهچائڻ، ادب جون واڳون اوهان جي هٿن ۾ آهن، چاهي ان کي اسفل سافلين ڏي گهلي وڃو. سنڌيءَ جا سمجهدار سپوت ضرور ڪنهن ڏينهن اوهان کان ان جو جائزو وٺندا.

مرادِ ما نصيحت بود گفتيم

[خطبه 13- سنڌي ادبي ڪانفرنس- جيڪب آباد.[

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

شاعري

حسن ۽ نزاڪت، اعليٰ قسم جي خوبي ۽ لطافت جي لحاظ سان جيڪي هنر ۽ ڪاريگريون انسانذات ايجاد ڪيون آهن، تن مان ٽن کي اعليٰ ۾ اعليٰ ڪري تسليم ڪيو ويو آهي، ۽ انهن کي لطيف فن سڏيوويو آهي: اهي ٽي لطيف فن آهن: شاعري، مصوري ۽ موسيقي.

شاعريءَ جي دلپذير اثر جو سڀڪو قائل آهي. انهيءَ اثر کي محسوس ڪرڻ لاءِ علم جي ضرورت ڪانهي: پڙهيل توڙي اڻپڙهيل، شعر کان متاثر ٿئي ٿو. ان جو جيئرو جاڳندو مثال، خاص طرح شاه عبداللطيف جي بيتن جو عوام توڙي خواص جي دلين تي اثر آهي، جنهن جو احساس گذريل ٻن صدين تائين جاري ۽ ساري رهيو آهي. انهيءَ دلپذير اثر جو سبب شعر جي خوبي ۽ سهڻائي آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان سهڻو ۽ اعليٰ شعر اهو آهي، جنهن جو اثر لازمي نتيجو دلپذيري آهي ته جواب لاءِ قدري غور ويچار ڪرڻو پوندو. ڇا، شعر جي خوبي ۽ سهڻائي شعر واري مضمون ۽ ڳالهه ۾ آهي، يا شعر ۾ سمايل معنيٰ ۽ خيال ۾؟ اها خوبي لفظن جي بديع، معاني، ۽ بلاغت وارين نزاڪتن ۾ آهي، يا لفظن جي سٽا، ترنم ۽ موسيقيءَ ۾؟ اها خوبي شعر جي ٻوليءَ ۽ الفاظ ۾ آهي، يا شعر ۾ سمايل احساسات ۽ جذبات ۾؟

اهي سوال اڄ کان ڪئين سال اڳ پڻ پڇيا ويا آهن ۽ انهن جا جواب پڻ ڏنا ويا آهن. انهن جوابن جا ٻه قسم آهن: هڪ ذهني يا علمي جواب، ٻيا دلي يا احساساتي جواب.

علمي جوابن مطابق شعر جون (الف) وجداني ڪيفيتون، حسن ذوق، تخيّل وغيره، ۽ (ب) ٻيون بياني خصوصيتون، جيڪي بديع، معاني ۽ بلاغت جي بابن هيٺ عالمن بيان ڪيون، سي شعر کي سهڻو ۽ اعليٰ بنائين ٿيون. انهيءَ نقطه نظر کان، ”فن شاعريءَ“ تي، آڳاٽي وقت کان عالمن ۽ نقادن ڪتاب لکيا، جن ۾، اب رشيق قيرواني (390-456هه) جو ڪتاب، ”العمدة في محاسن الشعر و ذاتہ و نقده“، قدامہ بن جعفر جو ڪتاب ”نقد الشعر“ ۽ ٻيا ڪيئي ڪتاب ۽ رسالا موجود ۽ مشهور آهن.

دلي ۽ احساساتي جواب اڪثر اهي آهن، جيڪي اعليٰ ۽ سهڻي شعر جي اثر جي نتيجي طور ڏنا ويا آهن. شعر جي اثر واري ڪيفيت کي مدنظر رکندي، سنسڪرت جي عالمن ”رس جي فلسفي“ سان اعليٰ ۽ سهڻي شعر جي تقسيم ۽ تميز ڪئي. هڪ آڳاٽي عرب شاعر، اعليٰ ۾ اعليٰ شعر جي وصف بيان ڪندي چيو ته:

”ان شعر شعر انت قائلہ – شعر يقال ازا انشدتہ، صدقا:“

(يعني ته اعليٰ شعر اهو آهي جو ماڻهو ٻڌندي چوي ته بيشڪ سچ آهي.)

پر هر ڪنهن جون دل وڻنديون جدا آهن، ڇاڪاڻ ته هرڪنهن جي مطالعي ۽ تجربي جو دائرو مختلف آهي. جهڙيءَ طرح انتخاب ڪندڙ جي ذاتي پسند جو معيار ذاتي آهي، اهڙيءَ طرح ٻڌندڙ جي تحسين ۽ واه واه جي ڪيفيت پڻ ذاتي آهي.

سهڻي ۽ اعليٰ شعر جي تميز خود شاعر جي نفسياتي شعور ۽ وجداني ڪيفيت جي لحاظ سان پڻ ڪئي ويئي آهي؛ ۽ انهيءَ لاءِ ”آمد“ ۽ اَورد“، يا ”حال“ ۽ ”قال“ جا اصطلاح ڪم آندا ويا آهن؛ جن موجب سهڻو فطري ۽ اثر آميز شعر، ”حال“ ۽ ”آمد“ جو نتيجو آهي. ”قال“ ۽ ”اَورد“ وارا نظم بيشڪ اعليٰ ذهني مشق جو آئينو بنجي سگهن ٿا، پر ”شاعري“ جي معراج کي نٿا پهچي سگهن؛ انهن کي اصولي طور، ذهني مشق ئي چئي سگهجي ٿو. ان جي برعڪس ”حال“ واري شاعري، حقيقي احساسات ۽ جذبات جو آئينو آهي ۽ ان جو درجو پڻ مٿانهون آهي.

انهن نڪتن کي ذهن ۾ رکندي، جڏهن اسان مان ڪنهن کي به ڪو شعر وڻي ٿو، ته هو ذرا غور ڪري ته شعر ۾ ڪهڙي خاص خوبي آهي، جيڪا کيس وڻي ٿي، شعر وارو مضمون يا ڳالهه وڻي ٿي، شعر ۾ سمايل خيال وڻي ٿو، يا شعر جا لفظ ۽ ٻولي وڻي ٿي؟

بعضي ڪو صاحب چوندو آهي ته مون کي ”غزل“ ٿو وڻي، ”ڪافي“ ٿي وڻي، ”نظم“ ٿو وڻي، يا ”رباعي“ ٿي وڻي – پر ڇو؟ ڇا شعر جي صنف بذات خود وڻڻ جو باعث آهي؟ بعضي ڪو صاحب چوندو ته مون کي ته بس فلاڻي شاعر جو شعر ٿو وڻي! ڇا شاعر ٿو وڻي، انهيءَ ڪري شعر ٿو وڻي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com